سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 12/ 1996ع

باب: --

صفحو :4

مان واعدو ٿو ڪريان ته توهان کان اڳ ڪهاڻي نه پڙهندس، مون واعدو ڪندي چيو. پوءِ مان گهر موٽي آيس ۽ ڪهاڻي ڇپجڻ جي خوشي ۾ مون کي سڄي رات ننڊ نه آئي، صبح سوير ئي مان تڪڙ ۾ نيرن ڪيم ۽ شهر کان مٺائي وٺي سڌو اسڪول آيس اتي منهنجا دوست منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا، پوءِ اسان سڀني گڏجي مٺائي کاڌي ۽ مٺائي کائڻ کان پوءِ سڀني دوستن مون کي پنهنجي ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ چيو، مان رسالو ڪڍي ڪهاڻي وارو صفحو کوليم ته منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، ڇاڪاڻ جو ڪهاڻي منهنجي نه هئي، صرف ڪهاڻي جي ليکڪ جو نالو ۽ منهنجو نالو هڪ ئي هو، منهنجي هٿ مان رسالو ڪري پيو ۽ منهنجي وات مان اهي لفظ نڪتا ته ظالم ردي جي ٽوڪري تو مون کي به معاف نه ڪيو، تون واقعي سنگدل آهين، تون واقعي بُکي آهين، تون منهنجي ڪهاڻي کي به پنهنجي خوراڪ بڻائي ڇڏيو.

عزيز بلال بروهي

ٻارڙن جو نظم

رکو خيال دل ۾ سٺائي جو ٻالڪ،

ڪيو شوق دل سان، پڙهائي جو ٻالڪ،

سمايو ته رڳ رڳ ۾ تعليم کي اڄ،

سبق ڏئي علم ٿو ڀلائي جو ٻالڪ.

پرايو علم کي وڏي چاهه سان سڀ،

جو نُڪتو آن ان ۾ چڱائي جو ٻالڪ.

علم اک ته انسان جي ٽين چون ٿا،

آ ان ۾ سبق رهنمائي جو ٻالڪ.

سنواري ٿي تعليم انسان کي ئي،

ٻڌائي ٿي رستو ڀلائي جو ٻالڪ.

بنائي علم جو آدمي آ انڌو ڏس؟

هي رستو آ منزل رسائي جو ٻالڪ.

علم ساڻ حاصل ججهي ڄاڻ ٿئي ٿي،

۽ گهُٽجي جو دم ات ٻيائي جو ٻالڪ.

وڌي ذهني اوسر انهيءَ ساڻ ٻارو،

اچي انت ان سان برائي جو ٻالڪ.

خزانو هي ”گل ڦل“ ادب جوته آهي،

”بلال“ آ، هي مخزن سچائي جو ٻالڪ.

مير آصف پنهور

(SPACE) خلا ڇا آهي؟

هن وقت تائين حاصل ٿيل سائنسي ڄاڻ موجب ڌرتي اڪيلو گرهه آهي، جتي حياتيءَ جو وجود ملي ٿو، ٻئي ڪنهن به گرهه تي زندگيءَ جو ڪوبه اهڃاڻ معلوم ٿي نه سگهيو آهي، سائنسدانن جي چوڻ موجب گهٽ ۾ گهٽ اسان جي شمسي نظام (Solar System) جي ٻي ڪنهن به گرهه جون اهڙيون حالتون ناهن جو اتي ڪوبه جاندار پنهنجي زندگي جي لڙائي ڪاميابيءَ سان وڙهي سگهي، ڌرتيءَ تي اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ممڪن بڻيو آهي؟ اچو ته پهرين ان سوال تي ويچار ڪريون.

اسان جي ڌرتي گهاٽين گيسن جي تهن ۾ گهيريل آهي، عام طور تي انهن گئسن جي ملاوٽ کي اسان هوا سڏيون ٿا، ٻين لفظن ۾ اسان اهو به چئي سگهون ٿا ته ڌرتي هوا جي تهه سان گهيريل آهي، هوا کي ”فضا“ به چيو وڃي ٿو. سائنسي ٻوليءَ ۾ اسان ان کي وايو منڊل (Atmosphere) چونداسين. نظام شمسي جي ٻين گروهن کي به پنهنجو الڳ الڳ وايو منڊل آهي، پر سندن وايو منڊل ۾ اهي گئسون شامل ناهن، جيڪي ڌرتيءَ جي وايو منڊل ۾ آهن، جهڙوڪ آڪسيجن وغيره اهو فضا جي ڪري ئي آهي، جو جاندار ڌرتيءَ تي پنهنجو وجود برقرار رکيو اچن.

فضا يا هوا مان هڪ ته اسان کي آڪسيجن حاصل ٿئي ٿي، جيڪا هر ساهواري لاءِ بي حد ضروري آهي، ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن فضا نه هجي ته سج جا ڪرڻا سڌا ڌرتيءَ تي ڪرن ۽ ڌرتيءَ جو موجود گرمي پد ايترو وڌي وڃي، جو ڪوبه ساهوارو جيئرو رهي نه سگهي، سج جا ڪرڻا فضا ۾ موجود، هوا، پاڻي جي بخارن ۽ مٽيءَ جي ذرڙن سان ٽڪرائجي ڇڙو ڇڙ ٿي پوءِ ڌرتيءَ تي ڪرن ٿا، جنهن ڪري سندس تپش جو اثر ڪافي گهٽجي وڃي ٿو. اسان هڪ ٻئي جو جيڪو آواز ٻڌي سگهون ٿا، اهو به هوا جي ڪري آهي، آواز ٻڌڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن وسيلي جي ضرورت هوندي اهي، انسان عام طور تي رڳو هوا جي وسيلي (Medium) ئي آواز ٻڌي سگهي ٿو، فضا جي ڪري اسان مٿان هر وقت هڪ فصائي داٻ موجود رهي ٿو، ان داٻ سبب ئي اسان پنهنجو توازن برقرار رکون ٿا، فضا جي انهن مڙني مهربانين ۽ ڪجهه ٻين سبب ڪري ڌرتيءَ تي حياتيءَ جو وجود ممڪن بڻيو آهي. هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته فضا جو دائرو ڪيستائين ڦهليل آهي ۽ فضا جي اڳئين پار ڇا آهي؟ اچو ته ان سوال جو سائنسي جواب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪريون.

ابتدا ۾ اسان توهان کي ٻڌائي چڪا آهيون ته ڌرتيءَ هوا جي گهاٽي تهه سان ٻڌل اهي، جيئن جيئن ڌرتيءَ کان پري (مٿي) وڃبو تيئن هوا جو اهو تهه ڇڊو ٿيندو ويندو، يعني هوا جو تهه گهٽجڻ لڳندو، هڪ سئو ڏهه ڪلو ميٽرن جي بلنديءَ تي هوا جو تهه ايترو ته ڇڊو ٿي وڃي ٿو، جو اتي مشڪل سان ئي ڪو هوا جو ٿورڙو مقدار ملندو، ان کان اڳتي هڪ خالي علائقو شروع ٿي وڃي ٿو، جنهن ۾ ڪابه مادي شيءِ موجود نه هوندي آهي، ان کي خلا (Space) سڏيو وڃي ٿو. مطلب ته ڌرتيءَ جي فضا جي چوڌاري موجود بي انت خالي علائقو ئي خلا اهي، اهو هڪ اهڙو خالي علائقو آهي، جيڪو هر طرف لا محدود وسعتن ۾ ڦهليل آهي، شمس نظام تارا، ۽ ڪائناتي دز ۽ ڪهڪشائن جي وچ وارو خالي مفاصلو خلا جي تشڪيل ڪري ٿو، خلا بي انت آهي، ان جي ڪابه حد يا ڇيڙو نه آهي، تنهن ڪري خلائي مفاصلي کي پوري ريت ماپڻ ناممڪن آهي، ان ڳالهه جو اندازو توهان هن مان لڳائي سگهو ٿا ته جنهن تيز ترين راڪيٽ ۾ اسان چنڊ تي اڍائي ڏينهن ۾ پهچون ٿا ان راڪيٽ ۾ اسان کي ويجهي ۾ ويجهي تاري تائين پهچڻ ۾ پنج لک ورهين کان وڌيڪ عرصو لڳي ويندو، ۽ جيڪڏهن ان راڪيٽ ۾ اسان ويجهي ۾ ويجهي ڪهڪشان (Galxy) جي سفر تي اسهون ته ڏهه ارب سالن کان وڌيڪ عرصو لڳي ويندو ۽ ڪائنات ۾ اهڙيون ڪروڙين ڪهڪشائون آهن، سو هاڻي توهان کي اندازو ٿي ويو هوندو ته خلائي مفاصلا اڻ کٽندڙ ۽ بي انت آهن، خلا ۾ هر وقت اوندهه هوندي آهي، ڏينهن هجي توڙي رات خلا ۾ انڌيرو ئي انڌيرو ڇانيل هوندو آهي.

خلا ۾ قدم:

آڳاٽي دور کان وٺي اڄ تائين آسماني جسم انسان لاءِ دلڪش ۽ پراسرار آهن، پراڻي دور جي انسانن آسماني جسمن (جهڙوڪ چنڊ، تارن وغيره) بابت مختلف تصور گهڙيا، اڳتي هلي جڏهن دوربينيون ايجاد ٿيون ته انسان ڌرتيءَ تان ويهي مختلف دوربنيون ذريعي خلا ۾ موجود آسماني جسمن جو مشاهدو ڪرڻ لڳو، پر خلا ۾ وڃڻ سندس وس جي ڳالهه نه هئي. 1903ع ۾ جڏهن رائيٽ ڀائرن (Wright Brothers) هوائي جهاز ايجاد ڪيو ته فضا ۾ اڏامڻ جو پراڻو انساني خواب پنهنجي تعبير ماڻي چڪو، پر خلا ۾ پهچڻ اڃان به هڪ خواب هو، ڇاڪاڻ ته هوائي جهاز خلائي سفر جي قابل نه هئا، ان جو ڪجهه اندازو رڳو توهان هن ڳالهه مان لڳائي سگهو ٿا ته اڄ ڪلهه جي تيز رفتار هوائي جهاز جي رفتار 3000 ڪلو ميٽرفي ڪلاڪ کان وڌيڪ ناهي، پر خلا ۾ ويندڙ راڪيٽ جي عام رفتار 28000 ميل في ڪلاڪ جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي، ان سان گڏوگڏ خلا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪجهه ٻيا بندوبست به لازمي هئا، جيڪي ان وقت انساني وس کان ٻاهر هئا، آڪسيجن جي لڳاتار فراهمي خلا ۾ بي وزنيت، (Weightless ness) واري حالت جي ٽوڙ فضائي داٻ (جيڪو خلا ۾ موجود ناهي ۽ ان جي هٿرادو بندوبست ڪري وڃڻ کانسواءِ انسان خلا ۾ ڪجهه لمحن اندر ئي جلي خاڪ ٿي ويندو يا سندس جسم ڦاٽي پوندو) انهن سڀني جي نعم البدل ۽ ڪجهه ٻيا اهڙا بندوبست هئا، جن جو هجڻ بيحد ضروري هو.

هن صديءَ جي ڇهين ڏهاڪي ۾ سائنسدان اهي سڀئي بندوبست ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جيڪي خلائي سفر لاءِ لازمي هئا، خلا ۾ داخل ٿيڻ جون اهي سڀئي انساني ڪوششون نيٺ 4 آڪٽوبر 1957ع ۾ ڪامياب ٿي ويون.

اهڙي ريت ان ڏينهن کان خلائي دور (Space Age) جي ابتدا ٿي وئي. ان تاريخي ڏينهن تي اڳوڻي سوويت يونين جي ماهرن ’اسپيتنڪ-1‘ نالي پنهنجو هٿرادو اپگرهه خلا ۾ موڪليو، هڪ مهيني کان پوءِ انهن ’اسپيتنڪ-2‘ کي خلائي سفر تي موڪليو، هن ڀيري سوويت سائنسدانن ان ۾ لئيڪا (Laika) نالي هڪ ڪتي کي به ويهاري ڇڏيو هو، خلا ۾ داخل ٿيندڙ اهو پهريون جاندار هو، اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو اعزاز حاصل ڪندڙ ويچارو لئيڪا خلا ۾ ئي مري ويو، اهڙي ريت خلا ۾ داخل ٿيندڙ پهريون جاندار ڌرتيءَ ڏانهن بيحال ٿي موٽيو، پر سائنسدانن پنهنجون ڪوششون لڳاتار جاري رکيون.

سال 1961ع جي 12 اپريل کي خلائي سائنس ۾ هڪ تاريخي حيثيت حاصل آهي، ان ڏينهن تي پهريون ڀيرو هڪ انسان خلا ۾ داخل ٿي، پراڻي انساني سپني کي حقيقت جو روپ ڏنو، اهو خلاباز دنيا ۾ ڪرنل يوري گاگارين جي نالي سان مشهور آهي. روس جي ان خلاباز هٿرادو اپگرهه ”ووسٽاڪ -1“ ۾ ويهي ڌرتيءَ جي چوڌاري هڪ ڦيرو مڪمل ڪيو. يوري پنهنجي تاريخي ۽ منفرد سفر دوران خلا مان ڌرتي ۽ آسماني جسمن جو مشاهدو ڪيو.

خلا ۾ داخل ٿيندڙ پهرين عورت ويلنيٽينيا ترشڪوف هئي، ان روسي عورت اهو ڪارنامو 1960ع ۾ سرانجام ڏنو. ترشڪوف ’ووسٽاڪ-6‘ ۾ ويهي ڌرتيءَ جي چوڌاري 48 چڪر مڪمل ڪري هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو، اهو سفر پورو ڪرڻ ۾ کيس 70 ڪلاڪ 21 منٽ لڳا.

مارچ 1965ع ۾ اڳوڻي سوويت يونين جي سائنسدان اليڪسي نوف خلا ۾ هلڻ يا چهل قدمي (Walk) ڪرڻ جو هڪ منفرد رڪارڊ قائم ڪيو، ساڳئي ملڪ جي ٻن خلابازن 1988ع ۾ 365 ڏينهن خلا ۾ رهي هڪ منفرد اعزاز حاصل ڪيو. هنن اهي ڏينهن خلائي اسٽيسن ”ميز“ ۾ گذاريا.

خلائي اسٽيشنون:

مٿي بيان ڪيل اهم خلائي ڪاميابين کان پوءِ سائنسدانن مستقل ڦرندڙ خلائي اسٽيشن موڪلڻ جو سوچيو جيئن خلا ۾ ويهي نه رڳو ڌرتيءَ جو صحيح جائزو وٺي سگهجي، پر ٻين آسماني جسمن جي بهترين نموني کوجنا ڪري سگهجي، ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ماهرن خلا ۾ خلائي اسٽيشنون قائم ڪيون آهن، جن ۾ اهي لڳاتار مهينن جا مهينا ويهي کوجنا ۽ مشاهدا ڪندا آهن، ٻين لفظن ۾ اسان ائين به چئي سگهون ٿا ته هاڻي انساني خلا ۾ پنهنجو گهر ٺاهي ورتو آهي. سڀ کان پهرين خلائي اسٽيشن اڳوڻي سوويت يونين وارن 1971ع ۾ موڪلي. آمريڪا وارن 1973ع ۾ ’اسڪائي ليب‘ نالي هڪ خلائي اسٽيشن پنهنجي سفر تي رواني ڪئي. ياد رهي ته ان اسٽيشن جو ڪجهه حصو فني خرابي سبب تباهه ٿي ڌرتيءَ تي ڪريو هو، ان ۾ موجود ماهرن خلا ۾ ئي ان جي مرمت ڪري کيس مڪمل تباهه ٿيڻ کان بچائي ورتو ۽ اها سندن ڪم جاري رکڻ جي قابل بڻجي ويئي، ”خلائي شٽل“ نالي هڪ ٻي اسٽيشن ڪيترائي ڀيرا ڪيترن ئي مهينن تائين خلا ۾ رهي آهي، ان کان پهريائين هر خلائي اسٽيشن هڪ ڀيرو خلا ۾ ڪم ڪري موٽڻ کان پوءِ ٻيهر خلا ۾ وڃڻ جي قابل نه هوندي آهي، پر آمريڪي خلائي ’شٽل‘ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته اها ڪيترائي ڀيرا خلائي سفر تي رواني ٿي چڪي آهي، اڄ ڪلهه ڪيترائي ملڪ پنهنجا هٿراڌو اپگرهه خلا ۾ موڪلي رهيا آهن، انهن جي سائيز خلا ۾ رهڻ جي وقت ۽ جدت جو دارو مدار موڪلڻ واري ملڪ جي سائنسي ترقيءَ تي آهي، پر بهرحال هن وقت مخلتف ملڪن پاران هٿرادو اپگرهه موڪلڻ جو ساليانو تعداد 130 کان وڌيڪ آهي.

1958ع ۾ سائنسدانن پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ان وقت تائين ڪل ٻه هزار ست سئو ڇاهٽ (2766) هٿرادو اپگرهه خلا ۾ چڪر لڳائي چڪا هئا.

 

غلام مصطفى سولنگي، ڀان      سلسلوار چوٿين ڪهاڻي

 

ناني نوران جي آکاڻي

ناني! اڄ وري جمعو آهي، اچي ويا آهيون آکاڻي ٻڌڻ پپيءَ چيو پر اڄ ننڍڙي صنم نه آئي اهي، نانيءَ پڇيو، ناني ادي صنم کي بخار ٿي پيو آهي، گلڻ چيو ها ته ٻارو هي موسم ئي اهڙي آهي، جنهن ۾ هرڪو بيمار ٿي پوي، ٻيو وري اهي مئا مڇر اصل ڀون ڀون ڪندا ڪنن ۾ گهڙيو ٿا وڃن، جن جي چڪن کان پوءِ مليريا ٿيو پوي، ناني لاڳيتو ڳالهائيندي رهي ”اڙي ابا گلڻ، جانڻ، صابو، بلقيس ويهو بيٺا ڇو آهيو؟“ ناني جي چوڻ تي سڀ ٻار کٽ تي ويهي رهيا، ها ته ڳالهه پئي ڪيم مئن مڇرن جي نانيءَ واري ڳالهائڻ شروع ڪيو، سيارو اچڻ وارو هوندو آهي ته مئا مڇر ته ڏاڍا نڪرندا آهن، انهي ڪري هن موسم ۾ مڇرداني کانسواءِ سمهي به ڪين سگهندي آهيان، هڪ پوڙهي ٻيو وري مڇرن جا چڪ پوءِ ته ناس جي دٻي به ڪونه لڀندي اٿم، سڀ ٻار کلڻ لڳا.

ناني اڄ ڀلا آکاڻي به ٻڌائيندينءَ يا رڳو ڳالهيون ڪري جان ڇڏائيندينءَ پپيءَ چيو: ٻارو! اڄ ڇڏيو وري ٻئي جمعي تي آکاڻي ٻڌجو، اڄ مون کي سيءُ پيو ٿئي، ناني پوتي ويڙهندي چيو: واقعي ناني توهان چيو هو ته گهڻي واهه واهه نه ڪيو نه ته وري ٻئي جمعي تي وڏي منٿن سان آکاني ٻڌائيندي سانو، اڄ ناني ڪئي به اها ڪار بلقيس چيو نه نه اهڙي ڳالهه ناهي، نانيءَ چيو: ناني توهان چيو هو ته ٻئي هفتي ربوڊاڙي واري آکاڻي ٻڌائينديس، پوءِ اڄ اها ٻڌايو نه، صابو چيو، نه اها ٻئي هفتي ٻڌائينديس ڇو ته اها ته ننڍڙي صنم جي پسند آهي، نانيءَ چيو:

چڱو ڀلا اڄ ٻي ڪائي آکاڻي ٻڌايو، هاڻي وري اسڪول جي سياري جي موڪل ملندي پوءِ ته روز آکاڻي ٻڌائينداسين نه بابا نه روز آکاڻي مان نه ٻڌائيندايس.

چڱو ناني اڄ سوداگر واري آکاڻي ٻڌايو، جانڻ چيو چڱو ڀلا پوءِ غور سان ٻڌو، هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ شهر ۾ هڪ سوداگر رهندو هو، ڪنهن ڪم سان هن کي ٻئي ملڪ وڃڻو پيو، هن وٽ پنج سير سون هو، سوداگر پريشان ٿيو ته سون ڪٿي محفوظ ڪري رکي وڃي، اتفاق سان شهر ۾ هن جو هڪ دڪاندار دوست هو، سوداگر اهو پنج سير سون پيتي ۾ بند ڪيو ۽ پنهنجي دوست وٽ کڻي آيو، ۽ ان کي چيائين ته مان ڪجهه عرصي لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيو آهيان، تون هي سون امانت طور پاڻ وٽ رک مان واپس اچي توکان وٺندس، ائين چئي سوداگر پنهنجي سفر لاءِ روانو ٿي ويو، چئن پنجن مهينن کان پوءِ جڏهن سوداگر پنهنجي ملڪ آيو ته هن دوڪاندار کي پنهنجي امانت واپس ڏيڻ لاءِ چيو ته دوڪاندار وڏي افسوس سان سوداگر کي ٻڌايو ته تنهنجي سون کي هڪ ڪئو کائي ويو، دوڪاندار ڪوڙا قسم کڻي سوداگر کي يقين ڏياريو ته مان بلڪل سچ ٿو چوان، ويچارو سوداگر ٻڌي چپ ٿي ويو، ۽ واپس گهر هليو ويو، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سوداگر جي ذهن ۾ هڪ ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ هن دوڪاندار کي ٻارن ٻچن سميت دعوت ڏني، هن جو دوست دوڪاندار ٻارن ٻچن سميت هن جي گهر آيو، ۽ سڀ ماني کائڻ لڳا، جڏهن ماني کائي بس ڪيائون ته دوڪاندار جو ننڍو پٽ هٿ ڌوئڻ لاءِ اٿيو ته سوداگر هن کي سياڻپ سان وٺي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، دوڪاندار جڏهن وڃڻ وارو ٿيو ته هن ڏٺو ته هن جو ننڍو پٽ گم آهي، هيڏي هوڏي ڏٺائين، پر ڪٿي به نظر نه آيس پوءِ سوداگر دُڪاندار دوست کي ٻڌايو ته تنهنجي ڇوڪري کي هاڻي هاڻي هڪ ڪانو کنيو ٿي ويو، دُڪاندار حيران ٿيندي چيو ته ڪڏهن ڪانو به ايڏي ڇوڪري کي کڻي وڃي سگهي ٿو، تون ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهين، ان تي  سوداگر جواب ڏنو ته جنهن ملڪ ۾ ڪئا پنج سير سون کائي سگهن ٿا ته ان ملڪ ۾ ڪانو به ٻار کڻي سگهن ٿا، اهو ٻڌي دُڪاندار شرم ۾ ٻڏي ويو، دُڪاندار سوداگر جو اشارو سمجهي ويو هو، جڏهن هن سوداگر کان پنهنجي غلطيءَ جي معافي ورتي ۽ ان کي سون واپس ڏنو ته سوداگر به هن جو پٽ هن کي ڏئي ڇڏيو ۽ ائين ئي پنهنجي حڪمت عمليءَ سان سوداگر پنهنجي گم ٿيل دولت ٻيهر حاصل ڪري ورتي.

پيارو ٻارؤ! هن ڪهاڻي مان اسان کي سبق ملي ٿو ته ڪهڙي به حالت ۾ اسان کي لالچ يا بي ايماني نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي ٻين جي امانت ۾ خيانت ڪرڻ گهرجي، ناني سمجهاڻي ڏيندي چيو بس ٻارو توهان جي ضد تي اڄ مون توهان کي سٺي آکاڻي ٻڌائي آهي، هاڻي سوير ئي وڃي سمهو ۽ صبح جو سوير اٿي اسڪول به وڃجو پر هاڻي ڪجهه سيءُ به اچي ويا آهن، انهيءَ ڪري ڪو ٽوپ يا مفلر ويڙهي وڃجو ناني لاڳيتو ڳالهائيندي رهي ۽ سڀ ٻار ڊوڙندا وڃي پنهنجي پنهنجي بستري تي ستا ۽ ناني نوران به سوڙ ويڙهي سمهي پئي. (هلندڙ)

رشيد ”ارشد“

مُر منهنجو ڪم ناهي!

مان دوستن سان رُسان مُور منهنجو ڪم ناهي!

۽ کين موقعو ڏيان موُر منهنجو ڪم ناهي!

ادب ۽ علم جي مخزن کان آءُ پاسو ڪري،

ڪنا ڪتاب پڙهان موُر منهنجو ڪم ناهي!

اجَايون ڳالهيون سنگتين ۾ ويهي آءُ ٻڌان،

۽ ڪريان غيبتون مان، موُر منهنجو ڪم ناهي!

ڇو ٽيپ ٽاپ ڪري سڀني اڳيان شرمايان؟

ذليل و خوار ٿيان مُور منهنجو ڪم ناه!

نه ٽي وي کيل ڏسان ۽ نه کيڏان وڊيو گيم!

وڃايان وقت کي مان مُور منهنجو ڪم ناهي!

اَمڙ ۽ بابي کي ”ارشد“ ڇو آءُ رنجايان؟

مان ڀيڻ ڀاءُ سان وڙهان موُر منهنجو ڪم ناهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com