سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 1 ۽ 2

باب: --

صفحو :7

 

 

سنڌيڪار: محمد سليم ميمڻ

]سوانح[

شيخ سعدي

 

 

شيخ سعدي فارسي زبان جو تمام وڏو شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. هن جو نالو شرف الدين هو، ۽ ”سعدي“ تخلص. ايران جي مشهور شهر شيراز ۾ پيدا ٿيو. هن جو والد، شيخ عبدالله، ايران جي شهنشاه سعد زنگيءَ وٽ ملازم هو، جنهنڪري شيخ جي پرورش وڏي شانَ مانَ سان ٿي. هن جي عمر اڃا يارنهن سالن جي مس ٿي ته سندس والد وفات ڪري ويو، ۽ دنيا ۾ هي اڪيلو رهجي ويو.

شيخ سعدي ننڍپڻ کان ئي گهڻو محنتي ۽ باهمت انسان هو. هن کي پڙهڻ ۽ لکڻ جو گهڻو شوق هو. هن غريبيءَ ۽ مفلسيءَ جو بلڪل خيال نه ڪيو ۽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بغداد هليو ويو. بغداد ان زماني ۾ علم جو مرڪز هو. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان شاگرد بغدا ۾ پڙهڻ لاءِ ويندا هئا. شيخ سعدي اُتي رهي، وڏن عالمن کان تعليم حاصل ڪئي، ۽ تمام جلد سڀني علمن ۽ فنن ۾ ماهر ٿي ويو.

شيخ سعدي توڙي جو تمام وڏو عالم هو، پر اڄ هن جي مشهوري هڪ عالم جي حيثيت ۾ ايتري ڪانهي، جيتري شاعر ۽ اديب جي حيثيت ۾. خدا هن کي ادب ۽ شعر لاءِ پيدا ڪيو هو، ۽ هُن انهيءَ فن ۾ اهڙو ڪمال حاصل ڪيو، جو سندس نالو هميشه زنده رهندو. هن گهڻا ڪتاب لکيا، جن ۾ ”گلستان“ ۽ ”بوستان“ ٻين سڀني ڪتابن کان وڌيڪ مشهور آهن. انهن ڪتابن جو دنيا جي وڏين وڏين زبانن ۾ ترجمو ٿي ٿي چڪو آهي- ”گلستان“ نثر ۾ آهي ۽ ”بوستان“ نظم ۾. ”گلستان“ فارسي ادب جو هڪ بيمثل ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ شيخ سعديءَ، مٺيءَ زبان ۾، نصيحتن واريون ڳالهيون لکيون آهن، مثلاً گلستان جي هڪ ڳالهه ۾ شيخ سعدي ٻڌائي ٿو ته ڪنهن ماڻهوءَ لقمان حڪيم کان پڇيو ته ”اوهان ادب ڪنهن کان سکيو؟“ هن چيو ”بي ادبن کان.“ تڏهن وري ٻيو سوال پڇيائين ته ”ڪيئن؟“ حڪيم چيو ته ”هنن جيڪا به خراب حرڪت ڪئي، مون ان کان پرهيز ڪئي.“

گلستان جي ٻي هڪڙي ڳالهه آهي ته:

”هڪڙي عقلمند شخص پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪئي ته ”پٽ هنر سک- دولت تي اعتبار ناهي! دولت يا ته چور کڻي وڃن ٿا يا پاڻ ماڻهو ان کي آهستي آهستي خرچ ڪري ڇڏيندو آهي. پر علم ۽ هنر اهڙي دولت آهي، جا ڪڏهن به نٿي گهٽجي. هي اهو چشمو آهي، جو هميشه جاري رهندو آهي. هنرمند جو مال ويو ته ڪجهه پرواهه نه آهي، هو جتي به ويندو، اتي ان جو قدر ٿيندو. ليڪن بي هنر جو مال ويندو ته هو ڪنگال ٿي پوندو، ۽ ان سان گڏ سندس قدر به ختم ٿي ويندو، ۽ پوءِ دنيا ۾ هو هميشه تڪليفون ڏسندو.“

گلستان ۾ جي نصيحتون آهن، تن مان ڪي هي آهن: ”پنهنجو ڳُجهه دوست کي نه ٻڌايو، ڇو ته ان دوست جا به گهڻا دوست هوندا ۽ انهن دوستن جا به دوست هوندا. انهيءَ طرح تنهنجو ڳجهه کلي ويندو.

- ”جو شخص خراب صحبت ۾ ويهندو، اهو پاڻ خراب عادت کڻي نه به اختيار ڪري ته به بدنام ضرور ٿي ويندو. مثال لاءِ ڪو شخص شراب خاني ۾ ڪنهن کي ڳولڻ وڃي، ته ماڻهو اهو سمجهندا ته هو شراب پيئڻ وارو آهي.“

- ”پنهنجي ڪابه ڪمزوري ڪنهن کي نه ٻڌايو، ممڪن آهي ته اهوئي ڪنهن وقت اوهان جو دشمن بنجي وڃي. ان طرح، پنهنجي ڪنهن دشمن کي اجايو تڪليف نه پهچايو، ڇو ته ممڪن آهي ته ڪنهن وقت هو توهان جو دوست بنجي وڃي.“

شيخ سعديءَ کي سير سفر جو گهڻو شوق هو. هن ٽيهه سال سفر ڪيو ۽ ان عرصي ۾ حبش، شام، فلسطين، عرب، ايران، توران ۽ هندستان وغيره ملڪن ۾ سير ڪيائين. ابن بطوطه کان پوءِ ايشيا ۾ هن کان وڌيڪ ٻيو ڪو به سياح نه گذريو آهي. ڪي ماڻهو چوندا آهن ته هن يورپ جو به سفر ڪيو هو. شيخ سعديءَ جي وقت ۾ ريل گاڏي، موٽر ۽ هوائي جهاز نه هئا، ان ڪري ان وقت ۾ ايترن ملڪن جو پيادل سفر ڪرڻ، تمام تعجب جي ڳالهه آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com