سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 1

باب: --

صفحو :9

ادارو

سوال جواب

 

 

قاسم شاهه ڪراچي

سوال: اهو ڪهڙو بادشاهه هو، جنهن کي راڳ کان ايڏي ته نفرت هئي، جو ڳائڻا مٿس ٺٺولي ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن راڳ جو جُڙتو - جنازو ٺاهي اچي سندس محلات کان لنگهيا ته هنن کي ڏسي چيائين "اهڙو اونهو پورجوس، جو وري نه جاڳي."

جواب: اورنگزيب، مغل بادشاهه.

سوال: راڳ ڳائيندڙ (گويي) جو درجو وڌيڪ آهي يا راڳ جوڙيندڙ (شاعر) جو؟

جواب: هر فنڪار پنهنجي فن ۾ جنهن حد تائين ڪماليت جو درجو رکي ٿو، اهو انهيءَ حد تائين بلند آهي.

 

محمد مراد،لاڙڪاڻو

سوال: "گل ڦل" رسالو پاڪستان کان ٻاهر به ويندو آهي؟

جواب: هائو، هندستان ۾.

سوال: سنڌيءَ وانگر سرائڪي ٻوليءَ ۾ به اخبارون ۽ رسالا نڪرن ٿا؟

جواب: اسان جي نظر مان ته ڪو سرائڪي رسالو يا اخبار نه نڪتي آهي.

 

زبيده، سکر

سوال: ادا، رسالي جي گذريل پرچي ۾ "هنن سان ملو" عنوان ڪونه هو، سو ڇو؟

جواب: ڀيڻ، ان عنوان لاءِ ٻارن وٽان مواد (تعارف) ڪونه آيو هو.

سوال: ادا، جيئن "گل ڦل" ٻارن جو رسالو آهي، تيئن هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ زالن جو به اهڙو ڪو رسالو آهي؟

جواب: ڀيڻ، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ زالن جو رسالو ڪوبه ڪونهي.

 

گلزار احمد ميمڻ، ميرپورخاص

سوال: ادا، شاهه ڀٽائي وڏو شاعر هو يا اقبال؟

جواب: ڀاءُ، شاهه ڀٽائي سنڌي زبان جو وڏو شاعر هو، ۽ اقبال اردو زبان جو.

سوال: مان ٽي سوال موڪليان ته ٽنهي جا جواب ڏيندا؟

جواب: هڪ ڪاٽي ڇڏبو، باقي ٻن جا جواب ڏبا: جيئن گذريل پرچي جي "ڀلا ٻڌايو ته ..." ڪالمن ۾ ٻڌايو ويو هو.

 

پروين، حيدرآباد

سوال: ادا، مان ٽئين ڪلاس ۾ پڙهان ٿي. آءٌ سڄي ڪلاس ۾ هوشيار آهيان، مون کي ڊبل پروموشن ملي سگهندو؟

جواب: ڀيڻ، تون پنهنجي ڪلاس جي ماستر يا ماسترياڻيءَ سان ڳالهه ڪر.

 

محمود شاهه، دادو

سوال: اوهان کي سڀني کان وڌيڪ ڪهڙو پکي وڻندو آهي؟

جواب: ڪڪڙ، ڇو ته اها ناشتي لاءِ آنا ڏيندي آهي.

سوال: ادا، مون کي جن ڏسڻ جو شوق آهي، ڇا ڪريان؟

جواب: ادا، اسان ته ماڻهن کي ائين چوندي ٻڌو آهي:

"نڪو جنُ جهانَ ۾، نڪو ڀوت پريت."

 

محمد يعقوب، ڪراچي

سوال: اڄڪلهه سنڌ ۾ جنڊيءَ جو سڀ کان سٺو ڪم ڪٿي ٿئي ٿو؟

جواب: هالن ۾.

سوال: اڪبر وڏو بادشاهه هو يا سڪندر؟

جواب: اڪبر، ڇو ته هو "سٺو بادشاهه" هو - "وڏو" اهو آهي جو "سٺو" هجي.

 

عبدالشڪور، ڪنڌڪوٽ

سوال: ادا، مان اوهان کي اهڙو سوال موڪليا، جو اوهان پڙهي ڪاوڙجي پئو ته پو”؟

جواب: ڀاءُ، تنهنجي هن سوال ته کلائي وڌو.

 

حميده خاتون، سکر

سوال: ادا، چون ٿا ته زيتون جو وڻ پاڪ آهي، هائو؟

جواب: ڀيڻ، چوندا آهن ته سڀ ميويدار وڻ پاڪ آهن ۽ اهي به جيڪي ٿڌي ڇانوَ ڪن.

سوال: ادا، مان حسابن ۾ هوشيار ڪيئن ٿيان؟

جواب: ڀيڻ، تون واندڪائيءَ جي وقت حساب ويهي ڪر.

 

هدايت الله قريشي، عمرڪوٽ

سوال: "سنڌ" لفظ اصل ڪهڙيءَ ٻوليءَ جو آهي؟

جواب: "سنڌ" لفظ سنڌوءَ مان نڪتو آهي ۽ اهو اصل سنسڪرت ٻوليءَ مان نڪتل آهي.

سوال: ميرن کان سنڌ جي بادشاهي ڪنهن کسي ۽ ڇاجي ڪري؟

جواب: انگريزن، - انهيءَ ڪري جو مير پاڻ ۾ ٺهيل نه هئا. مشهور چوڻي آهي ته "ميرن کي گهر مان لڳي."

 

محمد پريل، شهدادپور

سوال: ادا، اهڙو ڪو شعر ٻڌايو، جنهن جي معنيٰ ڀلي ڏکي هجي، پر تمام سٺي هجي؟

جواب: سچل جو شعر آهي، ٻڌو:

"مين ته ڪوئي خيال هان،

مِلسان نال خيال دي."

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com