سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 1

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل 1

غلام رباني

 

پڙهندڙن کي گذارش

 

رسالي ”گل ڦل“ جو نئين سال- 1964ع جو هي پهريون پرچو، وڏي قرب سان پنهنجن پڙهندڙن اڳيان پيش ڪجي ٿو.

اڳئين سال وانگر هن سال پڻ ”گل ڦل“ في الحال ته ٻه – ماهي نڪري ٿو. گذريل پرچي ۾، ۽هن پرچي ۾ پڻ، پڙهندڙن پنهنجن خطن ۾ گُهر ڪئي آهي ته ”گل ڦل“ کي ’ماهوار‘ شايع ڪيو وڃي. اسان کي اميد آهي ته پڙهندڙن جي اها گُهر ستت پوري ڪنداسين. رسالي کي ماهوار ڪرڻ کان اڳ ضروري آهي، ته ايندڙ ٻن پرچن جي شايع ٿيڻ تائين اسان اهڙو انتظار ڪري سگهنداسين. ان کان پوءِ، رسالي کي ماهوار ڪيو ويندو ۽ هر پرچو مقرر مهينن بلڪ مقرر تاريخ تي شايع ٿيندو.

رسالي جي مختلف پرچن جي مقرر ميعاد اندر اشاعت جي اهميت ۽ افاديت کان ته ڪو انڪار ٿي نٿو سگهي، پر ان سلسلي ۾ هڪ ڳالهه پنهنجن پڙهندڙن کي ٻڌائڻ ضروري آهي – اها هيءَ، ته ادبي رسالن جي حيثيت روزانه يا هفتيوار اخبارن کان بنهه نرالي آهي. ”خبر“ کي ڏينهن پهر پيو ته پراڻي ٿي ويئي، پر ”ادب“ ائين نه آهي. اهو وقت پئي پراڻو نه ٿيندو آهي، بلڪ اعليٰ ادب جو معيار اهو به آهي ته اهو وقت جي اثر کان بي نياز رهي. چنانچ، بلند پايي شعر، ناول، ناٽڪ، پهاڪا ۽ عام چوڻيون سال ته ڇا صدين گذرڻ بعد به ترو تازه هونديون آهن. شاهه ڀٽائيءَ جو شعر، ڪاليداس جا ناٽڪ، ٽالسٽاءِ جون آکاڻيون، سعديءَ جون نصيحتون ۽ غزاليءَ جا قول اڄ به ائين ئي تازا آهن، جيئن صديون اڳ سندن مبارڪ لبن مان نڪرڻ مهل هئا. تنهن ڪري علمي ۽ ادبي رسالن کي خريد ڪرڻ مهل سمجهدار پڙهندڙ اهو نه سوچيندو آهي، ته هي پرچو ڇاڪاڻ ته گذريل مهيني جو آهي، يا ته دير سان نڪتو آهي، ان ڪري اهو خريد ڪرڻ نه جڳائي.

اسان کي خوشي آهي ته ”گل ڦل“ جي معاملي ۾ پڙهندڙن هميشھ پنهنجي سڪ جو اظهار پئي ڪيو آهي. رسالو ننڍو نڪتو ته ڇا، وڏو نڪتو ته ڇا، ڏينهن اڳي آيو يا ڏينهن پوءِ، هر حالت ۾ هنن خريد ڪري اکين تي رکيو. بقول شاهه ڀٽائي:

پريان سندي پار جي مڙئي مٺائي

اسان پنهنجن پيارن پڙهندڙن جي انهيءَ سڪ واريءَ روش لاءِ شڪرگذار آهيون. دعا آهي ته ”گل ڦل“ سان سندن اها پيار جي ريت شال هميشھ قائم رهي! – آمين.

2 – نئين سال جي هن پرچي کان رسالي جو سرورق بدلايو ويو آهي. پڙهندڙن کي معلوم آهي ته اسان سان بسال سرورق تي نئين ڊزائين ڏيندا رهيا آهيون، ۽ ان ۾ هميشھ معنى جو ڪو نئون نڪتو هوندو آهي. هن سال جو نئون سرورق پڙهندڙن کي ”پڙهڻ“ جو ئي پيغام ڏئي ٿو.

هن پرچي کان، مستقل عنوانن جي ترتيب ۾ به ڪجهه ڦيرو آندو ويو آهي. ڪي عنوان اڳي ۽ ڪي پوءِ ڏنا ويا آهن. اميد آهي ته نئين ترتيب وڌيڪ پسند ڪئي ويندي.

3 – گذريل پرچي واريءَ پنهجيءَ ”گذارش“ ۾ اسان اها خوشخبري ٻڌائي هئي ته سنڌي ادبي بورڊ بارن جا معياري ۽ نهايت دلچسپ ڪتاب تيار ڪرڻ جي هڪ رٿ تيار ڪئي آهي. چنانچه، پڙهندڙن کي هاڻي هي معلوم ڪري خوشي ٿيندي ته انهيءَ رٿ هيٺ ڪتابن تيار ڪرڻ جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي ۽ ڪجهه ڪتاب ستت ڇپائيءَ لاءِ پريس ۾ موڪليا ويندا. جڏهن انهن ڪتابن جي اشاعت ويجهي ٿيندي ته اسان ”گل ڦل“ ۾ اهڙي پڌرائي ڪنداسون ته جيئن پڙهندڙن پنهنجي پسند جا ڪتاب فوراً گهرائي سگهن.

والسلام، - غلام رباني.

 

پڙهندڙن جا خط

محترم ايڊيٽر صاحب،

السلام عليڪم:

- ”گل ڦل“ جو گذريل پرچو نظر مان گذريو. پنهنجو پيارو رسالو ڏسي بيحد خوشي ٿي.

البت، اهو پڙهي ڏک ٿيو ته رسالو ٻن ٻن مهينن کان پوءِ نڪرندو. سنڌي ادبي بورڊ جو اهو فيصلو اڻوڻندڙ آهي. منهنجي اوهان کي درخواست آهي ته جيئن ته اسان جي پياريءَ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ٻارن لاءِ اهو هڪ ئي رسالو آهي، تنهن ڪري ان کي اڳئين وانگر ماهوار ڪريو.

اوهان جو ڀاءُ

منير احمد

لاڙڪاڻو(سنڌ)

 

ادا ايڊيٽر، گهڻيءَ مدت کان پوءِ پيارو رسالو ”گل ڦل“ مليو، جنهن ۾ مسٽر عزيز الله دائودپوٽي ۽ محمد ايوب شيخ جون چند شڪايتون هيون. مان انهن سان متفق آهيان. منهنجون به ڪي شڪايتون نه آهن، اميد اٿم ته انهن جو جلد تدارڪ ڪندا. شڪايتون هي آهن:

(1) رسالي جا صفحا وڌايا وڃن.

(2) هر سال ”سالگره نمبر“ کان جدا ”خاص نمبر“ به ڪڍيو وڃي.

(3) ننڍڙن اديبن کي همٿائڻ لاءِ توهان ڪجهه اپاءَ وٺو.

(4) رسالي جو سرورق بدليندا رهندا ڪريو.

(5) ڪو انعامي مقابلو شروع ڪريو.

                                        والسلام

ارباب علي ڀٽو

سکر(سنڌ)

 

پيارا ايڊيٽر، السلام عليڪم:

مون ڏٺو آهي ته رسالي ”گل ڦل“ ۾ اڪثر مضمون اداري طرفان ڏنل هوندا آهن. ائين ڇو آهي ته اسان جي ناميارن لکندڙن ۾ ٻارن جي ادب لاءِ ڪو چاهه ڪونهي؟ حقيقت ته اها آهي ته اسان جي ٻوليءَ ۽ ادب جي حفاظت جي ضمانت اهائي آهي ته اسان جي ٻارن ۾ پنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي ادبي رسالن پڙهڻ جو شوق هجي. اهو شوق ٻارن ۾ ڪيئن پيدا ٿيندو، جيڪڏهن چڱا لکندڙ ٻارن لاءِ سنڌيءَ ۾ سٺو ادب پيدا نه ڪندا.

ٻيو ته اوهان سڀ مضمون علمي ۽ ادبي نوعيت جا ڏيو ٿا. اڄ سائنس جو زمانو آهي. فقط اديبن ۽ شاعرن پيدا ڪرڻ سان اوهان آئينده نسل جي خوشحاليءَ جو بنياد رکي نه سگهندا. اوهان کي گهرجي ته ٻارن جو هنرن ۽ سائنسي ڪمن ۾ به شوق وڌايو!

والسلام

محمد اسلم

حيدرآباد(سنڌ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com