سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 8

باب: --

صفحو :6

گُل ڦُل

شوڪت حسين شورو

 

 مولابخش ”ناد“ لاڙڪاڻو

گينڊو

گينڊو خشڪيءَ جو ٻيو وڏو جانور آهي. اڪثر ڪري نموني نموني جا گينڊا جانور ايشيا ۽ آفريقا جي وڏن وڏن جهنگلن ۾ ملندا آهن. ٻنهي وڏن جهنگلن ۾ انهن جا پنج وڏا قسم ڏٺا ويا آهن. انهن جي کل تمام سخت ۽ ٿلهي ٿيندي آهي. هن تي سڱ مٿي جي بدران نڪ تي هوندا آهن. ڪڏهن هڪ سڱ به ٿيندو آهي. دراصل اهي سڱ نه هوندا آهن پر ڊگها ڊگها ڪارن ٿلهن ۽ سخت وارن جا مُچا آهن، جن تي ٿوري عرصي کان پوءِ ٿلهي کل چڙهي ويندي آهي.

گينڊو هاٿيءَ کان پوءِ خشڪيءَ جو ٻيو وڏي ۾ وڏو جانور آهي. جنهن جو جسم هاٿيءَ وانگر مضبوط، پير به هاٿيءَ وانگر ٿلها ۽ ڪن گهوڙي وانگر ننڍا ٿيندا آهن. اکيون نه هئڻ جي برابر ٿينديون اٿس، ڇا ڪاڻ ته ڪمزور هونديون آهن، جنهن جي وسيلي گينڊو مشڪل سان ٽن فوٽن ۾ موجود شيون ڏسي سگهندو آهي. پر سنگهڻ جو حواس تمام تيز اٿس منهن ڊگهو سامهون طرف لٿل هوندو اٿس. هن جي کل تمام سخت ۽ ٿلهي آهي، تنهنڪري هن جو شڪار تمام طاقتور رائيفلن سان ڪيو ويندو آهي. سخت جسم هئڻ ڪري هن کي گهڻي مشڪل سان موت جو منهن ڏيکاريو ويندو آهي.

 

اَڇو گينڊو

اڇو گينڊو وڏي کنڊ آفريقا جي زولو لينڊ، سوڊان ۽ بيلجين ڪانگو ۾ اڪثر ڪري ڏٺو وڃي ٿو. پر مسلسل شڪار ڪرڻ ڪري هنن جو نسل تقريباً ختم ٿي چڪو آهي. هاڻي انهن علائقن ۾ رڳو ٿورا گينڊا باقي وڃي بچيا آهن، جيڪي حڪومت جي نگرانيءَ هيٺ آهن. هنن جي شڪار ڪندڙ کي سخت سزا ڏيندي ويندي آهي. اڇي گينڊي جو وزن اٽڪل پنج ٽن آهي. اهڙن قسمن جي گينڊن جا سڱ ڪڏهن ڪڏهن چاليهه، چاليهه انچ ڊگها به ٿيندا آهن.

 

ڪارو گينڊو

 هي گينڊو اڇي گينڊي کان ننڍو ٿيندو آهي، پر ان کان وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي. هي پنهنجي دشمن جي پٺ ان وقت تائين نه ڇڏيندو آهي، جيستائين ان کي بلڪل ختم نه ڪندو آهي. هن جي نظر ڪمزو هوندي آهي. پر سنگهڻ جي طاقت تمام تيز هوندي اٿس.

 

هندستاني گينڊو

هي ڪاري گينڊي کان ڪجهه قدر وڏو ٿيندو آهي، جنهن جو وزن اٽڪل ٻه ٽن ۽ قد تقريباً ساڍا ڇهه فوٽ آهي. هن کي رڳو هڪ سڱ هوندو آهي. جيڪو هڪ فوٽ ڊگهو هوندو آهي، هن جي ماديءَ کي سڱ ڪونه ٿيندو آهي.

 

برما جو گينڊو

برمي گينڊو قد جو بلڪل ننڍڙو ٿيندو آهي. هن جو قد اٽڪل ساڍا پنج فوٽ هوندو آهي، هن گينڊي جي ماديءَ کي سڱ اصل ڪونه ٿيندو آهي. هي برما کان سواءِ الجزائر، بورنيو ۽ بنگلاديش جي سندربن ٻيلي ۾ لڌو وڃي ٿو.

 

سماترا جو گينڊو

الجزائر ۽ سماترا ۾ لڀندڙ هي گيندو سڀني قسمن جي گينڊي کان قد ۾ ننڍو هوندو آهي. هن گينڊي جو قد صرف ساڍا چار فوٽ ٿيندو آهي. هن جي مٿي تي ٻه ننڍا سڱ ٿيندا آهن، هن کي پاڻيءَ جو جانور چوڻ مناسب ٿيندو، ڇا ڪاڻ ته هي پنهنجو گهڻو وقت پاڻيءَ ۾ ويهي گذاريندو آهي. ازانسواءِ گرميءَ جي موسم ۾ هي هر وقت پاڻيءَ ۾ ويٺو هوندو آهي.

 

 

 الطاف حسين جوکيو

منهنجو پاليل ڪڪڙ

 

ڏسو منهنجو هي ڪڪڙ ناسي،

چال سندس آهي ڏاڍي خاصي.

 

چپٽيءَ تي ڏسو ڪيئن نه اچي ٿو،

ناچوءَ وانگر خوب نچي ٿو.

       

جيت اڱڻ تي جڏهن ڏسي ٿو،

جهٽ پٽ تنهن کي وڃي ڳهي ٿو.

 

اَن کائي ٿو ڪيئن نه تڪڙو،

چهنب سان کڻي ٿو داڻو هڪڙو.

 

کائي پي پنهنجي گُجي ڏَٽيون،

لاهيندو پوءِ هر هنڌ وٺيون.

 

جتي به ڏسندو ڪو هاريل آب،

کوٽي ڪندو اها جاءِ خراب.

 

گهر جو گند جي اڇُليو ميڙي،

نه ليٽندو ان ۾ کنڀ کنڊيڙي.

 

ڀاڻ، مٽيءَ کي ڇڏيندو کوٽي،

ڪک پن سان ٿو جنگ جوٽي.

 

ڌاريو ڪڪڙ جي گهر ۾ گهڙي،

نه جوش مان تنهن سان وڙهي.

 

شام جڏهين آهي سج لهندو،

تڏهين اُڏامي وڃي ڀت تي وهندو.

 

رات جو پوري وقت ٿئيس جاڳ،

ڦٿ ڦٿ ڪري ٿو ڏئي ٻانگ.

 

ڏسو منهنجو هي ڪڪڙ ناسي،

چال سندس آهي ڏاڍي خاصي.

 

 

موڪليندڙ: فياض علي ”فياض“، خيرپور.

 

ڇا اوهان کي خبر آهي ته .......

 

(1) سڄي دنيا ۾ هر ڏينهن 21 ڪروڙ 9 لک اخبارون وڪامن ٿيون. سڀ کان وڌيڪ اخبارون انگلينڊ جا ماڻهو پڙهندا آهن.

(2) دنيا ۾ هر سيڪنڊ ۾ سراسري طور 3 ٻار ڄمن ٿا.

(3) بجليءَ جو بلب ايڊيسن سن 1878ع ۾ ايجاد ڪيو.

(4) ڦوڪڻو مانگو فيئر 1783ع ۾ ايجاد ڪيو.

(5) دنيا ۾ سڀني کان تيز ڊوڙندڙ جانور چيتو آهي، جيڪو ڪڏهن هڪڙي ڪلاڪ ۾ 84 ميلن تائين ڊوڙيو وڃي.

(6) جهرڪي ڏينهن ۾ پاڻيءَ جا فقط 17 ڦڙا پيئندي آهي.

 

موڪليندڙ: خالد اڪبر ٽالپر، ٽنڊو جان محمد.

(1) سڀني کان وڏا پن ”اناج“ نالي هڪ کجيءَ جا هوندا آهن، جيڪا آمريڪا ۾ اميزان نديءَ جي ڪپ تي ٿئي ٿي. ان کجيءَ جا پن 30 کان 50 فوٽن تائين ڊگها ۽ 10 فوٽن تائين ويڪرا ٿيندا آهن.

(2)چيني زبان جي الف ب ۾ 214 اکر، سنڌيءَ ۾ 52 اکر، عبراني ۽ لاطيني ٻولين ۾ 43 اکر، سنسڪرت ۾ 44 فارسي ۾ 31 اکر روسيءَ ۾ 30 اکر ۽ انگريزي ۾ 26 اکر هوندا آهن.

(3)سها اکيون ڪونه پوريندا آهن. پر جڏهن سمهندا آهن ته هڪڙو سنهو پردو سندس اکين جي اڳيان اچي ويندو آهي ۽ اکيون پٽيل ئي رهنديون آهن.

(4) آمريڪا جي صدر جي رهڻ جي جاءِ جو نالو وائيٽ هائوس“ ان ڪري رکيو ويو جو 1814ع ۾ ان کي باهه لڳي هئي ۽ جاءِ تي نشان ٿي پيا هئا. پوءِ ان تي اڇو رنگ ڪرايو ويو هو ۽ مٿس نالو ئي ”وائيٽ هائوس“ پئجي ويو.

(5) ناروي جي ٻليءَ ”ليزا“ وفاداريءَ جو رڪارڊ قائم ڪيو، هوءَ 600 ميل پنڌ ڪري، ڌڻيءَ وٽ موٽي آئي.

 

موڪليندڙ: محمد سليم سنڌي، حيدرآباد

(1) جهرڪيءَ جي دل هڪ منٽ ۾ 800 دفعا ڌڙڪي ٿي.

(2)هڪڙي چوزي کي اٽڪل اٺ هزار کنڀ هوندا آهن.

(3)ڪوريئڙي کي اَٺ ٽنگون ٿينديون آهن.

(4)فرانس، بيلجم ۽ هالينڊ ۾ ڪُتن کي گاڏين ۾ جوٽي گاڏيون هلائيندا آهن.

(5)وهيل مڇيءَ کي 2406 ڏند هوندا آهن.

(6)انسان جي جسم ۾ 256 هڏيون ٿينديون آهن.

(7)دنيا ۾ گلاب جي گلن جا 792 قسم ٿيندا آهن.

(8)دنيا جي سڀ کان پهرين بئنڪ اٽلي ۾ 808ع ۾ کلي هئي.

(9) دنيا جي سڀ کان هلڪي موٽر هڪ جاپانيءَ ٺاهي آهي، جنهن جو وزن 23 سير آهي.

(10)دنيا جو نقشو سڀ کان پهرين 1400ع ۾ پورچو گال جي بادشاهه هنري ٺهرايو هو.

 

موڪليندڙ: شهريار سنڌي، سکر.

(1) دنيا جي جبلن جي وڏي ۾ وڏي چوٽي ايورسٽ آهي، ٻيو نمبر ڪي ٽو ۽ ٽيون نمبر ڪچن چنگا آهي.(اهي هماليه جبل ۾ آهن.)

(2)چنڊ زمين کان هر سال 5 انچ پري ٿيندو ٿو وڃي.

(3)دنيا جي سڀ کان پهرين اخبار ”اشغال يوميه“ هئي، جيڪا جوليس سيرز 100ق.م ۾ جاري ڪئي.

(4) جانورن ۾ سڀ کان ڊگهو ٽپ ڪينگرو ڏيندو آهي.

(5)پوسٽ ٽڪليءَ جو رواج مئي 1840ع کان پيو.

(6)ديوار چين، چين جي بادشاهه شي هوانگ ٽي تعمير ڪرائي هئي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com