سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: شاهه ڪريم جو ڪلام

 

صفحو :16

هن سرزمين ۾ ڪيترائي بزرگ ٿي گذريا آهن، جهڙوڪ: درويش صالح، پير لاکو، شيخ اسماعيل، شيخ راڄن، شيخ مغل ڀين، شيخ ابڙو هالائي، پير ڪجريو، شيخ لال، مخدم جلال محمد، قاضي، قطب الدين وغيره.[1] پير لاکي بابت آيو آهي، ته سندس مزار تي جيڪڏهن ڪو ڪوڙو قسم کڻندو هو، ته رت ٿي ڇڙندو هو. شاهه ڪريم سندس مزار تي اچي چيو هو: اي لاکا! ماڻهن حياتيءَ ۾ شوخي ۽ ڪاوڙ ڇڏي ڏني، پر تون مرڻ کان پوءِ به نه ٿو ڇڏين“ ان کان پوءِ اها ڳالهه بند ٿي ويئي.[2]

ڳاهوٽ: بٺوري پرڳڻي جو مشهور ڳوٺ هو. ”حسن سهتو“ هتي ڪامل ولي ٿي گذريو آهي.[3]

نارو: ٺٽي جي ڀرسان هڪ قديم ڳوٺ هو.[4]

ناياهو: نيرن ڪوٽ پرڳڻي ۾ هڪ ڳوٺ هو. درويش ”بادو“ هتي اهل الله ٿي گذريو آهي. مخدوم نوح جو همعصر هو.[5]

نصرپور: سلطان فيروز سنه 751هه ۾ ”نصر“ نالي هڪ امير کي درياءَ جي ڪناري تي هڪ قلعي اڏڻ جو حڪم ڏنو. اهڙيءَ طرح هي شهر آباد ٿي نصرپور جي نالي سان مشهور ٿيو. درياءَ جي ڪناري تي هجڻ ۽ باغن جي گهڻائيءَ جي سبب شهر هڪ خوبصورت ۽ وڻندڙ تفريح گاهه ٿي پيو.[6]

شاهه بيگ جي وفات کان پوءِ سندس  پٽ شاهه حسن نصرپور ۾ تخت نشين ٿيو.[7] مرزا غازي بيگ ترخان جي ڏينهن ۾ جڏهن ابوالقاسم سلطان باغي ٿيو، تڏهن مرزا نصرپور وٽ ساڻس مقابلو ڪيو. ترخاني سردارن ساري سنڌ مان هن سرزمين کي پنهنجي رهائش گاهه لاءِ پسند ڪيو.[8]

شهر جي سرسبزي جو دارومدار درياهه تي هو. انهيءَ ڪري جڏهن درياهه رخ ڦيرايو، ته شهر جو اوج گهٽجي ويو. تحفة الڪرام جو بيان آهي، ته ڪجهه سالن کان درياهه انهيءَ پاسي (نصرپور جي پاسي) کان رخ ڦيرايو آهي، جنهن ڪري اتي جا باغات ويران ٿي ويا آهن، ۽ باغن جي جاءِ تي ڪلر پيو پسجي[9]

هن سرزمين ڪي ئي عالم، فاضل ۽ بزرگ پيدا ڪيا آهن. شاهه لطيف جو وڏو معاصر ۽ سنڌي زبان جو اعليٰ درجي جو شاعر شاهه عنات رضوي هتان جو هو. ويجهڙائي واري دور ۾ هتي ”مصري شاهه“ سنڌي ڪافيءَ جو باڪمال شاعر تي گذريو آهي. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي عالم، فاضل ۽ بزرگ ٿي گذريا آهن، جهڙوڪ: قاضي خيرالدين، شيخ محمدو عرف شاهه سيستان قادري، شاهه هاشم رضوي وغيره[10].

نصريو: بٺوري پرڳڻي ۾ هڪ ڳوٺ هو.[11]

نيرون ڪوٽ: قديم زماني ۾ سنڌ جي هڪ راجا ”نيرون“ نالي هي شهر ٻڌايو. فتحنامي عرف چچ نامي موجب: نيرون ڪوٽ ڇهين صدي عيسوي ڌاري راءِ گهراڻي جي حڪومت ۾ برهمڻ آباد جي گورنر جي هٿ هيٺ هو ۽ منجهس قلعو هو.[12] ان مان معلوم ٿئي ٿو، نيرون ڪوٽ قديم زماني کان آباد هو. محمد بن قاسم جي فتح وقت، يعني اٺين صدي عيسوي جي ضروعات ۾ به هتي قلعو هو. محمد بن قاسم جڏهن ديبل فتح ڪري اڳتي وڌيو ته نيرون ڪوٽ وٽ پهتو. نيرون ڪوٽ جو حاڪم ٻڌ ڌرم جو پوئلڳ ڀنڊرکو شمني هو. هن اڳ ۾ ئي حجاج بن يوسف سان خط و ڪتابت ڪري، امان جو پروانو حاصل ڪيو هو. جڏهن محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ پهتو، ته نيرون ڪوٽ جي حاڪم امان جو پروانو موڪلي، ساڻس صلح ڪيو، قلعي جا دروازا کولاريائين ۽ محمد بن قاسم جو آڌر ڀاءُ ڪري کيس. وفاداريءَ جو يقين ڏياريائين.[13] محمد بن قاسم کيس سروپاءِ پهرائي عزت بخشي، ۽ مٿس گهڻيون مهربانيون ڪيون. ان کان پوءِ محمد بن قاسم قلعي ۾ مسجد ٺهرائي[14].

ڏهين صديءَ عيسويءَ جي عرب سياحن، جهڙوڪ: اصطخري، ابن حوقل ۽ مقدسيءَ جو بيان آهي، ته نيرون ڪوٽ جو قلعو ديبل کان منصوره جي شاهي رستي جي وچ ڌاري واقع هو، پر البت منصوره کي ويجهو هو. ارغونن ۽ ترخان جي دور ۾ يعني 16 ۽ 17 صدي عيسوي ۾ ”نيرون ڪوٽ“ ڏانهن اشارا ملن ٿا.[15] ڪلهوڙن جي دور تائين هي هڪ ننڍو ڳوٺ وڃي بچيو هو، تانجو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي 1182هه برابر 1759ع ۾ قديم قلعي جي مٿان نئين قلعي ٻڌائڻ جو ڪم شروع ڪيو. ميان نئين قلعي تي نئون نالو رکيو: ”حيدرآباد، ۽ پنهنجو رهڻ جو هنڌ بنايو. اهڙيءَ طرح سان ڪلهوڙن جي زماني ۾ نيرون ڪوٽ، نئين روپ ۽ نئين نالي حيدرآباد سان سنڌ جي گادي جو هنڌ بنيو. ميرن جي دور ۾ به گاديءَ جو هنڌ هو. انگريزن، ڪراچيءَ کي گادي بنايو، پر حيدرآباد جي حيثيت به قائم رهندي آئي.

ونگو: چاچڪن جي سرڪار کان مٿي، هڪ جهونو ۽ معروف ڳوٺ هو، ۽ هڪ الڳ سرزمين هئي. درويش چرڪس ولد ”ڏنو“ سرڪي هتي جو مشهور اهل الله ٿي گذريو آهي.

هالا ڪنڊي: هالا سنڌ جي هڪ قديم قوم جو نالو آهي، جيڪا هن سرزمين ۾ رهندي هئي. ڪنڊ جي معنيٰ آهي: تلاءُ. هاڻوڪن پراڻن هالن جي ڀرسان هڪ تلاءُ هو، جنهن جي ڀرسان هالا قوم پنهنجي رهڻ لاءِ ڳوٺ ٻڌايو انهيءَ ڪري ڳوٺ تي نالو پيو ”هالا ڪنڊي“. ان ڳوٺ جي بلڪل لڳ ”ٽوڙي“ نالي ڳوٺ هو، جتي حضرت مخدوم نوح جا وڏا اچي رهيا هئا. مخدوم نوح به ان ڳوٺ ۾ ئي تولد ٿيو. هالا نوان مخدوم نوح جي اولاد مان مخدوم مير محمد 1140هه ۾ ٻڌايو، ڇاڪاڻ جو هالن پراڻن کي ٻوڏ جو خطرو هو. ٻوڏ جي خطري جي ڪري مخدوم ميرمحمد پنهنجي بزرگن جي جسم مطهر جون صندوقون کڻائي اچي نئين شهر ۾ مدفون ڪرايون، جتي مخدوم نوح جي فرزند مخدوم حامد جو مقبرو اڳ ئي موجود هو. نئين شهر تي ”مرتضيٰ آباد“ نالو رکيو ويو، پر جيئن ته هي شهر ”هالا“ جو بدل هو، تنهن ڪري هن تي عام نالو ”هالا نوان“ ۽ پراڻي شهر تي ”هالا پراڻا“ مشهور ٿي ويو. حضرت مخدوم نوح جو لاش مبارڪ 1250هه مطابق 1790ع ۾ نون هالن ۾ آڻي مدفون ڪيو ويو. موجوده مقبرو سندس اولاد مان پير محمد زمان ٺهرائڻ شروع ڪيو ۽ مير فتح علي خان ٽالپر مڪمل ڪرايو. حضرت مخدوم نوح جي مقبري لڳ مخدوم پير محمد جو مقبرو آهي، جيڪو پڻ مير فتح علي خان ٽالپر 1795ع ۾ ٺهرايو. ڀرسان واري مسجد 1222هه ۾ مير ڪرم علي خان ٽالپر جوڙائي. پراڻا هالا، نون هالن جي ڏيڍ ميل اولهه ۾ آهن.

هٽري: بٺوري پرڳڻي ۾ هڪ ڳوٺ هو.

بيان العارفين ۾ آيل درياهن جا نالا

پراڻ: ٻه پراڻ هئا: الهندو پراڻ ۽ اڀرندو پراڻ. هي شاخون مهراڻ (سنڌو درياهه) مان نڪري،هاڪڙي درياهه ۾ پونديون هيون، جنهن جو نالو ماموئي جي بيتن ۾ آيل آهي.[16]

هاڪڙو قديم زماني ۾ اڀرندي، پنجاب، اتر راجپوتانا ۽ ٿرپارڪر ضلعي کي آباد ڪندو هو. هاڪڙي جو ٻيو نالو ”وهندو“ به هو. هي، سنڌو درياهه کان جدا درياهه هو، ۽ ”انباله“ کان مٿان هماليه جي شاخن ”سيوالڪ“ جبلن مان نڪري، اڀرندي پنجاب، بيڪانير ۽ سنڌ جي اڀرندي حصي کي پنهنجن شاخن وسيلي آباد ڪندو هو، ۽ لکپت ڪوريءَ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هندن جي ڏند ڪٿائن موجب: هاڪڙو، سر سوتي، دروشاد تي ننديون مهاڀارت جي زماني ۾ يعني 1400 ق سڪي ويئون. پر هاڪڙي جون ڪي شاخون عربن جي زماني تائين موجود هيون، جن کي سنڌو درياهه مان پاڻي ملندو هو. هاڪڙي جي ويران ٿيڻ ڪري، ٿر ”بر“ ٿي ويو. موجوده سکر بئراج جو واه ”اڀرندو نارو“ هاڪڙي جي قديم پيٽ مان وهي رهيو آهي. ڦٽل هاڪڙي جا آثار سکر، خيرپور ۽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ اڄ به موجود آهن. اتريون ۽ الهندو پراڻ، سنڌو درياهه مان نڪري ونگاهه جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ هاڪڙي ۾ ڇوڙ ڪندا هئا. اترئين پراڻ جي ساڄي ڪپ تي ونگاهه، سندري، علي بندر، ۽ الهندي پراڻ تي سومرن جو پهريون تخت گاهه ”ٿري“ اگهماڻي، ۽ ”ڍرڪ“ جا وڏا شهر هئا. انهن شاخن ۽ خود هاڪڙي جي ذريعي سنڌ جي شهرن جو ڪڇ جي بندرن لکپت، ڪوٽيشور ۽ نارائڻ سر سان واپار هلندو هو. پراڻ ۾ ڪلهوڙن جي زماني تائين ڪجهه قدر پاڻي موجود هو. 1763ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ڪڇ جي راءِ کان سندري، بستا ۽ لکپت جا بندر فتح ڪري، ٿر کي آباد ڪرڻ لاءِ ”موري“ وٽ پراڻ کي بند ڏياريو هو، جو 1819ع جي زلزلي ۾ ڊهي ويو. پراڻ جا ڦٽل آثار اڄ به ٿرپارڪر ضلعي ۾ موجود آهن.

ريڻ: ٻنهي پراڻن جي الهندي ۾ ”ريڻ نالي هڪ وڏي شاخ هئي، جا سنڌو درياهه مان نڪري، موجوده سکر، گهوٽڪي، حيدرآباد، سانگهڙ ۽ ٿر ضلعن مان وهي ڪڇ جي رڻ ۾ ختم ٿيندي هئي. هن شاخ تي جوڻ ۽ فتح ڳڙهه جا شهر هئا، جي باغات ۽ سرسبزيءَ کان مشهور هئا. ارغونن جي زماني ائين پراڻ ۽ ريڻ وارين شاخن ۾ پاڻي جام هوندو هو، جنهن ڪري ”چاچڪان“ جو علائقو زرخيزيءَ کان مشهور هو، شاهه حسن ارغون هي علائقو، همايون کي ڏيڻو ڪيو هو، جڏهن همايون سنڌ ۾ آيو هو. انهن شاخن ۾ پاڻي ايترو جهجهو هوندو هو. جو ”سندري“ قلعي جي پسگردائيءَ ۾ سارين جي پوک ٿيندي هئي. آخر هنن شاخن جو پاڻي سڪندو سڪندو، سڪجي ويو، ۽ ماموئي درويش جي هيءَ پيشنگوئي پوري نڪتي.

اچي ويجها ماڙهئا، ننگر جي آڌار

پراڻا پرار، نوان مَ اڏج نجهرا

سانگهڙو: هيءُ به هڪ شاخ هئي، جا سنڌو درياهه مان نڪري، ”هاڪڙو“ ۾ پوندي هئي. نصرپور جو شهر به هن شاخ تي هو.

شاهه ڪريم جا بيت
 

(1)

اِنَ در سندي مڱڻي، اڳي اِيءَ مَ هيرَ،

جِئَن ڊگها ڪري پيرَ، سڄيون راتيون سُمهين.

(2)

تون چَؤُ الله هيڪَڙو، وائي ٻي مَ سِکُ،

سچو اکر من ۾، سوئي لکِئو لِکُ.

(3)

ڌَڪين ڌات پئو، هينئڙو لُہَ سنداڻَ جِئَن،

سنڀاري کي سَڄَڻين، ورڄي تان نه وِئو.

(4)

[17] چرئَنِ جَئَنُ چت ڪري، سَگُ سڀيئي ڇِنُ

جي ڀائيين پريءَ مِڙان، ته مَتِ مُوجي ڳِنُ.

(5)

پريان سندي ڳالڙي، جيڪو ٻئي ڪري،

مَتِ موجي ڪن ڪري، تي کي جاب مَ ڏي.

(6)

وائي ٻي مَ ڀُلُ، مروئان، موران پَکَڻا،

بلا، سندو سَڄَڻين، هو هُلاچو هُل.

(7)

متيون ميڙي کانءِ، واچا کِجي وِچِ پَؤُ،

جو تو سائر ڀائيو، سو هُرُٻو ئِي ناهه.

 

(8)

هنيون ڏجي حبيب کي، لِڱ گڏجن لوڪ،

کڏيون ۽ کَروتون، ايُ پڻ سڳر ٿوڪ.

(9)

وهاڻِي ئي وڃ، تو نه سرندي تَنِ ري،

تان سا وڃي ڀڃ، پيئي جا ڪاڻِ پرين سي.

(10)

جي جاڳندي من ۾، سِتي پڻ سيئي،

مَنُ پريان نيئي، ٻَڳهِيو پاڻ ڳري.

(11)

مُٺِ ڀيڙيائي ڀلِي، جُہُ اُپَٽي ته واءُ،

جُہُ پَڌَرِ وِڌي ڳالَڙي، ته ڇڏي وڃي ساءُ.

(12)

پاڻيهاري سَڀَ ڪا، جا سِرِ گهڙو ڌري،

ڪا ليءِ سَندي سَڄَڻي، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري.

(13)

وَرُ وِسَري ته ڪوهه، پر وَرُ نه وِسَرِئوسِ،

ڪو چُوَندو ڪڏهين، ته اڱڻ اوندا هوس.

(14)

پاڻيهاري سِرِ ٻَهَڙو، جر تي پکي جِئن،

اسان سَڄَڻُ تِئن، رهيو آهي روح ۾.

(15)

اسين تِئان آئيون، جت کُونبو ناهِه،

وَڃَهون جي وِياه، ته پُڻِ مٿهون لوئيون.

(16)

پنجين ڊرمين ڊرم، ڪڍجي کي سَڄڻين،

ته پُڻِ توهين کِٽئو، جي سو سَرُءِ ڪم.

(17)

جي مون سَڏَ ڪِئا، ڀنڀوران ٻَهار ٿي،

جي سي پِريءَ سُئا، ته هوند نه وِئا نِڪَري.

(18)

وَرُ سا سڃي ويڙِ، جتي سڄڻ هيڪَلو،

سو ماڳوئي ڦير، جتي ڪوڙِ ڪُماڙُوئين.

(19)

جي تجريدا نِڱئا، پيٺا ۾ تفريد،

ڪِنين ڪڏهين ٿئي، هِنِين ڏِياڙي عيد.

(20)

ڀنڀوران ٻه ٿوڪ، ڪِہِ نه نئا پاڻ سين،

سِڪِڻُ سُپيريَنِ سين، ٻئو لاڳاپوسين لوڪ.

(12)

وِنگا وَرَ پاڳُنِ، گهور اُبَتيِ گهوٽيين،

سينگِڙين ڀَرُ ڏِئو، وئا ڪَچُ چرنِ.

(22)

نِيہُ نياپي نه ٿِئي، سَڌَين سيڻَ نه هُوّنِ،

ڪَارين راتين رت ڦڙا، جان جان نيڻ نه رُوّنِ.

(23)

پِيرِين پاڻُ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هو لَہُ،

تُها ڌار نه سُپَرين، مُہُ مَنجهين پاءِ.

(24)

مجازي مَ مِٽَ ڪر، اکيون اِيَ مَ ڦير،

هارِي حقيقتن جي، پڇي ٿيين نه پيرِ.

(25)

اي مجازي ماءِ، جي تو ڀائيا سُپَرين،

هاري حقيقي پرِي، ڪچو ڪوهُه ٿِئامِ.

(26)

هي ڪَنَ گاڏَهان وِڪَڻِي، ڪن ڪي ٻئا ڳينج،

سندي پران ڳالڙي، تِنِين سين سُڻيج.

(27)

ڪرها ڪامئا، جَرُ اَلِئو ڇو نه پِيو ۽،

مون آن گهڻو سِکارِئو، وَسا لڌو نه هوءِ.

(28)

مُنڌَ مَ مَنَہِ ويهه، اُڀي اوسَڙَڪِ اُسَ ۾،

تو سيئي سيڻ ڪِئا، ڏور جِنين جو ڏيهِه.

(29)

جي لياڪا لوڪ ڏون، جان جان سي نه لِتاءِ،

تان تان ٿئي نه ماءِ، پورو پَسَڻُ پِري سين.

(30)

امڙ کُوءِ گَهرِوءِ، مُنهان ساٿَڙو وڃي نِڱئو،

هنيڙو ڏيئي وَٽِ جِئن، مون جِئن تا نه ٻَروءِ.

(31)

چوريَ پاهَتُ ڳُجَهه سين، پَڌَرِ ناهه اَرَٿُ،

پيرين پاڻ لڪائين، تِهان پوءِ وَٿُ.

(32)

سِڪان جي نه سُڻين، پاراڀا پريءَ جا،

سي ساٿي نه ٻُجَهڻا، جي تِنين کي ڏين.

(33)

ڳالِ اُو هيڪَڙي، جا مون ڪالَ ڪِئي،

ڀينر ڪمِ ڀُڪَٽِئو، ٿيندي تان نه ٻئي.

(34)

تُند مَ ٿاءِ ڪَٿاءِ، ٻوڏ چوني جِي چَؤُ،

جي ڀائين پِرِي مڙان، ته ڏوهنُون ڳنَ پاءِ.

(35)

فڪر ڪر ڦَڙَڪِيين، وَرَ وِنگائي پاءِ،

جا تون اندر کاءِ، سا معلوم محبوب کي.

(36)

ڪاڻياريون ڪِيَ ڪَنِ، عمر اڇا ڪَپڙا؟

جِني جا ٿَرَنِ ۾، وَرَ ٿا ويڻ سَهَنِ.

(37)

متارڪا ڳَڀَرو، گَرَٿُ نه ٻڌنِ گوڏ،

آئيا اڱڻِ هوڏِ، سِرُ ڏِئو سَرو پئن.

(38)

جا تو گهيڙي گَهٽِ، ماڪَرِياڙِي مَڇَڙا،

اُنَ ڪنڍيءَ ڪڍي ڪيترا، نيئي پڇاڙئا پَٽِ.

(39)

ڏورا پَسي ڏُورِ، جي وِئين وِهَرو ڪري،

ماڪَرِياڙي مَڇَڙا، هُندَ نه وِڌين هور.

(40)

[18]ڪنز قدوري ڪافيا، جي پڙهي پروڙئين سَڀُ،

ته ڪَرَ منڊي ماڪوڙي، کوهه ۾ پيئي ڪڇي اُڀُ.

(41)

جيڪي گهران مَ وَڃُ، جيڪي موٽُ مَ سوهَڻي،

هيڪَڙيائي هَٿِ ڪَرِ، ٻُيون ڀيري ڀَڃُ.

(42)

سوئي هيڏاهه، سوئي هوڏاهه، سوئي مَنِ وَسي،

تِنهِين سندي سوجَهري، سوئي سو پسي.

(43)

جي پُڇَڻا، سي نه مُنجَهڻا، جي پڇن سي وِيرَ،

جو لَکَڻُ منج ماڙوئين، سو مَکَڻُ منج کير.

(44)

ڇاڇَرِ ڇُڳيرَنِ، گُهورَ نه اچي گهاتوئين،

اَکيون اُنين سَندَيون، ڪَڏا ڪرون پڇن.

(45)

هنج تتهين هوءِ، اُوني ۾ اوڙاهه جو،

اِيُ ڪانرو ڪوءِ، جو ڇَاڇَرِ ۾ ڇيرون ڪري.

(46)

جي اُتَرِ جي لاَهه، سڄڻَ سَڀَ پَرَکِئا،

ري پاجي کَٽئي، سُڀَرُ ٻري نه باهه.

 

(47)

قرب ۽ ڪِبرياءَ، ماءِ ملاقي نه ٿئي،

صوفيءَ جو صلح ۾، پورو اِيُ پِرياءُ.

(48)

سَڄَڻ جان سَهُو، ته ڪر روح رُچَنديُون،

سندو ڪاٺ ڪَهُو، ڀُتُوئي ڀَرُ سهي.

(49)

پَرِ ۾ پَچِي پِرِيءَ کي، پَسَجي پَرَڏيهه،

جِتي ساڄَنُ سُپجي، ساهه کي سو ساڙيهُه.

(50)

سَڏَ نه سلامي ٿئا، وَهِيءَ نه وَرئا جي،

هاڻي تِنين کي، ناهِه ماڳُ ملير ۾.

(51)

پاڻيءَ اُتي جهوپَڙا، مورکَ اُڃَ مرن،

دانهون ڪنِ مُٺَنِ جئن، دَمُ ته سڃاڻن.

(52)

سوئي صلح سَڄَڻين، سوئي ڦوڙائونِ،

والله خيرالماکرين، اِيُ هِيُ ميڙائون.

(53)

ڪاڪ وَڻَنِ ساڻُ،، اوٺيين نه اورڳي،

جي گُڻَ هُوّنِ گهڻا، ته به راڻا توءِ رُئندا وِئا.

(54)

جاڳي جاڳي سسئي، جان هيجا هَٿَ وِڌاءِ،

تان سڃي سيج پِريءَ ري، پُنو پَٿَرِ ناهه،

نڪرندي چُئاءِ، گهوڙا گَهرِ نه سپرين.

(55)

مورِکَ مورِ نه ٻُجَهڻا، هيڏا هوڏا ڪَنِ،

ڪَٽَرُ جن اکين ۾، سي ڪِيَ پِرِي مِڙَنِ.

(56)

ساڪيئو سائي ڪَنِ، سُپَريان جي ڳالَڙي،

هيڪَڙائي سکئا، ٻي نه اُڄهي تَنِ.

(57)

پنندي پرين سين، ويلا ڪندي وَتُ،

ڪو پائيندُءِ مانيون، ڪو پائيندُءِ ڀَت و.

(58)

ڏوهه نه ڏَمَرِئوءِ، ڏِٺوءِ جي ڏاتار موهه،

ماڻڪين هَٿَ ڀري، پاڻا آڏو اُسَرِئوءِ.

(59)

متو واهڻ ڪُنَ ڪري، سنبويين ساڄَ،

پِرِي نه پِئا ڀَنَ ۽، مون پائيندي واجَهه.

(60)

صورت ليکي هت، معنيٰ ليکي ماروئين،

عمر مون جي چت، اوطاقون ٿرن ۾.

(61)

جُوري اُتي جَنِ، داغ تُهجو داسڙا،

تون ڪِئن مٿا تَنِ، چنيسر چت کڻين؟

(62)

ڪلاچيِ ڪُنا، موٽي ڪونه آئيو،

ڪِنين رَڇَ وڃائيا، ڪنين توبهه تاءُ.

 

(63)

ڪُن ڪلاچي پارِ، سَڏُ نه سُڄي ساٽيين،

گهاتوئين سندا مَڪَڙا، ڪي تڙِٻي نهار.

(64)

ڳورِيءَ ٻي نه تاتِ، مِهار ئي مَنَ ۾،

جو پُڻُ پيئي راتِ، ته هو سائِر هوءَ سوهڻي.

(65)

هوتُ نه ڏٺائون، ڏوهُه نه ڏان جيڏيين،

مٿي ڪري هَٿَڙا، مون جِئُنَ رتائون.

(66)

مجاڪِئا مُهانِ، ڪلين مٿي ڪيترا،

سَپَڙُ ڄام سيڻانِ، ويهي رات وِرُوهيو.

(67)

ڪِہِ سَرَ سندا هَنجَڙا، ڪٿي ٿا لَمَنِ،

ٻجا مانَ پون، مَنَ اُڏامن مَن ۾.

(68)

آيل، سوهڻو رَڏُ، سوهڻي ڪامَ وِسَهي،

ستي هُئڙا گَڏ، جان جاڳان تان ناهِه پِرِي.

(69)

ڏيهُه ڏِهائين ناهه، جتي پير نه پکئا،

تتي کاهوڙيان، وَرَ ڏيئي وَڻَ چونڊيا.

(70)

مون پريان جا پَکَڙا، تِها پَري ٿئا.

(71)

پاٺيون جان نه ڪَجِنِ، روئي ڌوئي اکَڙيون،

جَرُ ڪُڄَرُ جن اکين ۾، سي ڪِئَنَ پِرِي پَسَنِ.

(72)

[19]لا مَ لوڌي ڪَڍُ، الا مَ لاهِه لِکَ سين،

جو مظهر سندو ماڙوئين، تِہِ کي ڪربين وَڍُ.

(73)

سائر ڏي نه لَتَ، اوچي نيچي سڀ ڪِنهِن،

نابودي نه ٿئي، اِي ناديدي جِهَتَ.

(74)

ڪاجا پَرِ پِرينِ، نه سا ٻُڌي نه سُئي،

متيون سَڀِ مُنجهن، اِهي ڏِٺي قضيي.

(75)

پاڻَ ئي سلطانُ، پاڻ ئي ڏي سَنِيهڙا،

پاڻَ ڪَرَ پاڻَ لَهي، پاڻ سُڃائي پاڻُ.

(76)

اسين سڪَهُون جن کي، سي تا اسين پاڻَ،

هاڻي وَڃُ گمانَ، صحيح سڃاڻا سَپَرين.

[20](77)

توکي توڙائين، لا سين لاٿائون،

اڃا پڻ آئون، واريو وجهين وچ ۾.

(78)

جِہ سَرَ سندو نُورُ، جيلاهه سو سونهون ٿئي،

تيلاهه لَڀَنِ سُپَرين، ڳالِ لهجي مُورُ.

(79)

آهي اُهڃائُو، پيرُ پريان جو جيڏيون،

جِنين ساڃائُو، تِنين ان به پَرُوڙئو.

(80)

سَڄَڻُ ساعٿ هِيڪَڙي، جي ٿِيَنِ اکيئون ڌارَ،

ته ڪَرَ سَڀَ ڄمارَ، ڏٺوسين نه ڪڏهين.

(81)

هنيون نه حاضُرُ جِنِ، پِري نه اکَڙِيَنِ ۾،

ٺلها ڍنڍا سکَڻا، هِيئين جاڙ جين.

(82)

انهيءَ ۾ آهي، جي تون ڀائيين جهوپَڙا،

تاڙي جي لاهي، ته چارو لوڪَ ٿِئي.

(83)

مُہُ ڪَرِ منجاران، ٻَهَرِ ڍونڍِ مَ ڍورَ جِئَنُ،

اُڪَرِي آرارا، ڪنڍِي پُڄَڻَ ڏاکَڙا.

(84)

تون ڏانُ، توتي ڏاڻُ، هي پاڻ اُتي مَڱڻو،

اهو پارين اَسئو، ڪو چئي وڃائي پاڻُ.

(85)

جهوريرا جُهڻِڪَن، مٿي مبين مڱڻا،

سَپَڙَ راتِ سڱِڻا، ڏکيا ڏينہ ڏسن،

گَهرِ ٿا گهوٽ وڃن، چندا لٿي چارڻين.

(86)

تان ڪي ڳوري ڇُلُ، جان لاڙائو سڄ ٿئو،

هاڙهي ڌاري هُلُ، وڃي هوتن جو ٿئو.

(87)

مجازي موهي، ڪڏهن ويندءِ نِڪَري،

اکَڙيون توهي، مَڇَڻُ وِهين وِسَهي.

(88)

ويساهه وارن لنگهئو، اَويساهن تار،

ملو وڃي ڪُنَ ڪَرَ، تون ڪُنِرَ ڪوڏِ نهار.

(89)

چارَئي پلوءَ چڪَ ۾، اديون مُون آهين،

ڀانئڻ جي ڀائَينِ، سي ترڪَنِ تڪَڙي.

(90)

مون ڏورائين لکئا، ته هي گهاتوئين وياءُ.

[21]هن بيت جي ٻي ست (ستون) مل نه سگهي آهي.

(91)

خرقان خوش ڪري، اچي ويٺاسون،

جائين ڏني حسن کي، تائين ڏيندهين مون.

(92)

اِيَ ڪچائي منج تو، جو تو ڀائيو ڪَچُ،

جيڪي سندو سَڄڻين سو سڀوئي سَچُ.

قاضي قاضن جا بيت

(1)

سَڄَڻَ منج هُئامِ، مون اٿي وئا اوٺيا،

هيڏانہ هوڏانہ هَٿَڙا، هُنئين جاڙَ وِڌامِ.

(2)

ڪَنّزُ قُدوري ڪافئا، ڪِ ڪين پڙهئومِ،

سو پارئي ٻِئوڪو، جِئان پِرِي لڌومِ.

(3)

لوڪان نَحوَ صرف، مون مطالعو سُپَرين،

سوئي پڙهئو سوئي پڙهان، سوئي سو حرف.

(4)

سيئي سيل ٿئامِ، پَڙئامِ جي پاڻان،

اکر اڳيان اُڀَرِي، واڳون ٿي ورئامِ.

(5)

سائر ڏيئي لت، اوچي نيچي ٻوڙِئي،

هيڪائين هيڪُ ٿئو، ويئي سڀ جِهَت.

(6)

”لا“ لاهيندي ڪن کي، ”لا“ موراهين ناهه،

”بلا“ ري پريا ڪِٿِ نه ڏسي ڪو ٻئو.

(7)

جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،

تِهان پوءِ ٿئوسِ، سندي پريان پيچري.

 

نوٽ: شاهه ڪريم جي بيتن مان بيت نمبر 40، 76 ۽ 77 به قاضي قاضن جا معلوم ٿين ٿا. انهيءَ لحاظ کان بيان العارفين ۾ قاضي قاضن جا ڏهه بيت آيل آهن.

ٻين شاعرن جا بيت

(1)

ڦِٽيون ڪَرِ ڦَڙَڪيون، وَرَ ونگائي پاءِ،

جا تن اندر کاءِ، سا معلوم محبوب کي.

(2)

ڪارين ڪَنين ڪَڪَڙا، ڪَرَهَه ولاڙ وڃن،

ويلو ڪن نه وچ ۾، نه اوڳار ڀڃن.

(3)

چندن چور ڪريندي، رَتو مُنہ ڪُهاڙَ،

سَڄَڻ ڏُڄڻ نه ٿيي، جي رسي سَؤُ وارَ،

پَروڙئو پراڙَ، ته ڪرهيندي قرب ٿيي.

(4)

وائي وڃيم شالَ، ۽ ڪنين سين ڪِيمَ سُڻان،

جي ڀلو ڪري ڀالَ، ته اکين سين انڌو ٿئان.

(5)

اکڙيون ملير ۾، جنين راتو ڏينہ،

عمر آسائن سين، هاڻي ڪندي ڪِيءَ.

(6)

چارئي پلوءَ چِڪَ ۾، پڇي پارِيَرَ وٺ،

اِن اهڙي احتياط سين، ڦٺ پڃاڻا ڦِٺِ.

 

ڪم آندل ڪتاب

نوٽ: بيان العارفين جي قلمي ۽ ڇاپي نسخن ۽ شاهه ڪريم جي ڪلام متعلق ڇپيل ڪتابن جو تعارف اڳ ۾ اچي چڪو آهي. انهن کان سواءِ ٻيا ڪيترا ڪتاب خاص طرح سان هيٺيان سامهون رهيا:

شاهه جو رسالو: ڊاڪٽر گربخشاڻي، 3 جلد (سال 1923، 1924 ۽ 1931ع)

لطف اللطيف: مولانا دين محمد وفائي، ڪراچي، 1951ع

پيغام لطيف: جي. ايم. سيد، اداره انسانيت حيدرآباد.

تاريخ معصومي: (سنڌي ترجمو): سنڌي ادبي بورڊ، 1953ع

تحفة الڪرام: (سنڌي ترجمو): سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع

چچ نامہ (سنڌي ترجمو): سنڌي ادبي بورڊ، 1954ع

جنة السنڌ: مير رحيمداد خان مولائي شيدائي، 1957ع

سنڌي ادب جو تاريخي جائزو: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، 1974ع

لغات قديمي: مرزا قليچ بيگ، 1924ع

تحقيق لغات سنڌي: ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، 1955ع

غياث اللغات: مولوي غياث الدين، 1941ع

فصوص الحڪم (اردو ترجمو): محي الدين ابن عربي، ڪراچي، 1968ع

ملفوظات رومي (اردو ترجمو فيہ ما فيہ): 1956ع

مثنوي مولانا روم (اردو ترجمه سان)، لاهور

آداب المريدين (اردو ترجمو): ابو نجيب عبدالقاهر سهروردي

ڪشف المحجوب (اردو ترجمو): مخدوم علي هجويوي داتا گنج بخش، فيروز سنز، لاهور، 1972ع

لطائف لطيفي (فارسي): مير عبدالحسين سانگي، 1967ع

هندستاني_ انگلش ڊڪشنري: جي. ٽي پلئٽس، 1983ع

ڪاشف الغموض: آخوند فتح محمد، 1888ع


[1]. ايضاً ص 621

[2]. ايضاً ص 437

[3]. ايضاً، ص 435

[4]. ايضاً، ص 621

[5]. ايضاً ص ، 445

[6]. تحفته الڪرام، ص 394

[7]. ايضاً ص 146

[8]. ايضاً 494

[9]. ايضاً ص 394

[10]. ايضاً ص 394 کان 402

[11]. ايضاً، ص 425

[12]. فتح نامه عرف چچ نامه، سنڌي ترجمو: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ- سال 1954ع، ص 21-22

[13]. ايضاً ص 188

[14]. فتح نامه عرف چچ نامه: سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد- سال 1954 ص 188

[15]. ايضاً ص 188

[16]. هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻند ڌا روڙ، به مڇي ۽ لوڙهه، سمين ويندي سوکڙي.

[17]. ٻي موقعي تي هيءَ سٽ هن طرح به چيائين:

”اُٿي ڄُلُ چَرئن جِئن، سِڱ سڀيئي ڇِنُ.“

[18]. هي بيت مضمون، سٽا ۽ تسلسل جي لحآظ کان قاضي قاضن جو معلوم ٿئي ٿو. البت قاضي قاصن جي بيتن ۾ نه ڏنو ويو آهي.

[19]. اڳتي هلي هي بيت ٻيو ڀيرو به آيو آهي.

[20]. بيت 76 ۽ 77 جو ترجمو بزرگن جي قديم تذڪره گلزار ابرار ۾ ڏنل آهي، ۽ انهن کي قاَضي قاضن جا بيت ڪري ڏيکاريو ويو آهي. انهيءَ ڪري هي ٻه بيت قاضي قاضن جا سمجهڻ گهرجن.

[21]. هن هيت جي ٻي ست (ستون) ملي نه سگهي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com