سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 1

باب: --

صفحو :8

موڪليندڙ: مير علي بخش

ڳجهارتون

 

1 . چوري مان نه ڪريان، شيءِ ڪنهن جي نه ڇڏيان،

ساٿ اٺن جا جي، سي مان سڀ ٻڌان.

2. نڪي پيدا ٿيو پاڻي مان، نڪي ٿيو ريج،

جڏهن سارنگ چڙهيو سيج، ته ڪڪر هئو ئي ڪونه.

3. جا وڃان باغ ۾ ته ڏسان وڻ جي چوٽيءَ ۾ هٿ وجهي

بيٺو آهي لِڪو، - باغائيءَ جِي جو مٿس نظر پيئي،

سو اڳ ۾ ڀڳائينس مٿو، پوءِ چيريائينس پيٽ،

- هاءِ ويچاري ڏوهه ڪهڙو ڪيو؟

4. انگڙ ونگڙ، پاسن سوڙهي،

ائين وڃي جئن تاجل گهوڙي.

ڀڃڻي

1. موت، 2. ڏاڏو آدم 3. واڱڻ، 4. ريل گاڏي.

 

ديس ديس جون خبرون

 

پاڪستان

ٻارن لاءِ ڪتاب

تازو، ڪراچي ۾، مسز باهانن نالي هڪ آمريڪي خاتون، ٻارن جي ڪتابن بابت ليڪچر ڏنا. مسز باهانن ٻارن جا ڪتاب تيار ڪرڻ ۾ ٽيهن ورهين کان به وڌيڪ عرصي جو تجربو رکي ٿي. انهن ليڪچرن جو بندوبست آمريڪي سفارتخاني وارن ڪيو هو. ليڪچرن ۾ پاڪستان جي ڪن مکيه ناشرن ۽ ڪتب فروشن جا نمائندا شريڪ ٿيا. سنڌي ادبي بورڊ پڻ انهن ۾ شامل هو.

مسز باهانن جملي ٽي ليڪچر ڏنا، جن ۾ پهريون ٻارن جي ڪتابن جي مصنفن ۽ ايڊيٽرن جي ڪمن ۽ جوابدارين تي هو: ٻيو ڪتابن جي ڌنڌي بابت هو: ۽ ٽيون ڪتابن جي عام موجودگي ۽ کاپي بابت هو.

مسز باهانن ان ڳالهه تي خاص زور ڏنو ته پاڪستان جهڙي نئين ملڪ لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته ٻارن جي ڪتابن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ملڪ ۾ لئبررين جو هڪ ڄار وڇايو وڃي.هن چيو ته:

 

 

"جيستائين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ لئبررين قائم ڪرڻ لاءِ خاطر خواه انتظام نه ڪيو ويو آهي، تيستائين ٻارن کي پنهنجي مطلب جا ڪتاب گهر ويٺي مهيا ڪري ڏيڻ ۽ منجهن ڪتابن پڙهڻ جو شوق پيدا ڪرڻ جا مسئلا حل ٿي نه سگهندا. تنهنڪري، پاڪستان ۾ سڀ کان اول لئبررين جو هڪ سٺو سرشتو قائم ڪرڻ کپي." مسز باهانن پاڪستان کان علاوه هندستان ۽ دنيا جي ٻين ڪييترن ئي ملڪن جو دورو ڪري چڪي آهي، ۽ انهن ملڪن ۾ ٻارن جي ادب کي ترقي ڏيارڻ بابت ليڪچر ڏيئي چڪي آهي.

 

صدر ايوب هڪ ترڪ شاگرد کي سوکڙي موڪلي

پاڪستان جي صدر، محمد ايوب خان، ترڪيءَ جي هڪ اسڪولي ڇوڪريءَ، مس بلقيس کي هڪ سوکڙي ۽ پنهنجي صحيح سان پنهنجو فوٽو موڪليو آهي. انهيءَ ڇوڪريءَ صدر ايوب کي قرآن ڪريم جي هڪ آيت مبارڪ ۽ "بسم الله" سٺن اکرن ۾ لکي، عمدن رنگن سان سينگاري، تحفي طور موڪلي هئي ۽ دعا گهري هئي ته ڪلام پاڪ جي برڪت سان شال پاڪستان جا ماڻهو ۽ انهن جو لائق صدر خوش گذارين. صدر پنهنجي جواب ۾ بلقيس جي شڪر ادائي ڪئي آهي ۽ دعا گهري آهي ته شال بلقيس کي ڪامياب ۽ خوشيءَ واري حياتي نصيب ٿئي.

موئن جي دڙي کي سم ۽ ڪلر کان بچائڻ لاءِ اپاءَ

سنڌ جي مشهور آثار قديمه، موئن جي دڙي کي درياءَ جي ڀرسان هجڻ ڪري سم ۽ ڪلر جو مهلڪ مرض اچي ٿيو آهي، تنهن ڪري تازو يونيسڪو اداري، ٽي ماهر موڪليا ته سرزمين تي جاچ ڪري، پنهنجي رپورٽ ڏين ته هن قديم انساني تهذيب جي اعليٰ شاهڪار کي تباهه ٿيڻ کان ڪيئن بچايو وڃي.

يونيسڪو جي انهن ماهرن پنهنجي رپورٽ حڪومت پاڪستان کي ڏني آهي، جنهن تي حڪومت غور ڪري رهي آهي. بعد ۾ حڪومت پنهنجن سفارشن سان اها رپورٽ يونيسڪو کي موڪلي ڏيندي. ان کان پوءِ يونيسڪو ان رپورٽ تي عمل ڪرڻ لاءِ مناسب قدم کڻندو.

 

انگلنڊ

رانديڪن جي نمائش

لنڊن ۾ اولپميا واري ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي رانديڪن جي نمائش ٿي گذري. هيءَ نمائش سياري جي موڪلن ۾ ڪئي ويئي، جنهن ۾ ننڍڙا جهاز، ريلون، رانديڪا، ٻارڙن جون سئنيمائون ۽ جانورن جو باغ ڏسڻ وٽان هئا. جنهن شيءِ ٻارن کي گهڻي ڪشش ٿي ڪئي، اُها هئي موٽر - رانديڪن جي ڀاڄ، جا هڪ گول ٺهيل رستي تي روزانو ٿيندي هئي. اتي بيشمار شاگرد روزانو ميڙ لڳايو بيٺا هوندا هئا. ننڍڙن ٻارن لاءِ ساڳئي نموني جو کيل الڳ هو.

هڪ ٻئي هنڌ ريل - رانديڪن جي هلائڻ جو انتظام ٿيل هو. ٻارن کي ان جو ڏاڍو شوق هو. ريلوائي رستي کي نظاري وارو بنايو ويو هو: ان تي ڪٿي وڻ هئا، ڪٿي درياءَ، واهه ۽ پليون هيون، ته ڪٿي وري هيٺ - مٿانهيون هيون.

هڪڙي هنڌ ننڍڙا راڪيٽ مٿي هوا ۾ اڏامڻ لاءِ تيار بيٺا هئا. ٻارن انهن کي وري وري پئي ڏٺو.

نمائش ۾ جانورن جو به بندوبست ڪيو ويو هو. ازانسوا”، هزار کن تصويرون ۽ خاڪا پڻ نماءَ لاءِ رکيل هئا.

راندين ۾، سائيڪل هلائڻ ۽ موٽرن ڀڄائڻ جي سکيا ڏني ٿي وئي. ساڳئي وقت ٻيڙيون پڻ هلايون ٿي ويون. لنڊن ۾ هن قسم جي نمائش وري ايندڙ سال ٿيندي. (ليونارڊ موڪسن)

 

روس

دل جي آپريشن جو هڪ شاندار ڪارنامو

روستوف ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊاڪٽر دل جي هڪ ڏکئي آپريشن ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. والڊ ميئر پوزناڪوف نالي هڪ شخص کي ڇاتيءَ ۾ سئي لڳي، جا سڌي سندس دل ۾ کاٻي پاسي چڀي ويئي. ڊاڪٽر بنا وقت وڃائڻ جي هڪدم هن کي ميز تي سمهاري،سندس دل جو ايڪس - ري ڪيو، ۽ پوءِ فوراََ آپريشن شروع ڪيو. ڪلاڪ جي محنت بعد ڊاڪٽرن سندس دل مان سئي ڪڍي ورتي. والڊ ميئر هاڻي خوش آهي.

 

فرانس

ليوڪيميا جو علاج

گسٽن نسينس نالي هڪ مشهور فرانسيسي ڪيميائي ماهر دعوا ڪئي آهي، ته هن ليوڪيميا بيماريءَ جو علاج ڳولي لڌو آهي.

ليو ڪيميا بيماريءَ ۾ رت جا اڇا جزا وڌي پوندا آهن. اها بيماري موتمار آهي.

 

اولهه جرمني

ٻارن کي موٽرن جي حادثن کان بچائڻ لاءِ انوکو اپاءُ

اولهه جرمنيءَ جي وڏن شهرن ۾، گهڻين موٽرن جي ڪري، رستن تي ننڍن ٻارن جا گهڻا حادثا ٿين ٿا. اهڙن حادثن ۾ گذريل سال 11 ٻار موت جو شڪار ٿيا: 323 سخت زخمي ٿيا، ۽ 884 ٻارن کي معمولي ڌڪ لڳا. انهيءَ مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ اولهه برلن ۾ تعليم کاتي ۽ ٽرئفڪ اختياريءَ وارن فيصلو ڪيو ته اسڪولي ٻارَ پيلي رنگ جون خاص نموني جون ٺهيل ٽوپيون پائين، ته جيئن موٽر ڊرائيور پري کان کين سڃاڻي، پاسو ڪري وڃن.

انهيءَ فيصلي موجب، هاڻي اولهه برلن ۾ 16000 ٻار ايندڙ مهيني کان پيليون ٽوپيون پائي، گهر مان نڪرندا. هڪ ٽوپيءَ تي اٽڪل چار رپيا خرچ ايندا، پر اولهه برلن شهر جي اختياريءَ وارن فيصلو ڪيو آهي ته هو ست هزار ۽ پنج سؤ ٽوپيون پنهنجي خرچ سان ٺهرائي، غريب شاگردن کي مفت ۾ ڏيندا.

 

هندستان

ٻارن جي تصويرن جي چٽاڀيٽي

تازو، دهليءَ ۾، دنيا جي مختلف ملڪن جي ٻارن جي ڪڍيل تصويرن جي سالياني چٽاڀيٽي ٿي، جنهن ۾ پنج انعام پاڪستاني ٻارن کي به مليا آهن.

هن سال چٽاڀيٽيءَ ۾، دنيا جا 84 ملڪ شريڪ ٿيا ۽ مقابلي لاءِ پهتل تصويرن جو تعداد هڪ لک ڏهه هزار هو.

چٽاڀيٽيءَ جي شروعات 1949ع ۾ ڪئي ويئي هئي. انهيءَ سال ڪل 13 ملڪ چٽاڀيٽيءَ ۾ شريڪ ٿيا هئا، ۽ پهتل تصويرن جو تعداد ڇهه هزار هو. انهيءَ کان پو”، هر سال تصويرن جي چٽاڀيٽي ٿيندي رهي آهي. هن سال پهريون انعام هندستان ۽ ٻيو انعام ڪئناڊا کٽيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com