سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تحفة السالڪين

 

صفحو :4

معرفت و ڪمالات:

درحقيقت حضرت صاحب جن آسمان معرفت جا آفتاب ۽ درياههَ عرفان جا غواص هئا. مسترشدين جي لاءِ مرشد ڪامل هئا، واصل بالله هئا. هن عاجز جهڙو گهٽ علم ۽ گهٽ سمجهه وارو حضرت صاحب جن جي باري ۾ ڇا ٿو چئي سگهي. حضرت صاحب جن جا ڪمالات ته اظهر من الشمس هئا.جيئن جو اهل الله ۽ علماءَ همعصرجي آراءِ کان ظاهر آهي.

ڪمال جي سڀ کان وڏي نشاني هيءَ آهي جو سنڌ بهاولپور ۽ ڪراچي جا اڪثر علماءَ حضرت صاحب جن جا عقيدتمند آهن، پنجاب، سرحد، بلوچستان جي ڪافي علماءَ جو به تعلق حضرت صاحب جن سان تمام گهاٽو آهي، سندن درگاه تي علماءِ ڪرام جو ڪافي تعداد موجود هوندو هو. ۽ علوم ظاهري ۽ باطني ۾ استفادو ڪندا رهندا هئا.

(1)     حضرت صاحب  جن جي صاحب ڪمال هجڻ بابت سندن شيخ ۽ مرشد قطب الاقطاب حضرت امروٽي رحمة الله عليہ جن هن طرح ارشاد فرمايو:

”اسان ڏڌ ولوڙيوسون ان مان جيڪي مکڻ نڪتو سو مولوي حماد الله صاحب کڻي ويو، باقي هاڻي لسي پيا ٿا ورهايون.“

(2) حضرت مولانا بنوري رحمة الله عليہ سلک العقيان ۾ تحرير فرمائن ٿا ته:

”وبالجملہ ان الشيخ حمّاد الله کان عالماً عارفا زاهدا عابدا محققا في علومہ و معارفہ کان و اقفا باسرار الذڪر و خواصه قلما يجاريہ احد من العلماءِ والاولياءِ و کان طبيبا الخ.“

حاذقاً مرشداً هادياً متبعاً لسنّہ النبوية الکريمة مشغوفاً باتباع الشريعة و کان واصل اليٰ منزلة عالية من تجلي الذات مرتفعاً من التّجلي الصفات استغني ان يعرفہ احدُ او ان يکتسب عنہ فيضاً ما رايتُ في خصائصہ من يضاهيه.

ترجمه:- حاصل ڪلام هي آهي ته بلاشبه حضرت الشيخ حماد الله رحمہ الله عليہ، عالم، زاهد، عابد ۽ پنهنجن علوم ۽ معارف ۾ محقق هيا ۽ ذڪر جي اسرار ۽ خاصيتن کان واقف هئا. علماءَ ۽ اولياءَ مان تمام گهٽ ماڻهو سندن برابر جي درجي جا گذريا آهن، ۽ طبيب حاذق، مرشد ۽ هادي، متبع سنت نبوي هيا، اتباع شريعت جو انتهائي شغف رکندا هئا ۽ تجلي صفات کان بلند رهندي، تجلي ذات تائين پهتل هئا ۽ ان ڳالهه کان مٿا هان هئا جو ڪو شخص انهن کي سڃاڻي سگهي يا فيض حاصل ڪري ۽ آءٌ  انهن جي خصائص ۽ ڪمالات، ۾ ڪنهن کي به انهن جهڙو نه ڏٺو اٿم.

حضرت صاحب جن جي ڪمالات جا اعتراف ڪندڙ عرب ۽ عجم ۾ هر جڳهه هئا، 1964ع جو هڪ واقعو مولانا عبدالواحد صاحب ڪراچي وارن نقل فرمايو آهي، ته کيس حرمين شريفين جي حاضري جو شرف نصيب ٿيو، مدينہ المنورة جي حاضري ۾ مولانا  بدر عالم صاحب ميرٺي رحمة الله عليہ ثم المدني جن سان غائبانه نسبت، سبب زيارت جو تمام گهڻو شوق هيو. اتفاقاً رهڻ جي جڳهه به اتي نصيب ٿي، جنهن جاءِ ۾ حضرت مولانا جو قيام هو. مولانا صاحب، جن سان ملاقات ٿي فرمايائون ڪٿان آيا آهيو، عرض ڪيم ته پاڪستان کان. فرمائڻ لڳا ته ڪجهه پڙهيو لکيو به آهين. عرض ڪيم ته حضرت ڪجهه فارسيءَ ۽ عربي. فرمايائون ته ديوبند کان فارغ نه آهين؟ عرض ڪيم ته حضرت ديوبند حاضر ته ٿي چڪو آهيان، فرمايائون ته پوءِ هيئن ڇو نه ٿو چوين ته فاضل ديوبند آهيان. پوءِ سوال فرمايائون ته ڪنهن سان تعلق آهي، مون عرض ڪيم ته سنڌ ۾ هڪڙا بزرگ حضرت مولانا حمّاد الله صاحب رحمة الله عليہ هئا، انهن سان تعلق آهي. فرمايائون ته تنهنجو ڇا تعلق آهي، مون عرض ڪيم ته حضرت منهنجو ڇا تعلق ٿي سگهي ٿو، منهنجي لاءِ اها ئي سعادت ڪافي آهي ته آءٌ  حضرت صاحب جن جي غلامن ۾ شامل آهيان. حضرت  مولانا صاحب جن فرمايو ته تو کي اجازت نه آهي ڇا؟ مون عرض ڪيو ته حضرت صاحب جن فرمايو هيو ته تو کي اجازت آهي ڪم ڪر!

ان بعد فرمايائون ته حضرت مولانا حمّاد الله صاحب جن کي عارف بالله ته سارو جهان تسليم ڪري ٿو مگر ظاهري علوم ۾ به انهن جي درجي جو ڪوئي عالم نه آهي.

(4)    مولوي نور الدين بهلڪاڻي جيڪو منهنجي رفيقن مان آهي، هن ٻڌايو ته آءٌ  چند رفيقن جي رفاقت ۾ حضرت مولانا سيد عطآءٌ  الله شاه بخاري رحمة الله عليہ جي عيادت لاءِ ملتان حاضر ٿيس. حضرت شاه صاحب جن بستري علالت تي هئا. گفتگو دوران، ڪنهن سلسلي ۾ حضرت هاليجوي رحه جن جو نالو مبارڪ آيو. فرمائڻ لڳا ته حضرت هاليجوي رحمہ الله عليہ جن جي قلب مبارڪ ۾ گناهه جو تصور به نه ٿو اچي، ڇو ته حضرت صاحب جن جو قلب هر وقت الله رب العزة جي محبت ۽ ياد ۾ مشغول ۽ مصروف آهي، ان ڪري گناهه جو تصور ڇا اچي.

(5)     حاجي گلاب الدين سومري صاحب نقل ڪيو آهي ته حضرت مولانا غلام الله خان صاحب راولپنڊي وارا سکر تشريف فرما ٿيا. تقرير ڪندي فرمايائون ته توهان ماڻهن جي بدبختي آهي جو توهان جي پاڙي ۾ حضرت هاليجوي رحه جهڙا عارف ڪامل موجود آهن ۽ توهان ماڻهو انهن کان فيض حاصل، ڪرڻ کان محروم آهيو، مان جڏهن به سکر ايندو آهيان، سڀ کان اول پنوعاقل ايندو آهيان اتي هاليجي شريف ۾ حضرت هاليجوي رحه جن جي زيارت کان مشرف ٿيندو آهيان هن دفعي سڌو سکر آيو آهيان، انشاءَ الله صبح حضرت صاحب جن جي زيارت لاءِ ويندس. حاجي صاحب موصوف فرمائن ٿا ته آءٌ صبح جو مولانا وٽ پهتس ۽ ساڻن گڏ حضرت صاحب جن جي زيارت لاءِ حاضر ٿيس، حضرت صاحب جن جي طبيعت ناساز هئي ۽ حويلي ۾ اندر هئا اطلاع ڪرايو ويو، ته حاجي احسن صاحب (صاحبزاده حضرت رحه) جن پيغام موڪليو ته حضرت صاحب جن آرام فرمائي رهيا آهن. جڏهن حضرت صاحب جن کي اطلاع مليو ته مولانا صاحب جن کي اندر گهرايائون. اسان جماعتي به گڏ هئاسون، حضرت صاحب جن مولانا غلام الله صاحب جن کي فرمايو ته حاجي احسن صاحب جن اوهان جماعت وارن کي روڪي رکيو آءٌ  معافي جو طلبگار آهيان، مولانا غلام الله جن فرمايو ته حضرت ڪائي حرج جي ڳالهه نه آهي.

ڪجهه دير حضرت صاحب جن جي، خدمت اقدس ۾ ويهڻ کان بعد مولانا غلام الله صاحب جن چيو ته حضرت دعا فرمايو. حضرت صاحب جن دعا فرمائي ۽ بعد ۾ فرمايائون ته مولانا اوهان دعا فرماوي. مولانا دعا شروع ڪئي ته گهڻي دير ٿي ان تي حضرت صاحب جن آمين زور سان چئي، تڏهن مولانا دعا ختم ڪئي ۽ چوڻ لڳو ته آءٌ  ڀلجي ويو هوس ته دعا آءٌ  گهري رهيو آهيان،ٻاهر مولانا غلام الله چيو ته حضرت صاحب جن فراست مان سمجهي ويا ته آءٌ  ڀلجي ويو آهيان،ان ڪري آمين زور سان فرمايائون، تڏهن مون کي ياد آيو ته دعا ته مون کي گهرڻ لاءِ فرمايو هئائون.

حضرت مولانا غلام الله خان صاحب جن فرمايو ته آءٌ  ٻن شخصن کي ڏٺو ته علم ظاهري سان گڏ عارف ڪامل به آهن، هڪڙو پنجاب ۾ ٻيو سنڌ ۾. مگر حضرت صاحب هاليجوي رحمة الله عليہ پنجاب وارن بزرگن کان معرفت ۾ تمام گهڻا بلند و بالا آهن.

ڪرامت:

حضرت صاحب جن جي ڪرامات جو جيڪڏهن ذڪر ڪيو وڃي ته مستقل ڪتاب بڻجي وڃي، حالانڪ حضرت صاحب جن جي طبيعت ۾ اخفآءٌ  بي حد هو. تواضع ۽ انڪساري جو ايتري قدر غلبو هو جو ڪڏهن  به ڪائي ڳالهه ظاهر نه فرمائيندا هئا، ها جيڪڏهن جو خود ظاهر ٿي وڃي. سڀ کان وڏي ڪرامت سندن استقامت هئي. بيماري، تڪليف ۽ هر حال ۾ صبح جي نماز باجماعت پڙهڻ ۽ ڪم و بيش 12 بجي تائين،مصلي تي ويهڻ ۽ ظهر جي نماز کان عشا تائين ويهڻ، ان معمول ۾ ڪوئي مانع ۽ رڪاوٽ ڪو نه بڻيو هو. اهو معمول آخر تائين رهيو، صرف آخري وقت بيماريءَ سبب ان معمول ۾ فرق آيو.

حضرت مولانا عبدالواحد صاحب ڪراچي وارا نقل ڪن ٿا ته حضرت صاحب جن جي کليل (ظاهر ظهور) ڪرامت جو هر شخص مشاهدو ڪري سگهي پيو ته سندن جسم مبارڪ تمام وزني هو. ٻئي پير مبارڪ ڪافي سجيل هئا، اٿڻ ويهڻ ۾ تمام گهڻي تڪليف ٿيندي هئن ۽ دير ٿيندي هين، ليڪن رمضان المبارڪ ۾ تراويحان بيهي ڪري پڙهندا هئا. تراويحون حافط تاج محمد صاحب پڙهائيندو هيو، هو توڙي جو قران شريف صاف ۽ سٺو پڙهندو هيو، ليڪن رڪوع ۽ سجدا تمام تڪڙا ڪندو هو مولانا جو چوڻ آهي ته مون اڄ تائين اهڙو تڪڙو امام نه ڏٺو آهي، توڙي جو منهنجي عمر ان وقت اندازاً 35 سال هئي، بدن به هلڪو، جسم ۾ چُستي هئي ليڪن حافظ صاحب جي پويان تراويحن ۾ پوري ڪوشش ۽ سعي جي باوجود ڪڏهن به رڪوع ۽ سجدن جي تسبيحات هڪ دفعي کان وڌيڪ پڙهي نه سگهيس.

هڪ دفعي جناب مفتي فياض نور صاحب، مرحوم و مغفور مون سان گڏ خانقاه ۾ معتکف هو، مفتي صاحب جي عمر ڪم و بيش 70 سال هئي، هڪ رات تراويحن ۾ باوجود انتهائي جلدي، ڪرڻ جي، امام صاحب سان گڏ پهريون سجدو نه ڪري سگهيو، جيستائين پهرين سجدي ۾ پهتا ته امام صاحب مٿو سجدي مان کڻي چڪو هو. صبح جو حضرت صاحب جن جي خدمت ۾، تجاهل عارفانه جي طور تي عرض ڪيم ته حضرتا جيڪڏهن ڪنهن کي امام صاحب سان ٻئي سجدا نه ملن ته نماز ٿي يا نه، حضرت صاحب جن فرمايو ته نه ٿي، مفتي صاحب عرض ڪيو ته حضرتا رات مون سان ايئن ئي ٿيو، حضرت صاحب جن فوراًحافظ تاج محمد صاحب کان پڇيائون ته پٽ توهان رڪوع ۽ سجدي ۾ تسبيحات ڪيترا دفعا پڙهندا آهيو. حافظ صاحب عرض ڪيو ته سائين ٽي دفعا. حضرت صاحب جن کيس فرمايو ته توهان پنج دفعا پڙهندا ڪريو، خود حضرت صاحب جن پنهنجي متعلق فرمايو ته الحمدلله آءٌ  ته ٽي دفعا پڙهي ويندو آهيان.

محبت رسول صه ۽ ديار حبيب صه

حضرت صاحب جن کي نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم جن سان بيحد محبت هئي. ايستائين، جو خود پاڻ فرمائيندا هئا ته جڏهن حديث شريف،جا ڪتاب پڙهندو هوس ته اکين مان پاڻي جاري ٿي ويندو هو.

من مذهبي حب الديار لاهلها

وللناس فيما يعشقون مذاهب

ترجمه:-        منهنجو مذهب محبت ڪرڻ آهي ديار سان اهل ديار جي ڪري: ماڻهن جا شين سان عشق رکڻ ۾ مختلف طريقا رکندا آهن.

مولانا ڌڻي بخش جو بيان آهي ته مان جڏهن سنه 61-1260هه ۾ زيارت حرمين شريفين لاءِ روانو ٿيس ته اڳ ۾ اجازت لاءِ حضرت صاحب جن جي خدمت اقدس ۾ حاضر ٿيس، اجازت ڏئي تاڪيد فرمايائون ته ديار حبيب ۾ ڪنهن شيءَ کي گهٽ نه سمجهجانءِ ۽ ڪنهن به شخص کي پاڻ کان گهٽ نه ڀائجانءِ ڇو ته ديار حبيب ۾ رهڻ وارا اسان سڀن کان ڀلا آهن.

هڪ دفعي کارڪن جي موسم ۾ جماعت جي ماڻهن بطور هديه کارڪون پيش ڪيون، پاڻ ويٺلن کي چيائون ته کارڪون کائو ۽ پاڻ به کاڌائون ۽ پڻ فرمائن پيا ته هي ميوو محبوب ترين ميوو آهي، ان ڪري ته ديار حبيب ۾ به پيدا ٿيندو آهي.

نسبت شيخ و محبت شيخ

حاجي گلاب الدين سومري صاحب ٻڌايو ته حضرت صاحب جن خود فرمايو ته هڪ دفعي حضرت امروٽي رحمہ الله عليہ ٿريچاڻي شريف تشريف فرما ٿيا. مون کي خبر پئي ته زيارت لاءِ حاضر ٿيس. معلوم ٿيو ته حضرت امروٽي سائين رح ڪنهن جي دعوت تي آيل آهن. آءٌ  انتظار ۾ ان گهٽي ۾ ويهي رهيس جتان حضرت امروٽي رح جن کي گذرڻو هو. جڏهن حضرت امروٽي رح، تشريف فرما ٿيا ته آءٌ  ساڻن مصافحو ڪيو، حضرت امروٽي رح جن جي محبت جو ايتريقدر غلبو ٿيو ۽ آءٌ  ايترو ته مستغرق هوس جو ٻئي جي خبر ئي نه پئي حضرت امروٽي رح جن فرمايو ته هي منهنجو ڀآءٌ  آهي، حضرت مولانا خليفه غلام محمد صاحب دينپوري جي طرف اشارو فرمايائون ته انهن سان مصافحو ڪيو.

علم ظاهري ۽ تفسير قرآن ۾ ڪمال

حضرت صاحب جن توڙي جو علم ظاهر ويجهن علائقن جي مدرسن ۾ حاصل فرمايو، ڪنهن وڏي دارالعلوم ۾ تعليم لاءِ نه ويا، پر حضرت سائين جن کي الله سائينءَ علوم ظاهري ۾، بالخصوص علم حديث ۽ قرآن ۾ اهڙو ملڪو ڪامل عطا فرمايو هو جو وڏي ۾ وڏا عالم، سائين جن جا علمي بيان ٻڌي حيران ٿي ويندا هئا ۽ هنن الفاظن چوڻ تي مجبور ٿي بي اختيار چوندا هئا ته هي علم ڪتابن ۾ نه ٿا ملي سگهن. قران ڪريم جي مهارت ۾ سڀ کان وڏو ثبوت حضرت سائين جن جي تاليف الياقوت والمرجان آهي، ۽ پڻ بعضي ٻيون تصنيفون به. مثلاً شرح قصيده بردة ۽ شرح قصيده بانت سُعاد وغيره، عالمن ۽ دانائن جو اڪثر انهيءَ تي اتفاق آهي ته علم جو اهو ڪمال الله تبارڪ و تعاليٰ  جي طرفان حضرت صاحب جن جي قلب مبارڪ تي القاءَ صوفيه جي اصطلاح ۾ علم لدني چوندا آهن قال الله تبارڪ و تعاليٰ ! وآتيناهُ مِن لّدنّا عِلماًط

چنانچه چند اقوال علماءِ راسخين جا نقل ڪجن ٿا. حافظ حاجي عبدالخالق صاحب (مرحوم) حضرت صاحب جن جي خاص عقيدتمندن ۽ خاص مريدن مان هئا، فرمائن پيا ته هڪ دفعي حضرت صاحب جن جي خدمت ۾ هاليجي شريف حاضر هيس ۽ جناب مولانا عبدالرزاق صاحب مرحوم سابق صدر مدرس مدرسه قاسم العلوم گهوٽڪي به خدمت اقدس ۾ موجود هئا. حضرت صاحب جن قرآن ڪريم جي ڪنهن آيت جو تفسير بيان فرمايو. مولانا موصوف فرمائڻ لڳا ته آءٌ  حضرت صاحب جن جي هن بيان تي حيران آهيان ته اهي علوم ڪٿان بيان فرمائي رهيا آهن، حالانڪ مون تفسيرن جي ڪتابن جو چڱي طرح مطالعو ڪيو آهي مگر مون کي هي تفسير ۽ هي توجيهات معلوم نه هيون.

منهنجي هڪ رفيق مولوي عبدالرشيد صاحب جن بيان ڪيو ته آءٌ  دوره حديث جي لاءِ مدرسه عربيه نيوٽائون ڪراچي ويل هوس اتي مولانا لطف الله صاحب مدرس مدرسه نيوٽائون فرمائڻ لڳا ته مون کي ڪنهن شيخ ڪامل جي صحبت جي تلاش هئي، حضرت مولانا محمد يوسف بنوري صاحب جن مون کي مشورو ڏنو ته هاليجي شريف وڃو، منهنجي دل ۾ خيال آيو ته ڪو سنڌي ملاً هوندو، چونڪ مولانا بنوري صاحب فرمايو هو ته ڪامل شخص آهن، ان ڪري ارادو ڪيو ته هڪ دفعو ته ڏسي اچڻ کپي، چنانچه آخر عمر ۾ حاضر خدمت ٿيس. مون کي هڪ آيت جي تفسير ۾ ڪجهه اشڪال هيو ۽ علماءِ ڪرام ۾ ڪوئي مطمئن نه ڪري سگهيو ٿي، ليڪن حضرت هاليجوي رحمہ الله عليہ جن ان اشڪال کي پوري طرح حل فرمايو ۽ مطمئن ٿيس، آءٌ  سمجهي ويس ته حضرت صاحب جن عارف ڪامل آهن، ڪجهه عرصي بعد حضرت صاحب جن جو وصال ٿي ويو. مولوي عبدالرشيد صاحب جن چيو ته مولانا لطف الله صاحب جن نهايت افسوس ۽ حسرت کان روئي رهيا هئا ۽ چون پيا ته جيڪڏهن انهيءَ کان اڳ هڪ دفعو وري حضرت صاحب جن جي خدمت عاليه ۾ حاضري نصيب ٿئي ها ته سندن فيوضات ۽ برڪات کان مستفيض ٿيان ها.

حضرت مولانا عبدالواحد صاحب جن بيان ڪيو ته خود حضرت مولانا محمد يوسف بنوري رحمہ الله عليہ جن حضرت صاحب جن جي خدمت اقدس ۾ اڪثر ايندا ويندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته جڏهن  به سفر ۾ هن طرف کان گذر ٿيندو آهي ته آءٌ  ضرور حضرت صاحب جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو آهيان. حضرت مولانا بنوري صاحب جن اڪثر علمي اشڪالات پيش ڪري حل ڪرائيندا هئا. هڪ دفعي حضرت صاحب جن جي خدمت اقدس ۾ حاضر هياسين، حضرت مولانا بنوري صاحب جن به تشريف فرما ٿيا. مولانا بنوري زيارت ۽ ملاقات کان پوءِ آيت ”مَنِ يَطُعِ الله وَرسُولہ فاؤلئک مَعَ الّذين اَنعَمَ الله عليہم مِن الّنبيينَ والصّدِيقين والشُهداءِ والصّالِحين وحُسن اُولئک رفيقاًط تلاوت فرمائي ان جو تفسير ۽ ان آيت جا الفاظ ان جو مصداق بيان ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو، حضرت صاحب جن هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت ۽ نهايت مفصل ۽ مدلل بيان فرمايو. ليڪن افسوس جو مون جهڙي غافل انسان ان کي ياد نه رکيو،  صرف تقرير جو خلاصو جيڪو چند جملن ۾ حضرت صاحب جن بيان فرمايو اهو ذهن ۾ محفوظ آهي.

انبياءَ: مهبط وَحيُ آهي.

صديق: وعاءَ وَحيُ (ٿانءَ وَحيُ جا).

شهداءَ: جيڪي وَحيُ تي جان قربان ڪن.

صالحين:  جيڪي دل جان سان وَحيُ تي عمل ڪن. حضرت بنوري صاحب جن ان تقرير کي بعد ۾ قلمبند به ڪيو هو ۽ ان کي رسالي بينات ۾ شايع به ڪرايو هو حضرت مولانا محمد يوسف بنوري رحه سلک العقيان ۾ فرمائن ٿا:

وهذا مما يورث الحيرة والعجب رجل يشآءٌ  في هذه البلاد ويتعلم في هذه المدارس الدُينيہ ويعيش في رجال لامساس لهم بالاذواق الادبية ولا دقائق اللغة ثم لايشتغل کثيراً بالکتب الادبية ويصل اليٰ هذه الدُرجة والمرية فينبئنا عليٰ شخصية فذة و عبقرية کاملة ذالک فضل الله يؤتيہ من يشآءٌ  والله والفضل العظيم.

ترجمه: هي انتهائي حيرت ۽ تعجب جي ڳالهه آهي ته هڪ شخص هن ديار ۾ پيدا ٿيو ۽ تعليم هتان جي مدارس دينيہ ۾ حاصل ڪيائون ۽ پوري زندگي هتان جي مقامي ماڻهن سان گذاريائون. جن کي نه عربي ادب سان ڪوئي ذوق آهي نه لغات عربيءَ سان ۽ نه ئي وري ان شخص عربي ادب جا زياده ڪتاب ئي پڙهيا آهن، ان جي باوجود قرآن ڪريم جي لغات جو خوش اسلوبي سان نهايت اعليٰ معيار تي حل ڪري ٿو، ان مان اسان کي معلوم ٿيو ته هي ڪوئي عبقري ۽ نادر روزگار شخصيت هئي. اهو الله جو فضل آهي جنهن کي عطا فرمائي.

حسن اخلاق ۽ تحمل

حضرت صاحب جن حضور ڪريم ﷺ جي حديث مبارڪ اِنّ مِن اَحَبکُم اِليّ اَحسَنِکُم اخلاقاً جي ڪامل تصوير هئا. هر هڪ سان انتهائي دريا دلي ۽ پاٻوهه سان ملندا هئا، هر ايندڙ ويندڙ سان ڀاڪر پائي ملندا هئا، خواه ڪير به هجي، ڪيترا به هجن. احقر حضرت صاحب جن جي خدمت اقدس ۾ ڪافي مدت تائين ايندو رهيو ۽ ڪافي ڏينهن تائين مقيم رهيو مگر ڪڏهن به اها ڳالهه نظر نه آئي ته ڪنهن سان سخت ۽ تيش ۾ اچي ڳالهائين.

جيڪو به حاجتمند ايندو هو پاڻ ان جي حاجت پوري ڪرڻ جي انتهائي ڪوشش ڪندا هئا، ۽ خالي واپس نه فرمائيندا هئا. جيڪڏهن ڪو پيسن (روپين، نقدي) جو سوال ڪندو هو ته ان کي پيسا ڏيندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪو ڪپڙن جو سوال ڪندو هو ته ان کي ڪپڙا ڏيندا هئا. مريض هوندو هو ته دوا ڏيندا هئا، مطلب ته هر جائز سوالي جي حاجت پوري ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪرڻ فرمائيندا هئا.

اڪثر ماڻهو آداب کان واقف نه هجڻ جي ڪري بي ادبي ڪندا هئا، ليڪن پاڻ ڪڏهن به ذري برابر بار محسوس نه ڪندا هئا ۽ مانهو غرضن جي حصول خاطر گهڻو تنگ ڪندا هئا. ليڪن پاڻ ڪڏهن به تنگ نه ٿيندا هئا.فَبِما رحمة مَنَ الله لِنتَ لَهُم جو پورو مصداق نظر ايندا هئا. چونڪ حضرت صاحب جن مٿان وصف جمال جو تمام گهڻو غلبو هو، ان ڪري سندن طبيعت تي، ڪڏهن به بار نظر نه ايندو هو. احقر هڪ دفعي خانقاه شريف جي مسجد ۾ داخل ٿيو ڏٺو ته مولوي عبداللطيف صاحب ڪنهن شخص تي ناراض ٿي رهيو آهي منهنجي طرفان ناراض ٿيڻ جو سبب پڇڻ تي مولوي عبداللطيف صاحب جن چيو ته حضرت جن سارو ڏينهن ماڻهن سان ويهن ٿا، هر هڪ جي حاجت پوري ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش فرمائي رهيا آهن پوءِ به ماڻهو حضرت صاحب جن کي خوامخواه تنگ ڪن ٿا، مثلاً (اشارو ڪري چيائون ڪنهن شخص طرف) ته هي شخص حضرت صاحب جن کان هڪ دفعو دعا گهرائي موڪلائي ويو، وري موٽي آيو ٻيهر وري دعا گهرائي ۽ موٽي ويو، وري واپس اچي ٽيون دفعو دعا گهرائي رهيو آهي. مطلب ته ماڻهن جي تنگ ڪرڻ تي ويٺل ماڻهو بيزار ٿيندا هئا پر حضرت جن جي درياه دلي ۾ ڪو فرق نه ايندو هو.

مولوي عبدالرشيد صاحب جيڪو حضرت مولانا بنوري صاحب جن جو شاگرد آهي، نقل ڪري ٿو، ته حضرت استاد مولانا بنوري صاحب رح جن فرمايو ته آءٌ  هڪ دفعي حضرت صاحب جن جي خدمت ۾ حاضر هوس. هڪ سنڌي ماڻهو آيو، حضرت صاحب جن کي دعا لاءِ عرض ڪيائين. حضرت صاحب جن دير تائين دعا فرمائي وري ان عرض ڪيو ته سائين تعويذ لکي ڏيو، تعويذ به لکي ڏنائون، وري ان عرض ڪيو ته سائين نسخو لکي ڏيو، حضرت صاحب جن نسخو لکيو ۽ دوا بڻائڻ جي ترڪيب ۽ استعمال جي ترتيب به سمجهائي. ان کان بعد وري ان شخص عرض ڪيو ته مون وٽ دوا لاءِ پئسا نه آهن، پاڻ پئسا، عنايت فرمايائون. انهن سمورن ڳالهين جي باوجود حضرت صاحب جن جي طبع مبارڪ تي ذري برابر گراني نه گذري، پاڻ ان جي هر سوال کي ٻڌندا رهيا ۽ پورو فرمائيندا رهيا. حضرت مولانا بنوري رح فرمائن ٿا ته ان شخص جي ايڏي وڏي انداز ۾ تنگ ڪرڻ تي مون کي غصو اچي ويو ته جيڪڏهن مون سان اهڙو معاملو پيش اچي ها ته آءٌ  ان جي منهن تي چماٽ وهائي ڪڍان ها، مگر مان حضرت صاحب جن جو تحمل ۽ حسن اخلاق ڏسي حيران ٿي ويس.

جن ڏينهن ۾ حضرت صاحب جن مرض الموت ۾ بستر علالت تي هئا، بنده حقير به زيارت جي لاءِ حاضر ٿيو، ڏينهن جو ڪنهن ڪنهن وقت حاضرين خانقاه کي زيارت ۽ ملاقات جي اجازت ملندي هئي، چنانچه هڪ دفعي اندر حاويلي ۾ زيارت لاءِ گهرايو ويو. سڀ ماڻهو اندر پهچي وياسين، ته حضرت صاحب جن قرآن ڪريم جي ڪا آيت تلاوت فرمايائون ۽ نهايت مؤثر واعظ فرمايو. جڏهن جماعت جا ماڻهو رخصت ٿيڻ لڳا ته هڪ شخص چيو ته منهنجو ڪو عزيز بيمار آهي، حضرت دعا فرمايو، ان جي عرض تي پاڻ دعا فرمايائون وري عرض ڪيائين ته نسخو به لکي ڏيو. حاضرين مجلس مان ڪنهن (فقير) چيو ته حضرت صاحب جن جي طبيعت مبارڪ ناساز آهي، توهان ڏسي به رهيا آهيو، پوءِ به دوا علاج لاءِ چئو ٿا! ڪيترائي حڪيم ڊاڪٽر موجود آهن انهن کان وڃي نسخو لکرايو، چوڻ لڳو ته ههڙو طبيب ڪٿان ملندو. آخرڪار حضرت صاحب جن (حضرت) حافظ محمود اسعد صاحب جن کي سڏرايو ۽ فرمايائون ته فلاڻو نسخو فلاڻي بياض مان نقل ڪري هن فقير کي ڏيو، چنانچه صاحبزادي صاحب اهو نسخو نقل ڪري ڏنو.

ان قسم جا واقعات تقريباً روزانه پيش ايندا رهندا هئا، مگر حضرت صاحب جن ماڻهن سان ڪمال تحمل ۽ شفقت سان پيش ايندا هئا ۽ ڪڏهن به ڪنهن ملال جو اطهار نه فرمائيندا هئا.

دريائي فراوان نشود تيره بسنگ

عارف که برنجد تنک آبست هنوز

صبر ۽ شڪر

 حضرت صاحب جن دنياوي تڪليفن سختين ۽ مرضن ۾ هر وقت صابر ۽ شاڪر نظر ايندا هئا جگر جو مرض سنڌن جو سور ۽ بدن جو سور اڪثر ڪري رهندو هو. بدن جي سور سبب زور به ڏياريندا هئا، جنهن ڪري ڪجهه وقت لاءِ سور ۾ افاقو ٿيندو هو. فقير در محمد صاحب ۽ فقير مولابخش بدن کي زور ڏيندا هئا.

حضرت صاحب جن خود فرمائيندا هئا ته رات جو گهر وارا بدن کي زور ڏيندا آهن  ته ڪجهه آرام ايندو آهي، اڪثر ڪري ڪوڙيون ۽ تلخ دوائون مصلح جگر استعمال فرمائيندا هئا ۽ ايڏي ساري تڪليف ۾ به الله سائين جو شڪر ادا ڪندا هئا.

ڪرم ۽ سخاوت

حضرت صاحب جن فطرتاً ڪريم النفس ۽ سخي هئا، ظاهر ۽ باطن هر قسم جي سخاوت فرمائيندا هئا. لنگر ۾ روزانه ڪم از ڪم 50 کان 60 فقراءَ هوندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن 100 يا 200 يا ان کان به زياده تعداد ٿي ويندو هو. تمام فقراءَ علماءَ، حضرت صاحب جن جا مهمان هوندا  هئا. سمورن جو کاڌو سندن انتظام هيٺ ٿيندو هو. هڪ شخص چيو ته سائين مولانا اشرف علي ٿانوي رحه وٽ آيل مهمان ٽي ڏينهن وٽن کاڌو کائيندا آهن ۽ ان کان پوءِ مهمانن کي پنهنجو بندوبست ڪرڻ جو چيو ويندو آهي. حضرت جن جواب ۾ فرمايو ته پٽ! اسان وٽ آيل مهمان ٽي ڏينهن تائين مهمان هوندو آهي ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ گهر جو ڀاتي ٿي ويندو آهي. ڪجهه فقراءَ مع اهل و عيال حضرت صاحب جن وٽ مقيم هوندا هئا سڀن جي اخراجات جي ڪفالت حضرت صاحب جن خود فرمائيندا هئا. ڪنهن به شخص تي ڪائي پابندي نه هوندي هئي توڙي هڪ ڏينهن رهي يا هڪ سال رهي. هر هڪ کي کاڌو بلڪ ٻيا خراجات به حضرت صاحب جن جي طرف کان پورا ڪيا ويندا هئا. جيتريقدر به قيام ڪندو هئو، ته پاڻ بي حد مسرور ٿيندا هئا ڪڏهن ته ڪنهن جي اجازت طلب ڪرڻ تي به اجازت نه ڏيندا هئا، فرمائيندا هئا ته اڃا به رهي. هي خادم احقر نفس پرست هو، حضرت صاحب جن وٽ طعام ۽ قيام سادو هوندو هو، ان ڪري نفس تي سخت گران لڳندو هو، جڏهن حضرت صاحب جن کان اجازت طلب ڪندو هوس ته حضرت صاحب جن فرمائيندا هئا. ته پٽ ڪجهه ڏينهن ٻيا به رهي پئو سندن ڪوشش هوندي هئي ته هر اچڻ واري جو تعلق بالله درست ٿي وڃي.

تقويٰ ۽ خوف خدا

حضرت صاحب جن انتهائي متقي ۽ پرهيزگار هئا. جيڪا شيءِ به شرع ۾ ناپسند هئي ان کان خود به پرهيز ڪندا هئا ۽ بين کي به تاڪيد فرمائيندا هئا. الله رب العزة جو خوف بي حد هيو. اڪثر دين حنيف تي استقامت ۽ خاتمه بالخير جي دعا گهرندا هئا

ترڪ دنيا

حضرت صاحب جن تارڪ الدنيا هئا، متروڪ الدنيا نه هئا، دنيا جي سامان طرف ذري برابر توجه نه فرمائيندا هئا.

بر دل او نيست دنيا را گذر

نيز بر خود نيستش هرگز نظر

زراعت مان جيڪا به آمدني ٿيندي هئي سڀ ننگر ۾ خرچ ٿيندي هئي ڪڏهن ڪڏهن هي شعر پڙهندا هئا.

حال دنيا را بپرسيدم من از فرزانه

گفت يا خوابي است يا باديست يا افسانه

باز گفتم حال آنکس گوکه دل دروي به بست

گفت يا ديوئي است يا غولي است يا ديوانهءِ

ترڪ دنيا جو حال ايتريقدر راسخ هيو جو ان جو پورو پورو اثر، سندن مريد ۾ نظر ايندو آهي. دنياوي ڳالهين کي به ناپسند فرمائيندا هئا، سندن مجلس ۾ هر وقت ذڪر الله، قال الله ۽ قال ارسول ﷺ جو ذڪر هوندو هو.

هڪ واقعو احقر جي سامهون پيش آيو جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته، نه ته دنيا جو ڪو سامان پاڻ وٽ هون نه ئي گهر ۾ رکندا هئا. سجاده نشين حضرت مولانا حافظ محمود اسعد صاحب جڏهن ننڍا هئا ۽ غالباً کريما پڙهي رهيا هئا، جڏهن هي شعر آيو:

سخيان ز اموال برمي خورند

بخيلان غم سيم و زر مي خورند

حضرت صاحب جن صاحبزادي کان دريافت فرمايو ته زر ڪڏهن ڏٺي اٿئي ۽ ان جو رنگ سڃاڻي ٿو صاحبزادي عرض ڪيو ته سائين نه! سندن سامهون صندلي رکيل هئي، ان تي پتل جا مُٺيا لڳل هئا، پاڻ ان جي طرف اشارو ڪيائون ته تقريباً ان رنگ جو سون هوندو آهي، جيڪڏهن گهر ۾ هجي ها ته صاحبزاده صاحب يقيناً ڏسي ها ۽ جواب هائوڪار ۾ ڏي ها.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com