سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 8

باب: --

صفحو :9

 

 

سلام ۽ سنيها

 

محترم ايڊيٽر صاحب، السلام عليڪم.

مارچ جو پرچو (گل ڦل) پڙهيوسين ڏاڍو وڻيو. ادا مان گل ڦل ۾ پهريون دفعو حصو وٺي رهيو آهيان. اميد ته اداس نه ڪندا، ادا مهرباني ڪري سوال جو جواب ۽ معلومات لاءِ صفحا رکو جيئن ته ٻارن جو پيارو رسالو” گل ڦل“ وڌيڪ سهڻو ۽ خوبصورت نظر اچي. منهجي آخر ۾ اها گذارش آهي ته سرورق تي ڪنهن ننڍڙي ٻار جي تصوير ڏيندا ڪريو.

علي جان رند بلوچ، نواب شاهه.

(اداره، رسالي کي پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني. اسين هن پرچي کان ٻارن جي موڪليل معلومات شايع ڪري رهيا آهيون. ۽ ان سان گڏ اوهان جي خطن جا جواب پڻ ڏئي رهيا آهيون. باقي سرورق به جلدي اوهان جي پسنديءَ موجب تيار ٿي ويندو. - }ايڊيٽر)

 

ادا، نمستي!

گل ڦل رسالو اوچتو ئي اوچتو بند ٿي ويو ۽ اسين آسرو لاهي ويهي رهياسين، پر اوچتو ئي ٽپاليءَ کان رسالو مليو، ”گل ڦل“ ڏسي بيحد خوشي ٿي. گل ڦل جي ٻيهر شايع ٿيڻ تي اداري کي منهنجي پاران واڌايون ڏيندا.

سنڌي زبان ۾ ٻاراڻي ادب جي جيڪا کوٽ آهي، اميد ته هي رسالو ”گل ڦل“ ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ وسان ڪين گهٽائيندو. ٻارڙن جون لکڻيون وڌ ۾ وڌ شايع ڪيون وڃن ته جيئن ٻارڙن جي همت افزائي ٿئي ۽ ڪوشش ڪري رسالي کي وقت تي شايع ڪيو وڃي.

آخر ۾ اسان جي دعا آهي ته هيءُ رسالو”گل ڦل“ ترقي ڪندو رهي ۽ سنڌي زبان، علم ۽ ادب جي خدمت ڪري.

نٿومل کتري، ماتلي.

(پيارا ڀاءُ، خط لکڻ لاءِ مهرباني. ٻارڙن جي وڌ ۾ وڌ سٺين ڪهاڻين شايع ڪرڻ سان اسان کي پاڻ خوشي ٿيندي آهي. اسين ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته رسالو وقت تي شايع ٿئي.

}ايڊيٽر)

 

جناب ايڊيٽر صاحب، السلام عليڪم.

مارچ جو پرچو پڙهيم ڏاڍو وڻيو. سنڌي رسالن جو بادشاهه رسالو ”گل ڦل“ ئي آهي. جيڪو ٻارن جي تجويزن مطابق هلي ٿو.

ڏاڍي خوشي ٿي آهي جو سنڌي رسالن ۾ واڌ اچي رهي آهي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ سنڌي ٻارڙا به سجاڳ ٿي چڪا آهن ۽سنڌي رسالن جي همت افزائي ڪري رهيا آهن.

اسين دعا ٿا ڪريون ته شال هي سنڌي رسالا ۽ سنڌي ڪتاب وڌندا رهن.

فاروق احمد ابڙو، نواب شاهه.

هن دفعي گل ڦل رسالي ۾ ڏاڍيون سٺيون ڪهاڻيون شايع ٿيون آهن. پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. اسان جا ٻيا ڀائر به گل ڦل رسالي جي تعريف ڪري رهيا هئا.

جيڪڏهن مان به ڪي لوڪ ڪهاڻيون يا مضمون ۽ افسانا لکي موڪليان ته شايع ڪندا؟ جيئن توهان گل ڦل ۾ ڪي لوڪ ڪهاڻيون ڏسي لکيون آهن، هي اسان جون اڳئي پڙهيل هيون. مان  به ڪي ڪهاڻيون ڏسي يا پنهنجون لکي موڪليان ته اهي شايع ڪندا يا نه؟ هن جو جواب مون کي لکي ڏيندا ته مهرباني.

علي محمد ميمڻ، سکر.

 

(پيارا ڀاءُ، گل ڦل پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني، تون ڪهاڻي ڀلي لکي موڪل جيڪڏهن سٺي هوندي ته ضرور شايع ڪبي، پر اها اڳ ۾ ڇپيل يا نقل ڪيل نه هجي- }ايڊيٽر)

 

جناب ايڊيٽر، ماهوار ”گل ڦل“ السلام عليڪم.

ٻارن جي بهتريءَ لاءِ هڪ مضمون بعنوان ”اُ‎ٺ، بغير پاڻيءَ پيئڻ جي ڪيئن زنده رهي سگهي ٿو؟“

ترجمو ڪري موڪليان ٿو، سو توهان صاحب رسالي ۾ شايع ڪندا ته ممنون رهندس.

ادل! اوهان”گل ڦل“ رسالو ڪڍي ڪري ڄڻ هر هڪ سنڌيءَ جي دل جي ترجماني ڪئي آهي، ڇو ته اهڙي قسم جا رسالا بنهه ڪين ٿا نڪرن. اگر ڪنهن رسالي ۾ ٻارن لاءِ صفحا مخصوص به ڪيا ويا آهن ته سي به نه جهڙا. ڇو ته جيڪي رسالا نڪري رهيا آهن سي اهڙو ته مواد پيش ڪن ٿا جن جوالٽو اثر ڪچڙي دماغ جي ٻارن تي پئي ٿو. سو توهان صاحبن جيڪا تڪليف وٺي ٻارن جي بهتريءَ لاءِ جاکوڙ ڪري بهتر مواد پيش ڪري رهيا آهيو، تنهن لاءِ توهان کي کيرون هجن.

نئين زندگي رسالي جي جاءِ تي توهان وڏڙن لاءِ به ڪو اهڙي قسم جو ماهوار رسالو ڪڍو، جنهن سان پيدا ٿيل خال ڀرجي وڃي. ”گل ڦل“ رسالي کي بنا دير جي هر مهيني شان ۽ شوڪت سان ڪڍندا رهو، ڇو ته هر سهولتون اوهان جي اداري کي مليل آهن.

وزير علي-ايم-سومرو، چڪ،

   ضلعو سکر

 

(اداره: خط ۽ مضمون موڪلڻ ۽ همت افزائي ڪرڻ لاءِ مهرباني، اوهان جو مضمون فيچر جي صورت ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ ڪجهه ڊيگهه آهي. بهتر ائين ٿيندو ته اوهان ان کي مختصر مضمون جي صورت ۾ لکي موڪليو. اوهان گل ڦل ۾ شايع ٿيل جانورن بابت اهڙا معلوماتي مضمون پڙهيا هوندا.

بورڊ طرفان وڏن جي لاءِ ٽماهي رسالو”مهراڻ“ شايع ٿيندو آهي.   (ايڊيٽر)

 

پيارا ادا، جيئي سنڌ.

فيبروري ۽ مارچ وارا پرچا پڙهي دل کي ايتري خوشي ٿي جو ٻڌائي نٿو سگهان. ڪهاڻي ”ڳاڙهي نڪ واري ڇوڪري“  بيحد پسند آئي. شاهه عبداللطيف جو مضمون پڻ بيحد پسند آيو. اوهان کي مبارڪون هجن جو گهڻي کان گهڻا ٻار دلچسپي وٺي رهيا آهن. ”سامبر ۽ رسٽي جونس“ بور ڪندڙ ڪهاڻي هئي. اسان جي ادن کي گهرجي ته پنهنجون ڪهاڻيون ٺاهين. مان هڪ آکاڻي موڪلي رهيو آهيان. اميد اٿم ته شايع ڪري همت افزائي ڪندا. خط پهريون ڀيرو لکي رهيو آهيان. اميد اٿم ته پنهنجيءَ محفل ۾ شريڪ ڪندا.

تراب علي سومرو ” تراب“،

شڪارپور، سنڌ.

(ڀائڙا، مارچ وارو پرچو توکي وڻيو اهو ٻڌي خوشي ٿي. ان سان گڏ اهو افسوس پڻ ٿيو ته” سامبر ۽ رسٽي جونس“ ڪهاڻي پڙهڻ سان توکي بوريت ٿي. آئيندي ڪوشش ڪنداسين ته وڌ ۾ وڌ دلچسپ ڪهاڻيون شايع ٿين. باقي تنهنجي موڪليل ڪهاڻي ته اسان کي ملي ئي ڪانهي. الائي ڇو                                                        (ايڊيٽر)

 

السلام عليڪم.

مارچ 1974ع جو ”گل ڦل، پڙهيم، دل کي سڪون مليو. محمد اشرف مصراڻيءَ جا ”ٻاراڻا ٻول“ پسند آيا.احمد خان آصف ۽روچو خوابيءَ جا نظم وڻيا. پر هڪ شڪايت آهي ته ٻار يا ته ٻين ڪتابن تان لطيفا وٺن ٿا يا انهن جا اکر ڦيرائي ٻيا ٿا لکن.

ادا، مان آئيندي سال کان ڪئڊٽ ڪاليج ۾ پڙهڻ گهران ٿو. پر جيئن ته اسين ٻهراڙيءَ جا رهواسي آهيون، ان ڪري اوهان کي هڪ عرض آهي ته ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو بابت مڪمل معلومات لاءِ ڪو ڪتابچو موڪليندا.

بلوچ مشتاق احمد پوري،

احمد پور، وايا پير جو ڳوٺ.

(ادڙا، نقل ڪرڻ ڪني عادت آهي، ان ڪري اميد آهي ته ٻار لطيفا توڙي ڪهاڻيون ۽ مضمون ٻين رسالن تان اُتاري نه موڪليندا. گل ڦل جا گهربل پرچا گڏي وي – پي ڪري موڪليا پيا وڃن. باقي رهي ڪئڊٽ ڪاليج واري ڳالهه، ته ادا، ان بابت تون پنهنجي اسڪول جي ڪلاس ٽيچر صاحب يا هيڊ ماستر صاحب سان صلاح ڪر ۽ انهن جي معرفت ڪئڊٽ ڪاليج پيٽاري ڏانهن خط لکي معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.

-ايڊيٽر

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com