سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 1 ۽ 2

باب: --

صفحو :4

 نمائش جو سڄو انتظام، ٽريننگ ڪاليج فارمين جي ڊرائننگ ٽيچر، مسٽر علي اڪبر جي نظرداريءَ هيٺ ٿيو هو. نمائش ميلي واري ڏينهن کان پوءِ به ٻه ڏينهن، يعني 16 ۽ 17 جنوريءَ تي کليل رهي- ٻئي ڏينهن ٻارن ۽ عام ماڻهن لاءِ ۽ ٽئين ڏينهن ٻارن ۽ زالن لاءِ.

2. رانديون

نمائش جي مهارت کان پوءِ مهمان ۽ ٻار راندين جي ميدان تي آيا، ۽ ٻارڙن پنهنجون رانديون شروع ڪيون.

1- سڀ کان اول گرلس ماڊل اسڪول جي ”بلوبرڊ“، بئنڊ تي ڊرل پيش ڪئي. ڊرل ۾ هيڪر ته تمام سهڻو نظارو ٿيو، جڏهن ٻارڙن سورج مکيءَ جو گل ٺاهيو.

2- ڊرل کان پوءِ قاضي عبدالقيوم بوائز اسڪول ۽ پرئڪٽسنگ اسڪول جي ڇوڪرن ”ڦر ڦر سونٽو“ راند ڪئي.

3- وومينس ٽريننگ ڪاليج جي ڇوڪرين ”رومالي“ راند ڪئي.

4- قاضي عبدالقيوم بوائز اسڪول جي ڇوڪرن ”ستوليا“ راند ڪئي.

5- وومينس ٽريننگ ڪاليج جي ڇوڪرين ”بال“ راند پيش ڪئي.

6- وومينس ٽريننگ ڪاليج جي ڇوڪرين ”گلاسن“ راند ڪئي.

7- قاضي عبدالقيوم بوائز اسڪول ۽ پرئڪٽسنگ اسڪول جي ڇوڪرن ”ڪوڏي ڪوڏي“ راند پيش ڪئي.

8- وومينس ٽريننگ ڪاليج جي ڇوڪرين ”لوٽين“ راند پيش ڪئي.

9- وومينس ٽريننگ ڪاليج جي ڇوڪرين اَٽي ۽ ڏوڪڙ واري راند پيش ڪئي.

10- آخر ۾ گرلس ماڊل اسڪول جي ”بلوبرڊ“ نينگرين آيل ٻارن ۽ مهمانن کي سلامي ڏني.

رانديون منجهند جو ساڍي ٻارهين ڌاري پوريون ٿيون، ۽ ٻار ۽ مهمان ماني کائڻ لاءِ گهرن ڏانهن روانا ٿيا.

3- اسٽيج تي:

اسان جي شام واري گڏجاڻي 4 بجي شروع ٿيڻي هئي. ساڍي ٽين بجي تائين شاميانو ٻارن ۽ مهمانن سان ڀرجي ويو. شامياني ۾ اسان ڏيڍ هزار کن ماڻهن جي ويهڻ جو انتظام رکيو هو، ۽ چئين بجي تائين تعداد وڌي وڃي ٻن اڍائن هزارن کي پهتو. لاچار شامياني جون قناتون کولي، وڌيڪ ڪرسيون رکائي ماڻهن کي ويهاريو ويو. پر چئين بجي، جلسي شروع ٿيڻ کان پوءِ به، ڪيترا ماڻهو ايندا رهيا، جن ما ڪي ويهڻ جي جاءِ نه هئڻ سبب بيهي رهيا.

پوري 4 بجي صدر صاحب تشريف فرما ٿيو. جيئن ئي هو ڪرسيءَ تي ويٺو ته پنهنجي سٻاجهي سنڌي لباس ۾ هڪ پياري ٻار کيس گلاب جو گل پيش ڪيو، ۽ اهڙيءَ ريت ٻين ٻارڙن کي پڻ گلاب جا گُل تحفي طور ڏنا.

صدر محترم جي اجازت سان، ”گل ڦل“ جي ايڊيٽر، جلسي جي شام واري ڪاروائي شروع ٿيڻ جو اعلان ڪيو.

1- قرآن مجيد جي تلاوت کان پوءِ، پرئڪٽسنگ اسڪول ۽ قاضي عبدالقيوم گرلس اسڪول جي ٻارن ڪوي ڪشچند ”بيوس“ جي لکيل ڌڻيءَ در دعا ”قدرت وارا“ پيش ڪئي.

اها دعا رسالي ”گل ڦل“ جي سال 1960 جي اپريل مهيني واري پرچي ۾ صفحي 1 تي ڇپيل آهي. دعا ڳائڻ جي ڌُن ٽريننگ ڪاليج فارمين جي ميوزڪ ماسٽر، استاد پير بخش، ٺاهي هئي ۽ مسٽر جمال رند جي مدد سان ٻارن کي ان جي سازن تي سکيا ڏني هئي.

ڌڻيءَ جو ٻاجهارو نالو هرڪو دل جي سموري پيار سان وٺندو آهي، پر معصومن جي آواز ۾ جو قدرت ميٺاڄ رکيو آهي، تنهن دلين کي هٻڪاري وڌيڪ متاثر ڪيو.

2- دعا کان پوءِ، خواجه ڦلواڙيءَ جي شاگرد، سڪندر، ٻارڙن جي يار ۽ اسڪائوٽ تحريڪ جي بانيءَ لارڊ بئڊن پاويل، جي حياتيءَ تي دلچسپ تقرير ڪئي. يقيناً سڪندر تقرير جي اڳ ۾ ڪافي مشق ڪئي هوندي، نه ته ايڏڙو ٻار انبوهه ماڻهن اڳيان ضرور منجهي پوي ها.

سڪندر جي تقرير سڀني کي وڻي. ٻارن ۽ ٻڍن سڀني تقرير جي ختم ٿيڻ تي تاڙيون وڄايون.

3- قاضي عبدالقيوم گرلس اسڪول جي ٻارن، سازن تي، ماءُ جي لولي ڳائي. اها لولي مس بشرى ٻارن کي سيکاري هئي ۽ اسٽيج تي پڻ، پاڻ پڙدي جي پٺيان ويٺي، ٻارن سان گڏ ڳايائين. لوليءَ جي ڌُن استاد پير بخش ميوزڪ ماستر، ٻڌائي هئي.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com