سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 1 ۽ 2

باب: --

صفحو :6

محترم سيد غلام مصطفى شاهه پنهنجي صدارتي تقرير ۾ فرمايو:

”هن دلچسپ ۽ رنگين پروگرام کان پوءِ مان مناسب نٿو سمجهان ته ڪا ڊگهي رسمي تقرير ڪري، اوهان کي اجايو ڪڪ ڪريان. مون کي فقط هي لفظ چوڻا آهن ته مون کي هي ميلو ايڏو ته وڻيو آهي، جو مان ڪوشش وٺندس ته سنڌ جي هر ضلعي، هر ضلعي جي هر تعلقي، ۽ هر تعلقي جي هر اسڪول طرفان هن نموني تي ٻارن جا ميلا ٿين.

”هن ميلي جي شاندار ڪاميابيءَ لاءِ مان مسٽر محمد ابراهيم جويي ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيان ٿو.

ٻيو ته هتي ويٺي ويٺي، مون ۽ منهنجي دوستن ڪجهه پئسا[1] گڏ ڪيا آهن، جي اسٽيج تي پيش ڪيل پروگرام ۾ حصو وٺندڙن ٻارن کي آفرين نامن سان گڏ انعام طور ڏنا ويندا.“


شاهه صاحب جي تقرير کان پوءِ، پروگرام ۾ حصي وٺندڙ ٻارن ساڻس گڏ اسٽيج تي گروپ فوٽو ڪڍايو.

ميلي جو باقي هڪ پروگرام رهيل هو- فلمون. اسٽيج جي پروگرام ختم ٿيڻ بعد اڌ ڪلاڪ رسيس ڪئي ويئي، ۽ ان کان پوءِ فلمون ڏيکاريون وييون.

4. فلمون:

ڪل چار فلمون ڏيکاريون وييون: ٻه پاڪستان جون ۽ ٻه هندستان جون. پاڪستاني فلمون هيٺئين موجب هيون:

1. سنڌو درياءُ. (هيءَ فلم رنگين هئي، منجهس ڏيکاريل هو ته درياءُ شاهه ڪٿان وهڻ شروع ٿئي ٿو، پوءِ ڪيئن پاڪستان جي مختلف علائقن مان وهندو، اچي عربي سمنڊ ۾ پوي ٿو. درياءَ جي ڪپن تي، ڀانت ڀانت جا سهڻا قدرتي نظارا، جهونا ويران توڙي وسندڙ شهر ڏيکاريل هئا. هيءَ فلم اسان کي حڪومت پاڪستان جي ”فلم سازي ۽ مطبوعات جي کاتي“ ڏِني هئي ۽ انهن جي ئي شڪريي سان ڏيکاري ويئي.)

2. آدمشماري. (هن فلم ۾ ڏيکاريل هو ته آدمشماريءَ جو ڪم ڪيئن ٿو ٿئي ۽ ان ڪم جي اهميت ڪيڏي آهي. هيءَ فلم ”ڳوٺ سڌار“ کاتي جي مهربانيءَ سان ڏيکاري ويئي.)

هندستاني فلمون هيٺئين موجب هيون:

هندستان ۾ ٻارن جو ڏينهن. (سڄي دنيا ۾ هر سال ٻارن جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. هن فلم ۾ ڏيکاريل هو ته هندستان ۾ اهو ڏينهن ڪيئن ملهايو ويندو آهي.)

جامع مليه اسلاميه. (جامع مليه، هندستان جو هڪ عظيم قومي ۽ تاريخي، علمي ادارو آهي. هن فلم ۾ اداري جي انتظام ۽ ڪم ڪرڻ جو نمونو ڏيکاريل هو.)

فلمون رات جو ڏهين بجي پوريون ٿيون. ان بعد قومي ترانو وڄايو ويو، جنهن جي خاتمي سان ميلي جي ڪاروائي پوري ٿي.

حاصلات:

”اقوام متحده“ جي جنرل اسيمبليءَ، 20 نومبر 1459ع تي، ٻارن جي حقن جي پڌرنامي جو اعلان ڪيو هو. ان پڌرنامي جي پهرينءَ پهرينءَ سٽ ۾ چيل آهي: ”انسانذات تي فرض آهي ته ٻار کي پنهنجي بهترين حاصلات سپرد ڪري.“ –غالباً، انسانذات جي ”بهترين حاصلات“ سندس ثقافتي ورثو آهي، جو صدين جي انساني تهذيب جو جوهر آهي، ۽ جو هڪ نسل ٻئي نسل تائين، نه فقط پوريءَ پوريءَ ايمانداريءَ سان پهچايو آهي، پر ان ۾ سهڻو واڌارو پڻ ڪيو آهي. انساني تهذيب جو معراج سونهن ۽ خوشي آهي، ۽ انسان سونهن ۽ خوشيءَ جو بهترين اظهار پنهنجي ثقافت وسيلي ئي ڪري سگهي ٿو.

ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاـءُ ٿئي ٿو، ۽ ڪڻي ڪڻي ڍڳ- سونهن ۽ خوشيءَ کي چوڏس پکيڙڻ ۾ اسان جيڪي به ڪوششون ڪيون، تن جو قدر، قيمت ۽ اهميت آهي- توڙي جو اهي ڪيتريون به معمولي ڇو نه هجن. تنهنڪري پنهنجي هن نماڻيءَ ڪوشش جي ڪاميابيءَ تي، اسان کي بجا طور خوشي ۽ فخر آهي، ۽ ان سان گڏ اميد آهي ته من ڪي ٻيا به ان کان متاثر ٿي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ساڳئي قسم جون ڪوششون وٺن. ڏيئي مان ڏيئو ٻرندو آهي.

ميلي بابت ڪن اديبن ۽ تعليمدانن جا تاثرات

 

- رسالي ”گل ڦل“ جي سالگره تي، ٻارڙن جو ميلو، جو اداري ”گل ڦل“ جي رهنمائيءَ هيٺ حيدرآباد ۾ لڳايو ويو، سو هن قسم جو پهريون ميلو هو، جنهن ۾ ٻارڙا شريڪ ٿيا ۽ پنهنجي راندين راڳن، ناچن ۽ ناٽڪن سان ان کي رونق وٺارايائون. هيءُ ميلو ٻارڙن جي وندر توڙي ترتيب جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ هو.

- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

(ڊين آف دي فئڪلٽي آف آرٽس،

سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد.)

- اڄڪلهه جي مصروف زندگيءَ ۾، ٿورڙيون اهڙيون گهڙيون ميسر ٿين ٿيون، جن کي صحيح معنيٰ ۾ ”خوشيءَ جون گهڙيون“ سڏي سگهجي ٿو. تازو ٻارن جي رسالي ”گل ڦل“ جي ٻئي سالگره جي سلسلي ۾، سنڌي ادبي بورڊ ٻارن جو هڪ ميلو ڪري، اهڙيون ئي خوشيءَ جون گهڙيون فراهم ڪيون، جن جي يادگيري هميشه منهنجي دل ۾ رهندي.

جيستائين مان سمجهان ٿو، ته هي ميلو پاڪستان ۾ پنهنجي نموني جو ”پهريون ميلو“ هو. ٻارن جي ادب ۽ تعليم ۽ تربيت سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن جو سنڌي ادبي بورڊ جي هن قدم پورو پورو توجهه ۽ ويچار لهڻو. اميد آهي ته تعليم جا ماهر ۽ ٻارن جي ادب سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو، هن قسم جا ميلا ڪري، ٻارن لاءِ صحتمند ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.

- الياس عشقي

(پروگرام آرگنائيزر،

ريڊيون پاڪستان، حيدرآباد.)

- ٻارن جي ميلي ۾ ويٺي، ائين ٿي لڳو ڄڻ ته اسان جي ايندڙ نسل جي لاءِ بي انتها خوشين جو خزانو ميسر ٿيو پيو آهي، ۽ اسان جي آئيندي جا ابا، اسان جي ثقافت جي روشنيءَ ۾، هڪ شاندار مستقبل ڏي قدم وڌائي رهيا آهن. ميلي جي وڏي خصوصيت هيءَ هئي ته ان ۾ سڀ ڪجهه ٻارن جي طرفان پيش ٿي رهيو هو- ننڍڙا پتڪڙا، جمالو ڳائيندي ۽ جهمر هڻندي، ڏاڍا پيارا پئي لڳا!

- تنوير عباسي

(هائوس سرجن،

لياقت ميڊيڪل ڪاليج هاسپيٽل، حيدرآباد سنڌ.)

- تنهن ڏينهن ٻارڙن جي ميلي ۾، مٺڙا ٻول، دل لڀائيندڙ ناچ، سنگيت ڀريا ٽهڪڙا ۽ مٺڙا مٺڙا گيت ٻڌي، ائين ٿي محسوس ٿيو ته هن دنيا ۾ ڪو به اهنج، ايذاءُ، تڪليفون ۽ مصيبتون آهن ئي ڪونه. چؤطرف رڳو امن، کل، خوشي ۽ انسان جي ازلي پاڪيزگي ۽ پوترتا جو سمنڊ لهرون هڻي رهيو آهي.

سنڌي ٻارڙن ۾ پنهنجي پاڻ ۾ قرب ۽ پنهنجائپ، ويجهڙائي ۽ پيار جو احساس ۽ سنڌي هئڻ جو شعور پيدا ڪرڻ جو هيءُ پهريون ئي موقعو ڏٺو اٿئون، جنهن لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جا ڪارڪن مبارڪن جا مستحق آهن. ٻارڙن ۾ پنهنجي ثقافت جي حسن جو شعور، وطن دوستي، تنگ نظريءَ کان آزادي ۽ وڏي هوندي عالمگير امن جي جوابداري پيدا ڪرڻ لاءِ اهڙا جشن ئي موزون ترين آهن. شل اسان جا ٻارڙا هر سال انهن جذبن ۾ پنهنجو ايمان ۽ يقين تازو ڪندا رهن.

- سراج الحق

(انڪم ٽئڪس آفيسر،

حيدرآباد.)

- سنڌي ادبي بورڊ، ٻارن جي ماهوار رسالي ”گل ڦل“ جي ٻئي سالگره ملهائڻ جي سلسلي ۾، تاريخ 15 جنوري 1961ع تي، ٻارن جو هڪ ميلو ڪرايو، جو نهايت دلچسپ هو. ٻارن جي امنگن کي وڌائڻ لاءِ ۽ سندن ذهني تربيت لاءِ اهڙا شغل تمام ضروري آهن، جي بدقسمتيءَ سان هن وقت تائين نظرانداز ڪيا ويا هئا. اميد آهي ته هاڻي اهڙا شغل سنڌ جي هر تعلقي ۾ خصوصاً ٻهراڙيءَ جي وڏن ڳوٺن ۾ ڪرايا ويندا، ته ٻارن لاءِ نهايت ئي مفيد ثابت ٿيندا.

- الهه ڏتو بلوچ

(ايڊيو ڪيشنل انسپيڪٽر،

حيدرآباد ڊويزن.

- جنوريءَ جي 15 تاريخ، ”گل ڦل“ رسالي جي ٻئي سالگره ملهائڻ لاءِ ٿيل ٻارن جي ميلي ۾، مون کي به شريڪ ٿيڻ جو موقعو ملي ويو هو. سڄو ڏينهن صبح کان شام تائين، جلسي جي ميدان ۾ عجيب چهچٽو لڳو پيو هو. معصوم ٻارڙن جا وڻندڙ تماشا ۽ ٺينگ ٽپا ڏسي، وڏن جي دلين به خوشيءَ وچان پئي ٽپا ڏنا: شام وارو اسٽيج جو پروگرام ته نهايت ڪامياب رهيو. جيڪي والدين جلسي ۾ شريڪ هئا، تن جو اهو متفق رايو هو ته ٻارڙن جي خوشيءَ خاطر اهڙا شغل ضرور ٿيڻ گهرجن. اهڙا جلسا واقعي ٻارڙن ۾ خوشي ۽ تازگي پيدا ڪرڻ جا بهترين ذريعا آهن.

- غلام اصغر

(پرنسپال، ٽريننگ ڪاليج فارمين،

حيدرآباد.)

 

 

 

اسٽيج جي پروگرام لاءِ ڏنل انعامن جو تفصيل

 

1- دعا...                       5 رپيا (قاضي عبدالقيوم بوائز اسڪول ۽ پرئڪٽسنگ اسڪول جي ٻارن کي)

2- سنڌي لولي...      5 رپيا (قاضي عبدالقيوم گرلس اسڪول جي ٻارن کي)

3- کٽئي جو اڌ (ناٽڪ)...5 رپيا (اسلاميه ماڊرن هاءِ اسڪول ۽ نور محمد هاءِ اسڪول جي ٻارن کي)

4- راسوڙو (لوڪ ناچ) 10 رپيا (خواجه ٻارن جي ڦلواڙيءَ کي)

5- تقرير (مس گلبدن)...      2 رپيا (خواجه ٻارن جي ڦلواڙيءَ کي)

6- سهرو (ڳائڻ وارن کي پنج رپيا ۽ ناچ وارن ٻن ڇوڪرين کي پنج رپيا.) 10 رپيا (قاضي عبدالقيوم گرلس اسڪول کي)

7- ڳجهارتون...               5 رپيا (سڀني اسڪولن ۽ ڦلواڙين کي)

8- ڀاڄيون (ناٽڪ)... 10 رپيا (وومينس ٽريننگ ڪاليج کي)

9- فئنسي ڊريسون...  26 رپيا (سڀني اسڪولن ۽ ڦلواڙين کي)

10- ”اجائي پاسخاطريءَ جو نتيجو“

(ناٽڪ)...              5 رپيا (خواجه ٻارن جي ڦلواڙي کي)

11- ”جمالو“

(لوڪ ناچ)...          15 رپيا (وومينس ٽريننگ ڪاليج کي)

12- سرائڪي لولي (ڇوڪريءَ کي)... 2 رپيا (وومينس ٽريننگ ڪاليج کي)

جملي انعامن ۾ ڏنل 100 رپيا

پئسا شاهه صاحب ۽ سندس دوستن طرفان گڏ ڪيل 94 رپيا هڪ ٻئي دوست وٽان مليل 6 رپيا- جملي 100 رپيا.

 

 

هيٺين ٻارن کي، ميلي ۾ شريڪ ٿي سهڻي ڪم ڏيکارڻ سبب، آفرين ناما ڏنا ويا

 

قاضي عبدالقيوم گرلس اسڪول حيدرآباد طرفان نمائش ۾ بهرو وٺندڙ شاگردياڻين جا نالا:

1- نورجهان جمعو، 2- زبيده ايوب، 3- زيب النساء احمد، 4- مهرالنساء احمد، 5- غلام سڪينه اَبن شاهه، 6- حسنه نبي بخش، 7- زبيده الهڏنو، 8- نظير احمد علي، 9- آمنت خالقڏنو، 10- زبيده ولي محمد، 11- شهناز عبدالقيوم، 12- شميم شيرافگن، 13- تارابي محمد يعقوب، 14- ممتاز محمد يعقوب، 15- نسيم ثبان علي، 16- پروين محمد حسين، 17- شريفن محمد اسحاق، 18- اختري عظيم بخش، 19- زيبون بندوخان، 20- خورشيد محمد لکي، 21- رضيه احمد سعيد، 22- سلميٰ شفيع محمد، 23- فريده افضل محمد، 24- ميمونت مشتاق علي، 25- فيض بالو ولي محمد، 26- رشيده الهه وسايو، 27- بلقيس حاجي عثمان، 28- زهره عبدالڪريم، 29- فخرالنساء عبدالغفور، 30- فريده محمد عبدالله، 31- مبينه ڦول محمد، 32- وزير بيگم محمد اسماعيل، 33- شميم شوقين علي، 34- رئيسه عبدالجبار، 35- رضيه عزيز الدين، 36- رشيده حسام الدين، 37- شميم محمد الياس، 38- سعيده عبدالرحيم، 39- حسن بانو احمد علي، 40- نورجهان محمد رحيم، 41- حسن افروز محمد رحيم شاهه، 42- غلام جنت غلام حسين، 43- غلام جنت الهجڙيو، 44- صاحبزادي يار محمد، 45- انور غلام قادر، 46- حميده لطف علي، 47- مهرالنساء محمد بچل، 48- شميم عبدالقيوم، 49- رحمت پير محمد، 50- زبيده محمد آچر، 51- حاتل الهڏنو، 52- بلقيس لکانو، 53- شيرين الهجڙيو، 54- رشيده لکانو، 55- حسن بانو حيدر بخش، 56- ثريا محمد خان، 57- سڪينه واليڏنو، 58- ممتاز صفر، 59- شهر بانو محمد رمضان، 60- افروز محمد صديق، 61- شميم عبدالقيوم، 62- سڪينه لعل بخش، 63- ممتاز لعل محمد، 64- حاجاڻي ڇٽو، 65- عزيزان مولا بخش، 66- نسيم حاجي، 67- گلشن ڪريم بخش، 68- غلام فاطمه عبدالستار، 69- حسن بانو ولي محمد، 70- ڪبرى ڪريم بخش، 71- نورالنساء نبي بخش، 72- فهميده مولا بخش، 73- حاجران ولي محمد، 74- نظيران ڪريم بخش، 75- زبيده پير بخش، 76- بانو محمد آچر.

سينٽ ڪانوينٽ هاءِ اسڪول:

1- پروين علوي، درجو ڇهون؛ 2- جميله دراني، درجو ڇهون؛ 3- نسيم علوي، درجو ڇهون؛ 4- نجمه صديقي، درجو ڇهون؛ 5- رضوان عباس، درجو ستون؛ 6- انجم شاهه، درجو ستون؛ 7- عقيله دراني.

گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد:

1- ناصره، درجو ڇهون؛ 2- منظور، درجو پنجون؛ 3- نيلوفر، درجو ڇهون؛ 4- شمس درجو پنجون؛ 5- ماهه جبين، درجو ڇهون؛ 6- شبنم، درجو ڇهون؛ 7- منظور، درجو ڇهون؛ 8- رقيه بلوچ، درجو پنجون؛ 9- حسنا، درجو چوٿون؛ 10- انوري، درجو ڇهون؛ 11- بلقيس، درجو ڇهون؛ 12- غلام صغرا، درجو چوٿون؛ 13- نجمه، درجو چوٿون؛ 14- ماهه جبين، درجو ڇهون، 15- زرينه، درجو ڇهون؛ 16- رشيده، درجو پنجون؛ 17- امينه آرائين، درجو پنجون؛ 18- ريحانه، درجو ڇهون؛ 19- شمسنسا، درجو چوٿون؛ 20- رخسانه سهتو، درجو پنجون؛ 21- منظور سلطانه، درجو پنجون؛ 22- حميده صديقي، درجو چوٿون؛ 23- عصمت، درجو چوٿون؛ 24- ڪلثوم، درجو چوٿون، 25- اسلم، درجو چوٿون؛ 26- ماهه جبين، درجو چوٿون؛ 27- زبيده؛ 28- رفيقه، درجو ستون؛ 29- زرينه، درجو پنجون؛ 30- زهره ڀٽي، درجو چوٿون؛ 31- شاهده، درجو ڇهون؛ 32- سردار بانو، درجو پنجون؛ 33- خورشيد بانو، درجو چوٿون؛ 34- بشرى، درجو ڇهون؛ 35- نسيم، درجو ڇهون.

گورنمينٽ ماڊل گرلس اسڪول:

1- دردانه منير، درجو ٽيون؛ 2- ممنونه دراني، درجو چوٿون؛ 3- شميم، درجو ٽيون؛ 4- نورجهان، درجو ٽيون، 5- نسيمه، درجو ٽيون؛ 6- شاه جهان، درجو ٽيون؛ 7- شبانه، درجو چوٿون؛ 8- نجمه، درجو ٽيون؛ 9- مهرالنساء، درجو چوٿون؛ 10- رسيا، درجو ٽيون؛ 11- مهرالنساء، درجو ٽيون؛ 12- رضيه شاره، درجو ٽيون؛ 13- ريحانه، درجو ٽيون، 14- ستاره، درجو ٽيون؛ 15- قمر، درجو ٽيون؛ 16- ملڪه، درجو ٽيون؛ 17- ڪاسمي، درجو ٽيون؛ 18- شاهين اختر؛ 19- ياسمين؛ 20- رضيه سلطانه، درجو ٽيون؛ 21- ممتاز علي، درجو چوٿون، 22- شاهده خانم، درجو چوٿون؛ 23- دلشاد.

خان بهادر غلام علي نانا پرائمري گرلس اسڪول:

1- ارشاد؛ 2- منور؛ 3- شاهده پروين؛ 4- ستاره جبين؛ 5- نجم حيدر؛ 6- شهر بانو؛ 7- رضيه سلطانه؛ 8- خالده عبدالحنان؛ 9- خورشيد؛ 10- ريحانه؛ 11- روحي؛ 12- شمشاد؛ 13- رضيه؛ 14- عارفه؛ 15- انعيمه؛ 16- راحمت؛ 17- انيس؛ 18- عقيله؛ 19- مهر رخسانه؛ 20- مهرالنساء؛ 21- محسنه؛ 22- عاشيه؛ 23- رخسانه؛ 24- ڪوثر پروين؛ 25- زاهده؛ 26- سنجيده؛ 27- خورشيد علي حسن؛ 28- سلمه؛ 29- ممتاز؛  30- منور عبدالغني.

گورنمينٽ پرائمري گرلس اسڪول قاضي عبدالقيوم حيدرآباد:

1- آمنت خالقڏنو- سهري، لوليءَ ۽ دعا ۾ پارٽ ورتو؛ حسن 2- افروز محمد رحيم شاه- لوليءَ ۽ دعا ۾ پارٽ ورتو؛ ۽ ساڳئي اسڪول جي هيٺين ڇوڪرين فقط سهري ۾ پارٽ ادا ڪيو:

1- سڪينه، 2- لعل بخش، 3- فهميده، 4- مولا بخش، 5- شميم عبدالقيوم، 6- نسيم محمد يعقوب، 7- حميده الهه وسايو، 8- حسنه ولي محمد، 9- نسيم حافي، 10- افروز محمد صديق، 11- زيب النساء احمد، 12- نورجهان جمعو، 13- زبيده ايوب، 14- نظير احمد علي.

پرئڪٽسنگ اسڪول جا شاگرد:

1- مظفر علي جويو، درجو چوٿون؛ 2- عمران پنهور، درجو ٽيون؛ ۽ 3- ولي الله مرزا، درجو چوٿون.

گورنمينٽ هاءِ اسڪول جا شاگرد:

1- نظير شيخ، درجو چوٿون؛ 2- شمس الحق، درجو ڇهون؛ ۽ 3- شاهده پروين.

نور محمد هاءِ اسڪول جا شاگرد:

1- قربان علي پنهور، درجو پنجون؛ 2- روشن علي پنهور، درجو ٽيون؛ 3- عبدالمجيد ميمڻ، درجو پنجون؛ ۽ 4- محبوب علي، درجو پنجون.

 

 

 

اسلاميه ماڊرن هاءِ اسڪول:

1- عبدالمالڪ پٺاڻ، درجو چوٿون؛ 2- عسڪر علي قلباڻي، درجو پنجون؛ ۽ 3- محمود علي قلباڻي، درجو ڇهون.

جامعه عربيه هاءِ اسڪول جا شاگرد:

1- محمد اشرف، درجو ٽيون.

راندين ۾ حصو وٺندڙ شاگرد:

1- محمد رمضان غلام حيدر، درجو چوٿون، قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول؛ 2- شير علي محمد عثمان، درجو ٽيون، قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول؛ 3- روشن علي محمد عثمان، درجو ٽيون، قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول؛ 4- ارشاد احمد، درجو ٽيون، قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول؛ 5- نواب علي بخش، درجو ٽيون، گورنمينٽ هاءِ اسڪول؛ 6- ضياءُ الحق محمد يعقوب، درجو پهريون، گورنمينٽ هاءِ اسڪول؛ 7- ظفرالله، درجو چوٿون، پرئڪٽسنگ اسڪول؛ 8- هدايت الله، درجو چوٿون، پرئڪٽسنگ اسڪول؛ 9- ولي الله، درجو چوٿون، پرئڪٽسنگ اسڪول؛ 10- ابراهيم، درجو چوٿون، پرئڪٽسنگ اسڪول؛ 11- ڀشم ڪمار، درجو چوٿون، پرئڪٽسنگ اسڪول؛ 12- بشير، درجو چوٿون، پرئڪٽسنگ اسڪول؛ 13- امير الدين، درجو چوٿون، پرئڪٽسنگ اسڪول؛ 14- مظفر جويو، درجو چوٿون، پرئڪٽسنگ اسڪول؛ 15- عمران پنهور، درجو چوٿون، پرئڪٽسنگ اسڪول؛ 16- محمد انور، درجو ٽيون، پرئڪٽسنگ اسڪول؛ ۽ 17- لياقت، درجو ٽيون، پرئڪٽسنگ اسڪول.

 

 


[1] . چورانوي 94/=، رپيا

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com