سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1  1958ع

 

صفحو :6

ٿوريءَ دير کان پوءِ، هڪ ڊگهي قد وارو ماڻهو، ڪنڌ هيٺ ڪريو، آهستي آهستي اسٽيج ڏانهن وڌڻ لڳو. فلسفيءَ کي سندس شخصيت جو احساس ٿيو.هو هڪ مشهور افسانه نگار هو. پنهنجي حلقي اندر سندس وڏي عزت ڪئي ويندي هئي. هن اسٽيج تي قدم رکندي، افسانو پڙهڻ شروع ڪيو. هن جي سادگيءَ ۽ سچائيءَ فلسفيءَ جي دل تي چڱو اثر ڪيو. افسانو ڇا هو، هڪ حقيقت جو اظهار هو. آخر ۾افسانه نگار پڙهيو:

”مان اوهان کي ائين نٿو چوان ته اوهين اشتراڪي ٿي وڃو: مان فقط اهو پڇڻ گهران ٿو ته اوهين انسان سان پيار ٿا ڪريو يا ان کان نفرت؟“

هن انهيءَ هنڌ پهچندي، پڙهڻ بند ڪري، سوال ڪندڙ نگاهن سان مجمعي ڏانهن نهاريو. اوچتو هڪ طرف کان آواز آيو:

”اديب صاحب! هيءَ خالص ادبي مجلس آهي، سياسي آکاڙو ڪينهي: ادب کي آخر انهن ڳالهين سان ڪهڙو واسطو؟“

”ادب به ته سماج جي ترجماني آهي!“ افساني نگار جي ٻالي ڀولي صورت جون نسون ٽاٽ ٿي ويون. هن جي اکين ۾ خون اچي ويو. جذبات کان سندس چپ ڦرڪڻ لڳا. هن گهڙيءَ پل ۾ پاڻ سنڀالي ورتو، ۽ آهستي وڏي جوش سان چوڻ لڳو:

”مان زندگيءَ جو اديب آهيان: زندگي سياست کان الڳ رهي نٿي سگهي: جڏهن آءٌ محسوس ٿو ڪريان ته دنيا ۾ ڏاڍ ۽ جبر جو راڄ آهي، سِڪن جي عيوض انسان جو خون ۽ عزت وڪجي رهي آهي، تڏهن منهنجو قلم ضرور اها ترجماني ڪندو!.....“

”اوهين ڀل ڇا به محسوس ڪريو، پر ساڳئي وقت ياد رکڻ کپيوَ ته هيءَ خالص ادبي مجلس آهي؛ جيڪڏهن گفتگو علم ۽ ادب تائين رهي ته بهتر. انهيءَ کان سواءِ، اوهين هن ڳالهه کان به انڪار ڪري نٿا سگهو ته ادب جا ڪي دائمي قدر آهن.“

”دائمي قدر؟“ افسانه نگار نفرت ڀرئي لهجي ۾ مرڪيو: ”زندگيءَ جا اهي ڪهڙا دائمي قدر آهن، جن جي اڃا مٽي پليد نه ٿي آهي؟ ٻڌايو، خدا جي واسطي، ڪيترين مائن جا لاڏلا روز بيگناهه ڦاسين تي چڙهن ٿا؛ ڪيتريون ڀيڻون بک ۽ بيجوڙ رشتن سبب پنهنجي عصمت نيلام ڪن ٿيون؛ رات ڏينهن لوڙڻ کان پوءِ به ڪيتراڪٽنب پيٽ ڀري کائين ٿا؛ اناج اپائيندڙن جي گهرن ۾ ڪيترا ويلا دانگي چڙهي ٿي؛ سچ ڳالهائيندي ڪيترا روز جيلن ۾ بند ٿين ٿا؛ واپار ۽ تجارت ۾ ڪيتري ايمانداري آهي؛ انصاف مظلوم جي حق ۾ ٿئي ٿو يا ظالم کي پلئه پوي ٿو؟ ٻڌايو ته اڃا ڪهڙا دائمي قدر آهن، جن جو وجود سلامت آهي؟ اوهين ادب سان فريب ٿا ڪريو، ۽ انسانيت سان غداري ٿا ڪريو! ... مان .....“

”جناب، اوهين حد کان زياده وڌي ويا آهيو. اهو ادب ناهي – اها ته پروپئگنڊا آهي! ڪيترا اديب آهن جي اوهان جي خيال سان اتفاق نٿا ڪن، ۽ پوءِ به انهن جي اديب هجڻ کان انڪار ڪري نٿا سگهو.“

”ها، مان انهن جي انسان هجڻ کان انڪار ڪري نٿو سگهان.“

ائين چوندي هن چٿر طور مرڪيو، ۽ چوڻ لڳو: ”جڏهن مورخ لکندو ته زندگي روئي رهي هئي، تڏهن اديبن ٽهڪ پئي ڏنا؛ جڏهن زندگيءَ خون ۾ ڇڙهيون ٿي هنيون، تڏهن هو نوان اصطلاح ۽ محاورا تيار ڪري رهيا هئا؛ جڏهن عورت جو حسن لٽيو پئي، ۽ سندس جواني سر بازار وڪي پئي، تڏهن هو خاموش ٿي ڏسندا پئي رهيا: مون کي يقين آهي ته ايندڙ نسل اهڙن اديبن کي ’اديب‘ چوڻ ته درڪنار، پر سندن نالي وٺڻ ۾ به پنهنجي لاءِ شرمساري محسوس ڪندو!“ هو ٻه منٽ خاموش ٿي ويو، ۽ وري چوڻ لڳو: ”هڪ سچي اديب جي زبان دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نٿي سگهي: زندگي جيستائين سينگارجي حسين نه بنبي، تيستائين ’زندگيءَ جو اديب‘ اهڙيءَ طرح سوچيندو ۽ انهيءَ طرح لکندو رهندو! .....“

”خاموش! ..... ويهي رهو!“

”صدر صاحب، هيءَ تمام زيادتي آهي!“ چئني طرفن کان آواز اچڻ لڳا.

اديب، افساني جا ورق ويڙهي، اسٽيج تان لهي، دروازي ڏانهن هلڻ لڳو. جڏهن هو دروازي کان ٻاهر نڪتو، تڏهن فلسفيءَ ڏٺو ته سندس افساني جو پويون ورق اتفاق سان ڪِري پيو، جنهن تي لکيل هو- ”اوهين انسان سان پيار ٿا ڪريو، يا ان کان نفرت؟ ....“ فلسفيءَ اهو پنو کڻي ورتو.

ڪيترا ڏينهن شهر ۾ گهمندي ڦرندي، فلسفي تنگ ٿي پيو. هڪ ڏينهن، هلندي هلندي هو شهر کان ٻاهر نڪري ويو. ٻهراڙيءَ جي خاموش فضا کيس ڏاڍي پسند پيئي. اڃا اڳڀرو هليو ته اوچتو سندس نگاهه ماڻهن جي هڪ انبوهه تي وڃي پيئي. ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿيل هئا، ۽ انبوهه مان ڪنهن جون رڙيون عرشين پئي ويون. فلسفي همت ڪري، ڀرسان بيٺل هڪ پوڙهي جي بغل هيٺان لنگهندي، اندر ڪاهي پيو. هن ڏٺو ته هڪڙو ماڻهو،هٿ ۾ چهبڪ کنيو، هڪ پوڙهيءَ عورت کي وارن کان گهليندو، ماريندو، ۽ وڏي آواز سان کانئس پڇندو ٿي رهيو – ”ڏيندينءَ وري زميندار کي گاريون! .... ٻڌاءِ، .... ٻڌاءِ ....؟“ پوڙهيءَ جون دانهون پئي پيون. سندس وات ۽ ناسن مان رت پئي وهيو.

”مون گاريون ته ڪونه ڏنيون آهن، مون ته زميندار جي ظلم جي ڳالهه ڪئي آهي، جا هينئر به چوان ٿي: زميندار دغا ڪري، دستاويز تي صحيح وٺي، اسان جي زمين ته ڦٻائي ڇڏي، پر اٽلو منهنجي مڙس کي ناحق چوريءَ جي ڪيس ۾ جهلارائي ڇڏيائين! مون ته سچ ڳالهايو آهي. زميندار اسان سان ......“

”هل زميندار وٽ ته تو کي سچ جو مزو چکائي!“ ائين چئي، پوڙهيءَ کي وارن کان گهليندو هلڻ لڳو. ڇڪتاڻ ۾پوڙهيءَ جي وارن جون ڪيتريون ئي چڳون پٽجي ويون. فلسفيءَ هڪ وارن جي چڳ کڻي ورتي، جنهن جي پاڙن ۾ تازو رت لڳل هو. بي اختيار فلسفيءَ جي اندر مان هڪ دانهن نڪتي، ۽ آسمان ڏانهن نهاري چوڻ لڳو: ”پروردگار، تو احساس جي طاقت ۽ زبان انهيءَ لاءِ ڏني هئي؟ انهيءَ احساس ۽ زبان جي ڪري انسان کي اشرف المخلوقات جو لقب ڏنئي؟“ ائين چوندي، سندس اکين مان زارو زار ڳوڙها وهڻ لڳا.

فلسفي ٻهراڙيءَ جي خاموش فضا مان به ڏُکائجي، وري واپس وريو.

هو هڪ نهايت عاليشان ۽ خوبصورت عمارت وٽ پهتو، جنهن جي دروازي تي وڏن اکرن ۾ لکيل هو؛ ”دفتر هفتيوار ’صداقت‘“. هو اندر لنگهي ويو. کيس ڪيترين ڇاپي جي مشينن ۽ ٽائيپ رائٽرن جي شور ۽ آواز حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. ميلن جا ميل ڊگهو پنو اکڇنڀ ۾ ڇپجندي ڏسي، وائڙو ٿي ويو. اڃا انهيءَ حيرت ۾ هو ته ٻه ڳاڙهين پڳڙين وارا، هٿ ۾ چمڙي جا وڏا هنٽر کنيو، بوٽن کي زور سان هڻندا، ٽاپ ٽاپ ڪندا، اندر لنگهي آيا. هنن ايندي ئي رعب ۽ تاب سان فلسفيءَ کان پڇيو:

”ايڊيٽر صاحب ڪٿي آهن؟“

فلسفيءَ کان ڇرڪ نڪري ويو، ۽ هڪدم پاڻ سنڀالي جواب ڏنائين: ”مون کي معلوم ناهي؛ اندر هوندا.“

”هون،“ ۽ هو اندر ڪمري ڏانهن هليا ويا. ايتري ۾ هڪ نوڪر ڊوڙندو آيو-

”ايڊيٽر صاحب اندر تشريف فرما آهن، هيڏانهن اچو.“

”رستو معلوم آهي،“ لال پڳڙيءَ وارن مان هڪ ڄڻي چيو. ۽ پوءِ نفرت ڀريءَ مرڪ جو اظهار ڪندا، پنهنجا پِيلا پِيلا بُڇڙا ڏند ڪڍندا، اندر لنگهي ويا. ”اسين اڳ به هت آيا آهيون“- پاڻ ۾ چوڻ لڳا.

فلسفيءَ ڏٺو ته انهن ٻن ڳاڙهين پڳڙين جي اچڻ ڪري پريس اندر ساري عملي ۾ پريشانيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي. جتان ڪٿان ماڻهو ڪنڌ ڦيرائي ڏسڻ لڳا. ڪرسيون کسڪڻ لڳيون. ٽائيپ رائٽڙ بيهي ويا. پريس عملي مان ڪيترن، ڳاڙهين پڳڙين کي ڏسندي، ڪاوڙ وچان ڏند پئي ڪرٽيا. ڪن ته کين پنهنجي منهن گهٽ وڌ پئي ڳالهايو، ۽ ڪن ٿڌا شوڪارا پئي ڀريا. جڏهن ڳاڙهي پڳڙيءَ وار ڪمري ۾ داخل ٿيا، تڏهن پريس جي هڪ نوجوان ڪلارڪ سندن پٺيان مُڪ الاري. فلسفي، ڪمري واري دروازي جي اوٽ ۾ بيهي، سوراخن کان اندر نهارڻ لڳو. هڪ وڏيءَ ميز جي اڳيان هڪ ڪمزور جسم وارو ماڻهو ويٺو هو- اکين تي عينڪ، ڳورو رنگ، ڊگهو نڪ، ويڪري پيشاني ۽ گهنڊيدار وار ساري ميز ڪتابن ۽ ڪاغذن سان ڀريل هئي. ڳاڙهي پڳڙيءَ وارا اندر ويندي ئي سندس سامهون بيهي رهيا. ويرم کانپوءِ ايڊيٽر ڪنڌ مٿي کنيو، ۽ مرڪندي سندن مڪروه صورتن کي ڏٺو. سندس مرڪ ۾ غضب جي خوداعتمادي ڀريل هئي.

”اچي ويؤ اوهين؟“ ايڊيٽر، ائين چئي، وري لکڻ ۾ مشغول ٿي ويو. ڳاڙهيءَ پڳڙيءَ وارا گهٻرائجي ويا. ائين پئي معلوم ٿيو ته ايڊيٽر جي اڳيان کين پنهنجي نقلي رعب تاب تي شرم پئي آيو – جيتوڻيڪ سندن هٿن ۾ چمڙي جا ٻه وڏا وڏا هنٽر هئا، ۽ ايڊيٽر جي هٿ ۾ فقط قلم. هنن اخبار جو هڪ ڪٽيل ٽڪرو سندس اڳيان رکيو-

”پوءِ ڀلا،“ ايڊيٽر قلم کي روڪي چيو.

”اوهان جي نالي وارنٽ آهي: اوهان کي اسان سان گڏجي ڊپٽي ڪمشنر وٽ هلڻو پوندو، ۽ اوهان جي دفتر جي به تلاشي وٺڻي آهي.“ ائين چئي، هنن کيسي مان وارنٽ ڪڍيو.

”هيءَ ڪهڙي نئين ڳالهه آهي! هلو، .... مان ته هن کان اڳ به ڪيترا دفعا اوهان جو مهمان رهي چڪو آهيان.“ ائين چئي، تڏهن فلسفيءَ ڏٺو ته سندس آڱريون نهايت خوبصورت هيون. فلسفي دل ئي دل ۾ ايڊيٽر جي شاندار شخصيت ۽ مستقل مزاجيءَ کي ساراهي رهيوهو، ته ايتري ۾ ايڊيٽر ۽ ڳاڙهي پڳڙيءَ وارا دروازي کان نڪري ويا.

فلسفي، ڪمرو خالي ڏسندي، تڪڙو تڪڙو اندر لنگهي ويو. ميز تي اخبار جو ڪٽيل ٽڪرو ڏسڻ ۾ آيس، جو کڻي پڙهڻ لڳو. شروع جو حصو ته کيس سمجهه ۾ نه آيو، مگر وچ تي لکيل هو:

- ”هاڻي هن واقعي کي وٺو، جو 10 جولاءِ جي الهه آباد ۾ ٿيو آهي. اخبارن جيڪي لکيو آهي، سو سچ ڪينهي؛ حقيقت کي مروڙي سروڙي بيان ڪيو ويو آهي. اهوصحيح آهي ته هارين برابر پوليس وارن کان هٿيار کسيا آهن، ۽ کين ماريو به آهي؛ پر اهو ذڪر ئي ڪينهي ته پوليس وارا اتي ڇا جي لاءِ ويل هئا: واردات کان اڳ پوليس وارن ڪهڙي روش اختيار ڪئي جو نوبت انهيءَ حد تائين رسي؟ اسين محسوس ٿا ڪريون ته اهڙيءَ ريت حقيقت کي هيٺ مٿي ڪري عام ماڻهن اڳيان غلط خبر شايع ڪرڻ، صحافت کي ذليل ڪرڻ آهي. اسين اهڙيءَ دوکيبازيءَ جي هميشه کان قلعي کوليندا رهيا آهيون، ۽ کوليندا رهنداسون؛ ڇو ته ايمانداريءَ جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي تقاضا اها آهي. اسان جي زبان کي سچ چوڻ کان دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نٿي سگهي. دراصل حقيقت هن ريت آهي ته .....“

فلسفيءَ اڃا ايستائين پڙهيو ته ٻاهران ماڻهن جو گوڙ ٻڌڻ ۾ آيس. هن دريءَ کان ڏٺو ته دفتر اڳيان هڪ وڏي ڪاري رنگ جي لاري اچي بيٺي، جنهن مان ڪيترائي ڳاڙهين پڳڙين وارا لهندي ئي دفتر کي ماڪوڙين وانگر چوڌاري وڪوڙي ويا، ۽ وڏيءَ بيدرديءَ سان هر هڪ چيز کي اٿلائڻ پٿلائڻ ۽ چيرڻ ڦارڻ ۾ مشغول ٿي ويا. ايڊيٽر ۽ اهي ٻئي ڳاڙهيءَ پڳڙيءَ وارا ڪمري ڏانهن اچڻ لڳا. فلسفيءَ ڏٺو ته ايڊيٽر وچ ۾ ويٺو هو، ۽ پِيلن ڏندن وارا ٻنهي پاسن کان – جهڙو ٻن شيطانن جي وچ ۾ فرشتو! فلسفيءَ، اخبار جو ڪٽيل ٽڪرو کيسي ۾وجهندي، دريءَ کان ٽپ ڏيئي، وٺي پيرن تي زور رکيو.

”جهان جا مالڪ،“ هڪ ملائڪ اڏامندو آيو، ”هو فلسفي واپس اچي ويو!“

”هان، ڇو؟  هن کي ته اڃا گهڻو وقت دنيا ۾ رهڻ گهربو هو. ملڪ الموت کي اهڙي همت ڪيئن ٿي جو وقت کان اڳي وٺي آيس!“

”منهنجا مالڪ، ملڪ الموت جو ڪوبه ڏوهه ڪونهي، هن پاڻ ئي ملڪ الموت کي مجبور ڪيو – درياهه ۾ ٽپو ڏيئي خودڪشي ڪئي اٿس!“

”هاڻ، .......... تڏهن آهي ڪٿي؟“

”پروردگار! زيتون جي وڻن وٽ نه جيڪو انجير جو وڻ آهي، ان جي هيٺان ويٺو آهي. اسان گهڻوئي چيس ته هيڏي وڏي مسافري ڪري آيو آهين، ڪجهه ماکي چٽ يا کير ڍڪ پيءُ، مگر هو جڏهن کان آيو آهي، ائين ئي روئندو رهي ٿو. اسان گهڻو ئي پرچايس، پر پر چيئي نٿو.“

”چڱو، اسان جي اڳيان حاضر ڪريوس.“

ملائڪ اڏامندا ويا. اکڇنڀ ۾ فلسفي خدا جي اڳيان حاضر ٿي ويو. هن جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا. سڏڪڻ جي ڪري سندس سارو بدن پئي ڏڪيو. هو هڪ ننڍڙي ڳوٿريءَ کي ٻنهي هٿن ۾ جهليو، سيني سان لڳايو بيٺو هو.

”اشرف المخلوقات! تنهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڇو؟“

پروردگار جا لفظ ٻڌندي ئي فلسفيءَ هڪ وڏي اوڇنگار ڏني.

”معبود! مون کي اشرف المخلوقات نه چئو: مون کان منهنجو احساس ڦري وٺ، پروردگار! مون کان منهنجي زبان کس، مان اشرف المخلوقات بنجڻ نٿو گهران!“

ملائڪ حيران ٿي ويا. ڪائنات ماٺ ۾ اچي ويئي. انسان فرياد ڪري رهيو هو- انسان جي دل ڏکائي وئي هئي- اهو انسان، جنهن لاءِ ٻئي جهان بنايا ويا هئا!

”ڏس، معبود! هيءُ ڏس .... پنهنجي دنيا جا نمونا!“ ائين چئي، فلسفيءَ ڳوٿري کولي: شاعر جي ڦاٽل لباس جو ٽڪرو، افساني جو آخري ورق، رت سان ڀريل سفيد وارن جي چڳ، ۽ اخبار جو ڪٽيل ٽڪرو، اڳيان رکيائين. سچائي وڏي بهادريءَ سان پيش ڪئي ويئي ..... چوطرف ڪائنات حيرت ۾ پئجي ويئي.

”پوءِ ڀلا، انهن انسانن آخر ۾ ڇا چيو؟“ پروردگار پڇيو.

”آخر ۾ ....“ فلسفيءَ ڪنڌ هيٺ ڪري ڪجهه سوچيو، ”آخر ۾ .....“ ۽ هن پنهنجو مٿو کنهيو، ”آخر- ۾ ته انهن سڀني هڪ ئي ڳالهه ڪئي هئي، منهنجا معبود! ’اسان جي زبان کي سچ چوڻ کان دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نٿي سگهي: جيستائين دنيا نه سينگاربي، تيستائين اسين اهڙيءَ طرح محسوس ڪنداسين ۽ چوندا رهنداسين!‘“

ٻه منٽ ترسي، وري هن خودبخود اهڙيءَ طرح ڳالهايو، ڄڻ ڪا وسريل ڳالهه ياد آئي هجيس، يا پنهنجي ڪنهن وڏي غلطيءَ جو احساس ٿيو هجيس. هن ڪنڌ مٿي کنيو، ۽ سندس چهري تي مرڪ هئي.

هلڪي ڌنڌ ۾ کيس هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو:

”اي انسان! دنيا ڏانهن واپس موٽي وڃ؛ اسان ڏانهن اچڻ جي توکي ڇو ضرورت پيئي؟ ڇا اهي نعمتون تنهنجي لاءِ ڪافي ڪينهن: اسان تو کي احساس ڏنو آهي، سچ جي محسوس ڪرڻ لاءِ؛ زبان ڏني آهي، سچ جي ظاهر ڪرڻ لاءِ. اي ڪائنات جي سونهن! انهن نعمتن کي کڻي وڃ؛ اهي تو کي سچائيءَ تي قائم رهڻ جو رستو ڏيکارينديون. اي اشرف المخلوقات، هاڻ دنيا کي سينگارڻ کان اڳ اسان وٽ وري موٽي نه اچجانءِ!“

ابراهيم جليس

سنڌيڪار: محمد دائود بلوچ

هڪ پيسي خاطر

اعظم شهر کان پري هڪ نئين آباد ٿيل ڳوٺ ۾ رهندو هو، جو شهر کان اٽڪل اٺ ميل پري هو. شهر کان ڳوٺ تائين ڀاڙو صرف اڍائي آنا هو – يعني صرف ڏهه پيسا. ڏهه پيسا ظاهر  ته هڪ بالڪل معمولي رقم آهي، مگر دنيا جي هن بازار ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڏهه پيسا ته ڇا، پر هڪ پيسو به قارون جي خزاني کان زيادهه اهميّت رکندو آهي.

هڪ ڏينهن جو واقعو آهي، اعظم ڪي ضروري شيون خريد ڪرڻ لاءِ شهر ۾ آيو. هن جي کيسي ۾ چاليهه روپيا هئا. هو هڪ دڪان تي چڙهيو، تڏهن دڪاندار هن تي بالڪل زور رکيو ته هو ولايتي شيون خريد نه ڪري: پاڪستاني شيون خريدي، پاڪستاني هنرمندن کي همتائي، ۽ حب الوطنيءَ جو ثبوت پيش ڪري. اعظم دوڪاندار جي ائين چوڻ تي خوش ٿيو. ولايتي شيون ڇڏي، هن پاڪستاني شيون خريد ڪيون – ان لاءِ ته پاڪستاني هنرمندن جي همت افزائي ٿئي.

پيسن ڏيڻ لاءِ جيئن اعظم کيسي ۾ هٿ وڌو، ته کيس معلوم ٿيو ته ڪنهن ماهر هنرمند پاڪستانيءَ سندس کيسي مان اهڙي ته ڪاريگريءَ سان پنهنجو ڪم پورو ڪيو هو، جو هن کي خبر به نه پيئي. هن کيسي مان هٿ ڪڍندي ۽ شيون واپس ڪندي چيو، ”سيٺ صاحب، مون پاڪستاني هرمندن تي هينئر ئي ايمان آندو. ان لاءِ مون کي هي شيون ثبوت طور گهر کڻي وڃڻ جي ضرورت نه رهي. پاڪستان جي دستڪاريءَ جو نمونو ايندڙ وقت ۾ نهايت سٺو ٿيندو. اڄ اسان جا هنرمند ڪينچي يا بليڊ بنائي نٿا سگهن ته ڇا ٿيو، گهٽ ۾ گهٽ ڪينچي يا بليڊ هلائڻ ۾ ته نهايت قابليت رکن ٿا!“

دوڪان مان نڪرڻ وقت اعظم، چاليهن رپين تي فاتحه پڙهي، ڪوٽ جي مٿئين کيسي ۾ هٿ وڌو، ته صرف نوَ پيسا نڪتا. اعظم ڏاڍو پريشان ٿيو ته هاڻي گهر ڪيئن وڃان: بس جو ڀاڙو ڏهه پيسا آهي، ۽ هن جي کيسي ۾ صرف نوَ پيسا آهن، ۽ گهر اٺ ميل پري اهي. هتي شهر ۾ ڪير به سندس دوست يا واقف ڪونه هو. هن جا دوست ۽ واقفڪار ته ان ڳوٺ ۾ ئي رهندا هئا، جتي هو رهندو هو. هن سوچيو ته ڪجهه وقت شهر جي رستن تي چڪر هڻڻ گهرجي، من ڪو دوست ملي وڃي ته هو ان کان هڪ پيسو قرض طور وٺي؛ پر نه معلوم هن جي دوستن ۽ واقفڪارن کي ڇا ٿي ويو، جو هڪ به ڪمبخت شهر ۾ ڪونه آيو! ’هو، عورتن جا مريد، شام ٿيندي ئي زالن جي ڪڇ ۾ سمهيو رهن!‘

گهمندي گهمندي، هڪ وڏي اسٽور جي سامهون هن کي سليمه نظر آئي. اها سليمه، جا ٿورا سال اڳ هن جي محبوبه هئي. پر جيئن ته سليمه هڪ سرمائيدار گهراڻي جي ڇوڪري هئي، ۽ اعظم هڪ فاقا ڪڍندڙ نوجوان، تنهنڪري هنن جي شادي ٿي نه سگهي. ان هوندي به ’من تو شدم، تو من شدي‘ وانگر هنن جي حالت هئي – ايتريقدر ته هنن جي محبت هئي، جو ٻنهي جي حالت هڪٻئي کان ڳجهي نه هئي. ان ڪري، اعظم سوچيو ته ’هڪ پيسو سليمه کان گهري وٺان: سليمه هينئن سمجهندي ته هن کي هڪ پيسي جي ضرورت نه آهي، بلڪ هو ان بهاني سان ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو؛ ان هوندي به هوءَ پنج يا ڏهه رپيا ڏيئي ڇڏيندي‘.

اعظم تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو، سليمه ڏانهن وڌيو.

ان وقت سليمه فٽ پاٿ جي ڪناري سان پنهنجي ڪار جي ڀرسان بيٺي هئي – شايد ڊرائيور جو انتظار ڪري رهي هئي. اعظم ڪار جي ڀرسان پهچي چيو:

”هيلو، مائي ڊيئر، السلام عليڪم‘ ٻڌاءِ، ڪيترن ڏينهن کان پوءِ ڏسڻ ۾ آئي آهين؟“

سليمه هن ڏانهن ڏٺو، ۽ دوڪاندار ڏانهن ڏسندي چيو:

”اعظم، خدا جي واسطي هينئر مون سان نه مل. هتي دوڪان ۾ منهنجو خاوند بيٺو آهي. هو اجهو ٿو اچي. جلدي وڃ، وري ڪنهن وقت ملنداسين.“

اعظم چيو، ”فڪر نه ڪر، مان تنهنجي خاوند جي اچڻ کان اڳ ئي هليو ويندس: مگر هن وقت مون کي هڪ پيسي جي ضرورت آهي ....“

سليمه وڌيڪ گهٻرائجي دوڪان ڏانهن ڏٺو ۽ چيو: ”اف، هيءُ مسخري ڪرڻ جو وقت نه آهي، اعظم! منهنجو خاوند بلڪل شڪي ۽ وهمي ماڻهو آهي. ڏس، ڏس، هو اچي رهيو آهي!“ اعظم گهٻرائجي پري ٿي ويو. جڏهن سليمه ۽ ان جي خاوند جي ڪار هن وٽان مٽي ويئي، ته هن مسڪرائيندي چيو: ”شڪي خاوند جي ڊڄندڙ زال، سليمه! تو سمجهيو ته شايد مون ان طرح ملاقات جي وقت کي وڌائڻ ٿي گهريو، مگر تون نٿي ڄاڻين ته هيءَ مسخري بالڪل ڪانه هئي: سچ پچ ته هڪ پيسي ئي مون کي مجبور ڪيو هو!“

اعظم هڪ پيسي جي تلاش ۾ چڪر هڻڻ لڳو. گهمندي گهمندي ڏهه لڳي ويا. هڪ وڏي هوٽل جي ڀرسان هڪ دوست کيس ملي ويو، جنهن اعظم کي چيو: ”مسٽر، توهين ڪٿي گشت ڪري رهيا آهيو؟ اچو، ڪجهه کائو.“ اعظم جي جواب ڏيڻ کان اڳ کيس هٿ کان وٺي هوٽل ۾ وٺي ويو. اعظم کي بک به ڏاڍي هئي. هنن ڪجهه کاڌو. بل چوڏهن روپيا نڪتو. سندس دوست بل ڏنو، ۽ نوڪر کي ڏهه آنا بخشش ڏني.

اعظم هن کان هڪ پيسو گهرڻ پنهنجي خوديءَ جي خلاف سمجهيو، ان ڪري اعظم اها ڳالهه ئي ڪانه ڪئي.

سندس دوست کيس موٽر ۾ ويهاري، صدر بازار ۾ ڇڏي، پنهنجي گهر هليو ويو. ان وقت يارهن لڳي رهيا هئا. ڳوٺ ڏانهن آخرين بس تيار بيٺي هئي. هن خيال ڪيو، ’بس ۾ ڳوٺ وڃڻ گهرجي. هر روز پورو ڀاڙو ڏيئي بس ۾ چڙهندو آهيان، اڄ جيڪڏهن هڪ پيسو گهٽ آهي ته ان لاءِ ڪنڊڪٽر اعتراض ڪونه اٿاريندو.‘

اعظم بس ۾ سوار ٿيو. ان وقت ڪنڊڪٽر ۽ هڪ مسافر جو اڳ ۾ ئي تڪرار لڳو پيو هو. اعظم دل ۾ چيو، ’اول بسم الله غلط!‘ هو دل ۾ ’الله الله‘ جي تسبيح ڦيرڻ لڳو. ڪنڊڪٽر ٽڪٽون ڏيندو رهيو. ان وقت هڪ ماڻهوءَ اعظم کي چيو: ”بابو صاحب، توهان وٽ هڪ پيسو هوندو؟ منهنجي ڀاڙي مان هڪ پيسو کُٽي پيو آهي“. اعظم ڪوبه جواب ڏيئي نه سگهيو، ته ڪنڊڪٽر ويجهو آيو ۽ ٽڪيٽ لاءِ پيسا گهرڻ لڳو. اعظم هن کي نو پيسا ڏنا، ۽ چيو ”يار، هينئر مون وٽ نو پيسا آهن، باقي پيسو صبحاڻي ڏيندس“. ڪنڊڪٽر ڊرائيور کي سڏي چيو، ”علي شير، گاڏي روڪ!“ ۽ اعظم کي مخاطب ٿي چيائين: ”نه سائين، هيءَ بس آهي، ڪنهن واڻئي جو دڪان ڪونه آهي جو هتي به اوڌر ڪريون – يا ته پورا ڏهه پيسا ڏي، يا لهي وڃ!“

اعظم ڏٺو ته سڀ ماڻهو سندس پوشاڪ ڏسي رهياهئا. ڪي ته مرڪي رهيا هئا. اعظم يڪدم اٿي بيٺو، ۽ بس بيهڻ تائين هو ماڻهن جون مختلف ڳالهيون ٻڌندو رهيو—

”سوٽ بوٽ ڏسوس، ۽ کيسي ۾ هڪ پيسو به نه آهي!“ هڪڙي چيو.

”ٻئي چيو: ”اڙي يار ڪنڊڪٽر، هڪ پيسي ۾ ڇا آهي، ويچارو بيروزگار معلوم ٿو ٿئي، کڻي هل، رات جو ٽائيم آهي.“

”ڪڏهن تو وٽ به اهڙو وقت ايندو، ميان!“

”ها ڀائي، کڻي هل ....“

”تنهنجو مالڪ ائين هڪ هڪ پيسو ڪري دولت گڏ ڪري رهيو آهي ڇا؟“

”آه! .....پاڪستان جي رهواسين جي مالي حالت!“

”ادا توهين نه لهو! هڪ پيسو ڇا آهي، مان توهان جي ٽڪيٽ وٺان ٿو.“

ليڪن اعظم، بنا ڪنهن جواب ڏيڻ جي، بس مان لهي ويو. بس هلي ويئي، ته اعظم سوچيو ته هن ڏاڍو سٺو ڪيو جو بس ۾ نه چڙهيو: جيڪڏهن ستون ماڻهو سندس ٽڪيٽ وٺي ها، يا کيس پيسو ڏئي ها، ته منو ڪلاڪ هن جو بس ۾ ويهڻ تمام مشڪل ٿي پوي ها. هن کي اٺ ميل پنڌ ڪرڻ منظور هو، مگر مسافرن جي نگاهن جو مرڪز بنجڻ منظور نه هو.

هلندي هلندي، اعظم جي نظر هڪ پينو فقير تي پيئي، جو هڪ هنڌ ويهي صدا هڻي رهيو هو. ”انڌي محتاج کي هڪ پيسو ڏيئي وڃ، بابا!“

’هڪ پئسو!‘ اعظم سوچيو. هن ۽ اعظم جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت هو؟ ٻنهي جو سوال هڪ پيسي لاءِ هو؛ بلڪ ساريءَ دنيا جو سوال پيسي لاءِ آهي. ’ساري دنيا پينو آهي، ۽ ساريءَ دنيا کي پيسي جي ضرورت آهي: دنيا جي دولت هڪ هڪ پيسو ڪري گڏ ڪئي وڃي ٿي. ڪاش، هيءَ دنيا پيسي جي ڦيري تي پيدا نه ٿئي ها!‘

هو فقير وٽان اچي لنگهيو. فقير جي اڳيان هڪ ڪمبل جو ٽڪرو وڇايل هو، جنهن تي ٻه ٽي آنا، ۽ ڪجهه پيسا پيل هئا. اعظم جي دل ۾ ان وقت هڪ خراب خيال آيو. هن سوچيو، ’فقير جي اڳيان هڪ پيسو کڻي وٺان، ۽ پوءِ صبحاڻي کيس ان جي عوض ٻه ٽي آنا ڏيندس‘. اهو خيال ڪري، اعظم فقير جي ويجهو ويو. هن يڪدم هڪ پيسو کڻن ٿي گهريو، ته فقير يڪدم سندس هٿ جهلي وڏي واڪي پڪاريو: ”چور! .... چور! پڪڙيو ... پڪڙيو!“ اعظم گهٻرائجي ويو. هن يڪدم پنهنجي هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي؛ مگر فقير هن کي تمام مضبوط ڪري جهليو هو. شور ٿيڻ تي سامهون واري دڪان تان پنج ڇهه ٿلها متارا ماڻهو مڙي آيا. سڀني حيران ٿي اعظم ڏانهن ڏٺو. هن کي ڪمپليٽ سوٽ ڏسي، هو بيهي ويا.

اعظم ڪوڙ ڳالهائي پنهنجي پوزيشن صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ چوڻ لڳو: ”توهان ڏٺو؟ ... هي انڌو نه آهي! مان ته رڳو هيءُ معلوم ڪرڻ لاءِ هتي آيس ته هيءُ انڌو آهي يا نه. ائين مان هڪ پيسي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ته هن منهنجو هٿ جهلي ورتو. هاڻي توهين ٻڌايو ته مان ڪيتري قدر سچو آهيان!“

اعظم جي ڳالهه تي هو اعتبار ڪري ويا؛ ڇو ته هو سٺن ڪپڙن ۾ ملبوس هو – ورنه هو هن کي تمام گهڻو مارين ها.

”سائين، هي پنڻ لاءِ انڌا بنجي وڃن ٿا!“ هڪ چيو.

ٻئي وري فلسفي انداز ۾ چيو: ”غريب ماڻهو انڌائيءَ جي حالت ۾ به انڌا نٿا ٿين، مسٽر! انڌا صرف امير ماڻهو ٿين ٿا: جيڪڏهن اکيون هئڻ جي حالت ۾ انڌا نه ٿين، ته پوءِ ڇو ان طرح هزارين، لکين ۽ ڪروڙين انسان پنن، بيروزگار ٿين، ۽ بيموت مرندا رهن؛ ۽ اوهين ڇو هن انڌي جي هڪ پيسي کڻڻ لاءِ مجبور ٿيو ها!“

پوئين جملي تي اعظم جي دل ۾ ڄڻ تير لڳو. هن ٻين ڏانهن رحم ۽ مدد – طلب نگاهن سان ڏٺو. ”هلو، هلو ... ڀائو، توهين ڀلي وڃو.“

اعظم موقعو غنيمت سمجهي، السلام عليڪم چئي، تيز تيز قدم کڻي، اڳتي وڌيو. اڳتي، جمشيد روڊ کان ان ڳوٺ تائين، رستو خطرناڪ هو. چور ۽ غنڊا ان رستي ۾ راهه – ويندن کي ڦريندا هئا. ٿورائي ڏينهن ٿيا ته غنڊن هڪ راهه ويندڙ کي ماري وڌو – صرف هڪ پيسي خاطر!

’پيسو به وڏي ذلّت آهي- ڪيترو مجبور ڪيو هڪ پيسي!‘ اوچتو اعظم کي خيال آيو ته هو ڇو پنڌ وڃي؛ رڪشا يا گهوڙي گاڏيءَ تي چڙهي گهر وڃي، ۽ گهر وڃي هو ڀاڙو ڏيئي سگهي ٿو. هڪ پيسي هن کي ڪيتري تڪليف ڏني اهي، جو هڪ معمولي ڳالهه به هن جي سمجهه ۾ نه آئي: هو خواه مخواهه بس ۾ شرمندو ٿيو، ۽ پينوءَ جي پيسي ۾ هٿ وڌائين!

هن يڪدم هڪ ويندڙ موٽر – رڪشا کي بيهڻ لاءِ چيو، ۽ ان ۾ چڙهي اطمينان سان ويٺو. هوسوچي رهيو هو ته هاڻي رستي جي اوندهه ۽ خطرناڪ حالت ۾ هواڪيلو نه آهي.

جمشيد روڊ ختم ٿيو. اوندهه ۽ خطرناڪ رستو شروع ٿيو. گهڻي مفاصلي کان پوءِ موٽر – رڪشا بيهي ويئي. اعظم سمجهيو، شايد رڪشا ۾ ڪا خرابي ٿي آهي؛ مگر جڏهن رڪشا واري پنهنجي کيسي مان هڪ وڏو ڪپ ڪڍيو، تڏهن اعظم سمجهي ويو ته رڪشا خراب نه ٿي آهي، پر ڊرائيور جي نيت خراب ٿي آهي. هن کي ڪهڙي خبر ته اڄڪلهه موٽر سائيڪل ڊرائيور به، سياسي رهنمائن وانگر، رهبر جي بجاءِ رهزن ٿيندا آهن! رڪشا – ڊرائيور هن جي منهن جي سامهون بالڪل قريب چاقوءَ کي چمڪائيندي چيو: ”کيسي ۾ جو ڪجهه آهي ڪڍو، ور نه –“ اعظم ڏڪندڙ آواز ۾ چيو: ”تون منهنجي تلاشي وٺي سگهين ٿو.“ تلاشي وٺڻ بعد اهي نو پيسا اعظم جي کيسي مان نڪتا، جي ڏهه پيسا نه ٿيڻ ڪري اعظم کي ايتري شرمندگي کڻڻي پيئي هئي. رڪشا ڊرائيور اهي پيسا پري اوندهه ۾ اڇليندي چيو:

”اخ .... ٿَو! پُٽ نو پيسا کڻي رڪشا ۾ سوار ٿيڻ ويٺو آهي! .... مگر اسين جو وصول ڪريون ٿا، اهو ضرور وصول ڪنداسين!“ هن اعظم جي ويسٽ ايند واچ ۽ پارڪر پين کڻي، گرجندڙ آواز ۾ چيو:

”ڀڄي وڃ هاڻي! .... جيڪڏهن گوڙ ڪندين، ته هيءُ ڪپ تنهنجي سيني مان ٻاهر هوندو!“ اعظم جو گلو بند هو. گوڙ ڪيئن ڪري؟ چپ چاپ اڳتي وڌي ويو.

ڊرائيور رڪشا تي گم ٿي ويو. اوندهه هئڻ ڪري، اعظم ان جو نمبر به نوٽ ڪري نه سگهيو. آڌيءَ رات گهر پهچي، اعظم پنهنجي زال سان سارو حال ڪيو. هن وري عقلمند ٿي رعب ڄمائڻ جي خاطر چيو:

”ڇا آهي، روپيا ويا ته ڇا ٿيو، جان ته بچي! مگر مون تو کي ڪيترا دفعا چيو آهي ته گهر مان ’بسم الله‘ پڙهي پوءِ ٻاهر وڃ، مگر تون ته مون کي بيوقوف سمجهين ٿو!“

اعظم ان جي عقلمنديءَ کان خوش نه ٿيو. چوڻ لڳو: ”ڀلا هيءَ بيوقوفي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ان حادثي جو بسم الله سان به ڪو تعلق ٿي سگهي ٿو! .... ان پيسي تي هزار لعنت! خبر نه آهي ته انسان ڪڏهن پيسي جي چڪر مان آزاد ٿيندو!“

رضيه سجاد ظهير

سنڌيڪار: ڀيشم

”ييس، سر!“

ٽپال هڪ اهڙي ته مزيدار شي آهي جو صبح شام ان جو انتظار ڪرڻ ڄڻ زندگيءَ جو هڪ ضروري جزو بڻجي ويو آهي. ۽ وري مني آرڊر؟ مني آرڊر لاءِ ڇا چوان؟ ڪهڙو به کڻي بدصورت ٽپالي مني آرڊر کڻي ايندو هجي، مگر اُهو اُنهيءَ وقت اهڙو ته حسين نظر ايندو آهي جو سندس اڳيان ڪوه قاف جون پريون به پاڻي ڀريندي پيون شرمائين. ليڪن، زهره لاءِ ڇهن ستن مهينن لاءِ ڄڻ هڪ مصيبت پيدا ٿي وئي هئي: هيءُ جو نئون ٽپالي سندس ٽپال کڻي ايندو هو، تنهن کان ته زهره کي ڄڻ هڪ قسم جي چڙ ٿي وئي هئي.

ائين چئجي ته هو بدصورت هو، -نه. هو شڪل جو ٺاهوڪو هو. سانورو رنگ، ڊگهو قد، پورو پنو جسم؛ عينڪ پائيندوهو، جنهن مان هن جون ذهين اکيون پاڻ وڌيڪ ذهين ڏسڻ ۾ اينديون هيون. ايستائين ته سڀڪجهه ٺيڪ هو؛ مگر جنهن ڪم جي بسم الله ئي غلط ٿي، سو اڳتي ڪيئن ٺيڪ هلندو؟ پنجن سالن کان وٺي جيڪو پنڊت سندس ٽپال کڻي ايندو هو، تنهن جي اوچتو ڪنهن ٻئي پاسي بدلي ٿي وئي. زهره سان هو ڪافي هري مري ويو هو. جڏهن به پنڊت پنهنجي ڳوٺ گهمڻ ويندو هو ته زهره لاءِ ’امرس‘ ضرور آڻيندو هو، ۽ زهره وري هن کي سندس زال لاءِ بلاؤزر سبي ڏيندي هئي، جنهن تي بعد ۾ پنڊت جي اعتراض ڪري چوندو هو: ”ڌيءَ، هيءُ ته شهر وارن وانگر ’ٽيٽ‘ ٿي ويو آهي، ذرا هن کي ڍلو ته ڪري ڏجانءِ“. جڏهن به هو زهره کي ’ڌيءَ‘ چوندو هو، ته زهره ڏاڍي خوش ٿيندي هئي؛ ڇاڪاڻ ته هن کي پنهنجي وڌندڙ عمر ۽ اڇن وارن جو احساس ڪي قدر گهٽ ٿي ويندو هو. اهوئي سبب هو جو جڏهن هڪڙي ڏينهن هوءَ منجهند جو تاس کيڏي رهي هئي، ۽ اوچتو هڪ نئون ٽپالي اچي سندس سامهون بيٺو، ته هوءَ وائڙي ٿي ويئي. نئون ٽپالي ٻاهران ئي کڙ کڙ ڪندو پئي آيو، ۽ جڏهن زهره جي سامهون پهتو ته هڪدم فوجين وانگر ٻئي کڙيون ملائي، فوجي نموني سلام ڪندي، سخت آواز ۾ چيائين:

”ييس سَر، مني آرڊر!“

زهره کي ائين لڳو ڄڻ سارو ڪمرو ڦري رهيو آهي. ڪٿي هو مٺو آواز، - ”ڌيءَ، هان وٺ، تنهنجو مني آرڊر“- ۽ ڪٿي هيءَرڙ! باهه جي ڄڀيءَ جيان، جلدي سوال سندس زبان تي آيو:

”پنڊت جي ڪيڏانهن ويو؟“

”هو ٽرانسفر ٿي ويو، سر!“

زهره جي دل ائين چاهيو ته پنهنجو مٿو زور سان نئين ٽپاليءَ جي مٿي سان ٽڪرائي. ’وڏو آيو آهي انگريزي دان!‘ هن جي دل چاهيو ته هوءَ هن کي چوي ته ’گڏهه، عورتن کي ”سَر“ (Sir) نه، بلڪ ”ميڊم“ چئبو آهي، انگريزن جا پُڇ!‘ هن بيزار ٿي، مني آرڊر فارم ورتو، ۽ صحيح واري جڳهه ڳولڻ لڳي. ٽپاليءَ هڪ هنڌ آڱر رکندي چيو:

”هتي سگنيچر ڪريو، سر.“

- ڄڻ زهره اڄ تائين ڪنهن مني آرڊر تي صحيح ئي ڪانه ڪئي هئي، بالڪل جاهل هئي! ۽ جيستائين زهره صحيح پوري ڪري ئي ڪري، تيستائين هو خودبخود چوڻ لڳو:

”سَر، اڳي مان ملٽريءَ ۾ هوس ۽ هينئر پوسٽ جي ڊپارٽمنٽ ۾ آيو آهيان!“

زهره جي دل چاهيو ته فارم کڻي سندس منهن تي هڻي، ۽ چويس:

’آيو آهين ته ڇا ڪريان – نچان؟‘ ليڪن هن خيال ڪيو ته جيڪڏهن فارم ڦٽو ڪنديس ته پنجاهه روپيا ڪيئن ملندا. خون جو ڍڪ پيئندي هن صحيح ڪئي، ۽ ٻٽونءَ ۾ روپيا رکندي، اَٺ آنا ڪڍي هن جي تريءَ تي رکيائين. هو اَٺ آنا وٺي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ هڪ وڏي مسڪراهٽ زهره ڏانهن اڇلائيندي چيائين:

”سَر، اوهان ’گُڊ‘ آهيو! اڄڪلهه ته ڪو ٻياني به ڪونه ٿو ڏئي. اوهان ته گرلز ڪاليج ۾ ماسٽر آهيو نه؟“

زهره سڙي خاڪ ٿي وئي؛ ليڪن چيائين ڪجهه نه. ٽپاليءَ کيسي مان ريشمي رومال ڪڍيو. رومال ۾ هڪ سستي قسم جو عطر پيل هو، جنهن مان خوشبوءَ پئي آئي. اُنهيءَ سان پنهنجو پگهر اُگهيائين. زهره اڃا به وڌيڪ سڙي ويئي. هن کي مردن جي ريشمي رومال رکڻ ۽ عطر لڳائڻ کان نفرت هئي. سمجهي ويئي ته ضرور آواره آهي. ٽپاليءَ رومال کيسي ۾ وجهي، وري کُڙيون ملائي، هن کي سلام ڪيو، ۽ ’گُڊ مارننگ‘ چوندو ٻاهر هليو ويو. زهره، سڙندي سڙندي پڄرندي، اندر وڃي روپيا بيگ ۾ رکڻ لڳي.

خير، ڳالهه هڪ دفعي جي هجي ها ته پرواهه نه هئي؛ مگر هن خيال ڪيو ته هن سان ته روز روز واسطو پوندو! پنڊت کي ياد ڪندي، هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا: ’ڪهڙو نه سٺو آدمي هو! خدا اُنهيءَ آفيسر جي پاڙ پٽي، جنهن هُن کي بدلي ڪري هن جهنگليءَ کي مقرر ڪيو آهي! صرف هيءُ ئي پاڙو رهيل هو، هن کي مقرر ڪرڻ لاءِ؟ .... هون!‘

جيڪا ڳالهه زهره سوچي هئي، سائي ٺيڪ نڪتي. اُنهيءَ واقعي کان پوءِ ته عجيب عجيب ڳالهيون ٿيڻ لڳيون. امتحان جا ڏينهن ويجها هئا، ۽ هن هڪڙي ڏينهن اطمينان سان پنهنجي آخري ڪلاس کي ويٺي پاڙهيو ته منشيءَ هن ڏانهن هڪ چِٽ موڪلي، جنهن ۾ لکيل هو: ”اوهان جو مني آرڊر آيو آهي، اچي وٺي وڃو“.

پهرين ته هوءَ مني آرڊر جو نالو ٻڌي ڇرڪي وئي، مگر وري ائين سوچيندي ته هن پاڙي جو ٽپالي ٻيوآهي ۽ ڪاليج به گهر کان گهڻو پري آهي، هوءَ جلدي جلدي وک کڻندي دفتر ڏانهن وڃڻ لڳي. اڃا دروازي وٽ مس پهتي، ته هڪدم بيهي رهي. اندران آواز اچي رهيو هو:

”ييس سَر، هيءَ ته ڏاڍي ڊفِيڪلٽِي آهي، سر! اسان وٽ جيڪڏهن ائين ٿئي ته هڪدم هڙتال ٿي وڃي!“

”اڙي ڀائي، هتي ته پڙهيل لکيل ۽ عالي خاندان جا ماڻهو ڪم ڪندا آهن، ۽ اُنهن کي پنهنجن فرضن جي پوريءَ ريت ڄاڻ آهي.“ منشيءَ جو آواز آيو.

”انهيءَ ۾ فرض جي وري ڪهڙي ڳالهه آهي، سَر؟ ڊيوٽي اِز ڊيوٽي: مگر پگهار ته پوري وقت تي ملڻ گهرجي، سَر؛ ورنه فيملي جوڇا ٿيندو!“

اوچتو خاموشي ڇائنجي ويئي. زهره دروازي مان ليئو پائي ڏٺو ته منشي ماسترن جي پگهارن جي رجسٽر ٺاهڻ ۾ مشغول ٿي ويو هو. ٽپاليءَ هڪ سگريٽ ڪڍي دکايو، ۽ ٽنگون پساري، هڪ ٽيبل کي اڳتي سوري، اُنهيءَ تي هٿ سان طبلو وڄائيندي چوڻ لڳو:

”ليمي جي کٽاڻ آ،

زورن جو بخار آ،

اچ ته او منهنجا پرين،

تنهنجو انتظار آ...“

زهره جلي ويئي. ليڪن مني آرڊر ڪيئن ڇڏي؟ دروازي جي پاسي مان بيهي، آهستي چيائين:

”منشي صاحب، ڇا منهنجو مني آرڊر آيو آهي؟“

جيتوڻيڪ زهره چيو ته بالڪل آهستي هو، مگر هُن ٻڌي ورتو. جيستائين منشي ڪجهه چوي يا ڪري، هو ٺڪاءُ ڏيئي ڪرسيءَ تان اُٿيو، ۽ ٻئي کڙيون ملائي، دروازي ڏانهن منهن ڪري، سلام ڪيائين:

”ييس سَر، مني آرڊر!“

منشي صاحب فارم وٺي، اڳتي وڌائي، زهره کي هٿ ۾ ڏنو؛ ۽ جيستائين زهره صحيح ڪري ئي ڪري، تيستائين هو چوڻ لڳو:

”ييس، سر! مان اوهان جي گهر ويو هوس، مگر خبر پيئي ته اوهان اوورَ ٽائيم ڪم ڪري رهيا آهيو، انهيءَ ڪري هيڏانهن کڻي آيس.“

زهره جلڻ لڳي. هوءَ هڪ معزز ليڪچرار هئي، نه ڪنهن مِل جي مزدورڻ، جيڪا اوور ٽائيم ڪم ڪري رهي هئي. ’بيوقوف ڪٿان جو .... اوور ٽائيم جو چاچو!‘ هوءَ سڙندي پڄرندي ڪلاس طرف وڃڻ لڳي.

پوءِ ته هميشہ ائين ئي ٿيڻ لڳو. زهره سمهي پئي هوندي هئي ته هو اچي موجود ٿيندو هو- ”ييس سر، مني آرڊر!“

هن پنهنجي هڪ گهاٽيءَ سهيليءَ کي سڏايو. گرمين جا ڏينهن هئا. خوب گپ شپ لڳي پيئي هئي، ته هو اچي موجود ٿيو-

”ييس سر، مني آرڊر!“

صرف ايستائين بس هجي ها ته ڪا ڳالهه به هئي، مگر هو هميشہ مني آرڊر ڏيندي زهره جي معلومات ۾ اضافو ڪندو رهندو هو:

”انڊونيشيا جو ڪَيپِيٽل (گاديءَ جو هنڌ) تمام بيُوٽيفُل آهي.“

”برما جي جهنگل ۾ تمام وڏا وڏا سِنيڪس (نانگ) ٿيندا آهن.“

”امريڪن جيڪڏهن ٿوري ئي پنڌ تي ڪنهن بگيءَ تي ويندا آهن، ته بگيءَ واري کي ٽِپ ڏيندا آهن.“

”فوج ۾ راشن خوب ملندو هو، مگر حياتي هميشہ ڊينجر ۾ هوندي هئي؛ پر ڇا ڪجي، فيملي لاءِ رِسڪ (خطرو) ته کڻڻو ئي پوندو آهي!“

۽ وري ڪڏهن ڪڏهن تازا احوال ٻڌائڻ شروع ڪندو هو:

”پوسٽ ۾ مون کي پنهنجي برد ر-اِن – لا رکايو آهي- وائف جي ڀاءُ. هو فلاڻي پي.ڪي. ايس. پي. ايم. جو فلاڻو ٿئي. هونءَ ته، سر، ملٽري کان پوءِ سال کن ته مون کي جاب (ڪم) ئي نه پئي مليو. فيملي جي ڪري ڏاڍي ڊفيڪلٽي ٿي ٿئي .....“

- اهڙيون ئي ٻيون ڳالهيون.

زهره تمام ڪڪ ٿي پيئي. هن سوچيو ته هن کان ڇوٽڪاري پائڻ جو صرف هڪ ئي طريقو آهي- بدلي. ’هن پاڙي مان هن جي ڪنهن ٻئي پاڙي ڏانهس بدلي ڪرائجي، ۽ انهيءَ لاءِ سڀاڻي ئي هيڊ پوسٽ آفيس وڃڻ گهرجي. سڀاڻي ئي!‘

ليڪن، صبح جو اٿي هن اخبار ڏٺي ته سڀ ڳالهيون ڇومنتر وانگر سندس مغز مان اڏامي ويئون. ڪيترن ڏينهن کان شاگردن جي جيڪا هڙتال هلي رهي هئي، انهيءَ نازڪ صورت اختيار ڪئي هئي. پوليس رات يونيورسٽيءَ ۾ به آئي هئي. ڪجهه گرفتاريون به ٿيون هيون. پوليس ۽ شاگردن جي وچ ۾ جهڳڙو به ٿيو هو. شام ٿيندي ئي، پوليس جون گشتي موٽرون اعلان ڪندي وڃڻ لڳيون ته ’ٽن ڏينهن لاءِ شهر ۾ ڪرفيو لڳايو ويو آهي، ۽ ڪوبه گهر کان ٻاهر نه نڪري.‘

زهره جي ٻٽونءَ ۾ ڪل اٺ آنا هئا. سڀاڻي ئي ٽن مهينن جي پگهار ملڻ واري هئي؛ مگر هينئر اُنهيءَ جو ته خيال ڪرڻ ئي اجايو هو. هونءَ جيڪڏهين حالتون ٺيڪ هجن ها ته هوءَ ڪنهن کان قرض به وٺي سگهي ها؛ مگر هينئر نه هوءَ پاڻ ٻاهر نڪري پئي سگهي، ۽ نه وري ڪنهن کي سڏائي پئي سگهي. پاڙي وارن دوڪاندارن اعلان ٻڌندي ئي هر هڪ شي جو اگهه چوڻو ڪري ڇڏيو هو، ۽ ان سان گڏ ائين به اعلان ڪيو هئائون ته اڌار ڪنهن کي به ڏيڻ ۾ نه ايندي. مهيني جي شروعات هئي، ۽ گهر ۾ هر شي ختم ٿي ويئي هئي.

سوچيندي سوچيندي هن جو ساهه منجهڻ لڳو، ليڪن ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيس. منجهند جو ٻارن کي کارائي پياري سمهاريائين ۽ پاڻ وڃي ڪتاب پڙهڻ لڳي، ته اوچتو دروازي تي کڙڪو ٿيو. هن جي دل ڌڪ – ڌڪ ڪرڻ لڳي: ’جيڪڏهن ڪو مهمان هوندو ته ٽي ڏينهن ٽڪيءَ پوندو- پوءِ ڇا ٿيندو!‘ خود پنهنجو حساب ئي ٺيڪ نه پئي بيٺو، ته مهمان جو ڇا ٿيندو؟

دروازي وٽ وڃي ڏٺائين ته ڪو بيٺو ته ضرور هو، مگر ڪير هو، سو سمجهه ۾ نه آيس. ايتري ۾ ٻاهرئين ماڻهوءَ کي به احساس ٿيو ته ڪوضرور دروازي وٽ بيٺو آهي، سو آهستي چيائين:

”ييس سَر، مني آرڊر!“

زهره وائڙي ٿي ويئي. هن کي وشواس ئي نه پئي آيو. هڪدم دروازو کوليائين ته ٽپالي اندر هليو آيو. هٿ ۾ دوا جي شيشي هيس. کيسي مان سستي قسم جو عطر پيل رومال ڪڍي، پگهر اُگهندي چيو:

”اوهان جو مني آرڊر آيو هو: مان چيو ڊليوَر ڪندس؛ سپرنٽينڊنٽ صاحب چيو ته ڀلي ڪر، مگر پنهنجي جوابداريءَ تي ڪر، اسين ٻڌل نه آهيون؛ وڃڻو اٿئي ته پنهنجي رِسڪ تي کڻي وڃ.مان چيومانس، ’سَر، هنن کي پي (Pay) ٽائيم تي نه ملندي آهي؛ فيملي جي ڪري ڪافي ڊفِيڪلٽِي ٿي ٿئي.‘ سو، سَر، مون دوا جي شيشي کيسي ۾ رکي ۽ ڊاڪٽر جي بهاني اِسٽارٽ ٿيم. هونءَ به منهنجي زال جو ڀاءُ .... ڇا ڪجي، سر، فيملي جي ڪري اهڙو فراڊ ڪرڻو ئي پوندو آهي!“

لکنو ۾ ٽپال هفتو ملهايو پئي ويو. هفتي لاءِ اهو اعلان عام هو ته جنهن کي وڻي هيڊ پوسٽ آفيس ۾ اچي پُڇي ڪري، ۽ جيڪا شڪايت وڻيس سا ڪري. پهرئين ڏينهن ئي اڃا آفيس مس کلي هئي ته هڪڙي عورت، تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي، سپرنٽينڊنٽ جي ميز ڏانهن وڃڻ لڳي.

”معاف ڪجو، اوهين اڃا پهتائي مس آهيو ته مان اوهان کي تڪليف ڏيڻ لاءِ آئي آهيان: ساڍي ڏهين بجي ڪاليج کلندو آهي، ۽ وري شام جو هڪ ضروري ميٽنگ آهي، ۽ ڪم وري تمام ضروري هو.“

سپرنٽينڊنٽ صاحب اخلاق سان مشڪندي چيو:

”تڪليف جي ڪهڙي ڳالهه آهي، چئو؟“

عورت پتل جي ڄاريءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙيندي چيو:

”ڳالهه هيءَ آهي ته ..... مان هيءَ درخواست ڪرڻ آئي آهيان ته اسان جي پاڙي جو جيڪو نئون ٽپالي آهي نه – منهنجو مطلب آهي هو مني آرڊر وارو ٽپالي، سو... هوءَ هٻڪي بيهي رهي.

”چئو، چئو. اوهان کي جيڪا شڪايت ڪرڻي هجي، ڀلي شوق سان ڪريو. اسين ته پبلڪ جون تڪليفون ڄاڻڻ لاءِ ئي هيءُ هفتو منائي رهيا آهيون. اوهين بيڊپا ٿي چئو.“

عورت جي هٿ مان ڄاري ڇڏائجي وئي-

”شڪايت؟ نه، مان ته پاڻ ائين چوڻ آئي آهيان ته ٿي سگهيوَ ته هن جي بدلي اسان جي پاڙي مان ڪڏهن به نه ڪجو- ڪڏهن به نه. ڇو جو ٽپالي ته اسان کي گهڻائي ملندا، مگر .... انسان ....“ عورت ڪائونٽر تان ڪتاب کڻڻ شروع ڪيا.

سپرنٽينڊنٽ چوڻ لڳو:

”غنيمت آهي جو ڪنهن کي ساراهه ڪرڻ جي همت ته ٿي- صرف شڪايت ئي نه!“ عورت جيئن ئي وڏي دروازي مان ٻاهر نڪري رهي هئي ته اوچتو ساڄي طرف کان آواز آيو:

”گڊ مارننگ، سر! اوهين هتي آيا هئا، سر!“

عورت ڪتاب کٻي هٿ ۾ رکندي، سڄو هٿ اڳتي وڌايو:

”گڊ مارننگ، گُڊ پوسٽ مين! گُڊ مين .... گُڊ .... گُڊ ...“ هن جو آواز ڀرجي آيو.

هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته .......

”انڌيءَ جو پٽ“

وسڪاري جا ڏينهن هجن، ۽ آسمان تي اڇا ڪارا ڪڪر، ڪپهه جي پنڊن وانگر پئي اُڏاڻا. ڏاڍو مينهن ته وسي دنگ ٿيو هو، پر رکي رکي اُڀ پئي ڦاٽو. بوندا باري اڃا پئي هلي. مَنهن ۽ جهوپڙن جا چئاڪا عجيب ترنم ۽ مسلسل رفتار سان پئي ٽميا. پکي پکڻ ڏاڍا فرنا ۽ توانا پئي ڏٺا، ۽ دُٻن ۽ تراين ۾ پئي تڙڳيا. رکي رکي جهُڙ ٿي گجيو، ۽ ٻارن ’ڀيڄ – ڀيڄ‘ ڪري پئي کيس چيڙايو. مندائتي مينهن جي کنوڻ هونءَ به کوٽي نه هوندي اهي- هر ڪنهن پئي ڄاتو ته اڃا مينهن هڻندو.

اهڙي آگم تي اسان جي روح به ريلو ڏنو. ويڪيشن جهڙي ٿڪائيندڙ موڪل اڳي ئي اسان کي پڄائي ڇڏيو هو. مس مس الله راضي ٿيو هو، ۽ زمين آلي ٿي هئي. اهڙي موهيندڙ سمي ۾ ڀلا ٻُوسٽ ۾ ڪير ويهي مکيون هڪلي! هڪ ته گهرڙا ڪچا ۽ پکڙا پراڻا، سي به وهي هليا هجن؛ ٻيو ته واهڻ ۾ نه باغ نه سينيما، نه وندر گاهه نه لئبرري – وڃجي سو وڃجي ڪاڏي؟ البت، بس – اسٽان تي ماڻهن جي اچ – وڃ ڪري ڪا گهڙي جهٽ رونق ٿيندي آهي، نه ته ٿيو خير. ادي احمد چيو ته ’ڏاڍو چڱو ٿيندو جي هن هُٻس مان نڪري ڪا وائک وٺون ۽ ٽنگون ساهيون: ٻيو نه، ته به بس-اسٽان تائين ضرور رڙهي هلون.‘ صلاح ٺيڪ هئي، اٿي کڙا ٿياسين. ڦهنگن کان بچندا، ڇر جهاڳيندا، اچي اسٽان ڀيڙا ٿياسين.

بس جي اچڻ ۾ اڃا ڪا دير هجي، پر پئسينجر اڳ ۾ ئي اچي ڳاهٽ ٿيا هئا. ڀٽ شاهه جو هجي جمعو، ۽ پانڌيئڙن جون هجن بحيرون. ڪي هوٽل تي ويٺا هئا ته ڪن پئي پسار ڪيو. رکي رکي گهورڙئي پئي هوڪا ڏنا، ته مٿان کنوڻ به پئي پاڻ پسايو. پريان پوليس واري به سيٽيون هڻي پئي پنهنجي زنده هجڻ جو احساس ڏياريو. رستي تي بنهه ڀرسان، ڪي زالون ٻُڪِر هنيون ويٺيون هيون، جن ۾ ڪي ٻڍيون هيون ته ڪي اڌڙوٽ. نينگرين پئي ٽول کاڌا، ۽ انهن جا مڙس ماڻهو پَن جي ٻيڙين سان پاڻ وندرائي به رهيا هئا ته زماني جا سور به پئي پٽيائون.

مهل نماشام جي هجي، ۽ جهنگ مان مال ڀٽارو به موٽيو هجي. ڳوٺ ڏانهن پيچرو بنهه زالن جي ڀرسان ٿي مٽيو. مينهون ڀٽاريون هجن ڍاول، ۽ مٿان هيءَ جُهڙ ڦُڙ، سو ڏاڍي هيج سان ٽپا ڏينديون ٿي آيون. ميهار کين ڳٽڪاريندو، لٺ سان ورائيندو پئي آيو. ڀلا جانور، انهن کي ڪهڙي قاعدي ۽ قانون جي خبر؟ جيئن ئي مينهن اچي زالن جي ڀر ورتي، ۽ چارو مَٽي وڏي رستي تي وکون ورايون، تيئن، ور مان، چيچاٽ ڪري، اوچتو ئي اوچتو، هڪ ڪار اچي وچ تي بيٺي.

”يا الاهي خير!“ سڀني کان رڙ نڪري ويئي.

مڄاڻ جو ڪار وڃي مينهن سان ٽڪري، ۽ مينهن ڍِڪَ ڪري وڃي ڦهڪو ڪيو.

”انڌيءَ جو پٽ ڀيڻسان .....!“ بي اختيار ڪنهن چئي ڏنو.

موٽر جو در کليو. هجي ڪو سٻر سڌر وڏيرو، يا هجي پير، يا مير-ان جي خبر خدا کي – لهي ٿيو هيٺ. عمر جو ڪرڙوڍ، وڏا شهپر، پيٽ تي پستول، ۽ سگريٽ وات ۾- انجڻ وانگر دونهان ڪڍندو، ٻانهون کنجيندو، سيٽبو، اچي ميهار تي ٽٽو:

”اڙي انڌيءَ جا پٽ! ڇا ٿي چيئي؟“ ٺا، ٺا، ٺا .....!

ڪير ڪڇي؟ پوليس وارو به اهڙو ڪڇي، جهڙي ڀت؛ بت بنيو، پري بيٺو رهيو. سندس سيٽي چيلهه کان پئي لڙڪي، جنهن مان مِينهن جا ڦڙا اڃا پئي ڳڙيا. ماڻهو سڀ ماٺ! رکي رکي زالن ۾ سس ڦس ٿي-

ڪنهن ڪراڙيءَ چيو: ”ائي، ماريو ڪو نڌڻڪو آهي، ٻيو ٿو ڪٽجي!“

ٻيءَ چيو: ”ويچارو غريب آهي، ڇا ڪري؟“

ٽينءَ چيو: ”هو ته ماريو ڏسو- مينهن به هن جي ڪِري، وري ماري به ان کي پيو!“

”ادي، غريب جو نڪو اوهي نڪو واهي، نڪو داد نڪو فرياد!“ پهرينءَ چيو.

”اڙي سائين، مون کي ڪهڙي خبر ته اوهان جي ڪار ڪا اهڙي تڪڙي اچي رهي آهي: جانور هو، گگدام، چارو به هوس اهو، سو مٿي چڙهي آئي .....“

”بند ڪر بڪواس!“ ڦوٽاريل اکيون، پهريائين ميهار ٿي، پوءِ اسان سڀني تي، پوءِ مينهن تي، پوءِ زالن تي، ۽ آخر ۾ پوليس واري تي گهمائيندو، وڃي ڪار ۾ ڪريو. پون – پون ڪري، ڪار چُري. اڃا گس مس ڇڏيائين ته پوليس وارو، ٺانگرجي، ٺڪ ٺا- ٺڪ ٺا ڪندي اچي سهڙيو. نڪا ڪيائين هم، نڪا تم- چنبو هڻي لاٿائينس پٽڪو.

”انڌا ڀيڻهان، اهڙن ماڻهن جي سامهون ٿبو آهي!“

”سائين، مون ....“

”بند ڪر زبان! .... انڌا، ڪا خبراٿئي ته هو ڪير؟“

زالن ۾ چرپر ٿي –

”ائي، ماريو پوليس وارو به پيو لتاڙيس! مئو اڳ ۾ هو ڪٿي؟“

ميهار، دُٻي مان پٽڪو ڪڍي، نپوڙي، ٿورو ڇنڊڪو ڏيئي، چپ چاپ، ڪنڌ هيٺ ڪري، مينهن جي پٺيان پٺيان هلڻ لڳو.

آءٌ سوچڻ لڳس: ”ڀلا انڌيءَ جو پُٽ ڪير؟“

- غ. م. گ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com