سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تحفة السالڪين

 

صفحو :10

 ويوم حنين اذ اعجبتکم کثر تکُم. القرآن

ان حنين جي ڏينهن کي ياد ڪريو جنهن وقت توهان کي پنهنجي گهڻائي عجب ۾ وڌو.

اذا عزمتَ فتوکّل علي اللهِ (القرآن)

      صرف مون تي ڀروسو ڪيو. اسباب گڏ ڪريو توڪل مون تي ڪيو.

الله تعاليٰ گهري ٿو ته اوهان جو تعلق صرف مون سان هجي. جيڪڏهن ٻين سان تعلق هوندو ته پوءِ الله سان تعلق نه لڳندو.

يا رب همہ خلق به من بدخوئي کن

پس ازان روءِ دل من را خود سوئي کن

يعني: ساري مخلوق مون سان بدخوئي سان پيش اچي ته منهنجو تعلق تو سان لڳي. اهي سٺا هلن ٿا ته منهنجو تعلق تو سان نٿو لڳي، اهي ايذاءَ ڏين ته تو سان تعلق لڳي!

الله تعاليٰ توفيق عطا فرمائي ته اسين ماسوي الله کان تعلق ٽوڙي صرف هڪ خالق سان تعلق جوڙيون.

نه ڪو ڏينڀون ڏيهه ۾ نه ڪو ڪارو نانگ،

سڄڻ ڪري سانگ ته ملڪ مڙئي ماکي ٿئي.

16 شعبان المعظم 1380 هه جمعي جو ڏينهن بعد صلاة الفجر

 

ملفوظ 37

مجلس مان هڪ مولوي صاحب سوال ڪيو ته:

حضرت آج کل علماء مسئلہ حيات النبي ﷺ پر اختلافات پيدا کر رهـﻶ هين- اور ايک دوسرﻵ کو غلط قراردﻵ رهـﻶ هين-

ان تي حضرت رح جن هي ارشاد فرمايو:

قرآن مجيد کي سوره النحل مين ارشاد فرمايا گيا کہ:

ولا تتخذوا اَيمانکُم دخلاً بينکم فتزلّ قدمُ بعد ثبوتها و تذو قوا السّوء بما صدد تم عن سبيل الله ولکم عذاب عظيم ط

آپس مين فساد ڊالنـﻶ کيلـﻶ قسمين مت اڻهائو- اسلام لانـﻶ کـﻶ بعد اگر يہ کام کرو گـﻶ تو تمهارﻵ ان حرکات کو ديکهه کر باقي لوگ اسلام سـﻶ روگردان هو جائينگـﻶ گويا کہ تم ان کو اسلام سـﻶ روک رهـﻶهو. اسلام سـﻶ بدظن کر رهـﻶ هو-

مراد يہ هـﻶ کہ اسلام مين ايسـﻶ کام کرنا جن سـﻶ اختلاف و انتشار پيدا هو ان سـﻶ روکا گيا هـﻶ- غير ضروري باتون کو چهيڙ کر هنگامہ برپا کيا جاتا هـﻶ ايسي باتون سـﻶ انکي خود عزت ختم هو جاتي هـﻶ لوگ کهتـﻶ هين کہ ايسـﻶ بزرگ اور ايسـﻶ کام- اسلئـﻶ ان غير ضروري باتون سـﻶ احتراز کيا جائـﻶ-

قرآن مجيد مين ايک اور جگہ فرمايا هـﻶ کہ:

ولاتکونوا کالّذين تفرقوا واختلفوا-آلاية

ان لوگون جيسـﻶ نہ بنو جنهون نـﻶ افتراق کيا اور اختلاف کيا- ان کيلئـﻶ بڙا عذاب هـﻶ- اسلئـﻶ کہ دين مين تفرقہ پڙا تو گروه بن جائينگـﻶ- اسلئـﻶ غير ضروري باتون مين اختلاف نه کيا جائـﻶ اور دين مين جو غير ضروري چيزين هين ان کو هرگز نہ چهيڙا جائـﻶ- اس سـﻶ مسلمان ايک دوسرﻵ سـﻶ علحده هو جائينگـﻶ- لوگ پهلـﻶ هي اسلام کي طرف کم آتـﻶ هين اور پهر ان کو بهي اسلام سـﻶ بدظن کيا جائـﻶ اور آپس مين بانٽ ديا جائـﻶ- عامہ الناس کو اصوليات کي تبليغ کي جائـﻶ- شرک و بدعات سـﻶ نکالا جائـﻶ اور اسلام کـﻶ راه راست پر لايا جائـﻶ- ان کو غير ضروري مسائل بتا کر الجهايا نہ جائـﻶ- آج کل تو علماء فروعي مسائل مين عوام ک نہ صرف الجهاتـﻶ رهتـﻶ هين بلکہ ذاتي تعصب کي وجہ سـﻶ ايک دوسرﻵ پر حملـﻶ کرتـﻶ هين- يہ دين کا مسئلہ بيان کرنا تو نہ هوا بلکہ ذاتي عناد کي وجہ سـﻶ اس طرح عام مسلمانون کو گمراه کيا جاتا هـﻶ-

قرآن مجيد مين همين حکم ديا گيا هــﻶ کہ:

ولتکن منکم امّة يدعون الي الخير و يامرون

بالمعروف وينهون عن المنکر

تم ايک ايسي جماعت هو کہ خير کي طرف دعوت ديتـﻶ هو اور امر نهي کرنا تمهارا وظيفہ هـﻶ- لوگون کي اصلاح کي جائـﻶ ان کو هدايت کي طرف بلايا جائـﻶ نہ کہ ان کو چهوڻـﻶ مسائل مين ڊال کر اختلافات پيدا کئـﻶ جائين-

اصل مرض هـﻶ حسد و کبر- اپني بڙائي کي خاطر دين کا کام خراب کر ديتـﻶ هين- پهر بهي پڙﻵ نهين هو سکتـﻶ- ايک مولوي صاحب ايک بات کرﻵ دوسرا مولوي صاحب اس کـﻶ خلاف بات کرﻵ- پهر ايک دوسرﻵ کو غلط قرار دين- ايک کهـﻶ کہ مين تو دين کا کام کر رها هون وه دوسرا نهين کر رها هـﻶ- يہ سب غلط حرکات هين- سب لوگ دين هي کا کام کر رهـﻶ هين- مگر آپس مين اختلافات پيدا کر کـﻶ دين کـﻶ پيغام کو مشتبہ کيا جاتا هـﻶ-

ملفوظ 38

اڄ جمعي جي ڏينهن صبح جو 8 بجي حضرت اقدس رح جي خدمت ۾ عرض ڪيو ويو ته اسان کي پنهنجي بيعت ۾ شامل ڪيو. آءُ مولوي محمد سليمان طاهر ۽ ٻه ٻيا خدا جا ٻانهان بيعت ۾ شريڪ ٿيا.

ان موقعي تي حضرت اقدس رح جن هيءُ ارشاد فرمايو:

فکر ما تير است از هو در هوا،

در هوا که پايد آيد تا نيايد نا خدا.

قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو آهي ته: فاذکروني اذکر کم- توهان مون کي ياد ڪريو ته آءُ اوهان جو ذڪر ڪندس. حديث قدسي ۾ وارد آهي. حضور ڪريم ﷺ جن فرمايو ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته:

اذا ذکرني عبدي في نفسہ ذکر تہ في نفسي واذاذکرني عبدي في ملاءِ ذکر تہ  في ملاءِ خير منہ-

جڏهن ٻانهون مون کي پنهنجي جيءَ ۾ ياد ڪري ٿو ته مان به ان ٻانهي کي پنهنجي جيءَ ۾ ياد ڪريان ٿو، جڏهن ٻانهون جماعت ۾ ياد ڪري ٿو ته مان به ان کي ڀلي جماعت ۾ ياد ڪريان ٿو.

ان حديث مان معلوم ٿيو ته ذڪر ٻن قسمن جا آهن:

هڪ ذڪر قلبي ٻيو ذڪر ملئي يعني جهري- حضرت شاه عبدالعزيز محدّث دهلوي رح فرمايو آهي ته ”ملاءِ خير“ مان مراد آهي ته الله تعاليٰ انهي صالح بندي جو ذڪر ملائڪه، ارواح انبياءِ ۽ اولياءِ جي موجودگي ۾ ڪري ٿو ته ان طريقي سان اها ڀلي جماعت ٿي وئي.

ذڪر جو اصل وجود اتان به ملي ٿو ته حضور ڪريم ﷺ جن سيّدنا حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنہ کي چار هزار دفعا روزانو لا الہ الالله  ذڪر ڪرڻ جو ورد ڏنو هو. صوفياءِ ڪرام رح ذڪر کي چئن تسبيحن تي ورهايو آهي. صوفياءِ ڪرام وٽ عالم چار آهن. (1) عالم ناسوت (2) عالم ملڪوت (3) عالم جبروت (4) عالم لاهوت. انهن چئن جو خيال ڪري ذڪر ڪيو ويندو آهي. صوفياءِ ڪرام رح وٽ ڇهه لطيفا آهن. پنج عالم امر جا هڪ عالم خلق جو – الا لَہُ الخلق والامر- عرض عظيم کان هيٺ سمورو عالم خلق يعني مخلوق آهي، ان کان مٿي عالم امر جو آهي-

عالم خلق جون شيون هي آهن:

مٽي، هوا، باهه، پاڻي ۽ لطيفه نفسي

عالم امر جا لطيفا هي آهن:

روحي، سري، قلبي، خفي، اخفيٰ

ذڪر انهن ڇهن لطيفن ۾ ڪيو ويندو آهي. صوفياءِ ڪرام گهڻو تجربو ڪري اهي ڇهه جايون مقرر ڪيون آهن. جيڪڏهن انهن جاين تي ذڪر ڪيو ويندو ته اهو مفيد ٿيندو.

جيڪڏهن ذڪر جي متعلق اهو عتراض ڪيو وڃي ته اصلاح قلب لاءِ اهو طريقو ڇو مقرر ڪيو ويو آهي ۽ اها بدعت آهي. ته ان جو جواب هيءُ آهي ته اسلام ۾ جهاد جو حڪم آهي. ان وقت لڙائي تيرن تلوارن ۽ گهوڙن تي چڙهي ڪري ڪئي ويندي هئي. جهاد جو حڪم ته قيامت تائين قائم آهي، ڪڏهن فرض عين ته ڪڏهن فرض ڪفايہ. ته پوءِ هن وقت لڙائي جيڪڏهن ٿئي ته تيرن ۽ تلوارن سان ڪا نه ٿيندي، بلڪه موجوده رائج الوقت هٿيارن جي ذريعي ٿيندي. ته ان بدليل طريقه ڪار کي يقيناً بدعت نه چئبو. ڇو ته اصل، مقصد آهي، قلب جو اصلاح- دل جو تعلق ۽ توجهه پنهنجي خالق ۽ مالڪ سان لڳي وڃي. ساري دنيا کان دل جو ڳانڍاپو کڄي وڃي، صرف الله تعاليٰ سان تعلق ٿي وڃي. ان تي اعتماد ۽ ڀروسو هجي. ان کي ئي هر ڪم ۾ متصرف ۽ ڪارساز سمجهجي.

انهيءَ شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهو طريقو صوفياءِ ڪرام رح مقرر ڪيو آهي.

روح جو تعلق اصل ۾ پنهنجي خالق سان هيو. جڏهن هن دنيا ۾ آيو ۽ دنيا جي آلودگي ۽ گندگي وڪوڙي ويس ته هو انهن شين ۾ ملوث بڻجي ويو- پوءِ ان جو تعلق الله تعاليٰ کان ڪٽجي ماسوي الله سان جڙي ويو- هن ماسوي الله سان محبت ۽ تعلقات رکي ڇڏيا. انهن تي ڀروسو ۽ اعتماد ڪيائين. صرف ايترو ئي نه بلڪ ان حد تائين ذليل و خوار ٿي کڏ ۾ ڪري پيو جو غير الله کي پنهنجو معبود، مشڪل ڪشا ۽ ڪارساز به بڻايائين. الله تعاليٰ  کان عبوديت جو تعلق ڇني غير سان ڳنڍي ڇڏيائين- ان ڪري هاڻي انهي روح کي ذڪر الله سان پاڪ ڪبو تان ته هن مان غير جا تعلقات هر قسم جا نڪري وڃن. قلب ۾ صرف الله تعاليٰ  جو تعلق رهجي وڃي-

ذڪر جهري ڇهن لطيفن ۾ ڪبو آهي.

پهرين تسبيح – لااِلٰہ الاّ الله

عالم ناسوت ۾ 3 لطيفا آهن، انهن ۾ ڪبو آهي.

لا- جو لفظ سڄي ببي جي ٻه آڱر هيٺان واري جاءِ تان ڪبو ان لطيفي کي روحي چئبو آهي.

الٰہ- جو لفظ وچ سيني واري کڏ مان ڪڍبو. ان لطيفي کي سري چئبو آهي.

الاّ الله- جو لفظ کٻي بي کان ٻه اڱر هيٺان ڪڍبو. ان لطيفي کي قلبي چئبو آهي. اهو مقام، قلب جو مستقر آهي- حديث شريف ۾ آيو آهي ته: ان في الجسد مضغہ اذا صلحت صلح الجسد کلہ واذا فسدت فسدالجسد کلہ الا وهي القب.

حقيقت ۾ ان گوشت جي ٽڪري کي قلب نه چئبو آهي- قلب ته نالو آهي، ارادي ۽ خيال جو. باقي ان کي قلب ان ڪري چئبو آهي جو يقلّب من حالِ اليٰ حال- (هڪ حال کان ٻئي حال ڏي مٽبو سٽبو آهي) انهي جڳهه تي چونڪ اول خيال ايندو آهي، ان ڪري مجازاً ان جڳهه تي قلب جو اطلاق ڪيو ويندو آهي.

اهو لااِلٰہ الا الله جو ذڪر انهن ٽن لطيفن ۾ ڪبو، ايئن پيو سمجهبو ته انهن جڳهن تي زبان رکيل آهي ۽ اتان آواز نڪري رهيو آهي. انهي وظيفي ڪرڻ وقت دل ۾ هيءُ خيال ڪبو ته آءُ ساري دنيا کان بيزار ٿيس. ماسوي الله کان تعلقات ٽوڙيم. هر شيءِ کي ڦٽو ڪيم. هاڻي منهن جي ڪنهن به شيءَ سان محبت ۽ تعلق نه آهي- دل کان ماسوي الله جا خيالات ڪڍي صرف هڪ الله تعاليٰ جو خيال آندم. مون لاءِ اهو هڪ ئي ڪافي آهي. ان ذات تي ئي منهن جو ڀروسو آهي. اهو ئي منهنجو ڪار ساز آهي. اهو ئي مون ۾ متصرف آهي. جڏهن اها تسبيح پوري ٿئي ته چوي محمد رسول الله – صلي الله عليه وسلم ان وقت هيءُ خيال ڪبو ته انهي پيغام پهچائڻ ۽ تعلق مع الله قائم ڪرڻ وارو صرف حضرت محمد رسول الله ﷺ آهي.

ٻي تسبيح آهي- الاّ الله- اها تسبيح عالم ملڪوت جي آهي. اها لطيفه نفسي ۾ چئي ويندي آهي. اهو لطيفو دُن جي ٻه اڱر هيٺان چڻي جي ڦار جي قدر آهي. ان وقت بندو اهو خيال ڪندو ته آءُ عالم ناسوت ۽ ان جي تعلقات کان آزاد ٿي هينئر عالم ملڪوت ۾ پهچي چڪو آهيان. هتي مون سان ڪا به گندگي ۽ دنيوي آلائش نه آهي. ڇو ته عالم ناسوت ۾ دنيوي تعلقات موجود هئا، ان ڪري لا الٰہ سان نفي ڪئي وئي- هتي ڪا به شيءَ ان قسم جي موجود نه آهي، ان ڪري سواءِ نفي جي صرف اثبات (الاّ الله) تي اڪتفا ڪئي وئي.

ان ترڪيب تي سيد شريف اعتراض ڪيو آهي ته الاّ الله ۾ الاّ صفتي بمعنيٰ غير جي آهي. لهذا ”غير الله- غير الله“ جو وظيفو پڙهڻ صحيح نه آهي. ان جو جواب هيءُ آهي ته اها ترڪيب صحيح نه آهي.  ڇو ته ان ترڪيب تي ڪلمه توحيد جو مفهوم ثابت نه ٿي سگهندو. ڪلمه توحيد جو مطلب هيءُ آهي ته غير الله کان الوهيت جي نفي ڪري الله جي اندر الوهيت جو اثبات ڪيو وڇي. ۽ اها معنيٰ اِلا صفتي ۾ نه ٿي ثابت ٿي سگهي. ان ۾ صرف غير الله کان الوهيت جي نفي نڪري ٿي باقي اثبات کان سڪوت آهي. لهذا اها ”الاّ“ استثنائي ٿيندي.

ٻيو اعتراص هي پوندو ته مستنثنيٰ منہ کان سواءِ، الاالله يعني صرف مستثنيٰ چوڻ صحيح نه آهي. ان جو جواب هيءُ آهي ته اهو محذوف منوي آهي. ان جو مثال ڪلام عرب ۾ لڀي ٿو، چنانچه حديث شريف ۾ الاّ الا ذخر حضور ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي. جڏهن فرمايائون ته ڪعبت الله جي حرم ۾ ڪا به شيءَ وڻ ٽڻ وغيره نٿو ڪاٽي سگهجي. حضرت عباس رضي الله عنه فرمايو ته الا الا ذخر يا رسول الله- ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ”الا الا ذخر“ ته اتي مستثنيٰ منہ محذوف منوي آهي- باقي اهو سوال ته اهو ڪلمو متعدد بار ڇو ٿو چيو وڃي؟ ته ان جو جواب اهو آهي ته تاڪيد لاءِ. وري سوال پيدا ٿئي ٿو ته تاڪيد به صرف 3 دفعن چوڻ سان پورو ٿي وڃي ٿو، ان کان وڌيڪ چوڻ صحيح نه آهي. ان جو جواب هي آهي ته تاڪيد ڪڏهن ڪيو ويندو آهي، مخاطب جي تنبيه لاءِ اها شيءَ ته واقعي ٽن دفعن ۾ پوري ٿي وڃي ٿي. پر جيڪڏهن پنهنجي نفس جي تنبيهه لاءِ تاڪيد ڪيو وڃي ته ان جي ڪا به انتها نه آهي. جيستائين نفس ۾ تنبيهه اچي.

جڏهن اها تسبيح پوري ٿئي ته به چئجي محمّد رسول الله- صلي الله عليہ وسلم

ٽين تسبيح- ”الله“ آهي-

اهو ذڪر عالم جبروت ۾ ڪبو آهي، اهو خفي لطيفي مان چئبو جيڪو پيشاني جي وچ تي آهي. ان وقت بندو خيال ڪندو ته آءُ عالم ملڪوت مان نڪري عالم جبروت ۾ پهچي ويو آهيان. جتي صفات باري تعاليٰ  جو مقام آهي. ان مقام تي لفظ ”الله“ جيڪو مستجمع لجميع الصفات الکمال آهي اهو چئبو آهي ۽ خدا جي صفات ۾ بندو مستغرق ٿي وڇي ٿو. جڏهن تسبيح ختم ڪري ته چوي جلّ شانہ- يعني مان طاقت آهر ارادو ۽ خيال ڪيم، پر صفات باري تعاليٰ جو احاطو محال آهي.

چوٿين تسبيح آهي ”هو“

اها عالم لاهوت جي آهي.اها اخفيٰ لطيفي ۾ چئبي آهي، جيڪو مٿي ۾ نرم جاءِ وٽ آهي. ”هو“ ضمير نه آهي، جيئن ماڻهو اعتراض ڪندا آهن، بلڪ اهو اسم ذات آهي. جنهن تي مولانا رومي رحمت الله عليه جو هيءُ شعر دلالت ڪري ٿو:

فکر ما تير است از ”هو“ در هوا،

در هوا کي پايد آيد تا نيايد نا خدا.

ان وقت به بندو اهو خيال ڪندو ته آءُ الله تعاليٰ جي ذات ۾ مستغرق ٿي چڪو آهيان. ختم ٿيڻ تي چوي جلّ شانہ- بندو قاصر آهي جو باري تعاليٰ جي ذات جو ادارڪ ڪري سگهي. ان جو شان مٿي آهي.

ذڪر جي شروعات ۾ 11 دفعا سورة اخلاص هر ڀيري بسم الله سان پڙهي حضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم  جن کي ۽ سيدنا عبدالقادر جيلاني رضي الله عنه کي ۽ سلسله قادريه جي آخري پير تائين سڀني مشائخ کي ختمون ڏجي پوءِ چئجي ته اي منهنجا رب سائين! جهڙي طرح منهنجن پيرن ۽ مرشدن تي تون رحم ۽ ڪرم جي نظر فرمائي آهي انهن جي صدقي هن عاجز ٻانهي جي قلب تي به اها رحم ڪرم جي نظر فرماءِ. اعوذبالله من الشيطان الرجيم- بسم الله الرحمان الرحيم پڙهي، افضل الذکر چوڻ کان بعد ذڪر شروع ڪبو. ذڪر قلبي ٻن قسمن تي ٿيندو آهي.

حبس دم. (ساه منجهائي ڪرڻ) ۽ بغير حبس دم- (ساه سان گڏ) ٻئي قلب مان ڪبا آهن جيڪو ساه منجهائي ڪبو آهي، ان جون 6 تسبيحون ڪبيون آهن. پنج تسبيحون نماز پنجگانه کان پوءِ ۽ ڇهين تسبيح ذڪر جهري جي ختم ٿيڻ کان بعد متصل- زبان کي تارون سان ملائي ساه کي قلب ۾ بند ڪبو آهي ۽ قلب سان لفظ الله الله چئبو آهي. جيڪڏهن ساه منجهي پوي ته ساهه هُو سان ٻاهر سري لطيفي تي ڪڍبو ۽ اندر ساهه الله سان قلب ۾ آڻبو. وري سلسلو جاري رکبو. لفظ الله جو ورد بغير حبس دم جي روزانو 8 هزار دفعا ڪبو آهي. تسبيح جو هڪ داڻو وٺي لفظ الله چئبو. ان طرح سان هڪ تسبيح پڙهندي اٺ سو دفعا ٿي ويندا ۽ ڏهن تسبيحن سان اٺ هزار ٿي ويندا- ان ذڪر ڪرڻ وقت چار خيال ڪيا ويندا.

نفس ۽ شيطان کي جواب ڏيڻ جو ارادو- بندي کي نفس ۽ شيطان ڀڙڪائي ٿو- دنيا جا تعلقات پاڻ ڏي ڇڪين ٿا. هو چون ٿا ته اسان ڏي اچ مؤمن چوي ٿو الله- الله- گويا ڪه انهن کي جواب ڏئي ٿو ته توهان مون کي نه کپو. منهن جي لاءِ منهنجو الله تعاليٰ  ڪافي آهي.

رضا الاهي جو ارادو- يعني ذڪر ڪرڻ وقت اهو خيال ڪبو ته الله تعاليٰ  ذڪر ڪرڻ سبب مون کان راضي ٿئي ٿو. جيئن ته حديث پاڪ ۾ آهي ته الا انبئکم بخير اعمالکم الحديث.

تبتل جو ارادو- ساري ڪائنات کان منهن ڦيرائي يا الله مان تو کي قبول ڪيم باقي ساري ڪائنات کان جدا ٿيس.

فلاح دارين جو ارادو- واذکرو الله کثيراً لَعلکم تفلحون- الله جو ذڪر گهڻو ڪريو تان ته توهان کي فلاح حاصل ٿئي.

ان کان علاوه آيت الڪرسي جو منڍ ”الله لاالٰہ الا هوالحيّ القيّوم“  جو وظيفو چاليهن ڏينهن تائين 313 دفعا پڙهبو. ان کان پوءِ روزانو هڪ تسبيح پڙهبي. ان جو افضل وقت فجر جي سنت کان پوءِ ۽ فرض نماز کان اڳ آهي. ورنه جنهن وقت به پڙهي سگهجي ٿو.  ان کان علاوه روزانو اٺن پهرن ۾ هڪ سو دفعا استغفرالله ربّي من کلّ ذنب واتوب  اليہِ به پڙهيو ويندو آهي. حديث شريف ۾ تاڪيد آهي ته استغفار ڪندا رهو. اهو خيال ڪبو ته الله تعاليٰ  منهنجا صغيرا، ڪبيرا، عمداً، خطاءَ گناه معاف فرماءِ. ان کان سواءِ هڪ سو دفعا روزانو درود شريف پڙهڻ گهرجي. درود شريف جو صيفو: اللٰهم صل عليٰ سيدنا محمدن النبي الامي وآله و بارک وسلم عدد کل معلوم لک دائماً ابداً.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com