سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: شاهه ڪريم جو ڪلام

 

صفحو :13

بيت 65- ”جيئن ته جيڏين منهنجي جانيءَ جو جمال نه پسيو آهي، تنهنڪري انهن تي ڪهڙو ڏوهه ڏجي. جيڪڏهن پرينءَ کي پسن ها، ته مون جيان مٿي کي هٿ ڏيئي روئن ها.“ بي بي زليخا به پنهنجي ساهيڙين کي ائين چيو هيو، ته توهان يوسف نه ڏٺو آهي. جيڪڏهن ڏٺو هجيو ها، ته ائين هرگز نه چئو ها. پوءِ ساهيڙين کي صوف ڪپڻ لاءِ چيائين، ۽ هوڏانهن حضرت يوسف کي اتان لنگهي وڃڻ جو اشارو ڪيائين. جڏهن انهن حضرت يوسف جي جمال جو جلوو پسيو، ته صوفن ڪپڻ بدران هٿ ڪپي وڌائون. مطلب آهي، ته جڏهن معرفت جي مئي جي چڪي، چکبي تڏهن ئي ان جي لطف جو اندازو ٿيندو.

بيت 66- ”سندن منهن سرها يا خوش آهن، ۽ ڪلهن تي ڪينرا (ساز) اٿن، يعني خوشيءَ جا راڳ پيا ڳائين، ڇاڪاڻ جو رات سپڙ ڄام سان ويهي ڪچهري ڪئي اٿن.

بيت 67- ”هنجن جو اصل ماڳ مڪان ڪهڙو آهي، ۽ وري ڦيرا ڪٿي ٿا پائين؟! خدا کين ساڃهه ڏئي ته پنهنجي ماڳ تي موٽي اچن.“ يعني انسان پنهنجو وطن وساري دنيا ۾ مستغرق ٿي ويو آهي، الله تعاليٰ کيس معرفت جي راهه ڏيکاري ۽ هو پنهنجي دل جي دريءَ کان ليئو پائي، حق کي سڃاڻي.

بيت 68- ”اي! امڙ خواب لهڻ اجايو آهي، ڇاڪاڻ جو ان تي ڪير اعتبار ڪندو؟ سمهڻ وقت گڏ هئا، پر جڏهن جاڳيس ته دوست ٺهي ئي ڪونه.“ يعني هيءَ دنيا فاني آهي، جنهن کي حقيقي وجود ڪونهي. ائين جيئن خواب، جنهن تي ڪوبه ڀروسو نه ڪندو. جيئن خواب اچي ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪابه شيءِ نه ٿي رهي، تيئن دنيا جي حياتي به خواب وانگر گذري ويندي.

بيت 69- اهو ملڪ (يعني وحدت جو مڪان، لامڪان) ٻين ملڪن جهڙو نه آهي. جتي پکين جو پير به نه ٿو پهچي، اتي کاهوڙين (الله وارن) ور ور ڏيئي پئي وحدت جي باغ جا ميوا چونڊيا آهن، شاهه لطيف به فرمايو آهي:

”اتي آديسين جو لڳو دڳ درو.“

بيت 71- جيستائين اکين کي روئي روئي خشڪ نه ڪبو، تيستائين محبوب جو مشاهدو حاصل نه ٿيندو، ڇاڪاڻ جو جن اکين ۾ ڪن ڪچرو يعني دوئي هوندي اهي پرين پسي نه سگهنديون. مطلب آهي ته، جيستائين خدا جي خوف کان اوئي، دل کي ڌوئي پاڪ نه ڪبو تيستائين واحد جو وصال نه ٿيندو.

بيت 73- هي بيت سيد صاحب، قاضي قاضن جي هيٺين بيت جي جواب ۾ فرمايو آهي:

سائر ڏيئي لت، اوچي نيچي ٻوڙئي،

هيڪائين هيڪ ٿيو، ويئي سڀ جهت.

ان جو مطلب آهي، ته ”درياهه لت ڏيئي هيٺياهين مٿاهين زمين ٻوڙي ڇڏي، جنهن ڪري يڪي لس ٿي ويئي، ۽ سڀ طرف مٽجي هڪ ٿي ويا.“ ان جو مطلب آهي ته جهڙيءَ طرح درياهه جي ٻوڏ کان پوءِ هيٺاهيون مٿاهيون هڪ ٿي وينديون آهن، ۽ طرف جو سماءُ نه پوندو آهي، تهڙيءَ طرح وحدت جي درياهه ۾ ڪثرت ملي، هيڪڙائي ٿي ويئي. يعني: جز، ڪل ۾ سمائجي ويو.

سيد صاحب ان بيت جي جواب ۾ هي بيت فرمايو، جنهن جو مطلب آهي، ته درياهه سڀ ڪنهن هيٺاهين مٿاهينءَ کي ختم نه ٿو ڪري، ۽ نه طرف ئي نابود ٿين ٿا، پر ڏسڻ ۾ ڪونه ٿا اچن. يعني جز جي ڪل ۾ ملڻ کان پوءِ به ان جي انفراديت ختم نه ٿي ٿئي، پر ان جي انفراديت يعني اڪيلائي ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي. مطلب آهي، ته طالب پنهنجو پاڻ فنا ڪرڻ کان پوءِ صفا ختم ٿي نه ٿو وڃي.

شاهه ڪريم جو هي خيال امام رباني جي وحدت الشهود جي ترجماني ڪري ٿو. امام رباني لکيو آهي، ته ابن عربي وحدت الوجود جو بنياد ظل ۽ اصل جي عينيت تي رکيو آهي. پر ظل شيءِ عين شيءِ ٿي نه ٿي سگهي. ظل ته اصل جي مشابه هوندو آهي. انهيءَ ڪري اصل ۽ ظل هڪ چئي نه ٿو سگهجي. مثلاً جيڪڏهن ڪنهن شخص جو پاڇو ڊگهو ٿي وڃي، ته ائين نه چئبو، ته اهو ماڻهو ڊگهو ٿي ويو. حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد زمان اهو خيال پاڻي ۽ لهر جو مثال ڏيئي هن طرح سمجهايو آهي:

پاڻي لهر پسڻ ۾ برابر ٿيا،

ڪي اتي ئي اڙيا، ڪي لنگهي مقصد مڙيا.

بيت 74- ”محبوب جون ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن، جي ڪٿي ڏٺيون، نه ٻڌيون. اهي واقعا ڏسي عقل حيران ٿي وڃي ٿو.“ سيد صاحب جنهن ڪيفيت جو اظهار ڪيو آهي، ان کي صوفين حيرت جو مقام سڏيو آهي. يعني انساني ذهن قادر جي قدرت جي سڀني ڳالهين کي جڏهن سڃاڻي نه ٿو سگهي، تڏهن حيرت زده رهجي وڃي ٿو. آخر عقلِ ڪل جا عجائبات جز ۾ ڪيئن سمائجي سگهندا؟!

بيت 75- ”پاڻ ئي بادشاهه آهي، ۽ پاڻ ئي پيغام ٿو موڪلي، پنهنجو انت پاڻ ئي لهي ٿو، ۽ پاڻ کي پاڻ ئي سڃاڻي ٿو.“ هن ۾ همه اوست جو نظريو بيان ڪيو ويو آهي، جنهن موجب هر شيءِ ان ذات مطلق کان ئي ظهور ورتو آهي. انهيءَ ڪري صوفي چوندا آهن ته هر شيءِ انهيءَ ئي وجودِ ڪل جو مظهر آهي. ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو:

”پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.“

سچل سرمست ساڳيو خيال، ساڳي ئي نموني بيان ڪري ٿو:

پنهون پنهون ٿي ڪريان، آءٌ پڻ پنهون پاڻ،

اديون ٿيس اڄاڻ، جو ڪين پروڙيم پاڻ کي.

اهو ساڳيو ئي خيال شاهه ڪريم پنهنجي ٻين بيتن ۾ به بيان ڪيو آهي.

بيت 77- ”شروعات ۾ توکي ”لا“ مان پيدا ڪيائون.“ يعني الله تعاليٰ سڄيءَ ڪائنات کي عدم مان وجود ۾ آندو. انهيءَ ڪري شاهه ڪريم چئي ٿو، ته جيئن هيءَ ڪائنات ڪين مان وجود ۾ آئي آهي، تنهن ڪري هن کي حقيقي وجود آهي ئي ڪونه. ٻانهي کي اها حقيقت ذهن نشين ڪرائڻ کان پوءِ کانئس پڇي ٿو ته، ”جڏهن توکي حقيقي وجود ئي ڪونهي، ته باقي ڇا تي ٿو ٽڏين ۽ مان مان ڪرين؟!“

بيت 72- ”لا“ کي لوڌي نه ڪڍ، ۽ نه وري ”الا“ کي ئي لحظي جيترو دل تان لاهه. اهو جيڪو ماڻهن جو مظهر آهي، ان کي ڪيئن ٿو وڍين؟!“ يعني: نفيءَ جي منزل به ضرور ماڻ، جنهن جو مطلب آهي، پنهنجو پاڻ فنا ڪرڻ. پر ان کان پوءِ اثبات جي واديءَ ۾ به پير پاءِ، جنهنجو مطلب آهي، فقط هڪ ذات مطلق جي وجود جو اقرار ڪرڻ.

بيت 78- ”جنهن چشمي جو اهو نور آهي، اوڏانهن ئي اهو رهنمائي ڪندو. ڳالهه جو مقصد به اهوئي آهي ۽ اهڙيءَ طرح سان ئي پيارو دوست پسجي ٿو.“ يعني: عربي مقولي ”ڪل شيءُ يرجع اليٰ اصلہ“ (هر شيءِ پنهنجي اصل تي ويندي آهي) موجب فرمائي ٿو، ته جهڙيءَ طرح سان هر ڪا شيءِ پنهنجي اصل ڏانهن موٽي ٿي، تهڙيءَ طرح سان انسان جي اندر ۾ به جيڪو جانب جي جمال جو جلوو جاري ۽ ساري آهي، اهو به پنهنجي اصل ڏانهن رجوع ڪندو. مطلب آهي ته، جنهن پنهنجو پاڻ سڃاتو، ان پنهنجي رب کي سڃاتو: ”من عرف نفسہ فقد عرف ربہ.“

بيت 79- ”اي سرتيون! پرين جو پير ڏاڍو ڏکيو آهي. جن کي ان جي ڄاڻ هئي، اهي به ان کي پروڙي نه سگهيا.“ يعني: قادر جي قدرت بي انت آهي، جنهن جو نه آهي شرو نه شمار. وڏا وڏا سياڻا ۽ سمجهه دار، فيلسوف ۽ مفڪر، هيئت دان ۽ رياضي دان به ان کي پوريءَ طرح سان سمجهي نه سگهيا. هڪ صوفي شاعر چيو آهي:

”انت بحر دي ڪل نه ڪائي، رنگي رنگ بنايا هي.“

بيت 81- جن جو هنيون حاضر نه آهي، ۽ جن جي اکين جي آڏو پنهنجي پياري دوست جو تصور نه ٿو رهي، اهي ڄڻ ٺلهن، ڍانڍن ۽ بيڪار شين وانگر اجائي ۽ بي مقصد حياتي گذاري رهيا آهن.

بيت 82- ”دوست انهيءَ هنڌ ئي آهي، جنهن کي تو جهوپڙي ڪري سمجهيو آهي. جيڪڏهن در جو تاڪ پٽين ته لوڪ کي خبر پئجي وڃي.“ يعني: پرين پاڻ ۾ ئي آهي. شاهه لطيف فرمايو آهي:

”نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.“

شاهه ڪريم اهو ساڳيو خيال هڪ ٻي بيت ۾ به بيان ڪيو آهي.

بيت 84- اي الله تعاليٰ سڀ ڪجهه تون ئي ڏيندڙ آهي، هي پڻ تنهنجو پينو آهي. انهيءَ پن يا گهر جي ڪري پاڻ هو بيوقوف آهي، ڇاڪاڻ جو هو چئي پنهنجو قدر وڃائي ٿو.

بيت 85- ”طرن وارا مڱڻا، اٺن تي سوار ٿيو، خوشيءَ مان جهونگاريندا ٿا وڃن، ڇاڪاڻ جو رات سپڙ ڄام کين نوازيو آهي، ۽ هو ڏينهن ڏٺي جو پرنور نظر اچن ٿا. انهن چارڻن جي چنتا لهي ويئي ۽ هاڻي گهوٽ (ڪامياب) ٿي گهر وڃن ٿا.“ يعني: حق جا طالب پنهنجي پيرِمغان کان مستفيض ٿي منزل مقصود تي پهچي ويا. ڀٽ ڌڻي پنهنجي پيرِمغان کي فيض لاءِ هن طرح ٿو عرض ڪري:

”تون پارس آءٌ لوهه، جي سيرن ته سون ٿيان.“

بيت 87- ”مجازي عشق توکي پنهنجي موه ۾ گرفتار ڪري، ڪڏهن کسڪي هليو ويندو. پوءِ متان اکين کي راضي ڪري ڀروسو رکي ويهي رهين.“ يعني: مجازي شيءِ کي زوال ۽ فنائيت آهي. انهيءَ ڪري جنهن شيءِ ۾ بقا ۽ پختگي ڪانهي، انهيءَ جي آسري ۾ رهڻ حماقت آهي. انهيءَ ڪري صوفي چوندا آهن ته جيڪڏهن مجازي عشق مان حقيقي واٽ حاصل نه ڪئي ويئي، ته وڻواند ٿي وڃبو. يعني فقط مجازي عشق تي ڀروسو ڪرڻ نقصانڪار آهي.

فقير قادر بخش بيدل، پنهنجي عربي ڪتاب ”فوائدالمعنوي“ ۾ فرمايو آهي: ”جنهن مجازي عشق مان، حقيقي عشق جي واٽ نه ورتي، تنهن ڄڻ بت پوڄا ڪئي.“

بيت 88- هن بيت ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته عمل جو دارومدار اعتقاد تي آهي. جيڪڏهن اعتقاد صحيح آهي، ته عمل ڪرڻ سان سٺو نتيجو ملندو. پر جنهن جو اعتقاد درست نه آهي، اهو واڻواند ٿي ويندو. اها ڳالهه اسلامي تعليم مطابق آهي. اسلام، ايمان لاءِ اعتقاد کي اوليت ڏئي ٿو. سيد صاحب هن بيت ۾ ٻڌايو آهي، ته جن جو اعتقاد پختو آهي، اهي سولائي سان وڃي پار پهچندا. جن جي دلين ۾ شڪ شبها آهن، اهي پار پهچي نه سگهندا.

بيت 89- هن بيت ۾ سيد صاحب آزي ۽ نيزاري جي واٽ ٻڌائي آهي. چوي ٿو، ته انسان خطا جو گهر آهي. هن کان ڪمزوريون، ڪوتاهيون، ۽ غلطيون ٿينديون رهن ٿيون. ان حالت ۾ جيڪڏهن هٺ ۽ وڏائي ڪندو ۽ پنهنجن ڪن نيڪين تي پاڻ پڏائيندو، ته مالڪ کي نه وڻندو.

بيت 92- ”گهوٽن جي اک جو اشارو ابتو آهي، ۽ سندن پڳ جا پيچ ڏنگا آهن. ڪمانون ڪڇي، ڀيڏي ڀر ڏيو، ڪڇ ولايت ۾ پيا گهمن.“ يعني: حقيقي عاشق پنهنجي عشق ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ منزل مقصود جا مزا ماڻين ٿا. مطلب آهي، ته پنهنجو پاڻ فنا ڪرڻ کان پوءِ حياتِ جاودانيءَ جو لطف حاصل ٿئي ٿو.

بيت 92- جنهن کي تو خامي سمجهيو آهي، اها سموري تو ۾ آهي. سڄڻن جو جيڪو ڪجهه آهي، اهو سڀ سچ آهي. ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي:

”پرين سندي پار جي مڙئي مٺائي.“

ٻي هنڌ فرمايو اٿس:

”ڪا مون ۾ گهٽ، نه ته سڄڻ ٻاجهندڙ گهڻو.“

قاضي قاضن جا بيت

سوانح

قاضي قاضن بن قاضي ابو سعيد بن زين العابدين بکري، جا وڏا ٺٽي ۽ سيوستان ۾ رهندا هئا. سندس تڙ ڏاڏو قاضي ابوالخير بکر ۾ رهندو هو، جيڪو وڏو عالم فاضل ۽ زهد ۽ تقويٰ جو صاحب هو. قاضي قاضن پاڻ به وڏو عالم ۽ فاضل هو. قرآن حڪيم جو حافظ ۽ قرات ۽ تجويد جو ماهر هو. حديث، فقہ، تفسير، اصول، انشاء، تصوف ۽ ٻين عقلي ۽ نقلي علمن ۾ مهارت حاصل هئس. جوانيءَ ۾ سيد ميران محمد جونپوري جو مريد ٿيو، جيڪو مهدي سڏائيندو هو.

سن 927هه (1520) ۾ جڏهن شاهه بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪري، ٺٽي ۾ قتل عام ڪيو، تڏهن قاضي قاضن جو اهل عيال به ٺٽي ۾ هو. قاضي قاصن هڪ درد انگيز خط شاهه بيگ ارغون کي لکيو ۽ ان کان پوءِ اهو خوني طوفان اجهاڻو.

ان کان پوءِ قاضي قاضن جو شاهه بيگ ارغون سان گهاٽو رستو ٿي ويو، ۽ هو ملڪي ڳالهين ۾ کانئس صلاح مصلحت وٺڻ لڳو. ڄام فيروز جي پيش پوڻ کان پوءِ سيوهڻ جي ڀرسان ٽلٽيءَ وٽ، شاهه بيگ جي خلاف ڪيترائي سنڌي محبِ وطن پنهنجا لشڪر وٺي اچي ڪٺا ٿيا. انهن ۾ دريا خان جا پٽ: محمود خان ۽ مٺڻ خان، سوڍا سورهيه: سارنگ خان ۽ رڻمل ۽ ٻيا شامل هئا. حضرت مخدوم بلال به انهن جي مدد ڪري رهيو هو. شاهه بيگ، قاضي قاضن کي انهن ڏانهن موڪليو، ته جيئن کين سمجهائي آڻ مڃڻ تي آماده ڪري، پر هنن قاضي قاضن کي پاڻ وٽ اچڻ ئي نه ڏنو. آخر لڙائي ٿي، ۽ سمورا سنڌي سورما ڪسجي، سنڌ جو مان مٿانهون ڪري ويا.

ان کان پوءِ قاضي قاضن، شاهه بيگ سان گڏجي سيوهڻ کان بکر ويو، جتي هن کيس بکر جو قاضي مقرر ڪيو. شاهه بيگ جي وفات (22 شعبان سنه 928هه مطابق 8 جولاءِ 1522ع) کان پوءِ سندس پٽ مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ به بکر جو قاضي هو. ويهه سال نهايت احتياط ۽ ديانتداري سان قضا جو عهدو هلايائين. پڇاڙيءَ ۾ (شايد 947هه) ڌاري استعفيٰ ڏنائين، ۽ قضا جو عهدو سندس ڀاءُ قاضي نصرالله کي مليو. پڇاڙيءَ جا ڏينهن مديني منوره ۾ گذاريائين، جتي سنڌ جا ٻه مشهور عالم قاضي عبدالله بن قاضي ابراهيم راهوٽي ۽ شيخ عبدالله متقي ابن مولانا سعد در ٻيلوي سندس صحبتي هئا. سن 958هه مطابق 1551 ۾ وفات ڪيائين. مشهور بزرگ حضرت ميان مير سيوهاڻي لاهوري جي والده، قاضي قاضن جي نياڻي هئي.

بيت

قاضي قاضن جا ست يا اٺ بيت بيان العارفين ۾ ملن ٿا، جيڪي متن ۾ ڏنا ويا آهن. راقم الحروف هڪ ڀيري (سکر جي سوکڙي- سنڌي ڪلاسيڪي شاعري، سال 1968ع، ص 4) لکيو هو، ته ”قاضي قاضن جي بيتن جي فن ۽ فڪر جي پختگي ٻڌائي ٿي، ته سندس بيت اٺ يا ست نه هوندا، پر بيتن جو تعداد گهڻو هوندو، ڇاڪاڻ جو ڪوبه پختو شاعر فقط ٻه ٽي بيت چئي بس ڪري نه ويهندو آهي.“ اهو رايو صحيح ثابت ٿي رهيو آهي. تازو روزاني هلال پاڪستان مورخه 8 سيپٽمبر 1976 ۾ خبر آئي آهي:

”اوائلي سنڌي شاعر قاضي قاضن جا 116 بيت هريانه ۾ روهتڪ لڳ راڻيلا مان هٿ آيا آهن. اها خبر آل انڊيا ريڊيو ڪلهه شام جو پنهنجن سنڌي خبرن ۾ ڏني آهي. نوان هٿ آيل بيت، پراڻي ديوناگري سنڌي ۾ لکيل آهن.“

اهي بيت هيري ٺڪر گڏ ڪري، موجوده رسم الخط ۾ هندستان مان ڇپايا آهن. انهن جو جائزو سه ماهي مهراڻ ۾ اچي چڪو آهي.

بيان العارفين مان شاهه ڪريم جي زباني جيڪي ٿورا بيت هينئر اسان جي سامهون آهن، انهن مان ثابت ٿئي ٿو، ته هو سنڌي زبان جو باڪامل شاعر هو. اسان جي ڪلاسيڪي شاعري صحيح نموني قاضي قاضن کان شروع ٿئي ٿي. شاهه ڪريم، ڪيترائي بيت سندس بيتن جي ڀران چيا آهن. اهو ڏيکاري ٿو، ته سندس بيت سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جوبنيادي پٿر آهن. معنوي لحاظ کان سندس بيتن ۾ تصوف جا نڪتا بيان ٿيل آهن. وحدت الوجود جو فڪر ظاهري مثالن ذريعي سمجهايو اٿس. هو ظاهري علمن کي نندي ٿو، ۽ انهن کي حقيقت جي واٽ ۾ وڏو اٽڪاءُ سمجهي ٿو. هيٺ سندس بيتن مان مکيه بيتن جي شرح ڏجي ٿي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com