سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ  2-1 1958ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 2-1  1958ع

غلام محمد گرامي

”گذارش“

ارمان سان ظاهر ڪرڻو ٿو پوي ته هن سال مهراڻ جي پهرين ٻن عددن جي شايع ڪرڻ ۾ دير ٿي آهي، جنهنڪري مارچ ۽ جون جا ٻئي عدد گڏي ڏجن ٿا. ناظرينن کي اسان جي مشڪلاتن جو ضرور احساس هوندو. ازانسواءِ انهيءَ وچ ۾ گذريل سال جي پوئين ٻن شمارن جي عوض ”مهراڻ“ جو ”سوانح نمبر“ وڏي ضخامت سان سندن پيش ڪيو ويو آهي، اگرچه ”سوانح نمبر“ سان ايڊيٽرن توڙي اسسٽنٽ ايڊيٽر جو ڪوبه واسطو نه هئو، ۽ انهن جو نالو سَهـٗـوَ کان منڍ ۾ ڄاڻايو ويو آهي. سارو نمبر جناب ڊاڪٽر نبي بخش صاحب جو مرتّب ٿيل آهي.

محترم اديبن ۽ شاعرن کي ”مهراڻ“ جي گذريل سال واري ٻئي عدد ۾ ڪي نماڻا اشارا ۽ هدايتون ڪيون ويون هيون، مثلاً (1) وڏي اڌ پني تي صاف لکڻ (2) دمن جون پوريون نشانيون ڏيڻ (3) زير اضافت کي استعمال نه ڪرڻ ۽ (4) اردو ۽ فارسي شاعريء جي تقليد نه ڪرڻ. پر هن عدد لاءِ جيڪي مضمون مليا سي انهن عيبن کان خالي نه هوا. ڪيترن ئي نظمن کي زير اضافت جي علّت ڪري خارج ڪيو ويو، ۽ ڪن ٿورن کي مناسب تبديليون ڪرڻ بعد درج ڪيو ويو. اميد آهي ته اسان جا محترم اديب ۽ باشعور شاعر انهن هدايتن تي عمل پيرا ٿي، پنهنجي پياري زبان ۽ ادب جي خدمت ڪندا رهندا ۽ اسان کي مسرّت ۽ ممنونيت جو موقعو ڏيندا.

شاهه لطيف

سڃو جي ساڻيہ،

ته به و هنينئان وِترو؛

گهوريو سو پرڏيہ،

توڙي ڦلن ڇانئيو.

جي گهُران سي نانہِ،

اڻ گهوريا لوءِ گهڻا؛

مَنَهُن ڀريو ماڻهئين،

مَنَ موافق ناهِه،

وهاڻيءَ ٿي ووڙيان،

ڪيچي وئڙا ڪانهِه.

مُٺيء جي مَنماهِه،

سي اڄ نه اوطاقن ۾.

جي منماهِه سي ناهِه،

جي ناهِه سي ڏسڻ گهڻا؛

مُوڙهو منجهه وَڳا،

هنيڙو نولي ڍور جينءَ.

تن رهين وٽان لڏ،

جن جي ناهِه مهاڙ ملير ڏي،

جونڌڻُ ڌڻينئون ڌار چري،

سا ڇانگ ئي ڀڃي ڇڏ،

پکا پنهوارن سان،

اوڏا نيئي اڏ،

ته هاڃي سندِي هڏ،

ڪوڪ نه سڻيين ڪڏهين.

واڳيا جي وَجہَ سين،

ربّ نه سڃاتو جن،

ميلِ ميلِ ٿا ڪن،

اِيَ ميل مُنهندين ڪڏهين.

1

قصيدو

عزيز الله ”مجروح“

بيت

ڪريم بخش چنو؛ ”تنوير عباسي؛ عبدالجبار ”شام“؛ ”معمور“ يوسفاڻي

ڪافيون

”تنوير“ عباسي؛ ”رشيد“ لاشاري؛ حافظ محمد ”احسن“؛ ”خادم“ سروري

گيت

گوورڌن محبوباڻي ”ڀارتي“؛ هري درياني ”دلگير“؛ ”تنوير“ عباسي؛ شيخ ”اياز“؛ قيوم ”طراز“

لوڪ گيت

عبدالجبار ”شام“؛ ”رشيد“ لاشاري

نظم

هري درياني ”دلگير“؛ هوندراج ”دکايل“؛ لکميچند ”پريم“

آزاد نظم

نعيم الله ”درد“ دريشاڻي

نيون طرزون

”بشير“ مورياڻي؛ هري درياني ”دلگير“؛ نعيم الله ”درد“ دريشاڻي

غزل

هري درياني  ”دلگير“؛  ”بشير“ مورياڻي؛  ”تنوير“ عباسي؛ ”انيس“ انصاري؛ محمد حسن ”ساز“؛ شمشير الحيدري

قطعا               ادب لطيف

عبدالقيوم ”صائب“           جهامنداس ڀاٽيا

 

- ”جيستائين ابد سان پنهنجي مضبوط رشتي جو انسان کي اعتقاد آهي؛ جيستائين بيشمار مقصد ۽ موقعا، جن کان انڪار ڪري نٿو سگهجي. اسان کي چئني طرفن گهيري بيٺا آهن؛ جيستائين انسان جي دل تي عشق جي حڪمراني آهي، ۽ اهو هر فرد بشر جي زندگيءَ جي روداد کي هڪ دلچسپ قصو بنائي سگهي ٿو، جيستائين قومن ۾ حب الوطنيءَ جو جوش موجود آهي، جيستائين انسان ذات، همدرديءَ جي جذبي تي متفق ٿي، هڪ ٻئي سان شامل ٿيڻ لاءِ حاضر آهي؛ ۽ جيستائين انيڪ واقعا ۽ حادثا، جيڪي زندگيءَ ۾ وقت بوقت ٿيندا ٿا رهن، سي ڏک يا سک جي سلسلي کي جاري رکندا ٿا اچن، تيستائين هن ڳالهه جو ڪوبه خوف نه آهي ته ڪو تخيّل جي طاقت گهٽجي ويندي: جيستائين فطرت جي کاڻ کُليل آهي، تيستائين شاعر جو ذخيرو کُٽي وڃي، سا ڳالهه وسهڻ کان ٻاهر آهي.“          – مولانا حالي

قصيدو

عزيز الله ”مجروح“

”جئين شال جڳ ۾، او سنڌڙي سنهاڻي!“

تون برڪت ڀري سنڌ بيشڪ ڀلاري،

تون ماتا اسان جي وڏي مان واري،

وڻن تنهنجا وڻ ٽڻ، وڻي تنهنجي واري،

اسان کي تو جهوليءَ ۾ پاليو آ پياري:

جنم- ڀومي آهين اسان جي اباڻي:

جئين شال جڳ ۾، او سنڌڙي سُنهاڻي!

ڪندو ڪير تو وانگي مهمان نوازي،

نه ڄاڻين تون مڪر و دغا چالبازي،

ڏني تو کي ڏاتار خُوي نيازي،

شرافت سندءِ شان آ امتيازي:

لکان تنهنجي قربن جي ڪهڙي ڪهاڻي؟

جئين شال جڳ ۾، او سنڌڙي سُنهاڻي!

لڪل لوڪ کان ناهه تنهنجي لياقت،

’مُئن جي دڙي‘ مان ٿي پڌري حقيقت،

مڃي غير ملڪين به تنهنجي قدامت،

ته ماضي به تنهنجو هو سڌريل نهايت:

صدين جي آ تهذيب تنهنجي پراڻي:

جئين شال جڳ ۾، او سنڌڙي سُنهاڻي!

ڏسڻ جهڙا آهن ٻنيون تنهنجا ٻارا،

وهن واهه تنهنجا ڀريل سڀ ڀلارا،

هي سارين ۽ جوئر جا نرمل نظارا،

’ڦليلي‘ ۽ ’جمڙائو‘، ’بيگاري‘ پارا:

مٺو تنهنجي ’مهراڻ‘ جو آهه پاڻي:

جئين شال جڳ ۾، او سنڌڙي سُنهاڻي!

ٿيو تو ۾ پيدا ’ڀٽائي‘ ڀلارو،

وڄايو هتي ’شهه عنايت‘ نغارو،

’سچل سائين سرمست‘، ’سامي‘، سُنهارو،

ٿيو هت فروڪش ’قلندر‘ قرارو:

تصوف ۾ آهين تون ايشيا جي راڻي:

جئين شال جڳ ۾، او سنڌڙي سُنهاڻي!

نه زردالو ٻيرن برابر ٿو ڀانيان،

هي ڪنڊيءَ جو سڱريون به سيني سان لايان،

پيو تنهنجي پيرُن پڪن کي پڏايان،

سچيءَ دل سان هر چيز تنهنجيءَ کي چاهيان:

وڻي ٿي ڇٻر ۽ ڀتر توڻي لاڻي:

جئين شال جڳ ۾، او سنڌڙي سُنهاڻي!

هنر تنهنجي ڳوٺن جا آهن نرالا:

نصرپور جون لونگيون، ٺٽي جا دوشالا،

هندورن کان مشهور ٿيو شهر هالا،

عجب جهڙيون جو هيءَ جون پاٽيون ۽ پيالا:

سڏيان ڪئن نه توکي سگهڙ ۽ سياڻي:

جئين شال جڳ ۾، او سنڌڙي سُنهاڻي!

يتيمن جي ياور ۽ هيڻن جا حامي،

هلي هر جڳهه تنهنجي ٿي نيڪنامي،

غريبن جي غمخوار آهين مدامي،

آ سرحد ۽ پنجاب تنهنجو سلامي:

بکين کي ٿي کارائين پرديسي ڄاڻي:

جئين شال جڳ ۾، او سنڌڙي سُنهاڻي!

مگر توکي معلوم ناهي حقيقت،

گهڻو نيڪ بنجڻ وڃائي ٿو وقعت،

ته اڄڪلهه شرافت ٿي سڏجي حماقت،

نه سمجهي سگهينءَ تون اڄوڪي سياست:

جا ٽانڊي ڪاڻ آئي سا ٿي بورچاڻي!

جئين شال جڳ ۾، او سنڌڙي سُنهاڻي!

لهي ويندا لاشڪ براين جا بادل،

وري حرّيت جي هلي آهه هلچل،

چڱاين جو چمڪيو اجهو نور نرمل،

ملي ويندو مقصد جو موتي وڃايل:

سگهو تنهنجي سورن جي ٿيندي پڄاڻي!

جئين شال جڳ ۾، او سنڌڙي سُنهاڻي!

پراون پُلاون ۾ ڪهڙو مزو آ،

وطن پنهنجو ”مجروح“ سڀ کان مٺو آ،

رکو ۽ سڪو پنهنجو ڀت ئي ڀلو آ؛

وطن جي مٿان سر به صدقو ڪبو آ:

ٿيڻ ديس سان گهرجي هر سڏ ۾ ساڻي!

جئين شال جڳ ۾، او سنڌڙي سُنهاڻي!

بيت

ڪريم بخش چنو

ڪرمنامو

اڄ پڻ اکڙين، سڄن پنهنجا ساريا؛

ڳلن تان ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن؛

الا سي اچن، جهوري جدائي جن جي!

 

جهوريءَ جدائيءَ جن جي، ٿيس پلپل پريشان؛

ساري سپرين کي، جلي منهنجي جان؛

ڏٺم ڏنءُ ڏينهن جو، ٿيس هفتن لءِ حيران؛

مهينن کان مهجور کي، اَلم ۽ ارمان؛

وڇوڙو ورهين جو، فرقت ۽ فرقان؛

سٺو اٿم صدين کان، برهه بي پايان؛

ڏک ڏٺا اٿم ڏاکڙا، ڪوڙين ڪهڪشان؛

فانيءَ کي فراق جو وِلوڙو ويران؛

ملڻ لءِ محبوب جي، ماندو ۽ مستان؛

سهسين سٺم سورن سين،هجر ۽ حرمان؛

اکين مان آنسن جو، جاري جر جريان؛

آهُن ريءَ آنسن ۾ غرق ٿيس غلطان؛

”ڪريم“ کي ڪانُ، لڳو آ لاهوت کان.

 

لڳو آ لاهوت کان، ”ڪريم“ کي سو ڪانُ؛

سوز سندم سيني ۾، دُکايو دهقان؛

جدائيءَ ۾ جانيءَ جي، جلي منهنجي جان؛

عشق جي آتش جو، تُند لڳي طوفان؛

آنسُن ريءَ آهن جي، نهوڙيم نيران؛

اندر ۾ اندوهه جو، دهرو مليم دان؛

دل ۾ دکن درد جا، دونهان ۽ دخان؛

هجر ۾ حبيب جي، بڪيون ٿيون بريان؛

ڪليجو ڪباب ٿيو، سينو ٿيو سوزان؛

اَڏاڻا اور ڪري، دانهن جا دستان؛

آهون ۽ ارمان، قسمت منجهه ”ڪريم“ جي.

 

قسمت منجهه ”ڪريم“ جي، آهون ۽ ارمان؛

پرين جي پريت جو اصل کان عطشان؛

’قالوابليٰ‘ جي قول هو، آهوڙيو انسان،

اڳي هو افلاڪ کان، پيچو منجهه پيمان؛

ملڪن کان ئي مهند هو، ميثاقي مستان؛

مولا پنهنجي موهه ۾، ڪيوغازيءَ کي غلطان؛

انگوران اڳي هو، مَينوشو مهمان؛

پيتا هئائين پرت مان، فرحت جا فِنجان؛

چڪنا چور چت ۾، ٿيو نشي ۾ نروان؛

بنايس باريءَ پنهنجي برهه جو برهان؛

خلافت ۾ خالق جي، ٿيو خلعتدار خان؛

ملڪن وٽ مسجود هو، مانجهيءَ جو مڪان؛

مهر و ماهه وقت کان، اڳي هو عيان؛

عرش ۽ افلاڪ جو، نه نالو هونيشان؛

برزخ ۾ بالا هو، او لاهوتي لامڪان؛

لحم شحم ۽ لهو کان، آجو هو انسان؛

غرض ۽ غايت کان، خالي هو خاقان؛

نڪو لالچ لوڀ ڏي، مُهڙ هُس ميلان؛

نڪو دئت دل ۾، نه انڌو اهر مان؛

حافظ هوس حق ۽، ياور هُس يزدان؛

امانت جو آگي کان، اپر هوس احسان؛

داور ڏنس دان، آزمائي عشق ۾.

آزمائي عشق ۾، داور ڏنس دان؛

علم ۽ ادراڪ جا بحر بيڪران؛

”و علم آدم الاسماءَ“، تي ملڪ ٿيا مستان؛

سجدي ۾ سڀ ڪنهين ٿي، پڪاريو ’سبحان‘؛

باغ مليس بهشت جا، ماڙيون محل مڪان؛

”يا آدم اسڪن“ جو، مليس فائق کان فرمان؛

امانت ۾ آگي جي، امين ٿيو انسان؛

”وَ نفختُ فيہ من روحي“، شاهي سندس شان؛

قبض: ۽ قابو ۾، آيس آسمان؛

مولا ڏنس مرهي،زمين ۽ زمان؛

جِنَّ جبل ۽ جانور، ڪَتيون ڪهڪشان؛

چنڊ آيس چئي ۾، سورج ۽ سرطان؛

زهر و مريخ مشتري، ۽ زحل زرافشان؛

برق ۽ بادل سان، بوندون ۽ باران؛

صرصر ۽ سموم سان، هِيرُن جا هيجان؛

مندون ماهه و سال ۽، دهر جُو دوران؛

عناصر اقدار ۾، دونهون ۽ دخان؛

برق ۽ بارود سان، ايٽم سندي آن؛

خزانا ڏنس خوش ٿي، داتا دياوان؛

سون، رپا ۽ چانديون،۽ لعلون بدخشان؛

بکايائين بحر مان، موتي ۽ مرجان؛

رُڪ مليس راز ۾، اصل کان ارزان:

”وَ انزلنا الحديد“ جو، مهت مليس مان؛

حمايت ۾ حق جي، ٿيو فائق ۽ فوزان؛

مليو کيس محبت مان، پريتڻون پيمان؛

”اِن الذين قالوا ربنا الله“، آندائين ايمان؛

سونپيائين سبحان کي، جند جسو ۽ جان؛

ثابت رهي سڪ ۾، ٿيو صاحب سوڀياوان؛

حوالي ٿيو حاڪم جي، جو ڪامل ڪشتيبان؛

سِڪو هلايائين سچ جو، ٿي حقّي حڪمران؛

آندائين انصاف جو، ماپو ۽ ميزان؛

غريبن لءِ غازي هو، مونس مهربان؛

رحم ۽ رافت ۾، راضي هو رحمان؛

طلب ۽ طاعت ۾، خاصو هو خندان؛

”يرثها عبادي الصالحون“ جو، هو پڪو پهلوان؛

جشن ۾ جمشيد ۽، نِڪو نوشروان؛

شوڪت رکيائين شان ۽، تجمّل ۽ طومان؛

”و اشرقَتِ الارض“ جو، نکيڙيائين نِيران؛

حڪومت همراز جي، هئي دهر درخشان؛

آدم حوا اُتهين، همدم ۽ همجان؛

ماڻهو هئا محبّت ۾، پيچيا پريتوان؛

الف هئي عام ۽، ڪلف ڪائي ڪان؛

سڀئي سنسار ۾ هئا، والي ودياوان؛

داتا ديالو هئا، دائم دياوان؛

چهرا هئن چمڪاٽ ۾، موتي ۽ مرجان؛

مانجهي مساوات ۾، هئا قائم قربدان؛

وڏ – ننڍائي ڪانه هئي، الفت هئي ارزان؛

هئا هر ڪنهن واسطي، ساڳيا شبستان؛

خورد و نوش و پوش ۾، هرڪو هو يڪبان؛

سست جو سنسار ۾، نه نالو هو نيشان؛

نه وڏيرو وهنوار ۾، نه جاگير منجهه جهان؛

’مِل اونر‘ جي مِل جو، نه دونهون هو دخان-

پِيڙي جي پبلڪ کي، جلائين سندن جان؛

پسيني مان پورهيت جي، شاهي رکن شان؛

پين پيالا پُر ڪري، ٿي مَي ۾ مستان؛

جفا ڪن جهان ۾، ٿي عاصي منجهه عصيان؛

موڪلي ڏين مزدور ڏي، محرومي مهمان؛

پهرائي پوشاڪ جو، سو انگن ۾ عريان؛

انّ اُپائي جو ڏئي، سو جاهل۽ جوعان:

پر آگي وٽ اصل کان، هوعدل ۽ احسان؛

سڏايو پنهنجو پاڻ کي، جنهن مولو مهربان؛

مالڪ مٺو مهند کان، مُجيب ۽ مَنّان؛

”انَّ لَڪ اَلاّٰ تجوع“، هو پرور کان پيمان؛

انگ اگهاڙو ڪونه هو، اوکو ۽ عُريان؛

بهشت سندي باغ ۾، نه هو اَهنجو ۽ عطشان؛

غم غصي ۽ غيظ جو، نه نالو هو نيشان؛

ڪپت ڪينو ڪونه هو، ۽ فخر جو فقدان؛

نڪو ڊپ ۽ ڊاءُ هو، نه نيستي ۽ نقصان؛

ڏڪر ڏک ڏولاڻو، غائب هو غلطان؛

سڀڪو سکيو سالو هو، سهنجو ۽ شادان؛

مشقت سڀ مفقود هئي، ۽ ڪرهه هئي ڪان؛

”لافيها نصب“ جو، هو آگي کان احسان؛

مولا ڪئي مفت هئي، زمين زر زمان؛

آتش باد ۽ آب هوا، عناصر ارزان؛

نعمتون نصيب هيون، ياور جون يڪسان؛

مَساوي ماڻهن ۾، هئا داور سندا دان؛

نه ڪوغم غاصب جو،نه دڙڪو هو دهمان؛

نه هئي ڇيڙ بيگر جي،نه ڪوٽواليءَ جوڪان؛

پورهئي مٿي پانهنجي، سڀڪو هو شادان؛

قدر هو ڪاسب جو، مٿي هئس مان؛

”الڪاسب حبيب الله“ جو، اثر هوعيان؛

اجرت هئي عام سا، ارزان نمڪ نان؛

آزادي اتي هئي، بنهه بي پايان؛

”وڪُلامنها رَغَدا“ جو، هو فائق کان فرمان؛

ملي هئي مهر سان،زمين زر افشان؛

محنت جي مقدار کؤن، دُهرا هئس دان؛

اَنن جا انبار هئا، ۽ گل ڦل جا گنجان؛

ميوَن سان ملڪ هو، جالا رو جنان؛

انگور ۽ انار جي، ڪمي هئي ڪان؛

ناسپاتيون نارنگيون، نخل ۽ نعمان؛

اب اتي جواُجرو، هو مٺو ماکيءَکان؛

تر و تازه ڪوثر هو، دائم رود روان؛

مقوّي هو ’مَنَّ‘، جهو، ’سلويٰ‘ جي سمان؛

بک بديءَ ۽ اوگهڙ کان، آجو هو انسان؛

نه گوندر هوس گرميءَ جو، نه سرديءَ جو سنسان؛

موليٰ سنديءَ مهر سان، امن هو امان؛

پاپ پليتيءَ پستيءَ کان، پليس پاسبان؛

گنهه ۽ گمُراهيءَ کان، موڙيو هوس منَّان؛

بخت هو بالا سندس، دائم درخشان؛

راضي هوس ربّ، جو ڪامل ڪشتيبان؛

آدم هو اتهين، موليٰ جو مهمان؛

خالق وٽ خوش هو، خاصو۽ خندان؛

راضي ٿي رب هو، رچيو رازدان؛

ملڪن کان مٿڀرو، مُهت مليس ۽ مان؛

ڪرسيءَ سان قريب هو،سندس ماڳ مڪان؛

انهيءَ پر آدم تان، اُسري ويا ارمان؛

لنگهي ويا لاڏي اُتان، دهرن جا دوران؛

رچي سو ريٽو ٿيو، ۽ پختو پهلوان؛

پرجهي ٿو پروڙ ۾،عالم علمدان؛

امانت جو آگي کان، اپر ٿيس احسان؛

دهليو جنهن جي دهشت کان،اَرض ۽ آسمان؛

ملڪ سڀ مرغوب ٿيا، ۽ ڪرٽيا ڪوهستان؛

پر جنن مان جانٺوهو، ابليس اهرمان؛

خر خبيث خنّاس هو، ناري ۽ نادان؛

خريديائين خنڪيءَ کان، عاصي ٿي عصيان؛

اوچائيءَ تان آدم جي،  شوخ ٿيو شيطان؛

گهاٽ گهڙيائين ڪيترا، قهري هنيائين ڪان؛

پر مهند کان مقدور هو، آدم لءِ ارمان؛

الڙ هو اصل کؤن، ڪرهه ڏٺي هئين ڪان؛

علم ۽ ادراڪ ۾، هووالي ودياوان،

دلبر جو هو دادلو، ۽ چوکو چئيوان؛

پر تجربي جو تن ۾،نه هئس نام نيشان؛

”سِل المجرّب و لاتسَل الحڪيم“، آ فهميدن فرمان؛

مايا سندي موهه تي، سَنيو او سلطان؛

حرص کان حواء جي، اُتري ويس اوسان؛

ڪِريو اچي ڪنڌ ڀر، جڏي ٿيڙس جان؛

ڪِري پيس ڪلهن تان، شاهيءَ سندو شان؛

تلف ٿيو طامع جو، تجمّل ۽ طومان؛

لٿس لباس لڱن مان، عاصي ٿيوعريان؛

بغض بک اوساٿ جي، اچي ٿيس عيان؛

ويسر ۾ ٿيو ويسلو، ۽ حيرت ۾ حيران؛

جدائيءَ جو جيءَ ۾، قهري لڳس ڪان؛

نالو ۽ نيشان، وڃايائين وهلور ٿي!

”تنوير“ عباسي

 

چوسِي تنهنجي چيڙن مان، مون ماکيءَ جي لار،

ڪَوڙايون هزار، لحضي ۾ لهي ويون.

اَڀ جي نيري فرش تان، ترڪي ويا تارا،

پرينءَ جا چارا، چمڪيا چوڏهينءَ چنڊ سان.

 

جهليو انبن ٻور، ڦهلي وئي سر هاڻ آ،

مون کي تنهنجا پور، وَلڙين جيان وري ويا.

 

ساوڻ ساماڻو، آيون راتيون رس- ڀريون،

ڦوهه جواني مند جي، چوڏس چٽاڻو،

ننڊ نيڻن ۾ ناهه ڪا، گذري ويو ٽاڻو،

اسان وهاڻو، سور ڪيا او سپرين.

نسريا سر ويا سُڪي، هئا ٻاٽي ڏينهن،

چار ڏيهاڙا مند جا، اُٺا سانوڻ مينهن،

سدا نئون نينهن، پرت پراڻي ڪين ٿئي.

اُڻٽيهينءَ اماس ۾، پرين هو مون سان،

چنڊ بنا چانڊاڻ، هئي منهنجي هنج ۾.

 

توکي ويڙهي اينءَ وڃان، جيئن وليون ويڙهن وڻ،

سُڪڻ کان پو پي رهن، سدا ساڻ سڄڻ،

جيئڻ ۽ مرڻ، تو سان اينءَ منهنجو ٿئي.

 

او منهنجا مهتاب، جي منهنجي اَک لڳي وئي،

جاڳيا جيءَ ۾ خواب، نينهن اٿاريوننڊ مان.

 

دريا چڙهي ساوڻيءَ، ڀرجِي ٿئي ٽمٽار،

اسان وٽ آ تار، سدا پاڻي پريت جو.

عبدالجبار ”شام“

 

چڙهه ته چڙهون چوٽ، هيٺانهينءَ کان هلندي،

جيل هي جاڏو ڏسي، مُئي، نه کائج موٽ،

قلبؤن ڪڍي کوٽ، مر وڌائج وک کي.

 

پاڻ نه پَسن جي،لوڪَ لَکينديون ڪيترو،

الا اهي ڪي، سِٽ پڙهن ڪنهن سُور جي.

ڪڏهن خط لکن، ڪڏهن وڃان وسري،

اڃا ڪِي اٿن، غصو مون غريب تي.

 

هونءَ ته پاڻ ملن، اڱڻ اچي سپرين،

پر ڪو ڪَٽر پين، جوملڻ کان ماٺ ٿي.

 

ڌاريان ڪيم سيڻ، پنهنجن کان پاسو ڪري،

سيڻن سنديءَ سِڪ ۾، نير ڀريا ڏس نيڻ،

اڄ ٿي سَهان سپرين، اُٿي ويٺي ويڻ،

ڀُلجي متان ڀيڻ، ڀاءُ ڪوٺي ڪنهن کي.

”معمور“ يوسفاڻي

 

ڍلائيءَ سان ڍول، هرگز حاصل ڪين ٿئي،

ٻَڌي سندرو سچ جو، ڳجهه اندر ۾ ڳول،

اندريون اکيون کول، ته مشاهدو ماڻيين.

 

هل پريان جي پار، سنبهه ڇڏ سستي،

هو تن ڏي هوڪار، ٻڌي سندرو سچ جو.

 

سچن ساعت پنڌ، وندر ۽ وڻڪار،

ڪِيم ورائج ڪنڌ، هلندي حبيبن ڏي.

 

’قالوابليٰ‘ قول، دل اندر دهراءِ،

وحدت کي وجود ۾، ويهي تون وڙول،

ٻياڻيءَ جو ٻول، ڪڍ ته پسين پرينءَ کي.

 

اُٿي سچ سهيڙ، ڪُوڙان حاصل ڪين ٿئي،

ماڻڪ موتي ميڙ، پيهي منجهه پاتار جي.

 

لهرين جا لوڏا، سهه ته مليئي سچ،

ڪناري ڪوڏا، موتي موجن هيٺ ٿيا.

مور نه ٿيءُ موڳي، آرس ڇڏ عميق ۾،

عميقان او ڳي، ساحل پهتي نه سسئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com