سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1  1958ع

 

صفحو :2

ڪافيون

”تنوير“ عباسي

ڀري پيءُ اڄ هڪ ٻه جام:

هليو وقت ويندو، وري ڪين ايندو!

ڦري جام وانگر، هيءَ گردش جهان جي،

پيئڻ جو ڏئي ٿي پيام:

پيئڻ سان ئي پيارا زمانو مڃيندو.

خبر ناهي ڪنهن کي، اڄوڪيءَ سحر جي

ٿئي يا نه ٿئي ڪابه شام:

پيئڻ بعد هي وقت ايندو نه ويندو

سمان سال جي ڏک جو هڪ ڏينهن آهي،

ته پوءِ عمر ڪيئن ٿئي تمام:

اهو راز هيءُ جام تو کي ڏَسيندو

حياتيءَ کي ماڻڻ گهرين ٿو جي مٺڙا،

ته وٺ وقت کان انتقام:

جوهي وقت ڪنهن کي سڪون ڪين ڏيندو.

ڀري پيءُ اڄ هڪ ٻه جام:

هليو وقت ، وري ڪين ايندو...

”رشيد“ لاشاري

رهي جهنگ بنا دل تنگ، ڙي اديون!

ڏسان رانجهن يار جا رنگ، ڙي اديون!

نه ڪا مون کي جهلي، نه ڪا مون کي پلي،

موٽي ماڳ وڃان، نه ڪا مون سان هلي،

اِها سوز ڀري، ڪنهن سان سور سَلي:

واري وِرهه وڌا ڪي ونگ، ڙي اديون!

ماري محب ويو، من کي مونجهه مُٺو،

سر تي سوز فراق جو، مِينهن وٺو،

رانجهن راز کسيو، مُون کان بخت رُٺو:

لڳا نينهن جي نانگ جا ڏنگ، ڙي اديون!

رانجهو يار پَري، سُڏڪا ساهه ڀري،

ڳڻتين ماس ڳري، تَن ۾ آگ ٻري،

ويهان رنگپور ۾ ڇو سينگار ڪري:

ٻن ريشم سيج پلنگ، ڙي اديون!

لکيو نيٺ پَڙي، تنهن کي ڪونه تَڙي،

جنهن کي قرب ڪَڙي، تنهن سان لوڪ لَڙي،

منهنجو جوڳيئڙي وڌو جيءُ جَڙي:

من موهيو مست ملنگ، ڙي اديون!

تَن سهڻي بنجي، تار تري،

ڪُن قهر ڪري، ڀل ڏيل ڏري،

ڀل وِير وري، مسڪين مَري:

ڀل ڪانڌي بنجن ڪنگ، ڙي اديون!

ٿئي شوق ۾ پاڻ شهيد سگهو،

ڪري پيدا جوش جديد سگهو،

مچ ٻاري پاڻ ”رشيد“ سگهو:

ڀل پاڻ پچن ڪي پتنگ، ڙي اديون!

حافظ محمد ”احسن“

سرس ڪري سر، دوست پسايو ناز نظارو!

عشق اول آسان ٿي ڄاتم،

پيچ پرينءَ سان پختو پاتم،

نينهن نسنگ نروار-

پوءِ پروڙيم پرت پسارو.

راز ۽ رمزون تنهنجون نراليون،

چست عجائب تنهنجون چاليون،

عشق سندا اسرار-

سالڪ سمجهن سڀڪو اشارو.

تنهنجي ڏسڻ مان نه اکڙيون ڍاپن،

ور ور ڏئي ٿيون واٽون واجهائن،

ڪانه اٿن ٻي ڪار،

نينهن لڳو جن تنهنجو نيارو.

ديدون دوناليون تنهنجون دلبر،

سيني ۾ ٿيون سٽڪن هر هر،

جيري جگر مان پار-

ڪين سي ڪن ٿيون ڪنهن کان ڪنارو.

عشق الستون تنهنجو آهي،

نيٺ سو نيندس نينهن نباهي،

تن من ۾ تنهنجي تار-

توکان ڳجهو ناهي حال هي سارو.

قهر جداڻي جانب تنهنجي،

ڪين سري ٿي ساعت منهنجي،

هوت اچج هڪوار-

آهه سڄڻ سڀ تنهنجو سَهارو.

پورهيت جي توکي پارت آهي،

تو ريءَ واهه وسيلو ناهي،

سونهن ڀريا سردار!

تنهنجو آهي پاس پنارو.

”احسن“ تي ڪر قرب ڪرم اڄ،

پاءِ اڱڻ ۾ يار قدم اڄ،

درس ڪيان ديدار،

بخت منهنجي جو چمڪي ستارو.

”خادم“ سروري

پلءِ پناري جن جي آءٌ پيڻي،

نين نماڻي نال سي نيندا.

روئي جن لءِ نهاريان راهون،

اچن عجيبا من ڪي اورانهون،

وس کان ويچاري جا آهي ويئي،

ڇوري ڇني سا ڪين ڇڏيندا.

روز الست کان اکڙيون اڙيون،

گهاريم جن سان گڏجي گهڙيون،

ساريان سڄڻ ٿي پنهنجا سيئي،

معاف مديون ڪري اڱڻ تي ايندا.

جانب لءِ جن جان جلائي،

تن سان سڄڻ ٿيو سورن ڀائي،

ڏسڙو اهو مون کي ويا آهن ڏيئي،

ساڻي ٿڪيءَ سان ٿرن ۾ ٿيندا.

آسون اميدون ڪڏهن نه لاهيان،

اڳ پوءِ انهن جي اديون مان آهيان،

قرب سندن آهن مون تي ڪيئي،

مُنهڙو مون کان سي ڪيئن مٽيندا.

”خادم“ جن لءِ دل ٿي تاڻي،

ايندا اڱڻ تي اڄ ڪِ سڀاڻي،

سور سلينديس آءءٌ سڀيئي،

پوريل در اچي پاڻ پَٽيندا.

گيت

گوورڌن محبوباڻي ”ڀارتي“

مڌر گيت

مَنَ! ڪو مڌر گيت گُنجاءِ!

جيوَن ۾ آ سوز سمايل،

هاءِ،جڳت جو تن من گهايل!

نير، نراشا نت نيڻن ۾،

دل ۾ دردي دود دکايل:

تون ئِي مڌر ساز آشا جو، ور ور ڪري وڄاءِ!

رات رڙي، آڪاس پڪاري،

تارن جا ٿو هنجون هاري؛

هِير ٿڌيري، هلندي هلندي،

اَندر مان ٿي آهَه اُٿاري:

مٺڙا گيت خوشيءَ جا ڳائي، تون تن کي مرڪاءِ!

آهه بُکي ٻالڪ جي ٻولِي،

هاءِ، دُکي ماتا جِي لولِي!

در در تي نت ٻاڏائي ٿي،

نير ڀري نرڌن جي جهولي:

تن تي مٺڙا مينهن مهر جا، بادل ٿي برساءِ!

تون لڙڪن مان موتي جوڙي،

ڇڏ دک درد خوشيءَ ۾ ٻوڙي:

خوف، نراشا جي خيالن کان،

او آشاوادي! منهن موڙي،

جوش نئين سان، هوش نئين سان، دک مان سک اُپجاءِ!

من! ڪو مڌر گيت گُنجاءِ!

هري درياني ”دلگير“

سوداگر سنسار

سوداگر سنسار اسان جو، سوداگر سنسار!

پيسي سان مکڙين جو مرڪڻ،

ڦولن جي سرهاڻ،

پيسي سان ساگر جا موتي،

آڪاسي چانڊاڻ،

پيسي سان ئي روپ جواني،

پيسي سان ئي پيار!

 

- سوداگر سنسار....

ذهن وڪامي، فڪر وڪامي،

عام وڪامن گيت،

علم عقل ۽ ڏات مٿان آ

ذات سندي اڄ جيت،

ڪوڏين بدلي موتي وڪڻي،

وڻجارو وينجهار!

 

-سوداگر سنسار....

ڌرم به وڪڻن، دين به وڪڻن،

وڪڻن ٿا ايمان،

ٻِن پيسن تي بندو وڪڻي،

خود خالق ڀڳوان،

واءِ، خدا خاموش پسي ٿو،

ويهي هي وهنوار!

 

- سوداگر سنسار...

ماڻهوءَ کي ٿو ماڻهو وڪڻي،

هاءِ، ڙي ماڻهو، هاءِ!

وَيل وَهنٿا تنهنجي آڏو،

ڄائين تون ڇا لاءِ؟

انساني عظمت ڪئن سهندِي،

هيءُ وحشي واپار؟

 

- سوداگر سنسار....

”تنوير“ عباسي

آئي رات سهائي

منهنجي من تي اُڻٽيهينءَ جي اوندهه آهي ڇانئي

آئي رات سهائي!

اکڙيون الجهيون اوجاڳن سان، مٺڙا، تنهنجي وئي پڄاڻان،

چنڊ به ساڳيو، رات به ساڳي، پر ڇا ٿي ويو آهي نه ڄاڻان:

سا چانڊوڪي چهنڊيون پائي، جنهن ٿي ڪئي ڪتڪائي...

تو کان سواءِ جئن توکي ڪونه سڃاڻي،- اڄ ائين پاڻ لڪائِي،

منهنجا چنڊ! هليو آ ڪڪرن واري ڪاري چادر پائي:

ڊڄندي ڊڄندي مون دنيا کان رات اها چورائِي...

نيڻ ستا جي خواب ٿي جاڳيا، خواب ستا جاڳي پيا نيڻ،

ساري رات سنڀاريم، توکي، پر تنهنجو من ڪين ٿيو ميڻ:

ڪرڻا ڪر موڙي جاڳيا، مون کي اوٻاسي آئي...

آئي رات سهائي!

شيخ ”اياز“

ياد اوهان جي آئي

ساوڻ آيو، وڻ وڻ تي آ ساوڪ ۽ سرهائي:

من جي مکڙي جو مرجهائي، وري نه ٿِي سا سائي!

هيءَ چانڊوڪي، گهِم، هوا، ٿي تِير ڀري تنهائي؛

ڦٽ اکلي پيا اڄ ته اندر جا، ياد اوهان جي آئي.

ڪنهن ڪنهن پاتو آهي ان ۾ تنهنجي من جوموتي:

سمنڊ کان گَهِري آهي تنهنجين اکڙين جي گهرائي.

ماضي منهنجا! ماضي منهنجا! ڪير پيو رک کوٽي:

ويو وسامي ڀنڀٽ، ليڪن چڻنگ دُکي ٿي ڪائي.

کنڀڙاٽيون کوهيندا هڪ ٻئي کي به ڏسن ٿا، پو ڀي،

مَچ مٿان ڇو آهه پتنگن ايڏي ڀيڙ لڳائي؟

ڪن جون اکڙيون، سکڻيون سکڻيون، گِهرُن سدائين بيکَ،

تنهنجون اکڙيون، مَي جا پيالا، سخا ڪَرِن سرهائي.

رات اسان جي آهِه اندر ۾ ڪوئي راڳ ازل کان آيو،

آڳ اُلا ٿيو سارو تن من، ڳالهه اوهان جي ڳائي.

(2)

ملاح

منزل آهي دور، ملاح!

رات وڃي ٿي پوندي:

رات وڃي ٿي پوندي، او،

ڪونج وڃي ٿي لوندي.

 

 

ٻڏي ويو جي دور ستارو-

پنهنجي اوندهه جو اوجارو-

ٿيندو سڃ ۾ ڪير سهارو؟

آهي لڱ لڱ چُور، ملاح!

 

- رات وڃي ٿي پوندي:

رات وڃي ٿي پوندي، او،

ڪونج وڃي ٿي لوندي.

هُن کي ڪونج نياپو ڏيندي،

هوءَ ڪناري تي به ته ايندي؛

هن بن عمر الا ڪئن ٿيندي!

هي ٻيڙيءَ جو آ پُور، ملاح!

 

-رات وڃي ٿي پوندي:

رات وڃي ٿي پوندي، او،

ڪونج وڃي ٿي لوندي.

ڄاڻ پرينءَ جي يار پڳاسي،

آهه ويو جووڻ وڻ واسي؛

ڏس پهتاسي، ڏس پهتاسي،

ڏس هو سامهون گهُور، ملاح!

 

- رات وڃي ٿي پوندي:

رات وڇي ٿي پوندي، او،

ڪونج وڃي ٿي لوندي.

قيوم ”طراز“

ديپ جلايان، ديپ وسايان

تنهنجي ياد ۾، او دلبر!

ديپ جلايان، ديپ وسايان!

ڳوڙها ڳاڙي آڳ اُجهايان!

راتيون ڪاريون، ڳوڙها تارا،

اونداهِن جا پاڇا ڪارا،

اُڀرن اُسرن، دل ڏهڪائن،

- اوري ايندا ڀوت سي ڀانيان...

ٿڌڙي ٿڌڙي هِير ڏکڻ جي،

ڪانپي ڪانپي رات قهر جي،

تنها من ۾ تير لڳن ٿا،

- ڳڻتين جا هي گيت ٿي ڳايان...

چپ چپاتي آهه اڻانگي،

ڪٽبي ڪڏهين رات اسان جي!

تو بن، سهڻا، آهي ويراني،

- گهور اونداهي ڪيئن هٽايان...

ههڙو موقعو، سنسناهٽ،

تنهنجو تصور پائي آهٽ،

خوابن ۾ جو آئين، سهڻاا!

- من تنهنجو اچ مان ريجهايان...

تون نه ايندين جي منهنجا جاني،

رات ائين ڪينءَ ويندي وهامي؟

هڏڪين ۾ آ تارن جو دم،

- نيڻن جي چؤ جوت وسايان...

لوڪ گيت

عبدالجبار ”شام“

ساران جَکريءَ جا وَرلاپ

(لولي يا مورو)

[اسان جي سنڌ ديس ۾ شاعرن، سُگهڙن ۽ نڪته دانن جي کوٽ ڪونهي. هر دور ۾ سنڌ منجهه باڪمال شاعر ۽ سُگهڙ پئي پيدا ٿيا آهن. ڪي ڪي اهڙا سُگهڙ پئي پيدا ٿيا آهن، جن جي ڪلام پاڙو، پٽ، ديس ۽ پرديس واسي ڇڏيو آهي.

هتي مون کي مائيءَ ساران جو ذڪر ڪرڻو آهي. جنهن پنهنجي وَرَ جي وڇوڙي ۾ ورلاپ ڪيا آهن، جيڪي لولين جي صورت ۾ موجود آهن. مائي ساران ذات جي جکري آهي. هوءَ تعلقي ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي جي هڪ ڳوٺ ’ابڙال‘ ۾ رهندي آهي. ساران جو مڙس ”اَلڪو“ ذات جو شودو هو، ۽ هيءَ جکري آهي. هنن جي شادي باهمي محبت جو نتيجو آهي. اَلڪو نهايت پهلوان مڙس هو. گهڻو ڪري سندس ڪرت چوري ڪرڻ هئي. الڪي کي پنهنجي زال ساران سان بيحد گهڻو پيار هو. هُو چوري چڪاريءَ ۾ زال کي ساڻ کڻندو هو.

اَلڪي کي صديق نالي هڪ ساٿي به هو. هڪ دفعي جيئن اَلڪو، پنهنجي ساٿيءَ صديق ۽ زال سان، درياءَ جي ڪپ تي ٿِمَ ۾ چورايل مينهون ٿميو ويٺو هو، تيئن کيس پوليس ۽ ڀاڳين گهيرو ڪري ورتو. ٻيون واهون ته بند ٿي ويون، باقي درياءُ شاهه جو جَرُ هو، جنهن ڏانهن اَلڪي زور رکيو. ٽيئي مينِهِن جي پُڇن ۾ ٽنڊڙي پيا، ۽ مينهون تري اُٿي هليون. ماڻهو چون ٿا ته اَلڪو هميشہ ڦوڪيل سيڻاءُ ساڻ کڻندو هو. هِن ڀيري به ڦوڪيل سيڻاءُ ساڻ هيس. ڪجهه پاڻي جهاڳڻ کان پوءِ، مينهن مان هٿ ڪڍيائين ۽ سيڻاءُ تي زور کڻي رکيائين. هو مهراڻ جي موجن جي آسري اولهه ڪپ ڏانهن وڌندا رهيا.جڏهن وچ – سير ۾ اچي پهتا، تڏهن اُتي اَلڪي کي ويريءَ واڳونءَ اچي ورايو. ٽنگ ۾ لوهه کڻي وات وڌائينس. مڙس وٺجي ويو، ته به رڙ ۽ دانهن ڪوڪ نه ڪيائين – ها، مڙس ڪجهه ڍرو ٿي ويو. اتي ساران واڪو ڪري پڇيس ته دوليءَ جا وَرَ، رهجي ڇو وئين؟ تڏهن جواب ڏنائين ته ’هليا هلو، آءٌ به پيو اچان؛ هلي ڪپر تي ڪک وڇايو‘. وري صديق ڏٺو ته يار پٺتي رهندو پيو وڃي، سو واڪو ڪري پڇيائينس ته ’ٻيلي،ڪر خبر، سيڻاءُ لانجهي ٿي ويئي ڇا؟‘ اتي مڙس پوري پير تي آيو ۽ چيائين: ”سيڻاءُ واءُ ڇڏيو، ۽ سنڌن ساهه ڇڏيو؛ ويريءَ اچي وات وڌو، ۽ ٽنگ ڳيهي ويو آهي؛ هاڻي ساران جي پارت اٿئي، اسان جي الله توهار...“ ايترو چوڻکان پوءِ، ويري واڳون کيس ڳهي ويو.

ساران، ماتم کڻي مچايو. ڪنڌيءَ اچي، پِٽڻ پار ڪڍڻ ۽ اوسارڻ لڳي. جانب جي جدائيءَ هڻي کيس جهوري وڌو. وٺي جو روڄ ۽ راڙو ڪيائين، ته ساٿيءَ صديق جون متيون منجهي ويون. مائي گهيڙ تان گِسڪي ئي نه! اهو ’گُليل جو تڙ‘ هو، جو اڄ تائين ساڳئي نالي سان مشهور آهي.

ساران، پنهنجو پاڻ وساري، ٻه ڏينهن تڙ تي گذاريا؛ پوءِ صديق کيس ريهي ريڀي گهر آندو.هن ويچاريءَ کي ور جي وڇوڙي وڍي وڌو هو. اَلڪو جي مجنون هو، ته هيءَ به مجنونءَ جي ليليٰ هئي. هوءَ ور جي وڇوڙي ۾ ورلاپ ڪرڻ لڳي. ڪارا مردانا ڪپڙا کڻي ڪيائين، ۽ ڪهاڙي ڪلهي تي، محب جي ميلاپ جا مورا چوڻ لڳي، جن ۾ گهڻو ڪري ور کي لولي ٿي ڏئي.

سال 1902ع هو، جڏهن اَلڪي کي واڳون ڳهي ويو. ان وقت مائي ڦوهه جوانيءَ ۾ هئي. هينئر سندس عمر 56 سال آهي. هن جي صورت جي مسجد ڊهي ويئي آهي، ته به محراب ٻڌائين ٿا ته جوانيءَ ۾ هوءَ نهايت سهڻي عورت هئي. اَلڪي جي موت کان پوءِ هوءَ گهر ڪري نه ويٺي: جهر جهنگ، ڳوٺ راڄ رلندي رهي؛ سڄي آسپاس ۾ اَلڪي کي ڳائيندي رهي.هوءَ جيڪي به لوليون چوندي رهي، تن جا سر مشهور آهن: هڪڙو جوڳ ۽ ٻيو هلڪي گيت وارو عام سر. ٻئي نمبر کي ٻه – چار روپ آهن.

مائي ساران گهر ۾ ڪو ٿورو وقت ويهندي آهي، نه ته رڳو رولاڪو! ڳائيندي، ته ائين پيو سمجهبو ته ڪو سنجيدو مرد پيو ڳالهائي. توڙي جو آواز ۾ زناني لچڪ اٿس، پر ڳالهاءَ ۾ وقار اٿس. منهنجو مامون، حاجي جوڻيجو، مائي ساران جکريءَ جي لولين مان چڱيءَ پر ڄاڻو آهي. کيس اهي لوليون گهڻي تعداد ۾ ياد آهن، ۽ ساڳين اُنهن سرن ۾ ڳائيندو آهي، جن ۾ ساران خود ڳائيندي آهي. ساران جو ڪلام ويجهڙائيءَ وارن هارين نارين، ڌنارن پنهوارن کي چڱيءَ طرح ياد آهي.

گليل جو تڙ، جنهن تڙ تان الڪو واڳونءَ جي وات ۾ ويو، ان جو ذڪر ڪندي، ساران جوڳ ۾ هڪ چيز ڳائي آهي، جنهن جو نمونو سندس ٻئي ڪلام کان مختلف آهي. الڪي کي ويري وات وجهي ڳهي ٿو، تنهن حادثي کي ساران اثرائتن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. هيءَ چيز جوڳ ۾ ڳائي ويندي آهي. ۽ نهايت درد ڀري آهي.

اَلڪا مور مان، - ٻيلي .........

لکي مور مان جا، - ٻيلي .......

گُليل جي تڙ تان، ٻيلي، گُليل جي تڙ تان،

لاکيڻان به لُڙهيا- ٻيلي ......

ويري ٿو به وڙهي – ٻيلي .....

چور ته هاڻ ڪونهي،

ويريءَ وات وڌو، ٻيلي، ويريءَ وات وڌو.

سيڻاهه واءُ ڇڏيو، ٻيلي، ڇاتيءَ ساهه ڇڏيو!

اَلڪا مور مان جا، لکي مور مان جا!

ڌاڙي جو ته مال، ٻيلي، بلائتو به ڪجان:

يارهن ته مينهون، ٻيلي، ٻارهين پاڻ ساران:

بلاتيون ته ڪجان، ٻيلي، بلاتيون ته ڪجان!

ڪونهي ڏوهه منهنجو، ٻيلي، لکيو وٺي لوڙيان،

سڄڻ کي ته چئجان، ٻيلي، سلام به چئجان!

بولاخان ٿاڻو، ٻيلي، موڪل ڪوبه ماڻهو.

توري پيسا ڏجان، ٻيلي، اَلڪو هاڻ بچي!

 

ساري سلام چئجان، ٻيلي، ڪنهن جوڏوهه ڪونهي:

ڪنهن جوڏوهه ڪونهي، ٻيلي، لکيو ويٺي لوڙيان.

الڪا مور مان جا،    لکي مور مان جا،

لکيو ويٺي لوڙيان!

مٿئين ورلاپ ۾ نهايت ڏک سان ور جي وڇوڙي جون ڳالهيون ڳڻيون اَٿس. هن کي ور جي ڪرت جو ڪوبه افسوس ڪونهي: هن کي ور جي ’چوري ڪرڻ‘ ۾ برائي نظر نٿي اچي، ڇو ته يار جي ياريءَ کي ڏسبو ۽ نه سندس فعلن کي. اَلڪي جي موت جو ذڪر ڪرڻ سان گڏ مٿئين ورلاپ ۾ ڪي خاص واقعا به اچي وڃن ٿا، جن جو تعلق ان وقت سان آهي، جڏهن الڪو قيد ٿئي ٿو. اتي هوءَ ساٿين کي چوي ٿي:

”توري پيسا ڏجان، ٻيلي، اَلڪوهاڻ بچي!“

مٿين چيز نهايت موثر آهي. ڪو سنگدل ئي لڙڪ سنڀالي سگهندو؛ باقي جنهن محبت کي سڃاتو، سو به ٻول ٻڌي هنجون هاريو وجهي.

ساران جون جيڪي لوليون آهن، تن جون مختلف وراڻيون ۽ چوڻيون آهن- جهڙوڪ:

-         پرديسي پکيءَ کي لولي چوان ....

-         پرديسي مٺوءَ کي لولي چوان ....

-         پرديسي جانيءَ کي لولي چوان....

-          پرديسي ماڻهوءَ کي لولي چوان ....

-         پرديسي وهنيل کي لولي چوان .....

-         ويچاري وهنيل کي لولي چوان .....

-         ڳاڙهين جي ڳنوار لاءِ گهوري گهمان .....

-         ڪارين جي ڪوڏيي لاءِ جيءُ جڏو ....

-         ڇورا وريل کي لولي چوان ...

-         بچيم جمالي، پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي ...

-         بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي ...

-         بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي....

پويون ٽي چوڻيون اڄڪلهه صالو نالي ڇوڪر سٺي نموني ڳائيندو آهي، نه ته اها چوڻي ٻيو ڪير نه آڻيندو آهي. ساران کان سواءِ ٻيا ”لولي چوان“ وارين چوڻين تي گذارو ڪري ويندا آهن. ٻوليءَ جي لحاظ کان ڏسجي ٿو ته هنن لولين ۾ شاعر. بلڪل سليس ۽ سلوڻي ٻولي ڪم آندي آهي. ڪن هنڌن ’مان‘ لفظ آندو اٿس - يعني ’آءٌ‘ اهو لفظ يا ته اتر، عام جام ڳالهايو ويندو آهي، يا لاشاري ۽ پالاري ڳالهائيندا آهن. ساران، لاشارين ۽ پالارين واري نوع ۾ ’مان‘ ۽ ’مان جو‘ ڪم آندو، سو ان ڪري جو مٿين ذاتين جو پاڙو شاعر. جي پاڙي سان گڏ آهي؛ تنهنڪري هنن جي ٻوليءَ ۽ لهجي جو اثر ورتو اٿس، ۽ انهيءَ نوع ۾ اندر جا اڌما اوريا اٿس.

هنن لولين ۾ ڪي لفظ اهڙا آهن، جي دائمي شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن کي (شايد) سمجهه ۾ نه اچن. اهي چند لفظ معنيٰ سميت درج ڪجن ٿا. پهريائين معنائون ڏسي پوءِ لوليون پڙهبيون ته وڌيڪ لطف ايندو.

اُڪنڊ: سِڪ؛ اونٽي (اوٽي): بخيو، سيبو؛ اَيَڙي: ٻڪري؛ بُجَ: گهاٽا وار؛ ٻُئي: ڦُلي، سنگ جو مٿيون حصو؛ ٿيلهو: تيل جهڙي رنگ وارو ڍڳو؛ ٽَلِي: مَٽِري، چڙيءَ جي لار؛ ڳارو: جنڊ جي وچ وارو گول سوراخ، جنهن ۾ مڪڙي وجهبي آهي؛ کاري: ڪَڙِي، ڪَوڙي؛ کُڙيو: جُتيءَ جي کُڙي؛ کَڙي: حُقي جي ٽوپيءَ جي تر ۾ ننڍو کَڙو وجهي مٿان ٽانڊو وجهبو آهي، ان کي چئجي کَڙِي، چغل؛ ڏاگهڙي: اُٺِڻ؛ جهُل: اُٺ جي سينگار لاءِ چِٽيل چادر؛ جُلِي: اصل نالو ’زليخا‘، بگڙي ’جليکان‘ ٿيو ۽ نيٺ ’جلي‘ بيٺو؛ ڇاري: سانگ ڪندڙ؛ رڙيون: مهنڊ يا ڳاني؛ سمهون: سامهون؛ سُوري: ڦاسي؛ سيلي: ٻڪريءَ جي ڇيلي؛ ڪانهين: دريا جي ڪيٽيءَ جو ننڍو ڪانهن؛ ڪيٽ: درياءُ جي ڪيٽي؛ مهندان: اڳيان؛ ناڪي: اُٺ جي مهار جي ڇيڙي ۾ نڪ وٽ ڳنڍيل (لغام)؛ وهنيل: سدا شاهوڪار، ويچارو، ڪوڏ جو نالو جيڪو بيچارگي ظاهر ڪري؛ ڪلو، رانٽا، حب، نيهي: اسم خاص آهن.

هنن لولين ۾ هيءَ چوڻي – ”بچيم جمالي ڪورٺ هاڻ هلي“، شاعره جي زندگيءَ ۾ اهم آهي. اهو هوءَ ڪورٽ کي پاراتو ٿي ڏئي، ڇو جوالڪو ڪورٽ ۾ نيو ويو هو. جيئن اڪثر اڻپڙهيل ماڻهو ڪورٽ (Court) کي ’ڪورٺ‘ سڏيندا آهن، تيئن ساران به ’ڪورٺ‘ آندي آهي.

لولين ۾ هن پنهنجي ور جي لاءِ نهايت سهڻي ۽ تمثيلي نوع ۾ عشق جون دونهيون دکايون آهن. سندس خيالن تي بي اختيار واه واه چوڻ تي دل ٿي چوي. ڪيئن نه هوءَ قائميءَ جي پيرُن جو ذڪر ڪريو محب اڳيان نچي ٿي! الڪي جي عمر سان پنهنجي عمر جي ڀيٽ ٿي ڪري- ڪهڙو نه سادو خيال آهي! هاڻي سندس ڪلام پيش ڪجي ٿو.]

اُٺ ۽ اُٺڻ

اُٺ تُنهنجي کيس،

ڪيَئُون تو تي ڪيس،

- پرديسي مٺوُءَ کي لولي چوان.

اُٺ تنهنجي ڳاني،

کايو وڃج ماني،

آءٌ ته تنهنجي ٻانهي،

- پريسي ماڻهوءَ کي لولي چوان.

اُٺ تنهنجي بُجَ،

ڪانه به هلي هُجَ،

- پرديسي ساٿيءَ کي لولي چوان.

اُٺ تنهنجي گاديون،

ماڻهن ڪيون شاديون،

- پرديسي مُٺوءَ کي لولي چوان.

اُٺ تنهنجي پير،

متان رکين وير،

- پرديسي جانيءَ کي لولي چوان.

اُٺ تنهنجي مُڇي،

وڃج مان کانُ پُڇي،

- پرديسي جانيءَ کي لولي چوان.

اُٺ تنهنجو بگو،

سِبان تنهنجو وڳو،

- بچيم جمالي، پرديسي،ڪورٺ هاڻ هلي.

اُٺ تنهنجو ڳاڙهو،

هڻيو وڃين ڌاڙو،

- پرديسي ماڻهوءَ کي لولي چوان.

اُٺ تنهنجي گوربند،

سڄڻ پوندء پنڌ،

- پرديسي ماڻهوءَ لاءِ گهوري وتان.

اُٺ ته چري لاڻو،

ڪونه به آيو ماڻهو،

- بچيم جمالي، پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.

اُٺ ته چري ڪيٽ ۾،

سُور سانڍيم پيٽ ۾،

- پرديسي جانيءَ کي لولي چوان.

اُٺ ته تنهنجي جهُلَ،

ٿڦِي ته نالي ڀُل،

- ولائتي جانيءَ کي لولي چوان.

اُٺ ته تنهنجي ناڪي،

ساهه به رهيو باقي،

- پرديسي پرينءَ کي لولي چوان.

ڏاگهڙيءَ جو رڙيون،

ڪُونج ويٺي پڙهيو،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

ڏاگهڙيءَ جو ڏاڻ،

جانب ايندم پاڻ،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

کايو وڃج ماني،

- بچيم جمالي،ڪورٺ هاڻ هلي.

ملڪ

مُلڪ تنهنجو ٻيلو،

ٿيندو محبتي ميلو،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

ملڪ تنهنجو ويڙ،

موڪل ڪوبه ميڙ،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

ملڪ تنهنجو رانٽا،

وڍي ڪيم واٽان،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻي هلي.

ملڪ تنهنجو ڪَلو،

تَريان ويٺي پلو،

آهيم جيءَ ۾ جلو،

- بچيم پرديسي ڪورٺ هاڻ هلي.

ملڪ تنهنجو حَب،

ساريان ويٺي سڀ،

- بچيم پرديسي ڪورٺ هاڻ هلي.

ملڪ تنهنجو نيهي،

وڃي رهين ويهي،

- بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.

ملڪ تنهنجو انڌو،

رکي صحبتي سنڌو،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

ملڪ تنهنجو هيءُ،

پاڻيءَ لپ پيءُ،

پل پهر بيهه،

- بچيم جمالي، بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻي هلي.

ملڪ تنهنجو سَري،

ڳڻتين ڪيس ڳَري،

چاڪن ڪيس چَري،

- بيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

ملڪ تنهنجو هِلو،

حَب تائين هَلو،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

ٻاجهري

[ٻاجهر، ٻنيءَ ۽ ٻيڙيءَ جو ذڪر، هيٺين لولين ۾ ڪيو اٿس، هنن سادن لفظن ۾ به هڪ قسم جي سونهن آهي، ملاحظو ٿئي.]

ٻاجهريءَ سندو سنگ،

متان رکين رنگ،

- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.

ٻاجهر ڀانيان ڪانو،

ماڻهن هنيو طعنو،

- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.

ٻاجهر تُنهنجيءَ ٻُئي،

سنهڙيءَ وڃائي سُئي،

- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.

 ٻاجهر تنهنجيءَ پَنِ،

تون ته مان جو سَنِ،

- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.

ٻيڙي ۽ ٻني

ٻيڙيءَ جي تا ڪِي،

ساهه به رهيو باقي،

- ڪارين جي ڪوڏيي لاءِ سِر ڪو قربان.

ٻيڙيءَ تُنهنجيءَ ڀانڊي،

ڪين به آهيان واندي،

- پرديسي ساٿيءَ کي جيءُ قربان.

ٻنيءَ تنهنجي موتيو،

مومل بيٺي اوتيو،

- پرديسي جانيءَ کي لولي چوان.

ٻنيءَ تنهنجيءَ ساريون،

کڻيو نيڻ نهاريون،

- ڳاڙهين جي ڳنوار لاءِ سِر ڪو قربان.

ٻنيءَ تنهنجيءَ ٻَنوُ،

پڙهي ته ڏسج پَنوُ،

تون ته مان جو وَنوُ،

- ولايتي جانيءَ کي لولي چوان.

ٻنيءَ تنهنجيءَ مِٽي،

ڙي قربن تنهنجي ڪُٺي،

- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.

نالو

[جڏهن ساران پنهنجي نالي تي اچي ٿي، ته پاڻ کي هزارين نالن سان سڏي ٿي- جيئن ته]

نالو ته منهنجو ساران،

دليون تنهنجيون ٻارهن،

- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.

نالو ته منهنجو بَچِي،

متان ڙي ڪرين سچي،

- پرديسي وهنيل کي لولي چوان.

نالو ته منهنجو چاڳان،

ساريون راتيون جاڳان،

- پرديسي جانب کي لولي چوان.

نالو ته منهنجو جُلي،

ڙي ساريون راتيون رُلي،

- پرديسي پرينءَ کي لولي چوان.

نالو ته منهنجو حوي،

مرشد پنهنجو نوي،

- ڪارين جي ڪوڏيي کي لولي چوان.

نالو ته منهنجو ڦاپي،

قيد ته تو تان معافي،

- ولايتي پرينءَ کي لولي چوان.

نالو ته منهنجو صالحان،

سارو جبل جاليان،

- ولائتي ماڻهوءَ کي لولي چوان.

نالو ته منهنجو حوا،

ڪونهي درد جي دوا،

- پرديسي ماڻهو کي لولي چوان.

درياءُ

[شاعره جا خيال سادا ۽ ٻاجهڙا آهن؛ منجهن هڪ اڻکٽ سونهن ۽ جوت آهي. هوءَ دريا جو ذڪر ڪريو، اَونهن خيالن جو اظهار ڪري ٿي.]

درياءُ جو ڪَنڌيون،

رُنيون اکيون اَنڌيون،

- ٻيلي لولي چوان.

درياءُ ۾ ته ڪانهين،

سنهڙيءَ لوڏي ٻانهين،

- پوءِ لولي چوان.

درياءُ جون ڀِٽون،

چمان تنهنجون مِٽون،

- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.

درياءَ جا ڪَپ،

چُمان تُنهنجا چَپ،

ڪهڙا توکي ڊپ،

- پرديسي پکيءَ لي لولي چوان.

درياءَ جون ڇوليون،

مِٺيون تنهنجون ٻوليون،

ڏيان تو کي لوليون،

مينهون تنهنجون ڀوليون،

- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.

مينهن

مينهن ته تنهجي ڪاري،

ڌيءَ به آهيان ڌاري،

- ڪارين جي ڪوڏيي لاءِ جيءُ جڏو.

مينهن ته تُنهنجي ڪاري،

ملڪ ته تنهنجو ڇاري،

- ڪارين جي ڪوڏيي لاءِجيءُ جڏو.

مينهن ته تنهنجي ڀولي،

لهرن ڏني لولي،

- ڪارين جي ڪوڏيي لاءِجيءُ جڏو.

مينهن ته تنهنجي چال،

ڏٺي ٿيم سال،

ههڙا ٿيم حال،

- ڪارين جي ڪوڏيي لاءِجيءُ جڏو.

مينهن ته تُنهنجي بگي،

سارين ڳالهين سگهي،

- ڪارين جي ڪوڏيي لاءِجيءُ جڏو.

مينهن ته تُنهنجي ڪُنڍي،

اهڃاڻ موڪل مُنڊي،

- ڪارين جي ڪوڏيي لاءِجيءُ جڏو.

وڻ

[ساران وڻ جو ذڪر به خوبيءَ سان ڪيو آهي. سندس بيان بلاغت ۽ فصاحت کان خالي آهي، ته به سونهن نه وڃائي اٿس؛ نهايت سهڻو بيان آهي. وڻ جي بيان کي صالو نالي ڇوڪر (ديهه کورو، ميرپور بٺورو) بلڪل سوز سان، ”بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي“ چوڻيءَ ساڻ، ڳالهائيندو آهي.]

اَي، وڻ ته ڀانيان لاڻو،

مٺا ڇڏ تون ماڻو،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

اي، وڻ ته ڀانيان ڄَمون،

سنهڙي بيٺي سَمهُون،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

اي، وڻ ته ڀانيان لئي،

ويئي ماڪ لهي،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

وڻ ته ڀانيان جهل،

متان موڙئين دل،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

وڻ ته ڀانيان ڄار،

تون ته ننڍڙو ٻار،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

اي، وڻ ته ڀانيان ڄاريون،

کڻيو ته نيڻ نهاريون،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

وڻ ته ڀانيان ڪنڊي،

آهيان پاڻ اُڪنڊي،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

اي، وڻ ته ڀانيان ٻير،

ڌوئان تنهنجا پير،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

وڻ ته ڀانيان ٽالهي،

وهي به ٿي نالي،

- ڙي، بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

ٻٻر

ٻٻر ڀانيان ٽاري،

چُغل تو تي چاري،

- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.

ٻٻر ڀانيان ٽاري،

ڌيءَ ته آهيان ڌاري،

- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.

ٻٻر تنهنجي ڦُلي،

ڇوري ته تو سان کُلي،

- بچيم جمالي، پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.

ٻٻر ڀانيان ٻُوري،

ويهڻ آهي سُوري،

- پرديسي سڄڻ لاءِ ساهه ڪو قربان.

ٻٻر ڀانيان پَنِ،

تون ته مان جو سَنِ،

- وهنيل ڇورا، لولي چوان.

ٻٻر ڀانيان ڇَهيون،

ڳالهيون روح ۾ رهيون،

- بچيم جمالي، بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.

ٻٻر ڀايان ڇوڏو،

ڇوريءَ کاڌو لوڏو،

- وهنيل ويچاري کي لولي چوان.

ٻٻر ڀانيان تاڪي،

ساهه به رهيو باقي،

- ڳاڙهين جي ڳنوار لاءِ گهوري وتان.

وار

وار ته، تُنهنجي گهُنڊي،

اَهڃاڻ موڪل مُنڊي،

- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.

وار ته تنهنجا واڌُو،

مائٽ تنهنجا ساڌُو،

- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.

وار ته تنهنجا ونگا،

مائٽ ته تنهنجا ڏنگا،

- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.

وار ته تنهنجا ڦڻي،

تون ته مان جو ڌڻي،

- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.

ڍڳو

ڍڳو ته تنهنجو تيلهو،

روح به ڏنو ريلو،

- پوءِ لولي چوان.

ڍڳو ته تنهنجو تيلهو،

ٿيندو محبتي ميلو،

- بچيم جمالي، پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.

ڍڳي تُنهنجي پُٺي،

قُربن تُنهنجن ڪُٺِي،

- پرديسي جانيءَ کي لولي چوان.

ڍڳي تنهنجي ٽَلِي،

وِيَڙا جگر جلِي،

- بچيم جمالي، بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.

ڍڳـي تنهنجي ڳاني،

کايو وڃج ماني،

- ڙي، وهنيل، لولي چوان.

ڍڳي تنهنجي ڳاني،

آهيان ته تنهنجي ٻانهي،

- ڙي، پرديسي، لولي چوان.

ڍڳي تنهنجي چنگ،

متان به رکين زنگ،

- ويچاري وهنيل کي لولي چوان.

ڍڳي تنهنجي مُڇي،

وڃج مون کان پُڇي،

- ولائتي ماڻهوءَ کي لولي چوان.

ٻڪري

ٻڪريءَ تنهنجي سنڱ،

ڇوڪر موڙيو لڱ،

- بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.

ٻڪريءَ تنهنجي سيلي،

تون ته مان جو ٻيلي،

- بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.

ٻڪريءَ تنهنجي پُڇ،

وڌيڪ ڪجهه ڪُڇ،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

ٻڪريءَ تُنهنجيءَ ٿڻ،

پوکيم تو لاءِ وڻ،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

ايَڙيءَ جي ته واڙي،

ڌيءَ هيس ڌاري،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

[هاڻي هن هيٺ اهي لوليون ڏجن ٿيون، جن ۾ شاعره اجرڪ، چنڊ تارا، رومال، هٿ، گاڏي، جتي، قائميءَ جا پيرون، جبل، پکي، قميص، گهر، گهوڙي، دنبوري (ننڍو طنبورو، يا تانپورو) ۽ اڀ وغيره جو ذڪر ڪيو آهي.]

اجرڪ تنهنجيءَ ڦُلي،

راتان ڏينهن رُلي،

- پرديسي جانيءَ کي لولي چوان.

اُڀريو جي چنڊ،

ڇوريءَ جوٽيو جنڊ،

- پرديسي ماڻهوءَ کي لولي چوان.

اڀريا جي ٽيڙو،

وريا مئيءَ جا ميڙو،

-  پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.

اُڀريوجي تارو،

ڇوريءَ وڌو ڳارو،

- پرديسي ماڻهوءَ کي لولي چوان.

اُڀريو جي تارو،

وريو مئيءَ جو وارو،

- پرديسي جانب کي لولي چوان.

رومال تنهنجي اونٽي،

متان وڃين موٽي،

- بچيم جمالي،ڪورٺ هاڻ هلي.

رومال تنهنجي چِٽ،

تون ته مان جو مِٽ،

- پرديسي جانيءَ کي لولي چوان.

رومال تُنهنجي مڻيون،

ڪهڙيون ڳالهيون ڳڻيون،

- وهنيل ويچاري کي لولي چوان.

هٿ ۾ تنهنجي ڇلا،

اُٺ ته تنهنجا ڀلا،

- مٺيءَ ماڻهوءَ کي لولي چوان.

هٿ ۾ تُنهنجي مُنڊي،

مُنڊيءَ جي ته جڙا،

پِيج کيرن گهڙا،

- پرديسي مِٺل کي لولي چوان.

گاڏيءَ ڀانيان بابو،

ڪريو وڃين قابو،

نالو ته تنهنجو صابو،

ساٿي سانول،

- پرديسي سانول کي لولي چوان.

گاڏيون گاڏا چوڏهن، مير!

منهنجي دل توڏانهن، مير!

- بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.

گاڏيون گاڏا ست، ڙي مير!

موڪليان تو ڏانهن خط، ڙي مير!

- بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.

جُتي تنهنجيءَ چاندي،

مفت ميس ماندي،

- بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.

جُتي تنهنجيءَ کُڙيو،

هوندين جيءَ ۾ جڙيو،

- بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.

قائميءَ سندا پيرون،

سنهڙيءَ ٻڌيون ڇيرون،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

قائميءَ سندا پن،

تون ته مان جوسن،

- بچيم جمالي،ڪورٺ هاڻ هلي.

جبل مٿي لاڻِي،

ڪريووڃين ڄاڻِي،

ڇوريءَ ڀريو پاڻي،

- پرديسي پرينءَ کي لولي چوان.

جبل مٿي جهِل،

متان موڙئين دل،

- پرديسي پرينءَ کي لولي چوان.

جبل مٿي بڙ،

ماڻهن وڃايو وڙ،

- پرديسي پرينءَ کي لولي چوان.

پکي ته ڀانيان ڊيل،

وري اٿئي هيل،

اچ ته چڙهون ٻيلهه،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

پکي ته ڀانيان طوطو،

هاڻ ته پَنو پهتو،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

پکي ته ڀانيان ڪانگ،

متان سُلين سانگ،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

پکي ته ڀانيان ڪٻر،

ڪانه به آئي خبر،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

گهر جي مهندان ڳيرو،

متان ڀڃين ڀيرو،

- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.

گهر جي مهندان ڪٻر،

جلد پُڄائي خبر،

- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.

گهر جي مهندان ڪانگ،

متان سڻائين سانگ،

- ڳاڙهين جي ڳنوار لاءِ جيءُ ڪو جڏو.

گهر جي مهندان ٻليون،

اَپر مٿي دليون،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

گهر جي مهندان سَرَ،

متان ڀڃين وَرَ،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

خميس تنهنجيءَ ٻانهُون،

ڙي، دل به ڪري دانهون،

ڪٿي لڌيئي لانئُون؟

ڙي، اينديس پاڻ آئون،

- پرديسي،ڪورٺ هاڻ هلي.

خميس تنهنجيءَڳچي،

وقت به ويو وچين،

- بچيم پرديسي، لولي چوان.

خميس تنهنجيءَ بَکيو،

هڪجيڏين لَکيو،

- وهنيل ويچاري کي لولي چوان.

خميس تُنهنجي اونٽي،

متان ٿئين کوٽي،

- وهنيل ويچاري کي لولي چوان.

اُڀ مٿي گوڙيون،

وڇايان تولءِ سوڙيون،

- بچيم جمالي، پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.

مال ته تنهنجو ڳئون،

ڪهڙي هنڌ رهون،

- ڙي ٻيلي، ڪورٺ هاڻ هلي.

گهوڙي ته ڀانيان سُرخي،

مومل نڪتي مُرڪي،

- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

ڪاٺ جي ڀانيان مڪڙي،

ٻيلي ٿيس تڪڙي،

- پرديسي جانيءَ کي لولي چوان.

دانگيءَ ۾ سَيوُن،

ڳالهين جڳ ۾ پَيوُن،

- سانول سهڻي تان گهوري وڃان.

پکي ته ڀانيان وَهيو،

ڪهڙي راڄ ۾ رهيو،

- سانول سهڻي تان گهوري وڃان.

پکي ته ڀايان ليلهو،

ديس ته تنهنجو ٻيلو،

- سانول سهڻي تان گهوري وڃان.

دنبوريءَ تنهنجيءَ تند،

وڇايم تو لاءِ هنڌ،

- ڇورا وريل، لولي چوان.

دنبوريءَ تُنهنجيءَ ڀانڊي،

ڪونه به آهيان واندي،

- ڙي ٻيلي، لولي چوان.

حُقي تنهنجي کَڙي،

ٿيس هاڻ ڪَڙي،

- پرديسي پکيءَ لءِ گهورِي وتان.

حقي تنهنجا ناري،

ٿيس هاڻ کاري،

- پرديسي پکيءَ لءِ گهوري وتان.

حُقي تنهنجي گوءِ،

هُيڙَس ڌاري جوءِ،

- پرديسي پکيءَ لءِ گهوري وتان.

حُقي تنهنجي چِٽ،

ڪونهي مُئيءَ جو مِٽ،

- پرديسي پکيءَ لءِ گهوري وتان.

رشيد لاشاري

ڍوليو

[”ڍوليو“ اصل ۾ پنجابي ٻوليءَ جي انهيءَ ”ماهيا“ صنف جي جواب ۾ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ شفيع محمد ”ماهيا“ ۽ ”بالو“ جي محبت جو ذڪر هوندو آهي. ’بالو‘ ۽ ’ماهيا‘ جي عشقيه داستان کي ڪو گهڻو وقت ڪونه گذريو آهي: ’ماهيا‘ هن وقت ’چچا محمد علي‘ جي نالي سان لاهور ۾ رهي ٿو، ۽ سندس ’بالو‘ مان اڳ – ڄائي ڌيءَ، ”صبيحه“، هن وقت پاڪستان جي فلمي دنيا ۾ هڪ مشهور اداڪار شمار ڪئي وڃي ٿي؛ تنهنڪري ماهيا ۽ ڍولئي جي صنف کي به اٽڪل ٽيهن – چاليهن سالن کان وڌيڪ عرصو نه گذريو هوندو. پر، انهيءَ ٿوري عرصي ۾ انهن لوڪ گيتن ايڏي ته ترقي ڪئي آهي، جو هن وقت ننڍي وڏي جي زبان تي آهن. جنهن طرح ماهيا جي صنف ۾ پهريائين هٽ يا دڪان تي وڪامندڙ ڪنهن شيءِ کي تشبيهه طور استعمال ڪيو وڃي ٿو، تهڙي طرح ڍولئي ۾ وري ’هٽ‘ جي بجاءِ ”بازار“ جو لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي- جيئن ته:

ماهيا:          هٽيان تي چاندي آ، ٽانگا وي موڙ شفيع،

بالو ٽردي جاندي آ .......

ڍوليو:          بازار وڪاندي ني انب، وي،

ڇوٽي ڏيک نه ڪنب وي، علان دي پوري، وو ڍوليا،

عملان دي پوري، جيوي ڍوليا!

ڍولئي جي هر هڪ بند ۾ مکيه سِٽون ٽي ٿين ٿيون، جن مان پهرينءَ ۾ بازار جي ڪنهن شي جو ذڪر ٿئي ٿو (۽ اُهوئي ڍولئي جو پهريون وَراڻو آهي)؛ ٻيءَ سٽ ۾ ڍولئي جو خاص مضمون، پهرينءَ سٽ جي پوئين قافئي جي مناسبت سان پيدا ڪيووڃي ٿو؛ ۽ تنهن کان پوءِ ٽين سِٽ (’وو ڍوليا‘ ۽ ’جيوي ڍوليا‘ جي وراڻي سان) مضمون جي لحاظ سان نهايت اهم ٿئي ٿي، ۽ ٻيءَ سٽ جو هڪ لازمي جزو ڪري ليکي وڃي ٿي؛ ڇاڪاڻ ته سڄي ڍولئي جي نازڪ خيالي ۽ مضمون جي بندش فقط انهن ٻن لفظن ۾ سمايل هوندي آهي- جيئن ته ”ڪَلهڙا نه رولين، وو، ڍوليا: ڪَلهڙا نه رولين، جيوي ڍوليا“.

مضمون کان پوءِ، ڍولئي جو به محرم لوليءَ ۽ ڇلي وانگر عام وراڻو ٿئي ٿو، جو ڳائيندڙ مضمون جي مناسبت موجب ڪوبه علم – مشهور وراڻو استعمال ڪري، ڍولئي جي مضمون ۾ وڌيڪ جان پيدا ڪري ٿو. مون ڪن ماڻهن جي واتان ڍولئي جي عام وراڻي کي نظر انداز ڪندي ٻڌو آهي. ڀانئجي ٿو ته اِها سندن ذهن ۽ مضمون جي پرک ۾ ڪوتاهي آهي؛ ورنه ڍوليو عام وراڻي کان سواءِ ڪڏهن به مزو نٿو ڪري. ڍولئي جي هر هڪ بند ۾ به، محرم لوليءَ ۽ ڇلي جي هر هڪ بند وانگر، جداگانه مضمون ٿئي ٿو- يعني منجهس مرد، عورت، ٻُڍي توڙي ٻار جا جدا جدا جذبات سمايل آهن. ڍولئي جا عام وراڻا آهن: (1) ”ڍوليا پار دا، چولا پيٺي سِيندي آن، سانول يار دا“؛ (2) ”ڍول جاني، ساڏي ويڙهي آوين، ڪرين مهرباني“؛ (3) ڍول غازي، ڦٽي ويندا دل ڪون، کٽي ويندا بازي“؛ وغيره وغيره.

محرم لوليءَ ۽ ڇلي وانگر ڍوليا به هزارن جي تعداد ۾ ڳايا وڃن ٿا: جيڪي ياد هئا، تن جو هن هيٺ ذڪر ڪيو اٿم.

گهر جو نشان

بازار وڪامندي اي تَر، وي،

اُچي ٽٻي تي ميڏا گهر، وي،

ڪِڪِر نشاني، وو، ڍوليا، ......

ڪِڪِر نشاني، جيوي ڍوليا، ....

- ڍوليا پار دا، چولا سيندي آن، سانول يار دا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com