سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 12/ 1996ع

باب: --

صفحو :5

”وفا“ منظور علي چوهاڻ

بابوءَ جي شادي

بابوءَ جي شادي آهي،

شادي گهر آبادي آهي.

گهوٽ به ڏاڍو سهو آهي،

ڪنوار به ڪا شهزادي آهي،

ڏاڏي ويٺي گهور ٿي گهوري،

رپيو ناهي آڌي آهي،

ڀيڻ به ويٺي سهرا ڳائي،

هن ڏينهن تي آزادي آهي.

دهل دمام وڄن ها ڪيئي،

پر هي شادي سادي آهي،

هونءَ به مرڪون هونديون آهن،

اڄ به خوشي هيڪاندي آهي.

بشير سيتائي

ننڍڙا ٻارڙا

هي ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا،

ڄڻ ڳل ڳچيءَ جا هارڙا،

جن جا وڻن ٿا ٻول سڀ

نت ناز ڀي انمول سڀ،

ڪيڏا لڳن ٿا پيارڙا.

هي ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا.

دنيا جي گلشن جا گلاب،

رنگ روپ ۾ پڻ لاجواب،

ڀورا هجن يا ڪارڙا،

هي ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا.

مهڪن سدا ٻهڪن سدا،

جڳ مڳ جيئن جرڪن سدا،

آهن اکين جا تارڙا،

هي ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا.

سوغات آهن پيار جي،

تن ري ٻُسي ڄڻ زندگي،

قدرت جا ڄڻ شهڪارڙا،

هي ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا.

قربان جعفري                                             قسط : 9

بيربل ۽ حجم

اڪبر جي درٻار ۾ گهڻائي وزير بيربل کان نفرت ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته هو بادشاهه جو دوست هو، هو اڪبر جي سامهون ته هن جي تعريف ڪندا هئا، پر هميشه ڪو اهڙو رستو ڳولهڻ جي ڪوشش ۾ هوندا هئا، جيئن بادشاهه جي نظرن ۾ کيس بي مانو ڪري سگهن، آخرڪار هنن شاهي حجم کي مدد ڪرڻ لاءِ چوڻ جو فيصلو ڪيو. هو اڪثر اڪبر کي ڏسندو هو ۽ محل ۾ گهڻن سالن ڪم ڪيو هئائين. اڪبر کي ڪڏهن به هن تي شڪ ڪين ٿيندو هو.

”اسان بيربل کان جند ڇڏائڻ چاهيون ٿا، وزيرن حجم کي چيو، ”اهو بادشاهه جي دماغ ۾ اسان جي خلاف زهر پيو ڀري، جيڪڏهن تون اسان جي مدد ڪرين ته اسان توکي چڱو انعام ڏينداسين، توکي ٻيهر ڪڏهن ڪم ڪرڻ جي ضرورت ڪين پوندي.“ مان ان جي باري ۾ سوچيندس.

حجم چيو، ڪيترائي ڏينهن گذري ويا، جيترو وڌيڪ هو ٻيهر ڪڏهن ڪم نه ڪرڻ جو سوچيندو هو، ايترو وڌيڪ هن کي اهو خيال وڻندو هو، هن کي بيربل جي ڪهڙي پرواهه؟ من پسند ايندا ۽ ويندا آهن، هن جي پنهنجي سک جي وڏي اهميت آهي، پر هو بيربل کان جند ڇڏائڻ لاءِ ڇا ٿي ڪري سگهو؟ هو بادشاهه کي ڪيئن دوکو ڏئي ۽ پڪڙجي ب نه؟

آخرڪار هن هڪ رٿ سوچي ورتي، ٻئي ڀيري حجم بادشاهه جي خدمت لاءِ ويو ته هن چيو، ”بادشاهه سلامت، توهان کي ڪڏهن حيرت ٿيندي آهي، ته اوهان جو والد ٻئي جهان ۾ ڇا ڪندو هوندو؟“

”مون کي ڪيئن خبر پوندي ته هو ڇا پيو ڪري؟ اڪبر بي صبري ۾ وراڻيو. ”مونکي بئي جهان جي ڪابه خبرناهي.“

”توهان ان جي باري ۾ ڄاڻن پسند ڪندا؟“ حجم پڇيو، اهو ڄاڻيندي ته اڪبر کي عجب نيون شيون ٻڌڻ جو ڪيترو چاهه هو. ”توهان ڪنهن ماڻهو کي موڪلي هن کان پڇي سگهو ٿا ته هو ڪيئن آهي، هو بيحد خوش ٿيندو.“

”مان هتي ڪو ماڻهو ڪيئن موڪلي سگهان ٿو؟“ اڪبر هن جي صلاح تي حيران ٿيندي پڇيو. ”هن کي پهريائين مرڻو پوندو، جيڪڏهن هو مري ويو ته هو واپس اچي مون کي ڪجهه ڪين ٻڌائي سگهندو، هي کل جهڙو خيال آهي.“

”هر گز نه“، حجم چيو، ”پهريائين مرڻ ضروري نه آهي، مان شهر ۾ هڪڙي جادوگر کي سڃاڻان جيڪو اهڙن علمن جو ماهر آهي، جيڪي ڪنهن ٻڌا به ڪين هوندا، هو جنت ڏانهن خبرون کڻي ويندڙن کي موڪليندو آهي ۽ انهن کي واپس جيئرو گهرائيندو آهي هو توهان جي خدمت ڪري خوش ٿيندو.“

اڪبر جي هورا کورا جاڳي پئي، ٻئي جهان جي باري ۾ ڄاڻڻ ڪيڏو حيرت انگيز آهي، هن دل ۾ سوچيو، بمشڪل ٻيو ڪوئي باخبر هوندو.

حجم بادشاهه جي ڳالهائڻ جو بي چيني سان منتظر هو، ڄڻ ته هڪ ڪلاڪ کان پوءِ اڪبر چيو، ”جيڪڏهن جيڪو چوين ٿو سچ آهي، ته مان هڪڙي ماڻهو کي پنهنجي پيءُ ڏانهن هڪدم موڪليندس.“

حجم خوش هو، هن جي رٿا ڪم ڏيکاريو هو، ”مان عالم پناهه جي ضرورت تي هڪدم عمل ڪيان“، هن هيٺ جهڪندي چيو، ”پر بادشاهه سلامت رڳو هڪڙي رڪاوٽ آهي، اسان کي پنهنجو ماڻهو احتياط سان چونڊڻ گهرجي. اسان کي هڪڙي هوشيار ماڻهوءَ جي ضرورت آهي، جنهن کي اها خبر پئي ته جڏهن هتي پهچجي ته ڇا ڪجي.“

”تنهنجي صلاح ۾ ڪير آهي؟“ اڪبر پڇيو.

”هتي بيربل کان وڌيڪ ڪير هوشيار آهي؟“ حجم پڇيو.

”سچ“،  اڪبر چيو، ”اهو ضرور بيربل ئي هئڻ گهرجي، پر مون کي بڌائي هو هتي پهچندو ڪيئن؟“

منهنجا جادوگر دوست بيربل کي مسلڻ ۾ هڪڙي چتا تي وجهندو، هو علم پڙهندو ۽ باهه کي ٻاريندو، اُلا بيربل کي ڪين ڇهندا، آهستي آهستي هو گم ٿي ويندو. هڪڙي ڪلاڪ کان گهٽ عرصي ۾ هو ٻئي جهان ۾ هوند.و.“

جڏهن اڪبر اڳين ڏينهن بيربل کي ڏٺو ته هن کي کيس رٿا بابت ٻڌايو، بيربل هڪو ٻڪو ٿي ويو، هو هڪدم سمجهي ويو ته اهو هن جي دشمنن جو وڇايل هڪڙو ڦندو هو. اڪبر اهڙين ڳالهين تي ڪيئن اعتبار ڪيو! هو ذري گهٽ اعتراض ڪرڻ وارو هو پر خاموشي بهتر سمجهي چيائين، ”سائين، مون کي هن سفر جي تياري لاءِ ڪجهه مهلت ڏيو. مان اوهان جي والد لاءِ سوکڙيون خريد ڪرڻ پسند ڪندس ۽ پنهنجي لاءِ ڪجهه نوان ڪپڙا ٺهرائيندس، مان وڃڻ کان اڳ پنهنجي ڪٽنب سان ڪجهه وقت گذارڻ پڻ پسند ڪندس. اهو خطرناڪ سفر هوندو ۽ منهنجي واپسي ۾ گهڻو عرصو لڳي سگهي ٿو.“

اڪبر مڃيو.

بيربل اڳيان ڪجهه ڏينهن حيرت ۾ گذاري ڇڏيا ته ڇا ڪجي، اهو نظر پئي آيو ڄڻڪ هن جا دشمن هن ڀيري هن کان وڌيڪ هوشيار ثابت ٿيندا، آخرڪار هن کي هڪڙي خيال آيو. هن پنهنجي گهر کان محل تائين جتي چتا کي ٻرڻو هو هڪڙي غار کوٽڻ شروع ڪئي، جڏهن اها پوري ٿي ته بيربل اڪبر وٽ ويو ۽ چيو، ”حضور عالي، مان پنهنجي سفر لاءِ تيار آهيان.“

اڪبر پنهنجي دوست کي ويندو ڏسي غمگين هو، پر ان کان وڌيڪ انهن خبرن جو اشتياق هئس، جيڪي هو کڻي ايندو ۽ اهي حيرت انگريز ڪهاڻيون جيڪي هو پنهنجي واپسيءَ تي اچي ٻڌائيندو. بيربل خاموشي سان ڪاٺين جي ڍير تي اچي ويٺو ته باهه ٻاري وئي. هن دونهي جي اٿڻ تائين انتظار ڪيو. جڏهن هن کي پڪ ٿي ته ڪوئي کيس ڏسي نٿي سگهيو. هن غار جي منهن تان بنڊ هٽايا ۽ ترت پنهنجي گهر هليو ويو.

هڪڙو مهينو گذريو. ٻه مهينا گذريا، بيربل کان وڌيڪ روپوشي برداشت نه پئي ٿي. هو اڪبر سان ملڻ ويو. بادشاهه هن کي واپس ڏسي خوش ٿيو، ”توکان سواءِ بيحد بيزاري هئي، بيربل“ بادشاهه چيو، ”مون وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪير به ڪين هو.“

”مون کي ٻڌائي ته تنهنجو سفر ڪيئن هو؟“

”اهو ڏاڍو خطرناڪ هو، بادشاهه سلامت، پر مان جيئرو موٽي آيو آهيان.“ بيربل جواب ڏنو.

”مون کي خبر هئي ته تون ائين ڪري سگهين ٿو،“ اڪبر چيو. ”مون کي ٻڌائي منهنجو والد ڪيئن آهي؟ ڪا اهڙي شيءِ آهي جيڪا هن کي کپي؟“

”اوهان جي والد مون کي هي ٻڌائڻ لاءِ چيو آهي ته هو ڏاڍو خوش اهي، پر هڪڙي شيءِ آهي، جيڪا هن کي ميسر ناهي، هن چيو ته اها گهڻي ضروري نه آهي.“

اهو ڇا آهي؟“ اڪبر بي صبري سان پڇيو.

”هن کي هتي سٺي ڏاڙهي ٺهرائڻ ۽ سٺا وار لهرائڻ جي تڪليف آهي.“

”ڇو، اڪبر پڇيو، ”جنت ۾ ڪي حجم ڪين آهن!؟“

”اڃان نه، “ بيربل چيو، ”حقيقت ۾ ته مان توهان جي والد کي پهريائين سندن ڊگهن وارن ۽ وڌيل ڏاڙهي سان ڪين سڃاتو هو ۽ مان پاڻ ٻن مهينن تائين ڏاڙهي ڪين ٺهرائي هئي.“

”اهو هيبتناڪ آهي.“ اڪبر چيو،

”اسان کي هن لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرجي، ڇا هن توکي انهيءَ باري ۾ ڪجهه ڪرڻ جو چيو هو؟“

”هائو، جهان پناهه، اوهان جي والد هڪڙي فرمائش ڪئي هئي.“

”اها ڪهڙي هئي؟“

”هن چيو ته ڇا اوهان پنهنجو خانداني حجم گهڙي کن لاءِ هن کي اوڌر تي ڏئي سگهو ٿا.“

”مان هڪدم هن کي موڪليان ٿو.“ اڪبر چيو.

اڪبر حجم کي گهرايو ۽ هن کي چيائين ته هو سندس پيءُ جي ٻئي جهان ۾ خدمت لاءِ تيار ٿئي.

”منهنجي والد هڪڙي حجم جي فرمائش ڪئي آهي،“ هن چيو، ”۽ تون هڪدم ضرور وڃ.“

حجم پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪجهه نٿي ڪري سگهيو. بيربل جا دشمن ڏاڍو ڊنا ۽ گهڻي وقت تائين هن جي خلاف ڪو منصوبو ڪين گهڙيائون.

محمود علي ”شاد“ ڀٽو

والدين جي نافرماني

نعمت الله پنهنجي پيءُ ماءُ کي اڪيلو ۽ سڪيلڌو پٽ هو. هو اٺين جماعت ۾ پڙهندو هو، ان جا والدين ان جي هر ڳالهه مڃيندا هئا، جنهن جي ڪري هو تمام گهڻو ضدي ۽ شرارتي ٿي پيو هو. هو ضد ڪري هر اها ڳالهه جيڪا هن جي والدين پوري نه ڪري سگهندا هئا، مڃائيندو هو.

هڪ ڏينهن جڏهن هو پنهنجي دوست علي بخش جي گهر ويو ته علي بخش هن کي پنهنجي خوبصورت سائيڪل ڏيکاري جيڪا هن جي والدين هن کي وٺي ڏني هئي، ڇو جو اهو تمام امير ماڻهو هئا. نعمت الله ڀڄندو پنهنجي گهر آيو ۽ روئڻ لڳو، جڏهن هن جي والدين هن کان روئڻ جو سبب پڇيو ته هو روئندو چوندو پيو وڃي ته ”مون کي علي بخش جهڙِ سائيڪل وٺي ڏيو.“ ۽ هو اها ڳالهه هر هر چئي رهيو هو. هن جي والدين هن کي سمجهائڻ چاهيو ته ”پٽ هو امير ماڻهو آهن اسان غريب آهيون، مگر نعمت الله نه مڃيو ۽ ضد ڪندو رهيو. آخر هن نعمت الله کي پنهنجي دوستن کان پئسا وٺي سائيڪل وٺي ڏني، نعمت الله اڄ تمام گهڻو خوش هو. هن کي پيءُ سختيءَ سان نصيحت ڪئي ته ”پٽ روڊ تي ڪڏهن به سائيڪل نه هلائجان.“ ان وقت نعمت الله اها ڳالهه هڪ ڪن مان ٻڌي، ٻئي مان ڪڍي ڇڏي، هن جا دوست هن کان ڪافي وڏا هئا، جيڪي روڊ تي سائيڪل هلائيندا هئا. انهن دوستن هن کي چيو ته ”هل يار، اڄ بازار جو چڪر هڻون.“ جڏهن نعمت الله گهر مان سائيڪل ڪاهڻ ويو ته هن جي ماءُ هن کي چيو ته ”ڪاڏي ٿو وڃين پٽ؟“ ”امان اتي آهيان.“ وري ماڻس چيو ته ”نعمت الله سائيڪل احتياط سان هلائجان، ۽ روڊ تي نه وڃجانءِ.“

ان وقت هن ”ها امان،“ چئي ٻاهر نڪري ويو، جڏهن هو مين روڊ تي پهتا ته هن کي دوستن چيو ته خيال سان روڊ ڪراس ڪجانءِ، هن هُنن جي ڳالهه ڪانه ٻُڌي ۽ تيزيءَ سان روڊ ڪراس ڪرڻ لڳو ته سامهون اچڻ واري ڪار سان وڃي لڳو، جڏهن اک کولي ته هن پنهنجو پاڻ کي اسپتال ۾ ڏٺو، هن جون ٻئي ٽنگون ڀڄي پيون هيون، هو نه هاڻي سائيڪل هلائي سگهندو هو ۽ نه ئي پنهنجي پيرن تي هلي سگهندو هو. هاڻي هو هميشه جي لاءِ معذور ٿي ويو هو. هو روئيندو رهيو ۽ خدا پاڪ کي چوڻ لڳو ته، ”اي منهنجا رب! مون جهڙو اولاد ڪنهن به پيءُ، ماءُ کي نه ڏجانءِ.“ هو رڙندو رهيو، آخر هو پنهنجي پيءُ، ماءُ کان معافي ورتي، مگر هاڻي ته ڪجهه به نه پئي ٿي سگهيو. ڳالهه تمام اڳتي نڪري چڪي هئي، هن پنهنجي تمام دوستن کي نصيحت جي طور تي اها ڳالهه چئي ته ”دوستو! پنهنجي والدين جي نافرماني ڪڏهن به نه ڪجو.“ ڇو جو مان نافرمانيءَ جي سزا ڀوڳي رهيو آهيان، وڏن جي عزت ڪجو، ننڍن سان پيار ڪجو، استادن جو ادب ڪجو، اهو چئي هو سڏڪن ۾ پئجي ويو.

سو ٻارؤ! توهان اسان کي گهرجي ته نعمت الله جي تجويز تي عمل ڪريون ۽ وڏن جو ادب ڪريون ۽ پنهنجي عظيم هستيءَ پيءُ، ماءُ سان بي ادبي نه ڪريون انهن جي اڳيان ڪنڌ جهڪايون.

منير ميرجت

اسان جو ماحول

الله تبارڪ و تعالى انسان کي اشرف المخلوقات بنائي هن دنيا ۾ موڪليو، انسان جي لاءِ قسمين قسمين جون مخلوقات پئدا ڪيون ويون، جيڪي انسان جي رومزه جي ڪمن ۾ سندن ساٿ ڏينديون آهن، ڪنهن شيءِ تي غور ڪبو ته هتي ڪابه شيءِ بنا فائدي جي نه بڻائي وئي آهي، ماڪوڙي کان وٺي هاٿي تائين هر هڪ جانور جو هڪ الڳ ۽ مخصوص ڪم رکيل آهي، ٻوٽن ۾ ڏسجي ته اهي نه صرف انسانن ۽ جانورن جي خوراڪ آهن، بلڪ هن دنيا جي سونهن ۽ هن جي بقا جو سبب به، وڻن مان ڪيترا فائدا آهن، پاڻي، مٽي، باهه، مطلب ته هرهڪ شيءِ جي پنهنجي انفرادي افاديت آهي.

رب ڪريم هرهڪ شيءِ، هڪ توازن ۽ تناس سان پئدا ڪئي آهي، موسمن جي بدلجڻ وغيره آهي، سڀ شيون جڏهن پنهنجي توازن ۾ رهنديون ته هن دنيا جي بقا به يقيني آهي، انسان جي علم ۾ عقل جتي کيس فائدو پهچايو آهي، اتي انيڪ نقصان به ڏنا آهن، بجلي، گاڏين، ۽ ڪمپيوٽر وغيره جهڙيون شيون کيس صدين جو سفر سالن ۽ سالن جو سفر مهينن ۽ مهينن جو سفر ڏينهن ۾ ڏينهن جو سفر لمحن ۾ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي، بنيادي سهولتن، تعليم ۽ طبي سهوليتن ۾ جا ترقي ٿي آهي، تنهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

روزمره جي زندگي ۾ اسانوٽ ڏٺو وڃي ته ماڻهو جيترو سهوليتن ۽ آسائشن کان فيضياب ٿيو آهي، اوترو انهن ئي آسائشن کيس ذهني ۽ جسماني طرح ڪمزور، سست بنائي ڇڏيو آهي، سائنسي ايجادن ۽ دريافتن انسان کي سوچڻ سمجهڻ ۽ غور ڪرڻ کان وانجهي ڇڏيو آهي، اسان جي ارد گرد ماحولياتي آلودگيءَ جي ڪري ٻوٽا، جانور ۽ انسان به پريشان آهن، اڄ ڪلهه لفظ پولوشن (Pollution) هر هڪ جي وات ۾ آهي، پوليوشن يا ماحولياتي آلودگي ڇا آهي؟ انجا سبب ڪهڙا آهن؟ ان کي ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو، اُن لاءِ ڪنهن ڊگهي بحث جي ضرورت ڪانهي؟ هر هڪ پڙهيل، لکيل ۽ صفائي پسند ماڻهو ڄاڻي ٿو، گهٽين ۾، رستن تي، هوا ۾، پاڻي ۾ گند ۽ ڪچرو جڏهن گهڻائي ۾ موجود هجي ته ان کي اسين آلودگي يا پوليوشن چونداسين، انهي گند ڪچري جي گهڻائي انڪري آهي جو پلاسٽڪ جو ٺهيل سامان ڪاغذن جا کوکا ڀڳل شيشا، لوهه جو ٽٽل ڦٽل سامان اسين بنا ڪنهن سمجهه جي گهٽي ۾ رستن ۽ نالين ۾ اڇلايون ٿا، ڀاڄيون، سڙيل ميوا به بنا سوچ جي نالين ۽ گٽرن ۾ اڇلائي ماحول کي خراب ڪري رهيا آهيون، پلاسٽڪ جي ٿيلهين جو گهڻو استعمال ماحول لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيو آهي، ڇو جو اهي ٿيلهيون استعمال کان پوءِ ضايع نٿيون ڪري سگهجن، ڇو ته پلاسٽڪ جو سامان جيڪڏهن دفنايو وڃي ته اهو ڳرڻ لاءِ صديون ۽ سال کپندا جي ساڙيو وڃي ته ان مان اهڙيون ته زهريليون گئسون خارج ٿين ٿيون، جيڪي هر جاندار لاءِ نقصانڪار آهن، اهي پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ۽ ٻيو پلاسٽڪ جو سامان، جيڪڏهن سمنڊ جي پاڻي ۾ اڇلايو وڃي ٿو ته انجا به ڪيترائي نقصان آهن. آبي جانور انهن کي خوراڪ سمجهي کايو مريو وڃن، مڇيون انهن ٿيلهين ۾ ڦاسيو مريو وڃن، کليل جاين تان انهن ٿيلهين جا ٽڪرا پکي خوراڪ سمجهي پاڻ ۽ پنهنجي ٻچن کي کارائي موت حوالي ٿين ٿا، گاڏين مان خارج ٿيندڙ دونهون جڏهن تجربي گاهن ۾ ٽيسٽ (Test) ڪيو ويو ته اهو ڏٺو ويو ته اهو تمام خطرناڪ زهريلين گئسن جو مجموعو آهي، جيڪي سڀني ساهوارن لاءِ نقصانڪار آهن، ملن ۽ فيڪٽرين مان نڪرندڙ زهريلو پاڻي ۽ ٻيو گند عام زمين ۽ پاڻي ۾ ملي کين زهريلو ۽ تيزابي ڪري ٿو، زمينن جي پئداوار ۾ گهٽتائي جو سبب گدلو پاڻي به آهي، شهرن جي گٽرن اٿلڻ سبب علائقي ۾ بيماريون ڦهلجن ٿيون، مطلب ته اڄ ڪلهه اسان جو ماحول تمام گهڻين ڪثافتن سان ڀريل آهي، جيڪي اسان جي پنهنجي بي اعتدالين ۽ بي احتياطن ڪري ڦهليون آهن، انسان پنهنجي علم ۽ عقل جي غلط استعمال سان اهڙا ته زهريلا، ڪيميائي ۽ ائٽمي هٿيار ٺاهيا آهن، جيڪي نه صرف انسانن بلڪ دنيا جي هر مخلوق لاءِ آزار۽ اختتام جو سبب بڻيا آهن، ظاهري ترقي اسان جي ذهنن کي نفسياتي مريض ۽ مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، هن دنيا ۾ انسانن ۽ ٻين مخلوقات توڙي دنيا جي دائمي جو هڪ ئي حل ٿي سگهي ٿو، ته هر شخص ذميواري محسوس ڪندي وڻ پوکي نه صرف پوکي بلڪ وڏي ٿيڻ تائين سنڀال به ڪري، روزمره جي استعمال ۾ احتياطن ٿيلهين بجاءِ، چٻا يا ڪاغذ جا لفافا يا ڪپڙي جون ڳوٿريون استعمال ڪري، گاڏين کي بيحد ضرورت کان سواءِ گهٽ استعمال ڪجي، ان سان اسان جي موجوده ماحول ۾ ڪافي بهتري اچي سگهي ٿي،ان کان علاوه گند، ڪچرو مخصوص جاين تي اڇلجي، نالين ۽ گٽرن ۾ ٿيلهين ۽ ٻئي ڪچري کي نه اڇلجي، وڻ قدرت طرفان هن ڌرتي جي سيني ۾ ڦڦڙن جو ڪم ڪن ٿا، انهن کي ڪٽي زمين جو ساهه نه ڪڍيو، بلڪ وڻ لڳائي، هن ڌرتي کي سونهن ۽ صحتمندي بخشيو.

ولي محمد طاهرزادو

ٻاراڻي ٻوُجهه

·  ڪن ڇوڪرن مذاق ۾، بيٺل ڪُتي کي چُچڪاري ڏانهنس پٿري اڇلائي، ڪتي ڊوڙي وڃي پٿري سنگهي ۽ هليو ويو، ڇوڪرن وري به ڪُور ڪوُر ڪيس پر هنن ڏي نهاريائين ڪين ۽ هليو ويو. انهن مان هڪڙي سمجهو ڇوڪري چيو ته خبر اٿوَ ڪتو پاڻ ڏانهن ڇو نٿو نهاري؟ ان ڪري جو سمجهي ٿو ته هي نڀاڳا پاڻ ئي پيا پٿر چٻاڙين سي مون کي وري ڇا ڏيندا.

·  هڪ ڇوڪر ماءُ سان ضد ڪيو: هڪ (1) ۽ ٻه (2) سي ٿيندا ٽي (3) ماءُ چيو ته ڳڻبو برابر هڪ ٻه، پر اهي ٿيندا ٻه. ڇوڪر چيو ته ٿيا ٽي.

·          ماءُ چيس چڱو ڀلا، آءٌ ٻه بسڪوٽ توهان ٻنهي ڀائرن واسطي ڪٻٽ ۾ رکيل کڻان ٿي، باقي ٽيون کڻي وڃي کاءُ، ڇوڪر هان!

·  هڪ نينگر، بابا، آءٌ اچ مڙني ڇوڪرن کا مٿي هوس – پيءُ سو ڪيئن؟ بس سڄو ڏينهن بئنچ تي اُٿي بيٺو رهيس.

·  ڪن ٻارن ٻليءَ کي سياري ۾ ٿڌي پاڻيءَ سان پئي وهنجاريو، هڪ ماڻهو اتان لنگهيو، هنن کي چيائين ته ائين ٻلي مري ويندي پاڻي ٿڌو آهي.

ٻارن هن جي ڳالهه نه مڃي هو  هليو ويو. وري موٽي آيو ته ٻارن جي هٿن ۾ ٻلي مئل ڏٺائين. هنن کي چيائين ڏٺوَ! مون چيو ته ٻلي مري ويندي، مري وئي نه؟

ٻارن چيو ته وهنجندي ڪانه مئي آهي، پر نپوڙي پاڻي ٿي ڪڍيوسونس ته مري وئي.

·     استاد، اوکي مهل هر ڪنهن اڙيات جي مدد ڪرڻ ۾ وڏو ثواب آهي.

هڪ ڇوڪر، سائين، توهان امتحان هلندي، ڪاپي ڪرڻ ۾ اسان جي ڇو نٿا مدد ڪريو!

·  ٻيءَ اسڪول مان آيل شاگرد کان ماستر انگ ڳڻايا ته ڪونه آيس، اکر لکايا ته لکي نه سگهيو، سبق پڙهايس ته پڙهي نه سگهيو. نيٺ ماستر ڪڪ ٿي پڇيس ته ڀلا توکي ڇا ٿو اچي؟ جواب ڏنائين ته آءٌ پنهنجا اکر پاڻ لکيو، پاڻ پڙهيو وڃان.

·  ماستر، توکي پڻهين چار رپيا ٿو ڏي ۽ ننڍي ڀاڻهين کي پنج رپيا، ته اهي گهڻا ٿيندا؟ ڇوڪر، بابا ڪڏهن به اهڙو انڌير ڪونه ڪندو سائين!

·     پيءُ، پٽ!  توهان جي ڪلاس جا سڀ شاگرد پاس ٿيا يا ڪو رهجي به ويو؟

·     نينگر، سڀ پاس ٿيا، پر ماستر ويچارو ساڳي ڪلاس ۾ رهجي ويو.

·  هڪ ڇوڪر، ڊاڪٽر صاحب مون کي ٻيهڙ تپ ٿو اچي، ڊاڪٽر ها، اهو واري جو تپ آهي، ڇوڪر، ڊاڪٽر صاحب واري جو تپ اهو ٿيندو آهي جو هڪڙي ڏينهن مون کي اچي ته ٻئي ڏينهن توهان کي اچي، هن رڳو مون کي ٿو اچي.

·     شاگرد، سائين ماڻهو، ڇا مان ٺهيل آهن.

·     استاد، مٽيءَ مان - ۽ ٻار ڇا مان ٺهيل آهن؟ اهي به مٽيءَ مان.

·     ته پوءِ رول هري هري هڻو، متان ڀُري نه پئون-!

ڊاڪٽر منير احمد چنه

مهمان جو نصيب

ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ اهڙي عورت رهندي هئي، جنهن اهو اعلان ڪرايو ته مان ان سان شادي ڪنديس جنهن وٽ ڪڏهن به ڪو مهمان نه اچي.

ڀلا ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ اهڙو ماڻهو ڪٿان ملندو، ڇو جو انهيءَ اعلان کي ڪافي ڏينهن گذري ويا، ليڪن هن عورت سان ڪوبه ماڻهو شادي ڪرڻ لاءِ ڪونه آيو.

ڪنهن ٻئي ڳوٺ ۾ هڪ اهڙو ماڻهو هو، جنهن کي ڪوبه سڱ نه پيو ڏئي، جڏهن ان عورت جي ڳالهه ان ماڻهو کي پئي، ته هن به سوچيو ته اتي وڃي قسمت آزمائجي ۽ هن پنهنجي سڀني دوستن کي سمجهائي ڇڏيو ته مون وٽ يار ڪڏهن به مهمان ٿي نه اچجو.

انهيءَ کان پوءِوڃي هو ان عورت سان مليو ۽ عورت هن کي شرط ٻڌايو، جيڪو هن جلدي قبول ڪري ورتو ۽ اهڙي طرح هنن ٻنهي جي ڌوم ڌام شان شادي ٿي گذري. شادي ٿيڻ کان پوءِ هن جو ڪاروبار وڌيو ۽ گذران به خوب ٿيڻ لڳن. ڪافي عرصي تائين هنن وٽ ڪوبه مهمان نه آيو. هو خوب خوش گذارڻ لڳا، جڏهن به هن ماڻهوءَ کي دوستن جي سڪ لڳندي هئي ته هو پاڻ وڃي، انهن سان ملي ايندو هو.

ڪافي مهينن کان پوءِ، هن وٽ اهڙو دوست مهمان ٿي آيو، جيڪو هن ماڻهو سان ڪافي سالن کان پوءِ مليو هو. هن کي هن جي شاديءَ ۽ شاديءَ جي شرطن جي ڪابه خبر ڪانه هئي.

پر جيئن ته هو مهمان ٿي اچي چڪو هو، انهيءَ تي ان ماڻهو جي زال ڪاوڙجي پئي ۽ پنهنجي مڙس تي الزام هنيائين ته تون ڄاڻي واڻي هن کي گهرايو آهي، ليڪن انهي ماڻهو جي لک سمجهائڻ جي باوجود به سندس زال سمجهيس ئي ڪونه، ۽ پوءِ اهڙي طرح ڪافي جهيڙو وڌندو ويو. مهمان، جيڪو اوطاق ۾ جهڳڙي جو سڄو آواز ٻڌي رهيو هو، سو يڪدم ڪاوڙجي بنا موڪلائڻ جي هليو ويو.

هوڏانهن، سندس زال، اهو فيصلو ڪيو ته هن وقت ئي، ان مهمان سان بنا خاطر توازع ڪرڻ جي موڪلائي اچ.

جڏهن، هو گهر مان نڪري اوطاق ڏانهن آيو، ته سندس زال کي رنڌڻي مان ڪو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هوءَ يڪدم اوڏانهن وئي ته ڇا ڏسي ته ڪو ماڻهو اٽي جي چاڏيءَ مان، ڪجهه اٽو کڻي وڃي رهيو آهي. انهي تي عورت ان ماڻهو کي چيو ته تون ڪير آهين، ۽ اسان جو هي اٽو ڇو ٿو پيو کڻي وڃين، انهيءَ تي ان شخص چيو ته ”هي توهان جو اٽو نه آهي، هي ته مهمان جو نصيب آهي، جيڪو هينئر مهمان جي وڃڻ جي ڪري، مان کڻي وڃي رهيو آهيان ۽ هاڻي جنهن گهر ۾ اهو مهمان رهندو، انهيءَ گهر جي چاڏيءَ ۾ وجهي ڇڏيندس، تنهن تي عورت چيس ته يعني مهمان پنهنجو نصيب پاڻ کي ايندو آهي، پوءِ انهيءَ ڏينهن کان پوءِ ان گهر ۾ خوب مهمان اچڻ لڳا، ۽ هو وڌيڪ خوش گذارڻ لڳا.

قمر النساءِ ٽانوري

محنت جو ڦل

هڪ غريب ماڻهوءَ کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو عمران رکيائون، عمران ننڍڙي هوندي ڏاڍو پيارو ڇوڪرو هو، هن سان سڀئي پيار ڪندا هئا، هي پنهنجي ماءُ پيءُ جو سڪيلڌو پٽ هو. هڪ ڀيري عمران پنهنجي ماءُ کي چيو ته: ”اما مان پڙهڻ ٿو چاهيان، پڙهي پوءِ وڏو ماڻهو ٿيندس.“ ماءُ چيو: ”پٽ جيڪر اسان وٽ ايترا پئسا هجن ها ته توکي ضرور پڙهايون ها، پر اسان وٽ ايترا پئسا نه آهن، جو توکي پڙهايون.“ عمران جو هڪ دوست به هوندو هو. جنهن جو نالو احمد هو. عمران، احمد وٽ ويو، هن ان کي چيو ته ”مان پڙهڻ ٿو چاهيان پر منهنجا ماءُ پيءُ مون کي نٿا پڙهائين. هاڻي مان ڇا ڪريان؟ تون ڪجهه ٻڌاءِ.“ احمد چيو ته ”تون پنهنجي پيءُ کي هر روز چوندو ڪر ته ”بابا مان پڙهندس.“ عمران پنهنجي پيءُ کي ائين چيو پر هن جو پيءُ انڪار ڪندو هو. هڪ ڏينهن عمران جي پيءُ انڪار تي عمران کي چيو ته ”پٽ مون کي نوڪري ملي وئي آهي“ عمران پڇيس ته ”بابا ڪهڙي نوڪري ملي آهي.“ هن جي پيءُ چيو ته ”پٽيوالي جي نوڪري ملي آهي.“ هاڻي تون پڙهندين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com