سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تحفة السالڪين

 

صفحو :16

ملفوظ 102

 حضرت صاحب رح جن غير متوقع طور تي مغرب نماز کان بعد خطاب لاءِ اٿي بيٺا. اهو معمول جي خلاف واقعو هو. پاڻ فرمايائون ته:

اوهان مان بعض ماڻهو خواه مخواه حد کان وڌيڪ تعظيم ڪن ٿا. منهنجي اچڻ وقت يا وڃڻ وقت پويان لڳا پيا آهن. جُتي ٺاهڻ ۽ کڻڻ جي فڪر ۾ هوندا آهن. ان کان علاوه هٿ پير چمڻ وغيره. اهي سڀ ڳالهيون اسان کي هرگز پسند نه آهن. اسان انهن ڪمن تي ناراض ٿيندا آهيون. ڇا اسان کان قيامت جي ڏينهن پڇا نه ڪئي ويندي ته اوهان هنن کي پرستش لاءِ چيو هيو ڇا؟

وڌيڪ فرمايائون ته:

حضرت عيسيٰ عليه السلام کان خود قيامت جي ڏينهن پڇيو ويندو ته اي عيسيٰ پٽ مريم جا! ڇا تون هنن کي چيو هو ته منهنجي عبادت ڪريو. ان تي حضرت عيسيٰ عليه السلام جي بدن جي وار وار مان رت ڦوهارا ڪري وهندو. ايڏو نازڪ معاملو آهي. ان ڪري ان قسم جي ڪمن کان احتراز ڪريو. اسان انهن ڪمن کان هرگز راضي نه آهيون.

 

8رمضان المبارک 1380 هه- جمعه جو ڏينهن 9 بجه صبح

 

ملفوظ 103

مجلس ۾ ڪنهن شخص عرض ڪيو ته خون جو هڪ معامو آهي. ان جي حق ۾ دعا گهرو. حضرت صاحب جن کائونس پڇيو ته ڇا توهان جو ان ۾ صلح ٿيل آهي. چيائين ته هائو سائين صلح ته ٿيو آهي. پر هو (مقتول جا وارث) غريب يتيم آهن.

ارشاد فرمايائون ته صلح کان بعد هو (قاتل) آزاد ٿي ويا. هاڻي انهن (قاتلن) ڏي ڪو به حق نه آهي. هاڻي دعا گهرڻ ناجائز آهي. صلح کان پوءِ ڦرڻ خدا جي نافرماني آهي. نافرمانن لاءِ دعا گهرڻ اسلام ۾ منع آهي. ان سان اسلام ۾ نقص اچي وڃي ٿو. جيڪي ماڻهو خدا جي نافرماني ڪن ٿا، انهن جي خدا کي ڪا پرواه ناهي.

رب تعاليٰ کي ڪنهن جي به پرواه نه آهي. نه نبي جي نه ولي جي نه ملائڪن جي نه ڪنهن مخلوق جي. جيڪو به خلاف ٿي هلندو يا نافرمانن جي اعانت ڪندو ان کي ختم ڪري ڇڏيندو.

بلعم بن باعور مستجاب الدعاءِ شخص هيو.تنهن هڪ نافرماني واري ڪم لاءِ دعا گهري ته الله تعاليٰ ان جي شڪل ڪُتي جهڙي بنائي ڇڏي. رب بي پرواه ۽ بي نياز آهي. جيئن وڻيس تيئن ڪري، بندي کي ايئن ڪرڻو آهي، جيئن حڪم مليو اٿس. هن کي حڪم تي هلڻو آهي. نافرماني جي ڪم ۾ نه دعا گهرڻي آهي نه ان ۾ ڪو حصو وٺڻو آهي. پرائي دنيا لاءِ پنهنجو دين وڃائڻ غلط آهي.

حديث شريف ۾ آيو آهي ته:

من اشر الناس منزلة يوم القيامة عبد يذهب آخرتة لدنيا غيره

برو آهي اهو شخص جيڪو ٻئي جي دنيا ٺاهڻ لاءِ پنهنجو دين خراب ڪري.

رب جي سرڪار زور آهي. لاُيسئَل عما يَفعل

اسان کان اها ڳالهه زور آهي جو نافرمانن لاءِ دعا گهرون. الله تعاليٰ اسان کي اها توفيق ئي نه ڏئي. جڏهن خون جي انهن کي معافي ملي وئي آهي ته هاڻي هو آزاد ٿي ويا. هو هاڻي مظلوم آهن ۽جيڪي انهن جي خلاف ٿين ٿا ته اهي ظالم آهن. تون چوري ڪرين وري اچي چوين ته مون لاءِ دعا گهرو ته اها دعا ظلم جي وڌائڻ جي ٿيندي. دعا گهرڻ وارو به ظلم جي اعانت ۾ ليکيو ويندو.

”لا تجد قوماً يؤمنون بالله واليوم الاّخر يوادّون

من حاد الله و رسولَة“

 مؤمن ڪڏهن به پنهنجي ڪٽنب ۽ دوستن سان جيڪي نافرمان آهن محبت نه رکندو آهي.

”اولائڪ کتب في قلوبهم الايمان“

هي اهڙا مومن آهن جن جي دلين ۾ الله سائين ايمان ڄمائي چڪو آهي.

رب تعاليٰ وٽ هر هڪ ماڻهو اڪيلو جوابدار آهي. هر ڪو قبر ۾ اڪيلو ويندو ٻي جي قبر ۾ ڪو به ڪو نه ويندو. اسان کي ان رستي تي هلڻو آهي، جيڪو پاڻ ڏسيو اٿس- باقي پاڻ جيئن وڻيس تيئن ڪري. بخشي ڇڏي يا پڪڙي.

حضرت صاحب وڏن ڀرچونڊي شريف رح وارن جا مرشد پير سائين حسن شاه رحمہ الله عليه سوئي شريف وارا جيڪي پير سائين روضي ڌڻي عليه الرحمہ جا خليفا هئا. انهن جي جماعت ۾ دستور هوندو هيو ته جيڪو به شخص اتي رهي ته نماز پڙهي. جيڪڏهن نماز نه پڙهندو ته اتي رهڻ به نه ڏنو ويندو هو ۽ کيس ننگر به ڪو نه ملندو هو. هڪ شخص پوڙهو آيو. ان کي فقيرن چيو ته نماز پڙهو ته رهڻ ڏينداسون ۽ ننگر به ملندو. هن چيو ته مان ساري عمر ڪڏهن سجدو نه ڪيو آهي. پوءِ به الله تعاليٰ آسودو ڪيو آهي. مال رزق ڏنو آهي، هڪ رات به نه وڌي آهي. توهان وٽ آيو آهيان. صرف هڪ رات لاءِ، توهان ننگر نٿا ڏيو. ڇا توهان الله کان مٿي آهيو؟ ان جي حڪومت کان اوهان جي حڪومت مٿي آهي؟ فقيرن حضرت رح کي ٻڌايو ته هيئن ٿو چوي. پاڻ فرمايائون ته الله تعاليٰ پنهنجي ڪمن جي حڪمت کي پاڻ ٿو ڄاڻي، اسان حڪم جا بندا آهيون. اسان ائين ڪنداسون جيئن اسان کي حڪم ڏنو اٿس.

حضور ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته:

لا تصاحب الا مؤمناً ولا ياکل طعامڪ الاتقيّ.

تنهنجي سنگت مؤمن کان سواءِ ٻي سان نه هجي تنهنجو کاڌو الله جي خوف وارو کائي يعني ٻئي کي نه کاراءِ.

تون ساري عمر نماز نه پڙهي آهي ته وڃي پاڻ ڄاڻ. هاڻي هت نماز پڙهڻي پوندءِ. اسان ان حڪم تي هلنداسون. باقي رب پنهنجي ڪم کي اهو پاڻ ڄاڻي ٿو. چورن کي ڇڏائي، ساڌن کي ڦاسائي، بي ڏوه کي اڙائي ۽ ڏوهي کي آزاد  ڪرائي. ان ۾ ان جون حڪمتون آهن. ان کان ڪو پڇڻ وارو ڪونهي. باقي ٻانهن کان پڇا ٿيڻي آهي. لا يسئل عما يفعل وهم يسئلون

پوءِ انهي شخص نماز پڙهي ۽ اتي رهيو.

مقصد ته مظلوم جي مدد ڪجي. رب کان دعا گهرجي. پر ظالمن جي مدد ڪرڻ کان منع ٿيل آهي، البته ظالم جي مدد هن طرح ڪئي وڃي جو ان کي ظلم ڪرڻ کان روڪجي.

حضور ڪريم ﷺ جن جي زماني ۾ هڪ شخص نئون مسلمان ٿيو. ان هڪ ٻئي مسلمان جي گهر مان چوري ڪئي. اتان ڪجهه سامان، هٿيار ۽ اٽي جي ڳوٿري کنيائين. اٽي جي ڳوٿري کي ٽنگ هيو، سو ان مان ٿورو ٿورو اٽو ڇڻندو پيو وڃي. هن کي خبر ڪا نه پئي. سڌو پنهنجي گهر آيو، پوءِ خيال ڪيائين ته ان سامان کي هڪ يهودي وٽ وڃي رکان. ان وٽ کڻي آيو ۽ چيائين ته هي سامان تو وٽ امانت رکان ٿو. صبح ٿي ماڻهو چوري جي ڪڍ لڳا. اٽي جي نشان تي پير کنيائون. سڌو ان مسلمان جي گهر پهتا. هن چيو ته مون وٽ اهو سامان نه آهي. وري ڏسن ته نشان اڳتي وڃي ٿو. يهودي جي گهر پهتا. يهودي کي ورتائون ته تون چور آهين. هو چوڻ لڳو ته مون کي خبر ناهي. هيءُ سامان هن شخص مون وٽ امانت رکيو آهي.

مسلمان خيال ڪرڻ لڳا ته اسلام نئون دين آهي، جيڪڏهن هي مسلمان چور ثابت ٿيو ته ماڻهو چوندا ته اسلام آڻڻ وارا اهڙا گندا ڪم ڪن ٿا. اسلام بدنام ٿيندو ان ڪري يهودي کي چور ثابت ڪجي ۽ مسلمان کي آزاد ڪجي.

اها صلاح ڪيائون ۽ حضور ڪريم ﷺ جن کي اهي ڳالهيون ٻڌايائون ته يهودي چور آهي، ان تي الله تعاليٰ وحي نازل فرمايو:

انا انزلنا اليڪ الکتاب بالحقِ لتحکم بين الناس

بما اراڪ الله ولا تکن للخائنين خصيماً“ پ 5 رڪوع 13

اي رسول ڪريم ﷺ اسان قرآن موڪليو سون حق سان تان ته ماڻهن جي وچ ۾ ان سان فيصلو ڪريو. جيئن الله تعاليٰ سمجهايو اٿئي. ان مطابق فيصلو ڪر ۽ جيڪي شخص خيانت ڪندڙ آهن، انهن جو طرفدار نه بڻج- اهي مسلمان جيڪي يهودي کي چور بڻائن ٿا، خيانت ڪن ٿا. الله تعاليٰ قرآن مجيد ان ڪري نه موڪليو آهي ته هڪ پارٽي زور ٿي وڃي ۽ ٻي پارٽي ذليل ٿي وڃي، بلڪ ان لاءِ موڪليو آهي ته حق زور ٿي وڃي.

واستغفرالله........ رحيما. الله کان بخشش گهر اهو وڏو بخشڻهار ۽ مهربان آهي.

ولا تجادل عن الذين يختانون انفسهم

 نه جهڳڙو ڪر انهن ماڻهن طرفان جيڪي پاڻ سان خيانت ڪن ٿا. اڄ اهو معاملو ڪيو اٿئون قيامت ڏينهن ڪهڙو منهن کڻي ايندا. الله تعاليٰ خيانت وارن کي پسند نٿو ڪري. (گناهه به ان مسلمان ڪيو. وري خيانت به ڪن ٿا، جو ناحق يهودي تي تهمت لڳائن ٿا)

يستخفون من الناس ولا يستخفون من الله وهو معهم

اذ يبيتون ما لا يرضيٰ من القول- پ5 رڪوع 13

ماڻهن کان ڇپائن ٿا. يعني پنهنجي ماڻهوءَ کي لڪائن ٿا پر الله کان نٿا لڪي سگهن، رب تعاليٰ کي هر شيءَ معلوم آهي، جنهن وقت الله جي رضامندي جي خلاف گفتگو ڪن پيا ته الله انهن سان گڏ هيو. مسلمان چون پيا هي ڪم ڏاڍو گندو آهي، اسلام بدنام ٿيندو، ان ڪري يهودي کي ڦاسايون، الله تعاليٰ اها ڳالهه ٻڌي پيو.

هآ انتم هآؤلاءِ جادلتم عنهم في الحيوٰة الدنيا.

خبردار توهان آهيو جيڪي هن دنيا ۾ جهڳڙو ڪريو ٿا.هن دنيا ۾ طرفدار بڻجو ٿا ته قيامت جي ڏينهن الله وٽ ڪير جهڳڙو ڪندو، ان مانهو پاران ڪير آهي جيڪو خدا وٽ طرفداري ڪندو.

ومن يعمل سوءَ اويظلم نفسہ

جنهن اها طرفداري ڪئي ان ڏوهه جو ڪم ڪيو. هڪ شخص گناه ڪيو ٻئي ان جي طرفداري ڪئي ته اهو به ڏوهه ۾ شريڪ ٿيو.

ومن يکسب خطيئہ اواثما ثم يرم بہ بريئاً فقد

احتمل بهتانا واثما مبينا

جيڪو شخص گناهه ڪمائي ٿو بي ڏوهي کي ڏوهي بڻائي ٿو. ان بهتان مڙهيو ۽ وڏو گنهگار ٿيو.

جيڪڏهن الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته هڪ گروه ارادو ڪري چڪو هو ته تو کي اي رسول رستي کان ڀلائين ته هن بي ڏوهي کي ڏوهي بنائي ڇڏ. تو کي نقصان نه آهي. ڇو ته اوهان ڏانهن الله جو قرآن اچي ٿو، تو کي علم ۽ خبر پهچي ٿي ۽ ماڻهن جي منصوبن کان الله تعاليٰ اوهان کي آگاه فرمائي ٿو.

لا خير في کثير من نجواهُم

ماڻهو جيڪي سرگوشيون ڪن ٿا ظلم ۽ فساد واسطي ۽ ڏوهي جي طرفداري واسطي اهڙن مشورن ۾ ڪا به چڱائي نه آهي. شرارت جي ڪمن ۾ مشورو نه ڪجي. باقي نيڪي جي ڪمن ۾ ڀلائي ۽ مدد ڪرڻ لاءِ مشورا ڪيا وڃن.

ومن يشاقق الرسول من بعد ما تبين لہ الهُديٰ

جيڪو مخالفت ڪري ٿو رسول ﷺ جي، هدايت واري رستي جي، کُلڻ کان پوءِ ۽ مؤمنن جي راهه کان ابتڙ هلي ٿو ته هو جنهن طرف ڦريو آهي، اسان ان کي ان طرف ڌڪو ڏيئي ڇڏينداسون، ته وڃي ڪري کڏ ۾. ۽ ان کي سڌو جهنم ۾ سٽينداسون.

قرآن مجيد جو اهو حڪم آهي، اسان کي ان تي هلڻو آهي، جيڪي قرآن ۽ رسول ڪريم ﷺ جي حڪم کان نڪري ويا، انهن کان جدا ٿي هل. انهن سان ٺاهه ئي نه ڪر. انهن کان بيزار ٿي گذار.

 

9رمضان المبارک 1380 هه- ڇنڇ جو ڏينهن 8 بجي صبح

ملفوظ 104

اڄ صبح جو هڪ سفير مدرسه سلطان المدارس تحصيل لياقت پور ضلع رحيم يار خان جو خدمت ۾ آيو ۽ مدرسي لاءِ چندي جي گهر ڪيائين. هڪ ڇپيل اشتهار به ڏنائين. حضرت صاحب رحه جن اهو اشتهار مون کي پڙهڻ لاءِ ڏنو مان کين پڙهي ٻڌايو، پاڻ ان سفير کان پڇيائون ته ڪهڙي مڪتب فڪر جو مدرسو آهي؟ ان سفير ٻڌايو ته بريلوين جو مدرسو آهي. پاڻ فرمايائون ته اسان ان  ۾ چندو ڪونه ڏينداسون ڇو ته جنهن مدرسي مان بدعت جي اشاعت ٿئي ان ۾ چندو ڏيڻ گناهه آهي. سفير چيو ته مان خدا جي نالي تي گهران ٿو. ڪنهن فرقي لاءِ نٿو گهران، پاڻ فرمايائون ته اهو چندو شخصي نه آهي بلڪ هڪ فرقي جي مدرسي لاءِ آهي. جنهن مان شرڪ ۽ بدعت جي اشاعت ٿيندي. ڪو شخص چوي ته مون کي الله جي نالي تي پيسا ڏيو ته آءُ زنا ڪيان، ڇا ان کي پئسا ڏبا؟ هُن چيو ته هي زنا جو ڪم ته نه آهي پاڻ فرمايائون ته هي زنا کان به وڌيڪ برو ڪم آهي ۽ سخت گناهه آهي. انتي هو اٿي هلڻ لڳو ته پاڻ کيس روڪيائون ته ويهه ته توکي سمجهايان. پوءِ حضرت غوث اعظم سيدنا عبدالقادر جيلاني رحمہ الله جو ڪتاب غنية الطالبين گهرائي ان مان اهل بدعت متعلق حضرت پيران پير رح جي تحرير پڙهي ٻڌايائون.

فعلي المؤمن اتباع السنة- الخ

”مؤمن تي اتباع سنت لازم آهي ۽ اهل بدعت کان تعلق ٽوڙڻ واجب آهي. ان تي سلام نه ڪريو. ان جو جنازو نه پڙهو ان کي مسلمانن جي قبرستان ۾ دفن نه ڪريو. ان تي الله ۽ رسول جي لعنت آهي...“ ته اهو ٻڌي هو همراه اٿي بيٺو کيس گهڻو روڪيو ويو ته حضرت پيران پير رحه جي پوري ڳالهه ٻڌي وڃ. پر هو چوندو ويو ته مون کي ڪهڙي خبر ته توهان ڪي وهابي آهيو.

حضرت جن رحه ارشاد فرمايو ته ويچارو ويهي نه سگهيو. حضرت غوث اعظم پيران پير رحه جيڪي اهل بدعت کي تير هنيا آهن اهي هي نٿا سهي سگهن. هن شايد سمجهيو هوندو ته هي پير صاحب به بريلوي هوندو ڇو ته اڄ ڪلهه گهڻا پير بريلوي ۽ مشرڪ آهن. ويچارو پنڻ لاءِ نڪتو هو پر چاڙهو ڪو نه ٿيس. جيڪڏهن هن کي خبر پوي ها ته هيءُ موحد آهي ته ائين چوي ئي نه ها ته هي مدرسو بريلوين جو آهي. دين جي ذريعي جڏهن دنيا پرستي ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ دين نه رهندو آهي. پوءِ جتان پئسا ملن ته اهو دين قبول ڪيو ويندو.

هت هڪ اهل بدعت آيو، ڏاڍي منهنجي تعريف ڪيائين. مان چيو ته اسين اهڙا نه آهيون. تعريف تي مغرور ٿيڻ نه گهرجي.

هڪ شخص وٽ گڏهه هو. جنهن کان ڏاڍو تنگ ٿيو. چيائين ته هن کي وڪڻان سو دلال کي ڏنائين.دلال وڪڻڻ لاءِ اچي ان گڏهه جي تعريف ڪئي ته جيئن ماڻهن جي رغبت ٿئي هي چوڻ لڳو ته اهڙو ڀلو گڏهه مان ڪو نه وڪڻندس. دلال چيس ته اڙي! هي گڏهه اهڙو ئي آهي چنڊو پر تعريف ڪرڻ کان سواءِ ڪير وٺندو. سو بيجا تعريف ڪرڻ تي انسان بيوقوف نه بڻجي وڃي.

 

ملفوظ 105

مجلس مان هڪ شخص چيو ته فلاڻي زميندار ڏي خط لکي ڏيو ته اسان جو ڪم ڪري.

پاڻ فرمايائون ته پٽ! زميندار وقت جا يار هوندا آهن. انهن ۾ ڪا به مراد نه هوندي آهي. سائين سائين ڪندا آهن وري اهڙي جا اهڙا. انهن ۾ ڪنهن به قسم جي اميد رکڻ نه گهرجي. سڀ زميندار ائين آهن ڪو به هڪ مستثنيٰ نه آهي. حضرت صاحب رحه جن فرمائيندا هئا ته

”زميندار نه ٿئي يار توڙي ڪهين ٻار“

حضرت سائين امروٽي رحه جن خلافت جي تحريڪ شروع ڪئي، اهي سڀ زميندار خلافت واري تحريڪ جي خلاف ٿيا هئا. ڇو ته اها تحريڪ انگريز سرڪار جي خلاف هئي. هي سڀ انگريزن جا ساٿي بڻيا هئا اهي چڱا مڙس پنهنجي مطلب پوري ڪرڻ لاءِ دين ڏي ۽ ديندارن ڏي ايندا آهن، باقي ذاتي طرح دين کي پسند ڪو نه ڪندا آهن. پنهنجن هارين ۽ ڪڙمين سان به انهن جو سٺو سلوڪ نه هوندو آهي. تنهن ڪري مشهور چوڻي آهي ته

”ڌاريجن کان ڌار پُوکِ ٻارو پوکَ جو“

هڪ پير صاحب هو ميرن وٽ آيو. انهن هار ڏنس. پوءِ مجلس ۾ ڦونڊ ۾ اچي مٿو هڻڻ لڳو ته پٽڪو ڪري پيس. فڪر ٿيس ته پئسا نه هليا وڃن جيڪي هن پٽڪي ۾ ٻڌل هئا ته مٿو به پيو هڻي ۽ چوي پيو ته

بگذاشتم بگذاشتم آن چه در سر داشتم بگذاشتم

ڪري پيو، ڪري پيو جيڪو مٿي ۾ رکيل هو. ڪري پيو. ته خليفي جواب ۾ چيس ته

برداشتم برداشتم غم مخوز خواجه که من برداشتم

 آقا! پرواه نه ڪر جيڪو ڪري پيو آهي اهو مان کڻي ورتو آهي. تون مٿو هڻندو رهه، فقيري هلاءِ ته جيئن ماڻهو ڦاسن.

چانڊين هڪ پير صاحب گهرايو ان پير صاحب مرثيو پڙهيو، هو ڏاڍا رنا، حافظ محمد هارون صاحب پير صاحب جو پٽڪو، جتي ۽ ٽوال کڻائي ورتو. هن ڏٺو ئي ڪو نه. وري اخبار ۾ لکيائين ته علي رضه جي ٻچڙي کي ڪوفين پيرين اگهاڙي گهر موڪلي ڇڏيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com