سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 12/ 1996ع

باب: --

صفحو :5

عمران نائين ڪلاس تائين پهچي ويو. عمران سڄي ڪلاس جي ٻارن کان ڏاڍو هوشيار ۽ محنتي ڇوڪرو هو. هو امتحان ۾ پهريون نمبر کڻندو هو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن جي ماءُ وفات ڪري وئي. هن جي ماءُ هن کي نصيحت ڪئي هئي ته: ”ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهائجان، چوري نه ڪجان.“

عمران پنهنجي پڙهائي پوري ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ هليو ويو. جتان واپس اچي وڏو آفيسر ٿيو. هاڻي هو ڪراچي ۾ آفيسر آهي، اها خبر هن جي پيءُ کي ملي ته هو خوشيءَ ۾ الله کي پيارو ٿي ويو. جڏهن عمران ڳوٺ پهتو ته هن جو پيءُ وفات ڪري ويو هو، انهيءَ مان اسان کي سبق ملي ٿو ته اسان به عمران وانگر محنت ڪريون ۽ وڏي درجي تائين پهچون ۽ عمران وانگر پهريون نمبر کڻندا ڪريون.

گل ڦل قلمي دوستي

* نالو: عليم رضا هاليپوٽو، ڪلاس: ستون

وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر 12 سال

ائڊرس: معرفت محمد عظيم هاليپوٽو، پوسٽ آفيس هٽڙي، ضلعو حيدرآباد.

* نالو: سعيد احمد چاچڙ، ڪلاس: اٺون،

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 13 سال

ائڊريس: معرفت هيڊ ماستر گورنمينٽ هاءِ اسڪول مارو والا وايا ڏهرڪي.

* نالو: پرويز جان ساهڙ، ڪلاس: انٽر سائنس

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: پوسٽ آفيس شاهه پنجو سلطان، تعلقو ميهڙ.

* نالو: غلام شبير شيخ، ڪلاس: نائون

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 17 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ماٿيلو مومل جي ماڙي.

* نالو: سيد غلام شبير، ڪلاس: اٺون سي

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: معرفت زيب ميڊيڪل اسٽور، حسيني روڊ نوابشاهه.

* نالو: لالچند ديوان، ڪلاس: نائون اي

وندر گل ڦل پڙهڻ، عمر: 14 سال،

ائڊريس: معرفت رميش ڪمار پان هائوس، درگاهه روڊ ڀٽ شاهه.

* نالو: ناز علي چاوڙو، ڪلاس: اٺون بي

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر : 13 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول چوهڙ جمالي، تعلقو شاهه بندر.

* نالو: علي گُل مڱڻيجو، ڪلاس: نائون اي

وندر: ننڍڙن ٻارن سان پيار، عمر: 15 سال

ائڊريس: اي صديقي ڪالوني وارهه ضلعو، لاڙڪاڻو.

* نالو: اعجاز قادر مهر، ڪلاس: نائون

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: پوسٽ آفيس رُڪ ضلعو شڪارپور.

* نالو: علي حسن ساريو، ڪلاس: ڏهون اي

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: مرڪ فوٽو اسٽوڊيو، بس اسٽاپ، خيرپور ناٿن شاهه.

* نالو: نظام الدين لاکو، ڪلاس: ڏهون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 14 سال

ائڊريس: ساگر ٽيلرز محمود مارڪيٽ ضلعو نوابشاهه.

* نالو: محمد امين جروار، ڪلاس: فرست ايئر

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: ڳوٺ عبدالله خان جروار، وايا ٽنڊو جان محمد.

* نالو: محمد عرس چانگ، ڪلاس: ڏهون

وندر: علم سان پيار، عمر: 15 سال

ائڊريس: پوسٽ آفيس حاجي علي محمد پنجابي، تعلقو ماتلي.

* نالو: عبدالحق شاهاڻي، ڪلاس: ڏهون

وندر: انسانن سان پيار، عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول گڏيجي.

* نالو: عبدالوهاب جروار، ڪلاس: نائون

وندر اسلامي ڪتاب پڙهڻ، عمر: 13 سال

ائڊريس: اسلامي مدرسه ميرپور ڀٽو، لڳ رتوديرو.

* نالو: نارائڻ داس، ڪلاس: اٺون اي

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: نارائڻ داس بوٽ هائوس صمد مارڪيٽ عمرڪوٽ.

* نالو: لياقت علي سهارڻ، ڪلاس: نائون اي

وندر: رسالا پڙهڻ، عمر : 14 سال

ائڊريس: معرفت نيو حيدري ٽيلرز ڀريا وليج ڄامشورو.

* نالو: نور احمد، ڪلاس: اٺون بي

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 13 سال

ائڊريس: شبير ٽيلرز سجاول.

* نالو: سڄڻ خان تبسم، ڪلاس: ڏهون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ملڪ، تعلقو مورو.

* نالو: سيف الله ٻگهيو، ڪلاس: ڏهون اي

وندر: علم سان چاهه، عمر: 15 سال

ائڊريس: معرفت وفا گل ميڊيڪل اسٽور،

پوسٽ آفيس، بهاول زنئور، ضلعو حيدرآباد.

* نالو: جهانگير بلوچ، ڪلاس: ستون سي

وندر: سائنس پڙهڻ، عمر: 12 سال

ائڊريس: شرڳوٺ تعلقو کپرو.

* نالو: محمد سومار شر بلوچ، ڪلاس: ستون سي

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 12 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول کپرو.

* نالو: علي حيدر ٻارڻ، ڪلاس: ڏهون

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول جاتي، ضلعو ٺٽو.

* نالو: عبدالواحد ميمڻ، ڪلاس: ڏهون

وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر 16 سال

ائڊريس: معرفت حاجي رحمت الله دڪاندار،

بس اسٽاپ هنڱورجه.

* نالو: مڪيش داس، ڪلاس: ڏهون

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 17 سال

ائڊريس: گڊلڪ ميڊيڪل اسٽور، پوسٽ آفيس ڪنري پاڪ.

* نالو: ڀيشم ڪمار لوهاڻو، ڪلاس: نائون اي

وندر: علم سان پيار، عمر: 14 سال

ائڊريس: لال ميڊيڪل اسٽور، عمرڪوٽ.

* نالو: مير اعجاز علي ناريجو، ڪلاس: انٽر

وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر: 17 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول نئون ديرو.

* نالو: خاوند بخش سنديلو، ڪلاس فرست ايئر

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر 16 سال

ائڊريس: پوسٽ داد لغاري، ڳوٺ چوهڙ پتافي ضلعو گهوٽڪي.

* نالو: نصر الله کٽي، ڪلاس: اٺون

وندر: علم سان چاهه، عمر 12 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول چوهڙ جمالي.

* نالو: گل پٺاڻ گڏاڻي، ڪلاس: اٺون بي

وندر: مارؤڙن سان چاهه، عمر: 13 سال

ائڊريس: ويجهو پوسٽ آفيس ميرپور ماٿيلو.

* نالو: محمد خان سولنگي ڪلاس: اٺون بي

وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول چوهڙ جمالي، تعلقو شاهه بندر.

* نالو: شفيع محمد دايو، ڪلاس: ڏهون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 17 سال

ائڊريس: معرفت: حمزو لاکو دڪاندار پوسٽ آفيس سڪرنڊ ضلعو نوابشاهه.

* نالو: ممتاز علي بروهي، ڪلاس: چوٿون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 10 سال

ائڊريس: مدرسه عربيہ محمديه فريد آباد، ميهڙ

* نالو: تبسم زاهد سومرو، ڪلاس: ڏهون

وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: معرفت ممتاز ميڊيڪل اسٽور پوسٽ آفيس خيرپور ناٿن شاهه.

* نالو: ذاڪر حسين ساهڙ، ڪلاس: ستون اي

وندر: علم سان چاهه، عمر: 12 سال

ائڊريس: ڳوٺ ڪنڊو ساهڙ پوسٽ آفيس شاهه پنجو سلطان تعلقو ميهڙ.

* نالو: ممتاز علي چانڊيو، ڪلاس: ڏهون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول مبارڪپور،تعلقو ٺل.

* نالو: رامچند راءِ، ڪلاس: انٽر پي ميڊيڪل

وندر: ريڊيو ٻڌڻ، عمر: 17 سال

ائڊريس: اوتم داس هارڊويئر اينڊ پينٽ هائوس ٿر بازار عمرڪوٽ.

* نالو: فياض حيدر ڀٽي، ڪلاس: ڇهون اي

وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 10 سال

ائڊريس: شاهه آباد محلو، دادو.

* نالو: آنند ڪمار، ڪلاس: نائون بي

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏيپلو.

* نالو: محمد جمن خاصخيلي، ڪلاس: اٺون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 13 سال

ائڊريس: ڳوٺ ڌڱاڻو بوزدار، تعلقو ٽنڊو الهيار.

* نالو: فرما علي ميمڻ، ڪلاس: ڏهون بي

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: عوامي ميڊيڪل اسٽور، عمر ڊهو سرحد ضلعو گهوٽڪي.

کل ته سهي

* هڪ ڇوڪر استاد کي ”سائين جيڪو ڪم مان ڪيان ڇا ان جي سزا به مون کي ملڻ کپي“  نه پٽ، شاگرد: سائين پوءِ مون هوم ورڪ ڪونه ڪيو آهي، ان جي سزا ڇو ٿي ملي.

ـــ  علي نواز گرماڻي. ميهڙ

 

* هڪ همراهه شادي ڪئي، پر سندس گهر واريءَ گهر جو ڪم ڪار اصل نه ڪندي هئي، هڪ ڏينهن ان همراهه جي ماءُ گهر کي ٻهاري ڏيئي رهي هئي ته همراهه ماءُ کي چيو ”امان ٻهاري مون کي ڏي من مون کي ٻهاري ڏيندي  ڏسي، منهنجي زال کي احساس ٿئي، ”همراهه ماءُ کان ٻهارو وٺي ڏيڻ لڳو، اهو ڏسي گهر واري کلندي چيو، اهو ڪم آ فرمان بردار پٽ جو ته ماءُ سان ڪم ۾ هٿ ونڊاءِ.

ـــ ننگر سومرو، گلشن حديد ڪراچي

* همراهه گنجو هوندو هو، هڪ ڏينهن شهر ۾ آيو، سو دوست جي صلاح سان وارن جي وگ ورتائين، اها پائي گهر موٽيو جيئن گهر ۾ داخل ٿيو ته سندس پٽ دانهن ڪري ماءُ کي چيو، ”امان بابي جي مهانڊي الائي ڪير گهر ۾ اچي رهيو آهي.

ــــ غلام اڪبر ميمڻ، سعيد آباد

* فقير، هڪ ٻار کي چيو، ”بابا منهنجو هڪڙو سوال پورو ڪندا“، ڇوڪر جواب ڏنو، فقير مون اسڪول جا ٽي سوال ڪونه ڪيا آهن.

ــ عبدالرحمان قريشي، بٺورو

* گهر جي اڱڻ ۾ نم جي وڻ تي ٻار هر هر چڙهي رهيو هو، ماڻس چيس: ڇورا، جي اتان ڪري پئين ته پاڻي ڍڪ به نه پي سگهندين؟ ڇوڪري چيو: امان ڪا ڳالهه ڪانهي، مان پاڻي پي، پوءِ چڙهي رهيو آهيان.

ـــ غلام مجتبى لاشاري، جوهي

*  هڪ ڇوڪر، ڊاڙ هڻندي چيو: بابا چوندو آهي ته اسان جي ڏاڏي جو پيٽ ايڏو وڏو هوندو هو جو هو پاڻيءَ جا ڏهه ڊرم پي ويندو هو، ٻئي ڇوڪر چيو: ها، بابا چوندو اهي ته ٻن ڏينهن جو پاڻي گهر ۾ گڏ ڪري رکندا هئا، ڇو جو درياءَ پر هوندو هو، پهريون ڇوڪر، اهو پاڻي ڇا ۾ رکندا هئا، ٻيو ڇوڪر، ”تنهنجي ڏاڏي جي پيٽ ۾.“

ـــ اجئه ڪمار خيرپور ناٿن شاهه.

* هڪ شخص خ کي ق ڪري اچاريندو هو، هڪ ڀيري ڪنهن قبرستان مان لنگهي رهيو هو، ته ٿاٻو آيس ۽ ڪري پيو، هئين چوندي اٿيو ته مون کي ڪهڙي قبر ته هتي رڳو خبرون ئي خبرون آهن.

ـــ محبوب علي لغاري، داد لغاري.

* هڪ ڇوڪر، ماءُ کي چيو: امان سائين چيو آهي ته سڀاڻي وار ڪلر وٺيو اچجان، ماڻس چيس: ابا سڀاڻي کڻي واٽر ڪولر کنيون وڃجان.

ــــ عبدالرشيد ميمڻ، ميهڙ.

* استاد شاگر کي: پٽ سيلون ڪٿي آهي، شاگرد: سائين شهر ۾ کوڙ سيلون آهن، اوهان ڪهڙي حجم جي سيلون پڇو ٿا.

ـــ جاويد، احمد لاشاري، خيرپور ناٿن شاهه.

*  هڪ همراهه گڏهه تي بار کڻي وڃي رهيو هو، اڳيان چڙهائي هئي، سو گڏهه بيهي رهيو، همراهه گهڻا لڪڻ هينس، پر گڏهه هلي ئينه، ايتري ۾ هڪ همراهه کي رحم آيو، ان گاڏي کي پٺيان ڌڪيو، ۽ گڏهه سهاري ملڻ ڪري هلڻ لڳو ته همراهه گاڏي مان هٿ ڪڍيا، گڏهه گاڏي واري چيس، يار تنهنجي مهرباني، هت ته گڏهه جي جا نه هئي.

ـــ  هالار ابڙو، ڄامشورو

*  هڪ ڇوڪر کان ڀاءُ پڇيو، منهنجو تاريخ جو ڪتاب ڪٿي آهي، ڇوڪر جواب ڏنو، اهو نه جنهن کي تون چوندو آهين ته خشڪ آهي، ڀاڻس ها، اهو.

ننڍي ڀاءُ چيو: ادا، اهو ته مون ٿالهه ۾ پاڻي وجهي ان ۾ رکي ڇڏيو آهي، جيئن خشڪي ختم ٿي وڃيس.

ـــ عبدالرسول جمالي، بدين.

*  هڪ همراهه کي ڪار چوري ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو، ان کان صوبيدار پڇيو، تو ڪار ڇو چوري ڪئي، چور: سائين قبرستان جي ٻاهر يبٺي هئي، مون سمجهيو ته مالڪ مري ويو اٿس لاوارث آهي.

ـــ عابد علي سولنگي، دادو.

* ٻه پناهه گير پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا، هڪ چيو يار هتي، اچي الائي جي ڇا ٿيو آهي نه ته هندستان ۾ منهنجي ڏاڏي جي نالي چوندا آهن ته ايڏو بهادر هو جو، هڪ ڀيري هڪ انگريز سان گڏ وڃي رهيو هو، واٽ تي شينهن تي نظر پين، انگريز سياڻو هو، سو وڻ تي چڙهي ويو، پر منهنجو ڏاڏو ايڏو بهادر هو جو شينهن سان اکيون ملائي شينهن کي ڏسڻ لڳو ۽ شينهن ڏڪڻ لڳو ته منهنجو ڏاڏو به ڪاوڙ مان ڏڪڻ لڳو، ايتري ۾ انگريز وڻ مان بندوق سان فائر ڪيو، شينهن زخمي ٿي ڪري پيو، ۽ منهنجو ڏاڏو به ڪري پيو، ڪپڙا ڇنڊي، انگريزکي ڪاوڙ ۾ چيائين، بزدل فائر نه ڪرين ها، مان شينهن کي جيئرو اکين اکين سان ماري ڇڏيان ها.

ـــ محمد رجب ڪنڀر، ڪوٽ غلام محمد

* هڪ ڇوڪر کان، استاد پڇيو، پٽ: رسالي جو جمع ڇا آهي، شاگرد: سائين رسالپور.

ـــ حيدر علي جويو، دادو.

*  هڪ ٻهراڙي جو همراهه جيڪو ڪجهه سنڌي پڙهيل هو، سو جڏهن شهر ۾ هڪ دڪان تان لنگهيو ته لکيڪ هو بيت البصر، دل ۾ چيائين: مار، اسان وٽ بصر گاڏن تي پيا هوندا آهن، هت بصرن لاءِ اهڙو دڪان.

ـــ عاجز پتافي، خيرپور ميرس

* استاد شاگرد کان پڇيو، پٽ سج ۽ چنڊ ۾ ڪهڙو فرق آهي.

شاگرد جواب ڏنو: سائين امان چوندي آهي ته سج ماءُ جو نافرمان آهي ان لاءِ ماءُ پٽيو هوس ته سدائين تتل رهندين، پر چنڊ ماءُ جو فرمانبردار پٽ هو، ان کي ماءُ دعا ڪئي هئي ته، پٽ: سدائين ٿڌو رهندين ۽ هر مهيني نئون ٿي اڀرندين بس، سائين اهوفرق آهي.

ـــ علي محمد سولنگي، سجاول.

خــط

پيارا چاچا،

گذارش ته ماهه آڪٽوبر 1996ع جو گل ڦل هٿن ۾ آيو، مضمونن ۽ ڪهاڻين جي سهيڙ سٺي نظر آئي، خاص طور تي مير آصف مسعود پنهور جو مضمون ڪائنات جو مطالعو نهايت معلومات لڳو. ڪهاڻين ۾ عطا محمد ڀنڀرو جي جهڙپو رڇ، عبدالسلام عبد ٿهيم جي چوري، شرارت ۽ ڪوڙ، ڊاڪٽر منير احمد چنا جي ٻار جي اُڏام، ۽ نسيم حبيب کوسو جي شرارت جي سزا رسالي جي جان آهن. شاعري ۾ جوهر بروهي، بشير سيتائي، مختيار گهمرو ۽ آصف مٺياڻوي جا نظم پسند آيا.

رنگ ڀريو ۽ نالا سڃاڻو سلسلو ختم نه ڪندا اهي ٻئي سلسلا جاري رکندا.

اوهان جو ننڍڙو ڀائيٽيو

فياض حيدر ڀٽي، شاهه آباد محلو، دادو.

ادا،

مان رسالي جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، ۽ هي ٽيون خط لکي رهيو آهيان، ڇو ڀلا اهڙي ڪاوڙ؟ جي اسان غريبن کان ڪا غلطي ٿي آهي ته معافي ٿا گهرون، ڇا اوهان خط پيسن تي شايع ٿا ڪريو ته پوءِ ڪريو ته پوءِ پيسا به موڪليان.

اوهان جو ننڍڙو ڀاءُ

”اداس“ عبدالوحيد ميمڻ، لاڙڪاڻوي

 

ادا،

آئون گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، اڳ ۾ به ڪافي خط لکيم مگر اوهان صرف نالو شايع ڪيو.

منهنجي هٿ ۾ آڪٽوبر وارو رسالو آهي، جنهن ۾ سڀ لکڻيون سٺيون ۽ معياري هيون.

ادا آئون به هڪ ڪهاڻي ”علم جي اهميت“ ۽ نالا سڃاڻو موڪلي رهيو آهيان، اميد ته قبول ڪري همت افزائي ۽ رهنمائي ڪندا، ڀاءُ آئون هن رسالي کي دل و جان سان پسند ٿو ڪريان، مهرباني ڪري اهڙو قدم کڻندا جو اسان ۽ گل ڦل جي وچ ۾ ڪو فرق نه پوي.

اوهان جو ڀاءُ

راجا ارشاد ڪيريو

ادا،

جيئن ته مان گل ڦل گهڻي وقت کان پڙهندو رهيو آهيان، ۽ لکندو به رهيو آهيان پر افسوس جو توهان منهنجو موڪليل مواد هر ڀيري نظر انداز ڪري ٿا ڇڏيو، ڇو ڀلا ڪا ناراضگي آهي يا مواد غير معياري هوندو آهي، ته اسان وڌيڪ ڪوشش ڪري معياري مواد موڪليون.

لکندڙ: راحب علي مهر، ڳوٺ دلمراد مهر، ڏهرڪي.

 

پيارا ادا،

جيئن ته هي منهنجو پهريون خط آهي، مگر مان گل ڦل باقاعدگيءَ سان پڙهندو آهيان، ۽ آڪٽوبر جو رسالو هٿن ۾ آهي، هن ۾ جهڙپو رڇ، آئينو، هٿ ۾ هٿ، چوري، شرارت ۽ ڪوڙ، ٻار جي اڏم، ٻارن جي ٻُڌي، ڪم ۽ قول وغيره تمام سٺيون لڳيون ۽ هي خط ردي جي ٽوڪري ۾ نه اڇلائيندا، ته مهرباني ٿيندي، اوهان جور سالو تمام بهترين آهي، اوهان جو پيارو ۽ ننڍو ڀاءُ رسالن ۾ دلچسپي وٺي ٿو.

اوهان جو پيارو ڀاءُ: طارق حسين سومرو،

امير بخش ڪالوني، ڏهرڪي.

 

ادا،

مان گل ڦل مئگزين جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، مان توهان ڏي لاتعداد خط لکي چڪو آهيان، پر افسوس جو توهان منهنجو هڪ خط به شايع نه ڪيو آهي، ۽ ٻين جا گهڻا خط شايع ٿا ڪريو، ڇا توهان سفارش تي خط شايع ڪندا آهيو يا رشوت تي، جي ائين آهي ته پوءِ مون کي ايتري طاقت نه آهي، جو ڪنهن کان سفارش ڪرايان يا رشوت ڏيان، ڇو جو مان غريب آهيان، جي هي خط به شايع نه ٿيو ته پوءِ هي منهنجو آخري خط سمجهندا.

مهرباني.

توهان جو ننڍو ڀاءُ

اصغر علي گهوٽو، گڊو بئراج آفيس، گهوٽڪي.

 

ادا،

جيئن ته ماه آڪٽوبر جو رسالو ائين پي ڏٺو سين جيئن ماهه رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسبو آهي.

پر اهو چنڊ به وڌ ۾ وڌ ٻن ٽن ڪلاڪن يا ڏينهن يا ٻئي ڏينهن تي ڏسبو آهي، پر گل ڦل ان کان چڙهي ويو، ايتري دير ٿا موڪليو جو هر روز شهر ٿا پڇا ڪرڻ اچون، اوهان سوچيو ته گل ڦل لاءِ هڪ ڏيڍ مهينو انتظار ڪرڻ سان گهڻو ڪرايو ايندو. اهو اوهان تي ٿورو نه ٿا ڪريون، پر اهو سڀ ڪجهه گل ڦل جي شوق جي ڪري ڪريون ٿا، اها اسان جي شڪايت دور ڪندا ته مهرباني ۽ ماهه آڪٽوبر ۾ اخلاق جو اعلى مثال، جشن آزادي جو احوال، سفر نامو، ڪائنات جو مطالعو، ٺٽي جو سير، آزادي جو جشن، علم، مٺڙي ماءُ، جهڙپو رڇ پسند آيا.

وفا مهرالله مري، کور واهه

چاچا سائين هي مان پهريون ڀيرو گل ڦل ۾ شامل ٿي رهيو آهيان، مهرباني ڪري چاچا سائين توهان پنهنجي (بلڪ) اسان جي هن رسالي گل ڦل ۾ ضرور جاءِ ڏيندا ته شڪرگذار رهندس، چاچا سائين مون گل ڦل پڙهيو، منهنجي دل کي ڏاڍي چاهت ۽ ڏاڍو مزو سڪون مليو، سوچيم ته هن سهڻي ۽ مٺڙي رنگارنگي گل ڦل ۾ حصو وٺان.

عبدالغفار عرف محمد صديق مارفاڻي، ڳڙهي ياسين

 

چاچا،

اوهان طرفان اماڻيل گل ڦل ماهه آڪٽوبر جو ميلو لبن تي مرڪ تري آئي ۽ خوشي محسوس ڪيم، مئگزين جو مطالعو ڪيم، هر هڪ ڪهاڻي ۽ مضمون اڳي جيان سٺا لڳا ۽ وري ڪو نئون مواد سرچڻ لاءِ سوچيم، نيٺ هاٿي بابت هڪ معلوماتي مضمون ترجمو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس، اهو ڪيتري قدر معلوماتي ۽ ادبي اوسر تي پورو لهي ٿو، اهو وقت تي ڇڏيل آهي. مناسب سمجهو ته شايع ڪندا نه ته وڌيڪ راز جا راڻا آهيو.

هر مهيني ڪانه ڪا تازي شاعري اماڻيان پيو پر اها نه پئي ڇپجي، ڇا سبب آهي؟ ڇا منهنجي شاعري ٻارڙن جي ڏانءُ کان گهٽ وڌ آهي، يا مون ۾ شاعرانه صلاحيت ڪانهي، جواب ڏيندا ته ڪروڙين قرب (گل ڦل ۾ هاٿي تي مضمون هن ئي سال شايع ٿيو آهي.)

فقط اوهانجو ڀائيٽو

عطا ”عاجز“ ڀٽو، گهوٽڪي.

 

محترم اڪبر جسڪاڻي

جيئن ته گل ڦل جو پرچو پهريون ڀيرو خريد ڪيم، رسالي جو سڄو مواد سٺو لڳو، مان به سوچيم ته ڇو نه رسالي ۾ مواد لکي حصو وٺان، هاڻي هن خط سان گڏ قلمي دوستي به موڪليان ٿو، اميد ته شايع ڪري همت افزائي وڌائيندا.

فقط اشفاق حسين رُڪ، ڳوٺ رُڪ.

 

ادا،

رسالو ڏاڍو وڻندڙ ۽ مزيدار پيو لڳي، مزيدار مان مواد کل ته سهي جو انتخاب بهترين هوندو آهي، بهرحال ٻارڙن جو ورونهن جو سامان ان ۾ گهڻي قدر موجود هوندو آهي، نصيحت ڀريا مضمون ٻارڙن جي نصاب مطابق ڏيئي رهيا آهيو، اوهان ۽ اوهان جي دوستن جي ڪاوشن جو اهو تمام سٺو نتيجو آهي، اوهان يقيناً مبارڪباد جا مستحق آهيو.

عزيز بلال بروهي، لاڙڪاڻو.

 

چاچا،

مان گل ڦل ۾ پهرين ڀيرو شرڪت ڪري رهيو آهيان، مون پهريون ڀيرو هي رسالو خريد ڪري پڙهيم ۽ پڙهڻ سان ئي دل کي موهي ڇڏيو، ۽ هر مهيني خريد ڪري پڙهڻ جو وچن ڪري ڇڏيم، چاچا توهان مون کي شامل ڪري مايوس نه ڪندا، توهان جو احسان مند رهندس، مون کي سٺا سٺا رسالا پڙهڻ ۽ سٺيون سٺيون ڳالهيون ٻڌڻ جو ڏاڍو شوق آهي ۽ اهو شوق مون کي گل ڦل رسالي پڙهڻ سان پورو ٿي ويو آهي.

اوهانجو: وفا نياز حسين نونداڻي، ٽنڊو ڄام

چاچا،

توهان جور سالو گل ڦل آڪٽوبر جو پرچو سٺو لڳو، هن پرچي ۾ هڪ ڏک جهڙي ڳالهه شامل آهي، نقل ڪرڻ، اسان جي هڪ نئين ليکڪ ڀاءُ ”پکين جو سفر“ اردو رسالي ”پيغام“ جيڪو مئي 1990ع جو پرچو هو ان مان ترجمو ڪري توهان ڏانهن اماڻيو، اسان کي ڏک ٿئي ٿو ته اسان جا نوان ليکڪ ائين ڪرڻ تي ڇو مجبور آهن، سو اهڙن دوستن کي هٿ ٻڌي التجا ٿي ڪجي ته نقل نه ڪن، ٿورو لکن پر نقل نه ڪن، چاچا مون کي اميد آهي ته خط ردي جي ٽوڪري کان بچائيندا ته مهرباني ٿيندي. هي منهنجو پهريون خط آهي، ۽ ان خط لکڻ تي مون کي ڪنهن دوست مجبور ڪيو نه ته مان نه لکان ها ڇا جي ڪري جو توهان خط پڙهي يا نه پڙهي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو ٿا.

ممتاز علي چانڊيو ۽ شاهد ڀٽو،

تعلقو ٺل ضلعه جيڪب آباد.

ادا،

جيئن ته مان ”گلن“ جهڙي گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان پر افسوس اهو جو مان ٽي زبردست ڪهاڻيون ۽ ٻه گل ڦل قلمي دوستي ۾ خط لکيا، پر انهن ۾ ڪوبه شامل نه ٿيو.

جي ناراضگي اٿئو ته معافي وٺون ٿا ۽ مان هي خط لکان ٿو، ضرور شامل ڪندا، منهنجي هٿ ۾ آڪٽوبر وارو گل ڦل آهي، هي تمام سٺو آهي، جهڙوڪ: لطيفي لات، جشن آزادي، سفر نامو، ڪائنات جو مطالعو، ٺٽي جو سير وغيره.

ايم ڀڄن داس ”جي“ پارواڻي

 

باقي خط لکندڙ دوستن جا نالا

1- عبدالقدير ملاح خانواهڻ، 2- محمد آچر گڏاڻي گهوٽڪي، 3- عنايت الله چانڊيو، ڳوٺ زنگي خان چانڊيو، 4- نانڪ داس ميگهواڙ، 5- سعيد احمد سومرو مبارڪپور، 6- مير اعجاز علي ناريجو نئون ديرو، 7- گل پٺاڻ گڏاڻي ميرپور ماٿيلو، 8- اياز علي ڀٽو مبارڪ پور، 9- وفا محمد امين پياسي جهرڪ، 10- موهن راجا ميرپور ماٿيلو، 11- گل محمد پرهياڙ لڳ بلوچ فارم، 12- مشتاق حسين گجو ڳوٺ چارنورٿر، 13- عبدالغفار مهر، ڳوٺ رڪ، 14- انيل ڪمار مهيشوري، جهڏو، 15- عبدالصمد شر سامارو موري، 16- رضا احمد خاصخيلي ڳوٺ پيرو لاشاي، 17- محمد ياسين ابو پوٽو نواب شاهه گوليار، 18- عبدالسليم ڏيرو فريد آباد، 19- آصف امير ڏيرو فريد آباد، 20- رسول بخش جمالي سٽ ميل، 21- روشن علي جمالي ڳوٺ بچل مهيسر، 22- لالچند ديوان، ڀٽ شاهه، 23- مقبول احمد کٽي چوهڙ جمالي.

 

نتيجو رنگ ڀريو – 37

 

هن ڀيري به ڪيترن ٻارن رنگ ڀري وڪليا، پهريون نمبر آيو:

اياز علي ڀٽو، پوسٽ مبارڪ پور، وايا شڪارپور.

(هن کي اعزازي ڪاپي موڪلبي)

 

نتيجو نالا سڃاڻو – 5

 

هن ڀيري هن سلسلي ۾ ڪيترن ٻارن حصو ورتو، هيٺين ٻار جو جواب صحيح آيو. (ڪن ٻارن سادي پني تي جواب لکي موڪليا، جيڪي شامل نه ڪيا ويا آهن) هن ڀاءُ کي رسالي جي اعزازي ڪاپي موڪلبي.

جواب: (1) گرم جون اکاڻيون، (2) غلام شاهه ڪلهوڙو (3) عثمان مروندي (4) ڪينگرو).

نالو:

(1) راجا ارشاد ڪيريو، پوسٽ مجيد ڪيريو، تعلقو سڪرنڊ.

رنگ ڀريو- 39

هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگ ڀري موڪليو، جنهن ٻار جو رنگ صحيح ڀريل هوندو، ان کي ”گل ڦل“ رسالي جي ڪاپي اعزازي موڪلبي.

موڪليندڙ جو نالو ۽ ائڊريس:

نالا سڃاڻو – 7

هيٺ ڏنل نالن جا اکر، اڳتي پوئتي، ڏنل آهن، اوهان اکر ملائي صحيح نالا لکي، موڪليو جن ٻارن جا جواب صحيح هوندا، انهن کي ’گل ڦل‘ رسالي جي اعزازي ڪاپي موڪلبي. (سادي پني تي جواب قابل قبول نه هوندو)

1-     ن، ن، و، ٽ، ش، گ، ا (هڪ ملڪ جو مشهور شهر)

2-    ر، ن، ا، ي، ڻ، م، ق، و، ف، (هڪ صوفي عورت)

3-    ن، ل، ا، ء، ن، و، م (سنڌ جي غدار شخصيت)

4-          ي، گ، ت، ل، ر، م، م، ک، د، ح، (مشهور چترڪار مرحوم)

موڪليندڙ جو پورو نالو ۽ ائڊريس:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com