سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: شاهه ڪريم جو ڪلام

 

صفحو :14

سي ئي سيل

جيڪو ظاهري علم مون پڙهيو هو، اهو طريقت جي واٽ ۾ واڳون ٿي اڳيان آيو. يعني: ظاهري علم باطني اسرارن جي سمجهڻ ۾ وڏو اٽڪاءُ يا حجاب آهي. اهو نظريو گهڻن ئي صوفين بيان ڪيو آهي. شاهه صاحب فرمائي ٿو:

الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،

مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.

قاضي قاضن جا ٻيا بيت، ”ڪنز قدوري ڪافيا ڪينڪي پڙهيوم“، ”ڪنز، قدوري ڪافيا، پڙهي پڙهيوم سڀ“، ۽ ”لوڪان نحو صرف.“ انهيءَ ئي خيال جي اپٽار ڪن ٿا.

لا لاهيندي

هن ۾ قاضي صاحب همه اوست جو نظريو بيان ڪيو آهي، جنهن موجب: سڀ ڪنهن شيءِ انهيءَ ئي وجود ڪل کان وجود ورتو آهي. انهيءَ ڪري قاضي صاحب چوي ٿو، ته حقيقت ۾ نفي آهي ئي ڪانه، يعني دنيا ۾ ڪنهن کي به وجود ڪونهي. انهيءَ ڪري هو چوي ٿو، ته جيئن ته نفي آهي ئي ڪانه، تنهن ڪري ان کي دور ڪرڻ جو به ڪو ضرور ڪونهي. قاضي صاحب پنهنجي بيان کي زوردار بنائيندي، قسم کڻي چوي ٿو، ته: خدا جو سنهن پرين کان سواءِ مون کي ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.

سڄڻ منجهه

پرين پاڻ ۾ ئي آهي، پر ان جي جوت جو جلوو پسڻ لاءِ ظاهري حواسن تان دست بردار ٿيڻو پوي ٿو. پرينءَ جي پسڻ کان پوءِ دنيا ۽ ماسوا جو خيال نه ٿو رهي. قاضي قاضن جو مطلب آهي، ته جيڪڏهن هڪ دفعو اکيون کليون ۽ جسماني علم جو احساس ٿيو، ته اهو محبوب من مان هليو ويندو. پوءِ ڪيتري به ڪوشش ڪبي ۽ واجهه وجهبا، تڏهن به اهو هٿ نه ايندو.

بيان العارفين ۾ آيل ٻيا بيت

ڦٽيون ڪر

چتين لڳل ڪپڙا نه پاءِ، پر جيڪي ڪپڙا وڻني سي پاءِ، ۽ پٽڪي کي ڀلي ڏنگا وڪڙ ڏي. يعني فقيريءَ لاءِ ظاهريءَ طرح سادي پوشاڪ ضروري نه آهي.

اکڙيون ملير

”جن جون اکيون رات ڏينهن ملير ۾ آهن، انهن آسائتن سان، اي عمر تون هينئر ڪهڙي ڪار ڪندين؟“ يعني: جن جي دل هميشہ پنهنجي رب سان رليل رهي ٿي، انهن کي دنيا جي طمع جي لهر لوڏي نه سگهندي.

چارئي پلوَ چڪ

”چادر جا چارئي پلو چڪ ۾ خراب ٿيل اٿيئي، ۽ وري پڇين ٿو، ته چادر کي ڪبوتر جي وٺ ته نه لڳي؟ اهڙي احتياط کان توتي حيف هجي.“ يعني: اندر، کوٽ ۽ ٻيائي سان خراب ٿيل آهي،۽ هوڏانهن تنهنجو زور آهي ظاهري صفائيءَ تي. اندر جي صفائيءَ کانسواءِ ظاهري صفائي ڪهڙي ڪم جي.


 

فصل ٻيو

اهي بزرگ، جن جو ذڪر بيان العارفين ۾ آيل آهي

سيد ابراهيم

پرڏيهي پير جي نالي سان مشهور آهي. سندس مقبرو بلڙيءَ جي پسگردائي ۾ آهي.[1]

شيخ ابراهيم

رڪن پور جو ويٺل هو، ۽ شيخ ريحان جي اولاد مان هو شيخ ريحان جهنگليءَ جو اصل نالو چنيسر هو ۽ ذات جو سومرو هو. تحفته الڪرام جي روايت موجب: حضرت قلندر شهباز ۽ شيخ رڪن الدين ملتاني، شيخ ريحان سان ملاقات ڪئي هئي. شيخ رڪن الدين جي آمد جي ڪري ئي ان ڳوٺ تي اهو نالو پيو هو.[2] حضرت قلندر شهباز ۽ حضرت رڪن عالم، حضرت رڪن الدين ملتانيءَ جو گڏجي اچڻ صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ جو حضرت رڪن عالم، حضرت قلندر شهباز جي دوست حضرت غوث بهاءُالحق جو پوٽو هو. تحفته الڪرام جي روايت موجب: شيخ ابراهيم سيد صاحب جو عمعصر هو، ۽ سيد صاحب جو دوست ۽ پير ڀائي سيد علي ثاني سندس زيارت لاءِ آيو هو[3].

مخدوم آجب لانگاهه

مخدوم صدو لانگاهه جو فرزند ۽ نصرپور جو ويٺل هو. مخدوم وڏو بزرگ ۽ توڪل جو صاحب هو. تحفته الڪرام موجب: مٽيارن جا سيد گهڻو ڪري مخدوم صدوءَ جا مريد هئا.[4] مخدوم صاحب به پيءُ وانگر وڏو بزرگ ۽ توڪل جو صاحب ٿي گذريو آهي.

مخدوم احمد ولد هوٿي لاکو

شيخ هوٿي دشت باران جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي، ۽ ساگري جي ڪناري تي ”مورياڻي“ ڳوٺ ۾ مدفون آهي. کيس محمد ۽ احمد نالي ٻه فرزند هئا، جي ٻئي ڀائر الله وارا بزرگ هئا. سندن تربتون پيءُ جي تربت جي ڀر ۾ آهن.[5]

احمد رونجهو

ذات جو رونجهو هو. ”اپلان“ جو ويٺل ۽ سيد صاحب جو همعصر هو.[6]

آچر

اصل ٺٽي جو ڀوڳڙي هو، پر پوءِ اهڙيءَ ڪماليت جو صاحب ٿيو، جو سيد علي ثاني شيرازيءَ به کائنس فيض پرايو. سيد علي ثاني سندس ايتري ته خدمت ڪندو هو، جو عام ماڻهن جي منهن تي، بزار وچ ۾ ويهي کيس زور ڏيندو هو. سيدن جڏهن ڏٺو ته سندن اولاد هڪ ڀوڳڙي جي خدمت ڪري رهيو آهي، تڏهن کيس شهر کان ٻاهر ڪڍائي ڇڏيو. هو گجرات هليو ويو. سيد علي ثانيءَ پڇائي وڃي سڪرات جي حالت ۾ کيس لڌو.[7] سيد علي ثاني ان کان پوءِ مخدوم نوح جو مريد ٿيو.

مخدوم آدم سميجو

”ڪلي“ ڳوٺ جو ويٺل هو. تحفته الڪرام موجب سيد صاحب هن بزرگ کان به فيض پرايو.[8]

مخدوم اسماعيل

اگهم ڪوٽ جو ويٺل هو، جنهن تي اهو نالو اگهم لوهاڻي جي نالي پٺيان پيو. تمام شاهوڪار هوندو هو، ۽ قسمين قسمين طعام ۽ شربت ٺاهي حقدارن، شاگردن ۽ مسافرن کي ڏيندو هو، پر پاڻ جَوَنِ جي ماني کائيندو هو. 998هه ۾ وفات ڪيائين[9].

بادو

هي درويش نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) پرڳڻي جي ڳوٺ ”ناياهو“ جو ويٺل هو. مخدوم نوح جو مريد هو.[10]

مخدوم بلال

وڏو محب وطن بزرگ ٿي گذريو آهي. وڏو عالم، فاضل ۽ زهد ۽ تقويٰ جو صاحب هو. تصوف جي سهروردي، طريقي جي شاخ ڪبرويه سهرورديه سان وابسته هو، جنهن جو باني، سهروردي طريقي جي باني حضرت شيخ ابو نجيب عبدالقاهر سهروردي جي وڏي خليفي عمار ياسر جو مريد شيخ نجم الدين ڪبريٰ هو. مخدوم بلال جي فيض مان جيڪي مستفيض ٿيا، انهن مان سيد حيدر سنائي (وفات 937ه)، مخدوم ساهڙ لنجار (جنهنجو مقبرو انڙپور جي مٿان آهي)، قابل ذڪر آهن، جڏهن شاهه بيگ ارغون 966هه ۾ سنڌ تي ڪاهي آيو، ۽ فيروز تغلق کي شڪست ڏيئي، ٺٽي تي قبضو ڪري، اچي سيوهڻ ۾ ويٺو، تڏهن مخدوم صاحب سنڌ جي محبت وطن سردارن کي شاهه بيگ جي خلاف اڀاريو، نتيجي ۾ ٽلٽيءَ جي ميدان تي قومي يڌ لڙندي ڪي ئي ڪونڌر ڪسي ويا، سنڌ غيرن جي غلاميءَ ۾ اچي ويئي. هي واقعو سن 537هه ۾ ٿيو. عوامي روايت آهي، ته ان کان پوءِ شاهه حسن ارغون ڪوڙي فتويٰ وٺي کيس شهيد ڪرايو. 927هه ۾ مخدوم صاحب شهيد ٿيو. پارسيءَ ۾ شعر به چيو اٿس. مير علي شير قانع سندس هيءَ رباعي ڏني آهي:[11]

 

در راه خداز سر قدم بايد ساخت

سرمايهءِ اختيار- خودمي بايد باخت

کفر است بخود نمائي بردن بجهان

ازخويش برون شده سويس ببايد تاخت

بهاءُالدين گودڙيو

ذات جو ميمڻ، ۽ ٺٽي جو ويٺل هو. پهريائين ٺٽي جي درويش موسيٰ جو مريد هو، پوءِ مخدوم نوح جو مريد ٿيو. وڏو عالم فاضل هو. لکڻ پڙهڻ سان ايڏو شوق هوندو هوس، جو کائڻ وقت، گرهه وات ۾ وجهي، ٻي گرهه کڻن تائين ڪجهه لکي وٺندو هو. هڪ عاليشان لئبرري هيس، جا ان وقت جي ٺٽي جي مغل گورنر شريف الملڪ يڪ چشم بي درديءَ سان ساڙائي ڇڏي. جنهن ڪري نادر ڪتابن جو وڏو ذخيرو اسان تائين پهچي نه سگهيو. حقيقت هن طرح آهي، ته 1035هه ۾ شهزادو شاهه جهان پيءَ کان ناراض ٿي سنڌ ۾ آيو. شريف خان کيس نه سٺو، ۽ مقابلو ڪيو. اهڙيءَ طرح ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ شهزادو دعا پنڻ لاءِ حضرت گودڙئي جي خدمت ۾ آيو. حضرت گودڙئي، گورنر جو ڪوبه لحاظ نه رکندي، شهزادي جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کيس مهماني ڏني. انهيءَ تي گورنر ڪاوڙجي سندس عظيم الشان ڪتب خاني کي باهه ڏياري، هينئر سندس هٿ جي لکيل ڪتابن مان حضرت مخدوم نوح جو قرآن شريف جو ترجمو ۽ تفسير باقي بچيو آهي. جو هن 1013هه ۾ مخدوم نوح جي ٻي مريد سيد ابوبڪر لڪياريءَ (لڪياري واري) لاءِ لکيو. اهو قلمي نسخو هينئر جناب طالب الموليٰ جن وٽ آهي. تازو اهو فارسي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو آهي. سندس وفات جي تاريخ معلوم نه آهي. غالباً يارهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ سندس وفات ٿي. سندس مزار مڪليءَ تي ميان مٺي جي مزار جي ڀرسان آهي.

پير پٺو

سندس ٿورو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي. سندس اصل نالو حسين لقب شاهه عالم ۽ ڪنيت ابوالخير هئي، پر ”شيخ پٺو“ جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس والد جو نالو راڄپار ۽ والده جو نالو سلطاني هو، جا مراد بن شرفو جي نياڻي هئي. ذات جو اپلان هو ۽ ٺٽي جي ڀرسان ”آري“[12] جو ويٺل هو. سنڌ جي قديم بزرگن مان هڪ وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. تحفة الڪرام جي صاحب لکيو آهي[13] ته، شاهه جميل گرناري (سيد عبدالهادي بن سيد عبدالعطاس) به سندس مريد هو. سندس مقبرو شيخ پٺي جي ڀرسان آهي، ۽ شيخ پٺي جي جتي هينئر مزار آهي، اتي هميشہ عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول هوندو هو. تحفتہ الڪرام جي صاحب سندس بزرگي ۽ ڪمال جي اعتراف ۾ علامه قاضي محمود جا لفظ نقل ڪيا آهن.[14]

حضرت قلندر لعل شهباز جو همعصر هو. روايت آهي ته حضرت قلندر شهباز ۽ حضرت غوث بهاؤالحق سير و سفر ڪندا اچي ساڻس غار ۾ مليا. ٻنهي بزرگن جي نظر فيض اثر ڪري پير پٺو ولايت جي ڪماليت کي وڃي پهتو. تحفتہ الڪرام جو بيان آهي ته: سندس سجاده نشين صاحب ڪمال بزرگ ٿي گذريا آهن. تحفتہ الڪرام جي صاحب جي ڏينهن ۾ ”شيخ ساجن“ سجاده نشين هو.[15] 646هه ۾ وفات ڪيائين[16] ۽ انهيءَ پهاڙ تي کيس دفن ڪيو ويو، جنهن جي غار ۾ عبادت ۾ مصروف هوندو هو. 12 ربيع الاول تي، سندس مزار تي ميلو لڳندو آهي. ٺٽي جي عوام جي ساڻس ڏاڍي عقيدتمندي رهي آهي. حديقة الاولياءَ جي صاحب سندس تعريف ۾ شعر لکيو آهي.

فيروز شاهه تغلق سنه 772هه ۾ ٺٽي تي ڪاهه ڪئي. ان وقت ٺٽي جو حاڪم ڄام بابينو هو. هن سندس مقابلو ڪيو. قدرت ڌڻيءَ جي فيروز شاهه جي لشڪر ۾ ڏڪر اچي پيو. اهو حال ڏسي فيروز شاهه لشڪر وٺي گجرات هليو ويو. ٺٽي جا ماڻهو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ان کي پير پٺي جي برڪت سمجهيائون.

فيروز شاهه جي مؤرخ شمس سراج عفيف تاريف يروز شاهيءَ ۾ لکيو آهي:

”و اول کرت که سلطان فيروز از ڻهڻه به غرض سمت گجرات باز گشت ڻهڻيان اين سخن راورد حجت ساختندو ميگفتند ”برکت“ شيخ پڻها اک موا اک کڻها“. هت ”اک موا“ محمد تغلق ڏانهن اشارو آهي، جو ٺٽو فتح ڪري نه سگهيو ۽ واٽ تي مري ويو جڏهن ته ”اک کڻها“ فيروز تغلق ڏانهن اشارو آهي، جو ٺٽو فتح ڪرڻ کان سواءِ هليو ويو. اصل عبارت هن طرح بيهندي: ”ببرڪت پير پٺو، هڪ مئو ٻيو ٽٺو“

درويش پلي

ذات جو سميجو هو ۽ ساگري درياهه جي ڪناري تي رهندو هو. شيخ هوٿي بن لاکي جو دوست هو. ڏاڍو خوش طبع هوندو هو.[17]

فقير جوڻو

هي بزرگ بٺوري پرڳڻي جي ڳوٺ ”دٻي“ جو ويٺل هو ۽ شاهه ڪريم جو همعصر هو. بزرگي ۾ مشهور هو.

درويش چرڪس

”ڏنو“ سرڪيءَ جو فرزند ۽ چاچڪن جي سرڪار جي ڳوٺ ”نگو“ جو ويٺل هو. وڏو سالڪ ۽ ڪامل هو. ڪيترائي سندس نظر فيض اثر کان مستفيض ٿيا. مخدوم بلال جو همعصر هو. ان سان محققانه ملاقات به ڪئي هئائين.[18]

مخدوم حسن هربره (هرٻائي)

”ڊرڪ“ پرڳڻي جي ڳوٺ ”دائرو“ جو ويٺل هو. وڏو بزرگ ۽ ولايت جو صاحب ٿي گذريو آهي.[19]

قاضي حسن

بٺوري پرڳڻي جي ”هٽڙي“ ڳوٺ جو ويٺل هو، وڏو عالم، ۽ سلوڪ جو صاحب ٿي گذريو آهي. شاهه ڪريم جو همعصر هو.[20]

شيخ حسين سيتو

بٺوري پرڳڻي جي ڳوٺ ”ڳلهوٽ“ جو ويٺل هو، سماع جو ايترو ته شائق هو، جو هڪ دفعي ڪنهن عالم کان پڇيائين، ”بهشت ۾ سماع هوندو؟“ عالم وراڻيو ”نه“ فقير چيو، ”پوءِ اسان جو بهشت سان ڪهڙو ڪم“[21]

 

درويش حسين گاذر

سهاڙ جو ويٺل ۽ شاهه ڪريم جو همعصر هو. حال ۽ قال جو هي صاحب اصل ڌوٻي هو.[22]

 

سيد حيدر

سن جو ويٺل هو، ۽ مٽياري سيدن جي قبيلي ”مئين پوٽه“ مان هو. عمر هليہ ۾ مخدم بلال جي صحبت ۾ رهي وڏي مرتبي کي پهتو، مخدوم بلال جو وڏو خليفو هو، ۽ ٽلٽيءَ واري قومي يڌ ۾، جا شاهه بيگ ارغون جي خلاف سنڌ جي قوم پرستن طرفان لڙي وئي. قوم پرستن جو وڏو مددگار هو. شاهه بيگ سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ کيس سن ۾ نظربند رکيو هو، ايتري تائين جو هن 937هه ۾ وفات ڪئي.[23] سنڌ جو برک ليڊر سيد غلام مرتضيٰ شاهه (جي.ايم.سيد) سندس اولاد مان آهي.

درويش دائود

ٺٽي جي پسگردائيءَ ۾ دائود ڍنڍ تي سندس مزار آهي، جا سندس نالي پٺيان مشهور آهي. تحفته الڪرام جي صاحب لکيو آهي: ٻڌجي ٿو ته سيد مراد شيرازيءَ جو همعصر هو.“[24] سيد مراد، سيد علي اول جو ڀاءُ ۽ سيد احمد جو فرزند هو. سندس ولادت 831هه ۾، ۽ وفات 893هه ۾ ٿي.[25] يعني هو نائين ”صديءَ هجريءَ ۾ ٿي گذريو.

رڪن الدين

”ڏنو“ جو فرزند ۽ دشت باران پرڳڻي جو ويٺل هو. وڏو درويش ۽ الله جو مقبول بندو هو. گهڻو ڪري عبادت ۽ رياضت ۾ مصروف رهندو هو. پوين ڏينهن ۾ وجد جي غلبي ۽ ذڪر جي جوش کان سندس عجيب حالت ٿي پيئي هئي. 988ع ۾ وفات ڪيائين.[26]

حاجي سورو

جوڻ پرڳڻي جي ڳوٺ ”دڙو“ جو ويٺل هو. مخدوم نوح، اسماعيل چاڪي، سيد رڪن الدين ۽ سيد عبدالڪريم جي صحبتن مان فيض پرايائين. ڪيترائي مريد هئس.[27]

مخدم ساهڙ لنجار

انڙپور جو ويٺل هو، جو ڄام انڙ آباد ڪيو. مخدوم بلال جو مريد ۽ خليفو هو. مٽيارين جا سيد سندس مريد هئا. انهن مان سيد رڪن الدين جو نالو قابل ذڪر آهي، جو وڏو عالم، فاصل ۽ تقويٰ جو صاحب هو ۽ مٽياري سيدن جي ”جرار پوٽه“ شاخ مان هو. تحفتہ الڪرام جي روايت آهي، ته مخدوم ساهڙ جي مجلس ۾ دنيوي گفتگو ڪڏهن نه هلندي هئي، جنهن تي به توجهه ڪندو هو. اهو ولايت جي درجي کي رسي ويندو هو.[28] تحفة الڪرام جي صاحب سندس هڪ قول به ڏنو آهي. جو هن طرح آهي. ”مون پير کان ٻڌو آهي، ته جنهن ۾ ٽي گڻ ڏسو، انهيءَ مان ضرور فائدو وٺو. هڪ ته سندس اڳيان وهو، ته اوهان کي خدا ياد اچي، ٻيو ته جيڪي ڳالهائي سو توهان جي دل ۾ ويهي وڃي، ٽيون سندس محبت ڇڏڻ توهان کي ڏکي لڳي“[29] مخدوم صاحب جي وفات ڏهين صدي هجري جي ٻي چوٿائيءَ ۾ ٿي. سندس مقبرو انڙپور اسٽيشن جي ڀر ۾ ٽڪريءَ تي آهي.

درويش سليمان

اگهم ڪوٽ يا اگهماڻي ڪوٽ جو رهاڪو هو. سيد صاحب جو همعصر هو.

صابو سومرو

بٺوري ڀرڳڻي جي ڳوٺ ”هٽڙي“ جو ويٺل هو. مخدوم نوح جي فيض کان مستفيض هو.[30]

صالح

”ڪڪرالي“ جو ويٺل هو. هزار هجريءَ کان اڳ ٿي گذريو آهي. وڏو اهل الله هو.[31]

صدو لانگاهه

”بٺوري“ پرڳڻي جي ڳوٺ ”نصير سومري“ ۾ سندس مزار آهي. ملا آجب جو والد هو. جنهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي.

سيد عبدالحڪيم

سندس مزار ٺٽي جي پسگردائيءَ ۾ درويش دائود جي قريب زيارت گاهه آهي. درويش آچر جو همعصر هو، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي آيو آهي.[32]


[1]. تحفته الڪرام، ج 3، ص 171-172

[2]. ايضاً، ص 76-177

[3]. ايضاً، ص 177

[4]. ايضاً، ص 168

[5]. ايضاً ص 143

[6]. تحفته الڪرام، ج 3، ص 170

[7]. ايضاً ص 172

[8]. ايضاً ص 72

[9]. ايضاً ص 161

[10]. ايضاً ص 177

[11]. مقالات الشعرا، ص 92

[12]. ”آري“ ٺٽي جي ڏکڻ ۾ ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي آهي. مخدوم ملا آري هڪ بزرگ هو، جو حضرت سيد علي شيرازي جي ارادتمندن مان هو. پهريائين ڪينجهر ڍنڍ جا ملاح ۽ مڇي ماريندڙ قوم گندرا پير آريءَ جا مريد هئا، پر جڏهن سيد علي شيرازي جو مريد ٿيو، تڏهن انهن کي نذر طور انهي سلسلي ۾ داخل ڪيائين. (تحفتہ الڪرام ج 3، ص 181، ۽ تحفته الطاهرين، ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ ص 9) جيئن ته ملا آري، پير پٺي کان پوءِ جو آهي، تنهن ڪري اهو نالو پوءِ مروج ٿيو آهي.

[13]. ايضاً ج، 3 ص 252 ۽ 53

[14]. ايضاً، ج 3، ص 252

[15]. تحفة الڪرام ص 353

[16]. ايضا، ص 154

[17]. ايضاً، ص 171

[18]. تحفته الڪرام، ج 3، ص، 65-166

[19]. ايضاً ص 171

[20]. ايضاً

[21]. ايضاً ص 174

[22]. ايضاً ص 186

[23]. معصومي ص، 205 ۽ تحفة الڪرام، ج 3، ص 142

[24]. تحفة الڪرام، ج 3، ص 252

[25]. ايضاً ص 189-190

[26]. ايضاً ص 147

[27]. ايضاً ص 163

[28]. تحفته الڪرام، ج 3، ص 154

[29]. ايضاً ص

[30]. ايضاً ص 171

[31]. ايضاً ص 174

[32]. ايضاً، ص 352

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com