سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 8

باب: --

صفحو :2

 

مترجم: عبدالرزاق شيخ

(هيٽي جي ڪهاڻي)

ڀاڙي جو گهوڙو

 

 ‍

هيٽيءَ جي جابلو علائقي ۾ هڪ هنڌ ٻه ماڻهو رهندا هئا. هڪ کي عام طور تي بوڪي چاچو ڪري سڏيو ويندو هو ۽ ٻئي جو نالو ٽيميلس هو. بوڪي قد جو ڊگهو، جسم جو ڀريل هو، پر ڪجهه سست هو، ايتريقدر جو هو سوچ ۽ ويچار ۾ به سستي ڏيکاريندو هو. هن بابت اهو مشهور هو ، ته زندگيءَ ۾ وقت گذرڻ کان پوءِ رٿون رٿيندو هو ۽ هر ڪم ۾ ٻه وکون پٺتي هلندو هو. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن تڪليف ۾ اچي ويندو هو، ته ان ۾ ڪا عجب جي ڳالهه ڪانهي. ٽيميلس وري جنس ئي ٻي هئي. نالي جي ئي معنيٰ هيس” چالباز“. هن بابت اها ڳالهه مشهور هئي، ته هو هر تڪليف تي فتحياب ٿيندو آهي، پوءِ کڻي ان جي لاءِ ڪنهن کي ڌوڪو ئي ڇو نه ڏيڻو پوي.

انڪري ماڻهو ساڻس ملڻ پسند ڪين ڪندا هئا، پر اهو بوڪي ئي هو جو پراڻين ڳالهين کي ياد ڪري ٽي ميلس جي واکاڻ جا ڍُڪ ڀريندو هو ۽ هن جي چالن تي دل کولي داد ڏيندو هو.

هڪ ڏينهن بوڪي چاچي کي هڪ گهوڙي جي ضرورت پئي، ڇا ڪاڻ ته هن پنهنجي ٻنيءَ جي پيدوار گڏ ڪري شهر جي مارڪيٽ ۾ کڻي وڃڻ ٿي گهري، ان ڪري هو پنهنجي دوست موسيٰ جي گهر ويو، ته جيئن هن جو گڏهه اڌارو وٺي اچي.

موسيٰ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته”بوڪي چاچا! مان بلڪل مجبور آهيان. منهنجو گڏهه ڪلهه رات جابلو پيچرن ۾ گم ٿي ويو آهي ۽ اڃا تائين ڪونه آيو آهي. اسان سامهون واري ٽڪريءَ تائين به وياسين پر ڪو به ڏس ڪونه مليو. جي هجي ها ته مان توکان وڌيڪ مٺو ڪين ڪريان ها.“

اتي بوڪي ڏاڍو پريشان ٿيو، چيائين ته ”تيستائين گجرن جو ڇا ٿيندو، جي شهر تائين جلدي نه پهتيون ته خراب ٿي وينديون.“ تنهن تي موسيٰ هن کي صلاح ڏني ته ”تون” توسان“ وٽ وڃ ۽ هن جو گهوڙو ڀاڙي تي وٺ. سٺي پيداوار کي ضايع ڪرڻ کان اهو بهتر آهي، ته ڪجهه رقم خرچ ڪئي وڃي.“

ڇا چيئي؟ توسان!“، بوڪيءَ عجب وچان پڇيو، ‎” هو مکي چوس انسان آهي ۽ منهنجي کل به لاهڻ ۾ دير ڪين ڪندو. هو رپين جو ايترو ته لوڀي آهي جو ڪو هن سان ڳالهائي، ته هو ان جو به عيوضو وٺڻ گهرندو.“

بوڪي چاهي ته نه پيو پر ته به لاچار هن کي”توسان“ جي گهر وڃڻو پيو. ”توسان“ هن جي ڳالهه ٻڌي چيو: ”سڄي ڏينهن جو ڀاڙو پندرهن رپيا ٿيندو. جي قبول هجي ته سڀاڻي صبح جو سوير اچي گهوڙو وٺي وڃج،  نه ته ماٺڙي ڪري گهر ويهه ۽ پنهنجي مال کي سڙڻ ڏي. پر گهوڙي سان گڏ اهو شرط به لاڳو هوندو ته تون ضرورت کان وڌيڪ بار ان تي نه کڻندين. منهنجو گهوڙو پشوري آهي. شايد اڳئين سال اهو گهوڙن جي ڊوڙ ۾ شريڪ ٿئي.“

”پر مون وٽ ته هن وقت رڳو پنج رپيا آهن.“ بوڪيءَ مايوسيءَ مان چيو. توسان يڪدم پنج رپيا بوڪيءَ جي هٿ مان کسي ورتا ۽ پنهنجي کيسي ۾ وجهندي چيائين، ”بس، فيصلو ٿي ويو. سڀاڻي صبح جو ڏهه رپيا کڻي اچجانءِ ۽ گهوڙو وٺي وڃجان.“

بوڪي ڀڻ ڀڻ ڪندو دل ئي دل ۾ توسان کي هيٺيون مٿيون ٻڌائي پنهنجي گهر هليو ويو. کيس هر حالت ۾ گهوڙو وٺڻو هو، ان کان سواءِ ته ڪا ٻي واٽ ئي ڪانه هئي.

ٻئي ڏينهن هو صبح جو سويل اٿيو ۽ منڊيءَ وڃڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ ڪجهه آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ هو ٻاهر نڪري آيو. ڏٺائين ته موسيٰ پنهنجي گڏهه تي چڙهيو پيو اچي. ويجهو اچي موسيٰ چيو،” هي رات جو پنهنجو پاڻ اچي ويو. مون سوچيو ته توکي خبر ڪيان، ته جيئن تون توسان يا ڪنهن ٻئي کان ڀاڙي تي گهوڙو نه وٺين.“

بوڪيءَ پنهنجي ڪياڙيءَ کي کنهندي چيو، ”اها ته منهنجي بدقسمتي آهي. مون ادي توسان ڳالهايو به آهي ۽ پنج رپيا به اڳواٽ ڏنا آهن. هاڻي هو ڪڏهن به منهنجي رقم واپس ڪين ڪندو. هو رپين سان ايئن چهٽي پوندو آهي، جيئن مک تازي گوشت جي ٽڪر تي چنبڙي پوندو آهي.“

اڃا اهي ڳالهيون پئي هليون، ته سامهون ٽيميلس به آيو ۽ ويجهو اچي، ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌي چيائين، ”گهٻرائڻ جي ڪابه ڳالهه ناهي. مون سان گڏ هل، جي توسان کان پئسا واپس وٺي نه ڏيارانءِ، ته منهنجو نالو ڦيرائي ڪتي تي رکجانءِ.“

بوڪيءَ جو چهرو خوشيءَ کان ٽڙي پيو. ان ٽيميلس کي ڀاڪر پائي چيو،” توکان مون کي اهائي اميد هئي. تون ته شينهن جي وات مان به ٽڪر کسي سگهين ٿو. ادو توسان تنهنجي سامهون آڻ مڃيندو ۽ مون کي پئسا واپس ملي ويندا ۽ مان سدائين ٿورا مڃيندس.“

ان ڪري بوڪي چاچو ۽ ٽيميلس گڏجي ادي توسان جي گهر ويا. اتي پهچي ٽيليمس ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي:

”اسان گهوڙو وٺڻ آيا آهيون. اميد ته تو ان کي ڍو سان گاهه کارايو هوندو.“

”هائو، ادا! هو ڏس سامهون انب جي وڻ هيٺان بلڪل تيار بيٺو آهي. پر ان کي وٺي وڃڻ کان اڳ ۾ مون کي رهيل ڏهه رپيا ڏيو.“ توسان چيو.

”ها ها، ڇو نه،“ ٽيميلس چيو، ”پر بيهه ته اسان ڏسون ته هي گهوڙو وڏو آهي ۽ اسان جي ڪم به اچي سگهندو يا نه.“

توسان منهن ڦڏو ڪندي چيو،” جيئن گهوڙو ٿيندو آهي، تيئن هي به گهوڙو آهي. سڀ گهوڙا اڪثر هڪجيترا ٿيندا آهن. هڪ اڌ انچ جو فرق به کڻي هوندو ته ڪا قيامت ڪانه اچي ويندي. ڦڏي ڪرڻ جي ڪا  به ضرورت ڪين آهي ڳالهه ٿي ويئي آهي ۽ مان پئسا اڳواٽ وٺي چڪو آهيان. باقي پئسا وٺڻا آهن. پندرهن رپيا سڄي ڏينهن جا آهن.“

”بلڪل ٺيڪ آهه ۽ اسان ان جي پائبندي ڪنداسين. پر ٿورو ان کي ماپي ته ڏسون، ته هو ڪيتري حد تائين ڪم ڏئي سگهندو.“ اهو چيئي ٽيميلس کيسي ماپڻ جو ڦيٿ ڪڍيو ۽ يڪدم گهوڙي جي پٺيءَ جي ڊيگهه ويڪر ماپڻ لڳو. پوءِ بوڪي چاچي ڏانهن منهن ڪندي چيائين:

”هاڻي اسان کي اهو ڏسڻو آهي، ته اها ڊيگهه پوري ٿئي ٿي يا نه. تون وڌ ۾ وڌ ارڙهن انچ جڳهه والاريندين. توکي بلڪل وچ ۾ ويهڻو پوندو. مان ٿورو سنگل پاسري (سنهو) آهيان، ان ڪري ٻارهن انچ کوڙ آهن ۽ مان سوڙهه ۾ تنهنجي پٺيان ويهي رهندس. منهنجي زال منهنجي پٺيان ويهندي، هن کي به ٻارهن انچ جڳهه گهرجي. ها باقي ڳالهه رهي تنهنجي زال جي، ته اها تنهنجي اڳيان ويهي سگهي ٿي. اها توکان به وڏي بت واري آهي، ان ڪري گهٽ ۾ گهٽ ارڙهن انچ جڳهه ان لاءِ به گهرجي. ان کان گهٽ ۾، ڪم نه ٿيندو.“

ادي توسان گهٻرائجي چيو،”ڇا ٿو بڪين؟ ڇا چار ماڻهو هڪ ئي وقت هڪ گهوڙي تي سواري ڪندا؟“

”نه“ ٽيميلس هٿ لوڏيندي چيو،

”اڃا بوڪي چاچي جا چار ٻار به ته رهيل آهن، انهن کي ڀلا شهر وڃڻ جو وجهه ڪٿي ٿو ملي. ڏاڍن ڏينهن کان ان انتظار ۾ آهن ته سورايءَ جو انتظام ٿئي ته ماءُ پيءُ سان گڏ گهمڻ ڦرڻ لاءِ شهر وڃن. هڪ ٻار ته گهوڙي جي ڳچيءَ تي سوار ٿي ويهندو. اهو ٿورو وڏو ۽ هوشيار آهي. ننڍي ڀيڻ کي ڪڇ ۾ ويهاريندو، پر وچ وارن ٻنهي ٻارن کي ٽوڪرين ۾ ويهاري ڇڪي وانگر کاٻي ۽ ساڄي لڙڪائينداسين، انهن کي رڳو اها هدايت ڏيڻي پوندي ته هو خيال سان ڄميل رهن.“ ادي توسان جي منهن تان پگهر لارون ڪري وهڻ لڳو هو ۽ هن چيو: ”ٻڌ، تون بلڪل چريو ٿي پيو آهين، ڀلا ايترا ماڻهو هن گهوڙي تي ڪيئن ٿا ويهي سگهن؟“

ٽيميلس جواب ڏنو، ”اهوئي ته حساب لڳائي اسان کي ڏسڻو آهي. بوڪي چاچي جي ٽن ٻارن کان پوءِ ته خود منهنجن ٽن ٻارن جو سوال آهي. منهنجو خيال آهي ته سڀني کي ٿورو سوڙهو ٿي ويهڻو پوندو، نه ته ٻار جي آيا، ۽ ٻنيءَ جي نوڪر لاءِ جاءِ ڪين ٿي سگهندي.“

”ڇا مان اهو سمجهان ته منهنجو چرين سان واسطو پيو آهي؟“ ادي توسان گهٻرائيندي چيو، ”هڪ گهوڙي تي ٻن وڏن خاندانن جا ماڻهو ڪين ويهي سگهندا، اهو ٿي نٿو سگهي.“

”گڙٻڙ نه ڪريو سائين،“ ٽيميلس يڪدم چيو، ”اصلي پريشاني ته اها آهي ته گهر جي ڪتيءَ ۽ ٻليءَ کي ڪٿي رکيو وڃي؟ ڪتو ته اسان جي حفاظت لاءِ ضروري آهي ۽ ٻڪري وري اسان کان سواءِ جيئري رهي نٿي سگهي. ڀلا ان جي کائڻ پيئڻ جو خيال ڪير ڪندو؟ ٻڪري ته ڏاڍي نيڪ آهي، پر ڪتو مڙئي خوفناڪ آهي، جانورن کي ڏسندي ئي ڀونڪندو ۽ چڪ پائيندو آهي. منهنجو خيال آهي ته ڪاٺيءَ سان ٻڌل ٻن ٿيلهن ۾ انهن کي وجهنداسين.

هن ننڍي گهوڙي تي وقت گذارڻو جو ٿيو.“

”بس بس، مان هاڻي وڌيڪ نٿو ٻُڌي سگهان.“ ميان توسان ڏند ڪرٽيندي ۽ مٺيون ڀيڪوڙيندي چيو، ‎”مان پنهنجي گهوڙي جي جان جو دشمن ڪين آهيان.آخرڪار تو ڇا سمجهيو آهي؟ مون توبهه ڪئي اهڙي ڳالهه کان. هي گهوڙو آهي يا گهوڙي گاڏي. ان ڪري اها ڳالهه ختم سمجهه.“

”اهو ڪين ٿو ٿي سگهي؟“ ٽيميلس ٿورو رکو ٿيندي چيو.

”جي تو ان ڳالهه جي خلاف ورزي ڪئي، ته اسان توکي چڱيءَ طرح ڏسنداسين، نه ته سمجهي وڃ ڪورٽ جو در کليل آهي.“

”ڀلا ڪورٽ تائين ڪيئن پهچندين؟ مون ته ڪا لکت ڪانه ڏني هئي.“

”لکت!“ ٽيميلس رڙ ڪري چيو،”اسين ڪيس وڙهڻ به ڄاڻون. پر ٿورو چپ ڪري بيهه، اسان جو حساب غلط ٿي ويندو. توکي خبر آهي ته مارڪيٽ تائين وڃڻ جو مقصد اهو آهي، ته جيئن ٻنيءَ مان پيدا ٿيل ٽن مڻن کان ڪجهه وڌيڪ گجرون کڻي وڪيون وڃن.“

”الله تنهنجي پناهه!“ ادي توسان پنهنجو منهن پٽيندي چيو، ”توهان چريا ماڻهو مون کي به چريو ڪري ڇڏيندا. خدا جي واسطي مون کي معافي ڏيو، هي پنهنجا پنج رپيا واپس وٺو. مان پنهنجو گهوڙو ڪنهن به رقم جي عيوض توهان جي حوالي ڪين ڪندس. مون کي ان جو ساهه وڌيڪ پيارو آهي.“

”واه ادا واه!“ ٽيميلس چيو“، فيصلو هو پندرهن رپين جو ۽ واپس ڪرين ٿو رڳو پنج رپيا. ٻڌڻ وارا به کلندا. هڪ ته فيصلو بغير ڏنڊ جي ختم ڪيو ٿو وڃي ۽ وري نقصان به اسان کي ئي برداشت ڪرڻو پوي.“

”پر مون ته اڃا رڳو پنج رپيا ورتا آهن.“

”تو اڃا هاڻي اها ڳالهه مڃي آهي، ته سڄي ڏينهن جو ڀاڙو پندرهن رپيا مڃيو ويو هو، ان ڪري تنهنجو ڀلو ان ۾ ئي آهي ته جي تون فيصلو ختم ٿو ڪرين ۽ گهوڙو نٿو ڏيڻ چاهين، ته پوري رقم واپس ڪر. نه ته سمجهي ڇڏ ته اسين زوريءَ گهوڙو وٺي وينداسين ۽ وري ڪڏهن به موٽائي نه ڏينداسين، جيستائين تون اسان کي پورن پئسن سان گڏ ڏنڊ به نه ڏيندين.“

۽ اها ڳالهه ختم ڪندي ئي ٽيميلس بوڪي چاچي کي چيو،”اسان ته ڏاڏيءَ کي وساري ويٺا آهيون، ڀلا اها اڪيلي گهر ڪيئن رهندي؟“

ادو توسان ان کان وڌيڪ ٻڌڻ لاءِ تيار ڪين هو. هن هڪدم پندرهن رپيا ڪڍي ٽيميلس جي هٿ ۾ ڏنا  ۽ يڪدم پنهنجي گهوڙي تي چڙهي، نظر کان اوجهل ٿي ويو.

ٽيميلس ۽ بوڪي چاچي هڪ وقت وڏو ٽهڪ ڏنو. اهي کلندي رهيا، ايستائين جو کلندي انهن جي پيٽ ۾ سور پئجي ويو ۽ سندن اکين مان ڳوڙها نڪري آيا.

بوڪي جي گهر پهچي ٽيميلس وري هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو ۽ بوڪيءَ جي گهر واري کي چاهه جي فرمائش ڪئي. چانهن جي دوران هو انهن ڳالهين کي ورجائيندا رهيا، ته جيئن بوڪيءَ جي گهر واري کي به خبر پئي ته هاريل بازي ڪيئن کٽي وئي. بوڪيءَ چاچي کل کان بيوس ٿي زال کي چيو، ”مون کي تنهنجو قسم جو مون هڪ لفظ به ڳالهايو هجي. مان سڀ ٻڌي مشڪل سان کل بند ڪري سگهيو آهيان.“

چانهه جي ٻن پيالن، پيسٽري، ٽوش ۽ بيدن کي پيٽ ۾ نيڪال ڪرڻ کان پوءِ ٽيميلس اٿيو ۽ مٿي تي ٽوپلو رکي، سڀني کي سلام ڪري هليو ويو. هن جي وڃڻ کان پوءِ بوڪي چاچي چيو، ”اڄوڪو ڏينهن هميشه ياد رهندو. سڀ کان وڌيڪ عجب جي ڳالهه ته اها آهي ته اسان ان ماڻهوءَ کان ٽيڻا پئسا وصول ڪيا جو سڄي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ لوڀي سمجهيو ويندو آهي ۽ رپين پئسن جي معاملي ۾ هن کان وڌيڪ ڌوڪيباز ٻيو ڳوليو نه لڀندو.“

اهو چوندي سندس هٿ کيسي ۾ آيو. منهن تي نچندڙ خوشيءَ جي لهر يڪدم ختم ٿي وئي ۽ هن هڪ وڏو ساهه کڻي چيو،”پر منهنجا پئسا اهي ته مون کي واپس ڪين مليا. اصولن ته فالتو ڏهه رپين ۾ به منهنجو حصو هئڻ گهرجي ها، پر مان پنج رپيا به وڃائي ويٺو آهيان. ٽيميلس اسان کي به پنهنجي هٿ جي صفائي ڏيکاري ويو آهي ۽ وري منهنجيون گجرون به ايئن ئي پيون آهن. اهي مارڪيٽ تائين ڪيئن وينديون.“

هن هڪدم دري مان ٻاهر ليڻو پاتو. گهڻو پري هڪ پهاڙي پيچري تي ٽيميلس پنهنجو ٽوپلو ائين لوڏيندو وڃي رهيو هو، ڄڻ ته هو ڏاڍو خوش هو. چاچي بوڪيءَ هڪ گهرو ٿڌو ساهه کنيو ۽ چيائين، ”سچ پڄ اڄوڪو ڏينهن هميشه ياد رهندو!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com