سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: روميءَ جون رهاڻيون

باب: --

صفحو :2

 

 

ٻڪرار ۽ حضرت موسيٰ عليہ السلام

حضرت موسيٰ عليه السلام هڪ ڏينهن جهنگ جو سير ڪندو پئي ويو ته، کيس ڏسڻ ۾ آيو ته هڪ ٻڪرار، مٿي پيرين اگهاڙو اڀوئي اُڀو بيٺو آهي ۽ دل جي شوق ۽ زباني ذوق سان پيو ٿو چوي، ياالله! مون کي ڏاڍي سڪ آهي، ته آءٌ تنهنجو مبارڪ منهن ڏسان، تون مون سان ڳڻن ڀريون ڳالهيون ڪر، تون اچي منهنجي ڀرسان ويهه ته مان تنهنجي جتيءَ کي ٽوپا ڏيان، تنهنجي وارن کي ڦڻي ڏيان، تنهنجون جُون ڪڍان، تنهنجا هٿ پير ڌوان، توکي وهنجاريان، توکي صاف ڪپڙا ڍڪايان، توتان سؤ سؤ وار صدقو وڃان هي سر گهوري گهمايان. جيڪڏهن تون مون وٽ اچين ته مان هي پنهنجي چادر تنهنجي هيٺان وڇايان، توکي وهاري ٻڪرين جو تازو تازو کير توکي پياريان، جيڪڏهن تون بيمار ٿي پوي ته پنهنجن وانگر تنهنجي خدمت ڪريان، تنهنجي هٿڙن کي چمان، توکي زورَ ڏيئي مٺڙي ننڊ ڪرايان صبح جو ننڊ مان جاڳين ته توکي هٿ منهن ڌورايان، تنهنجي کائڻ لاءِ قورمه، کير، مکڻ ملائي … تيار ڪري توکي پنهنجي هٿن سان گره ٺاهي توکي کارايان… جيڪڏهن تون مون کي پنهنجو گهر ڏيکاري ڇڏين ته صبح شام کير مکڻ اُتي پهچائي وڃان، آءٌ ۽ منهنجون ٻڪريون ٺڪريون سڀ توتان قربان!

حضرت موسيٰ عه ٻڪرار جون اِهي مستانه خبرون ٻڌي، هن جي نزديڪ وڃي کيس چيو ته، يار! اِهي ڳالهيون ڪنهن سان ٿو ڪرين، تون ڪنهنجي دعوت جهلي رهيو آهين …

ٻڪرار چيو ته، مان انهيءَ سان ڳالهائي رهيو آهيان، جو منهنجو خالق ۽ مالڪ آهي، جنهن مون کي ڳالهائڻ لاءِ زبان ڏني آهي، مون کي ٻڪرين جا ڌڻ عطا ڪيا اٿس، جن جو کير منهنجي غذا ۽ جن جي پشم منهنجي پوشاڪ آهي … مان انهيءَ جي دعوت ڪري رهيو آهيان، جڏهن هُو مون غريب جي غربت خانه ۾ تشريف فرمائيندو، ته مان خوشيءَ ۾ ڪين ماپندس، منهنجي عزت ۽ آبرو وڌي ويندي، مگرهن جي شان ۾ گهٽتائي نه ٿيندي…

حضرت موسيٰ عه چيو ته ٻڪرار ! تنهنجو ڪلام سخت گستاخانه آهي، تون خدا سان اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهين … اهو سڀني جو رازق، خالق، مالڪ آهي، هُو کائڻ پيئڻ، سمهڻ سهڙڻ کان پاڪ آهي، هن کي جسم نه آهي، هو سڀني ڳالهين کان پاڪ آهي، هو بي نياز حيّ ۽ قيّوم آهي … جيڪڏهن تون ڪنهن مرد کي فاطمه ڪري سڏيندين، ته هو ڪيتري نه توتي خار کائيندو بس اهڙي گستاخانه ڪالم کان توبه ڪر…

حضرت موسيٰ عه هن غريب ٻڪرار کي اهڙي تنبيه ڪئي جو بلڪل سُسي ويو ۽ چوڻ لڳو ته، اي موسيٰ عه! تون منهنجي زبان بند ڪري ڇڏي، منهنجو وات سبي ڇڏيئه، پشيماني کان منهنجي دل جلي وئي … بس دانهون ڪندو، ڪپڙا ڦاڙيندو جهنگل جو هڪ طرف وٺي روانو ٿيو. وقت جي نبيءَ جي تنبيه کان الله سان پنهنجي هم ڪلامي ڇڏي ڏنائين، پنهنجو ارمان دل جو دل ۾ سانڍي ويهي رهيو. هو ٻڪرار ويچارو اڻپڙهيل هو، پڙهيل ته نه هو جو سمجهي سوچي ڳالهه ڪري ها، ها هن جي دل ۾ خدا لاءِ محبت ضرور هئي، هو پنهنجي محبت جو اظهار ڪمال شوق سان ڪري رهيو هو، خدا کي سندس ذوق شوق ڀريون ڳالهيون ڏاڍيون پسند هُيون، جڏهن هُو انهن کان روڪجي ويو، تڏهن خدا تعاليٰ کي سخت ناگوار معلوم ٿيو، فوراً پنهنجي ڪليم (حضرت موسيٰ عه) ڏانهن وحي موڪليائين، ته تو اسان جي هڪ محبوب کي مون کان جدا ڪري ڇڏيو آهي، اي موسيٰ عه مون توکي انهيءَ لاءِ نبي ڪيو آهي ته تون بندن کي موسان ملاءِ، مگر تون پنهنجي فرض منصبي کي ڇڏي اُلٽي راهه وٺي رهيو آهين، اي موسيٰ مان نيت کي ڏسان ٿو، عملن کي نٿو ڏسان، منهنجي نظر حال تي آهي ۽ نه قال تي. مون کي دلي سوز جو قدر آهي، لفظن جو خيال نه آهي، وڃ ۽ مون کان جدا ڪيل هُنَ ٻڪرار کي وري سندس شغل ۾ مشغول رک. مون کي هو محبوب آهي، هن جون ڳالهيون پسند اٿم …

حضرت موسيٰ عه هي حڪم الاهي ٻڌي جهنگل ۾ آيو ۽ سخت تلاش بعد ٻڪرار کي ڳولي هٿ ڪيائين ۽ کيس چيائين ته، ڀائو تون پنهنجي مناجات ۾ مشغول رهه، مون توکي روڪيو هو، ان جو خيال نه ڪر، مون کي معاف ڪر، تون وري انهيءَ شغل ۾ مصروف رهه.

 

بيت

محبت رکي من ۾ رنڊا روڙهيا جن،

تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو.

 

هڪ ٻڪري ۽ حضرت موسيٰ عليہ السلام

حضرت موسيٰ عليه السلام نبوت ملڻ کان اڳ ۾، ٻڪريون چاري گذران ڪندوهو. هڪ ڏينهن ڌڻ کان هڪ ٻڪري ڌار ٿي پٺتي رهجي وئي هئي. رات تائين جهنگل ۾ ڀٽڪندي رهي، حضرت موسيٰ عه کي ڏاڍو ويچار ٿي پيو، ته جيڪڏهن سڄي رات ٻڪري ٻاهر رهي ته، کيس ڪونه ڪو بگهڙ چيري ڦاڙي ڇڏيندو، ويچاري مفت ۾ مري ويندي … انهيءَ همدرديءَ جي جذبه کان متاثر ٿي، پاڻ سندس تلاش ۾ نڪتو، سڄي رات ڳوليندو رهيو، پير ڪنڊن ڇلي وڌس، تڪليف ۽ ٿڪ کان بدن سراپا درد بڻجي ويس، ٽنگون سڄي ويس … صبح جي وقت هڪ هنڌ ٻڪري مليس … جا پڻ ٿڪ کان هڪ هنڌ ويٺي هئي. جڪڏهن ڪو ٻيو ڌنار هجي ها ته ٻڪريءَ کي مار ڏئي ڦٽائي ڇڏيس ها، مگر حضرت موسيٰ عه ڪجهه به ناراض نه ٿيس، بلڪ پيار سان چوڻ لڳس ته، ٻڪري! ٻڌاءِ ته مون کان ڪهڙي خطا ٿي جو منهنجي ڌڻ کان ڌار ٿي وئيئن. مان مڃان ٿو ته توکي منهنجي پرواهه نه آهي، مگر تو پنهنجي تڪليف جو به خيال نه رکيو … پوءِ ٻڪري جا وارڙا ڇنڊڻ لڳو، منهن تان مٽي لاٿائينس، ٻڪري ٿڪ سبب هلڻ کان لاچار هئي سو پنهنجي جهوليءَ ۾ اهڙي طرح کنيائين جهڙي طرح ماءُ پنهنجي اولاد کي کڻي…

هڪ بي زبان سان ايتري همدردي ڪرڻ جي ڳالهه خدا کي ڏاڍي پسند آئي ۽ فرشتن کي فرمايائين ته ڏسو حضرت موسيٰ عليه السلام جو حوصلو.

سونهين ان کي قوم جي ٿي سروري،

آه بيشڪ لائق پيغمبري.

رسول الله ﷺ جن جو ارشاد آهي ته سيد القوم خادمهم.

نيڪ آهي قوم جو سردار سو

پاڻ کي خادم جو سمجهي قوم جو.

انهيءَ ارشاد نبويءَ تي حضرت ابوبڪر ۽ حضرت عمر رضه عمل ڪيو، ظاهر ۽ باطن ۾ اسلام جو ناماچار وڌايائون، جڏهن کان سنتِ شيخين جو عمل ڇُٽو، تڏهن کان مهر ۽ عدل جو رشتو ٽٽو.

مصطفيٰ فرمود خود که هر نبي

کرد چوپانيش برنا يا صبي

بي شباني کردن و آن امتحان

حق ندادش پيشوائي جهان

تاشود پيدا و قار و صبر شان

کرد شان پيش از نبوت حق شبان

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته، ڪوئي اهڙو نبي ناهي، جنهن طفلي ۾ يا جواني ۾ گله باني نه ڪئي هجي، تڏهن اُهي گله باني جي امتحان ۾ پاس ٿيا تڏهن نبوت جو سرٽيفڪيٽ عطا ٿين.

 

شعر

رحم ڪر خلق خدا تي تان ٿيئه رحمان خوش

خلق جي خدمت ڪرڻ سان ٿو ٿئي انسان خوش

 

 

حضرت عيسيٰ عليہ السلام

۽ هڪ احمق

هڪ شخص ڏٺو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام هڪ جهنگل مان تڪڙو تڪڙو ڊڪندو ٿو وڃي، پر رکي رکي پوئتي به اهڙي طرح ٿو ڏسي جيئن ڪو ڪنهن جي ڊپ کان پٺتي نهاريندو آهي ته هُو اچي ته نٿو … حضرت عيسيٰ ڊڪي ڊڪي سهڪي پيو هو، ٽنگون ٿڪجي رهيون هُس ته به ڪٿي بيهي ساهي نه پيو کڻي … ان شخص رڙ ڪري چيو ته حضرتا! ڪهڙي ماجرا آهي، ته به حضرت عيسيٰ عه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڊڪندو رهيو ۽ بيٺو ئي نه، بس هن شخص به ور کڻي، حضرت عيسيٰ عه جي پٺيان ڌم لاتي، جڏهن حضرت جي پٺيان ڊڪي ڊڪي ٿڪو، تڏهن عرض ڪرڻ لڳو ته، يا روح الله، الله جي واسطي اتي بيهه. حضرت عيسيٰ عليه السلام قسم تي بيهي رهيو. شخص چيو اي نبي خدا جا! ڪر ته خبر، ڪو شينهن پٺيان پيو هيوَ يا دشمن هلان ڪئي جو ايترو تکو ڊُڪي رهيا هئا. حضرت عيسيٰ عه اِهو ٻڌي کلي چوڻ لڳو ته ادا مان واٽ سان ويس ٿي ته هڪ احمق شخص تي نظر پيم بس پوءِ تير وانگر ڊڪ ۾ ڇٽي پيس. شخص حيران ٿي چوڻ لڳو ته يا روح الله! تون الله جو نبي آهين، اوهان جي دعا فوراً قبول پوندي آهي اوهان وٽ اهو اسم اعظم آهي، جنهن کان هر مصيبت ٽري وڃي ٿي اوهان جيڪڏهن قم باذني (اٿ منهنجي حڪم سان) چؤ ته مُردا اُٿي پون، لنگڙا لولا، انڌا، ديوانا، ڪوڙهيا، اوهان جي هٿ لڳڻ سان چڱا ڀلا ٿي پون ٿا، ڇا اُنهيءَ احمق جو علاج توهان نٿا ڪري سگهو؟

اهو ٻڌي حضرت عيسيٰ ورندي ڏني، جو ڪجهه تو چيو سو صحيح آهي، خدا مون کي مُردن کي زنده ڪرڻ جي طاقت ڏني آهي، امراض دفعي ڪرڻ جي قوت عطا ڪئي آهي، مگر احمق (بيوقوفي) جو علاج مون وٽ ڪونه آهي، بيماري هڪ مصيبت آهي، جنهن کي ڏسي رب کي رحم اچي ٿو، مگر احمق خدا جو قهر آهي، مقهور شخص هميشه خسته حال رهندو آهي انهيءَ کي منهنجي ڇهڻ يا منهنجي دعا ڪهڙو اثر ڪندي …

 

بيت

بيوقوف سان بازار ۾ مور نه وڃجي ساڻ

اول ڪٽائي پاڻ، پوءِ لهي سار سنگت جي

 

 

شينهن جو زنده ٿيڻ، انسان جو مرڻ

حضرت عيسيٰ عليہ السلام هڪ ڏينهن جهنگل ۾ وڃي رهيو هو، ساڻس هڪ شخص به هو، اهو عرض ڪرڻ لڳو يا حضرت مون کي مُردن کي زنده ڪرڻ جي دُعا سيکاريو، پاڻ چيائونس ته، معجزات عطا ڪرڻ، الله جي اختيار ۾ آهي، جنهن کي هو ڏئي … هر شخص عصا اُڇلائي ازدها بنائي نٿو سگهي. هي ٻڌي شخص چوڻ لڳو ته حضرتا جيڪڏهن هي منهنجو عرض قابل قبول نه آهي ته توهان ڀلا منهنجي اڳيان ڪنهن مُرده کي زنده ته ڪري ڏيکاريو… هي هڏيون پيون آهن، ان ۾ قم باذن الله چئي روح ڦوڪيو حضرت عيسيٰ الله تعاليٰ کي عرض ڪيو ته ياالله! هي شخص ڏاڍو ضديرو آهي، پنهنجو نفعو نقصان به نٿو ڄاڻي، تنهنجو حڪم هجي ته آءٌ هن کي معجزو ڏيکاريان، جڏهن هي پنهنجي هلاڪت پاڻ ٿو خريد ڪري، تڏهن ٻئي جو ڪهڙو قصور! مطلب ته حضرت عيسيٰ عه انهن هڏين تي قم باذن الله پڙهيو، ته هڪ غضبناڪ سياهه شينهن اُٿي کڙو ٿيو ۽ انهيءَ شخص کي اهڙو چنبو هنيائين جو اهو شخص ٺهه پهه مري ويو. حضرت عيسيٰ عه شينهن کي چيو ته تو اٿنديئي ڇو هن شخص تي حملو ڪيو، شينهن چيو ته انهيءَ لئي جو هو اوهان کي ناحق تڪليف ڏيئي رهيو هو. روح الله چيس ته تون ڀلا هنجو رت ڇو نه پيتو. شينهن چيو ته منهنجو رزق دنيا مان ختم ٿي چڪو هو … مولانا روم نصيحت طور فرمائي ٿو ته:

اي بسا کس همچو آن شير ڙڙيان

صيد خود ناخورده رفته از جهان

جمعه کرده مال ورفته سوئي گور

دشمنان در ماتم اوکرده شور

دنيا ۾ گهڻائي اهڙا آهن، جي طمع کان مال گڏ ڪري رکن ٿا، مگر کين کائڻ به نصيب نه ٿو ٿئي.

نصيحت:

برزرگن جو امتحان نه وٺجي انهيءَ مان رسوائي ۽ هلاڪت کان سواءِ ٻيو ڪجهه حاصل نه ٿيندو.

 

بيت

هاريون حجت هوت سان ڪميڻيون جي ڪن،

رئنديون رت رهن، تڙيون سي تڪبر ڪنان.

 

يهودي وزير جو عيساين کي مڪر سان تباهه ڪرڻ

جڏهن حضرت عيسيٰ عليه السلام جي تعليم جي اشاعت ٿيڻ لڳي، تڏهن يهودين سخت مخالفت شروع ڪئي. انهن جي هڪ بادشاهه پڪو ارادو ڪيو ته، جيڪو به عيسائي نظر چڙهي ان کي قتل ڪجي… اهڙي طرح هن لکين عيسائي ظلم ڪري، قتل ڪرائي ڇڏيا، هن يهودي جهالت سبب عيسيٰ ۽ موسيٰ کي ڌار ڌار ٻه ڄڻا ڪري ڄاتو. حالانڪ هو ٻئي خدا جا نيڪ نبي هئا. بادشاهه چشم بصيرت کان محروم هو. يهودي بادشاهه جي انهيءَ ظلم و ستم کان ڪيترا عيسائي پنهنجو مذهب ڇڏي رهيا هئا. بادشاهه جو هڪ يهودي وزير، باتدبير هو، هُو وڏو مڪار هو، چالاڪ ۽ عيار هو، هُو پنهنجي مڪر سان پاڻي کي ڳنڍ ۾ ٻڌي سگهيو ٿي. ان چيو ته بادشاهه سلامت! قتل ڪرڻ سان عيسيٰ جو دين گهٽجي نه سگهندو، اٽلو وڌندو رهندو، ماڻهو بظاهر موسائي ٿيندا مگر باطن ۾ عيسائي ئي هوندا، توکي انهيءَ ڳالهه جو پتو ئي نه پوندو، انسان انهيءَ مذهب تي رهي ٿو ڪاربند، جنهن کي سندس دل ڪندي پسند، زير و زبر ڪرڻ مان ڪوبه فائدو نه ٿيندو. دين جي بانس ڪا مشڪ عنبر جهڙي ناهي، جو تون سنگهي ڪنهن جو مذهب معلوم ڪري سگهندين.

سر پنهان است اندر صد غلاف

ظاهرش باتست و باطن برخلاف

بادشاهه چيو، ته تڏهن اي وزير، روشن ضمير! ڪهڙي ڪجي تدبير، منهنجي جند ۽ جان، دين موسوي تان آهي قربان وزير چيو ته قبلا، اوهان جي مبارڪ حڪم موجب آءٌ جان جي بازي لائي به دين عيسوي دنيا جي تختي تان مٽائيندس. وس پڄندي ڪين گهٽائيندس. مان ظاهري طرح دين عيسيٰ قبول ڪريان ٿو، اوهان مون تي سخت ناراض ٿي، منهنجا ڪن ۽ هٿ ڪپي، نڪ ۽ چپ چيري، مون کي چوراهي تي ڦاسيءَ تي چاڙهڻ جو حڪم جاري ڪيو، پر ڪنهن هڪ کي سمجهائي ڇڏيو، جنهن جي سفارش ۽ ميڙمنٿ تي مون کي جيئندان ڏجو ۽ حڪم ڪجو ته هن مرتد بدڪار وزير، بي پير کي منهنجي اکين اڳيان دور ڪيو، سندس لڱ لڱ چڪن چور ڪيو … پوءِ مان پاڻهي عيسائين جا ڪم لاهيندس.

مطلب ته بادشاهه، وزير کي سندس ئي چوڻ موجب تعدي ڪري هڪ پراهين شهر ۾ اُڇلايو…

وزير جي ههڙي بري حالت ڏسي، ويچارا عيسائي مٿس ترس ڪرڻ لڳا، ساڻس همدردانه دم ڀرڻ لڳا، پرواني وانگر مٿس ڦرڻ لڳا. وزير به کين اهڙيون ڳالهيون ۽ ست سريون ٻڌايون جو هنن کي پنهنجو پيشوا کڻي بنايو.

در دورن، سينه مهرش کاشتند

نائب عيسيٰ اش پندا شتند

وزير پر تزوير، خلوت ۾ عيسائين کي دين عيسوي جي تعليم ڏيڻ لڳو، مگر سندس تعليم ۾ شيطان وانگر مڪاري ۽ عياري هُئي.

نکتها مي گفت او آ ميخته

در جلاب و قند زهري ريخته

هن جي چرب زباني تي ٻارهن نصراني امير پنهنجي پنهنجي جماعت سميت فريفته ٿي پيا، کيس حضرت عيسيٰ عليه السلام جو نائب تسليم ڪرڻ لڳا، سندن وڏي عزت ۽ تعظيم ڪرڻ لڳا. سندس واعظ نهايت عمدو معلوم ٿيندو هو، مگر نتيجي جي خيال کان زياده گمراهه ڪندڙ … ڏسو ته چاندي ڏسڻ ۾ ڪهڙي نه سفيد ايندي آهي، مگر هوءَ هٿ خواه ڪپڙي کي ڪارو ڪندي آهي، باهه ڪهڙي نه سرخ رو آهي، مگر سندس نتيجو ڪهڙو نه ڏکيو آهي جو شين کي ڀسم ڪيو ڇڏي… بجلي ڪهڙو نه روشن چمڪو ڏيندي آهي، مگر جتي ڪري اهو هنڌ ساڙي خاڪ ۽ سياه ڪيو وجهي.

وزير کي جڏهن نصرانين ۾ ڇهه سال ٿي ويا تڏهن بادشاهه، هن ڏانهن مخفي طور چوائي موڪليو ته، انتظار ڪندي ڪندي ڇهه سال ٿي ويا آهن، تو اڃا ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو، جلدي سان کين تباهه ڪرڻ جي ڪا تدبير ڪر! هن چوائي موڪليس ته، تون دلجاءِ ڪر، مان عيسائين ۾ هاڻي اهڙي فتنه جي باهه ٻاريندس، جا کين جلائي ڀسم ڪندي… پوءِ ٻارهن ئي اميرن لاءِ ٻارهن صحيفا تيار ڪيائين مگر هر هڪ صحيفي ۾ الڳ الڳ ۽ هڪ ٻئي جي اضداد وارا احڪام لکيائين، مثلاً هڪ ۾ لکيائين ته مجاهدي ۽ رياضت سان آدمي نجات حاصل ڪري ٿو، ٻئي ۾ ڄاڻايائين ته بک ۽ تڪليف ڪرڻ بي سُود آهي… مطلب ته ٻارهن ئي صحيفن ۾ گمراهه ڪندڙ اضدادي مسئلا لکي ڇڏيائين…

ان بعد وري ڇا ڪيائين ته، وعظ و نصيحت جو دستور بند ڪري، گوشه نشين ٿي ويهي رهيو. اهڙي حالت ۾ جڏهن چاليهه ڏينهن گذريس تڏهن سندس معتقدن کي، سندس زيارت فيض بشارت جو ذوق ۽ شوق جاڳيو، هو سڀئي سندس خدمت ۾ حاضر ٿي زاري نيزاري ڪرڻ لڳا، ته اسين انڌا آهيون، تون اسان جي عصا آهين، خدا جي واسطي اسان کي نور هدايت کان محروم نه رک، مگر اسان جون تاريڪ دليون منور ڪر… مگر هن مڪار سندن هڪ به نه بڌي… تڏهن هو ويچارا، محبت جا ماريا، پنهنجي اميرن ڏانهن سفارش لاءِ ڀڳا. جن اچي سفارش ڪئي ته، الله جي واسطي انهيءَ خلوت مان ٻاهر اچي، اسان کي فيضياب ڪيو، خلقت اوهان جي پند و نصيحت جي بکي آهي. اوهان جي فراق ۾ ماهي بي آب وانگر تڙڦي رهي آهي، پنهنجي ديدار، فرحت آثار ۽ ڪلام بلاغت نظام سان، هنن محبت جي مئلن جي جانِ ۾ جان وجهو…

وزير چيو ته، منهنجي دل ۾ منهنجون دعائون اوهان سان شامل حال آهين، مگر خلوت مان اٿڻ لاءِ في الحال خدا جي منع آهي، مون کي معاف ڪريو.

سردارن چيو ته، حضرتا! اوهان شروعات کان وٺي، اسان کي پنهنجي خدمت ۾ ڪيو آهي قبول، هاڻي اسان کي داغ فرقت ڏيئ ڇو ٿا ڪريو ملول… توهان جي متبرڪ ملفوظات ۽ ڪرامت ڀرئي ڪلام کان شيطان ايئن ڀڄي ٿو، جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان توهان جي فيض سان اسان آسمان کان به بلنديءَ تي پهچي ويا آهيون. توهان اسان جا روح پاڪ ڪري ڇڏيا آهن، هاڻي ايئن نه ڪريو، اسان سان ڀلائيءَ جو قدم ڀريو…

وزير چيو، اهڙي گفتگو کان باز اچو، منهنجي نصيحت ٻڌو جيڪڏهن مون کي اوهان سچو ٿا ڄاڻو ته، منهنجي ڳالهه سچي سمجهي مڃو جيڪڏهن ڪوڙي ٿا سمجهو ته مون کان الڳ ٿي وڃو. مان گوشه نشيني مان ڪين اُٿندس، جو روحاني مشغلن ۾ مشغول آهيان، معتقد چوڻ لڳا، حضرتا اسانکي اوهان جي ڪمالات کان ڪوبه انڪار نه آهي، اسان توهان جي فراق کان چشم پر آب آهيون … اسان تي خدارا رحم ڪريو.

وزير چيو ته مان مجبور آهيان، مون کي جناب حضرت عيسيٰ کان حڪم پهتو آهي ته، مان اڪيلائي ۽ گوشه نشينيءَ ۾ رهان نه ڪنهن سان ڳالهايان نه ڪنهن سان ملان… الوداع … الوداع مان هاڻي جلد مري ويندس ۽ چوٿين آسمان تي حضرت عيسيٰ سان وڃي ملندس…

ان کان پوءِ هن اٽڪل ڪري انهن ٻارهن ئي اميرن مان هر هڪ کي مخفي طور پاڻ وٽ گهرايو، هر هڪ کي هُن هي ٻولُ ٻڌايو ته مون کان پوءِ تون منهنجي خلافت جو حقدار آهين، ٻين سڀن جو به تون سردار آهين، ٻيا سڀ امير، فقير تنهنجا تابع فرمان آهن، جيڪو تنهنجو حڪم نه مڃي، ان کي مڃائڻ لاءِ ان سان لڙ، جهيڙو ڪر، قتل ڪرڻ کان به دريغ نه ڪر مگر خبردار هي روحان راز آهن، جو صيغهء راز ۾ رکجان…

هر هڪ کي هڪ هڪ لکيل صحيفو به ڏنائين، ته انهن حڪمن جي تبليع ڪن، ٻيو ڪوبه صحيفه پيش ڪري ته ان کي ڪوڙو سمجهڻ گهرجي… مطلب ته پاڻ دروازو بند ڪري اندر ويهي رهيو، چاليهين ڏينهن خودڪشي ڪيائين، سندس لاش تي بي انداز عيسائي اچي مڙيا، چي ڏاڍو رنا ۽ رڙيا، آخر کيس دفن ڪيائون، چاليهه ڏينهن تڏو نه کنيائون، پئي منهن مٿو پٽيائون ڪٽيائون، آخر چاليهي بعد قوم چوڻ لڳي ته روح الله (حضرت عيسيٰ) جي حواري جو ڪو ته جانشين مقرر ٿيڻ گهرجي، جنهن کي پيرين پوڻ گهرجي ۽ ان کان فيض وٺڻ گهرجي…

چونکه گل بگذشت گلشن شد خراب

بوئي گل را از که جوئيم از گلاب

(جڏهن موسمِ گل ختم ٿي وڃي ٿي، ته خوشبوءِ گل گلاب جي پاڻيءَ مان حاصل ڪجي ٿي.) هي ٻڌي هڪ امير نڪري ٿيو نروار، ڪرڻ لڳو گفتار، ته مان ئي مرحوم جو خليفو آهيان ۽ سندس مسند جو حقدار، ڏسو ته مون کي هيءَ صحيفو ڏئي ڪيو اٿس توهان جو سردار، جيڪو ٿي نه رهندو منهنجو فرمانبردار، تنهن کي قتل ڪرڻ لاءِ آهيان تيار، هڻي تلوار ڪندوسانس سر ڌڙ کان ڌار… اڃا هن جي اِها هلي پئي گفتار ته ٻيو سردار ٿيو دعويدار، چي مان ئي حقدار خلافت آهيان، مون وٽ سندن هي صحيفو آهي، جو سراسر سچو ۽ صحيح آهي، جيڪو منهن جو حڪم نه مڃيندو، سو سزا لهندو … اهڙي طرح ٻارهن سردار، صحيفا کڻي دعوديدار بڻجي، ميدان ۾ آيا تنازعه وڌي ويو، آخر جدال و قتال تي نوبت پهچي وئي ايڏي ته جنگ لڳي جو ڪٺلن جا ڍير لڳي ويا، رت جون نديون وهڻ لڳيون، وزير بي پير جيڪو فتني جو ٻج ڇٽيو هو، سو وڌي وڻ ٿيو ۽ طرحين طرحين گل ڪڍيائين، نصارن، هڪ ٻئي جا سر پنهنجي هٿن سان لاٿا.

ڏسو ته يهوديءَ ڪيئن نه پنهنجي حيله ۽ مڪر سان هزارن جا خانا خراب ڪري ڇڏيا.

 

بيت

چڱا ڪن چڱائيون مٺايون مٺن،

جو وڙ جڙي جن کي سو وڙ سيئي ڪن.


 

 

آقا کي خون ڪندڙ

غلام ۽ سندس تباهي

حضرت دائود عليه السلام جي وقت ۾، هڪ شخص روزانو درگاهه الاهي مان هيءَ دعا گهرندو هو ته، يا خدا! مون کي محنت ڪرڻ کان سواءِ ڪر روزي ۽ رزق عطا، تو مون کي تمام سست ۽ هيڻو، ٺونشي وهيڻو ڪري پيدا ڪيو آهي. تنهن ڪري مون کي روزي به بنا ڪمائڻ جي ڏي، ڇاڪاڻ ته جهڙي طرح زخمي پٺيءَ واري گهوڙي يا گڏهه تي بار ڍوئڻ واجب ناهي، تهڙي طرح مون کي به تڪليف ڏيڻ مناسب ناهي مان به ٿڌي ڇانو ۾ تنهنجي احسان ۽ ڪرم سان پليو آهيان، جهڙي طرح ٻين سست انسانن لاءِ روزي بنا محنت مهيا ڪرين ٿو تهڙي طرح منهنجي لاءِ به ڪر… پيرن وارو ته پنڌ ڪري پورهيو ڪري پيٽ پالي سگهي ٿو، پر جنهن کي پير ئي نه آهن، انهيءَ کي ته تنهنجو ئي آسرو آهي… جهڙي طرح معصوم ٻار جنهن کي روزي ڪمائڻ لاءِ ڪا طاقت ناهي، مگر هن جي ماءُ جي کير کي سندس روزيءَ جو ذريعو بنائين ٿو، منهنجي لاءِ به اهڙي طرح سامان مهيا ڪر. مان زبان سان توکان گهران ٿو، مگر هٿن پيرن جي جنبش جي طاقت ڪانه ٿو رکان.

اُهو شخص رات ڏينهن اِها دعا گهرندو رهندو هو، ماڻهو سندس دعا ٻڌي مٿس ٽوڪون ۽ چٿرون ڪندا هئا، پاڻ ۾ چوندا هئا ته، هي شخص وڏو حريص ۽ ڍيڍ آهي. هي شخص ٻن ڳالهين کان خالي نه آهي، يا ته وڏو بيوقوف آهي يا ته ڀنگ پيون ٿو وتي … خدا هر ڪنهن لاءِ ڌنڌو پيدا ڪيو آهي ته، ڪم ڪري روزي ڪمائي. هيءَ دنيا عالم اسباب آهي، بنا سبب رزق نٿو ملي، ’حيلي رزق بهاني موت‘ اسان جو نبي حضرت دائود عه جنهن جي فرمان ۾ وحوش و طيور (جانور، پکي پکڻ) به آهن، روءِ زمين سندس قبضي ۾ آهي خدا تعاليٰ کيس معجزات عطا ڪيا آهن، خوش الحان اهڙو آهي، جو سندس وعظ ٻڌڻ سان هزارين آدمي واصل بالله ٿين ٿا، سندس خوش آوازي تي هرڻ ۽ چيتا به بت بڻجي بيهي وڃن ٿا، ايتري شان و شوڪت هوندي به محنت ڪري ماني ڪمائي ٿو، مگر هيءُ ذليل ۽ بيڪار شخص چاهي ٿو، ته گهر ويٺي ماني ملي … خزانو هٿ اچي …

مطلب ماڻهو سوين ڳالهيون، ٽوڪون ۽ چٿرون ڪندا رهيا، مگر هي به مرد مولائي دعا ۾ مصروف ۽ مشغول رهندو هو.

کم نمي  کرد از دعا و ابتهال

کرد اجا بت مستعانِ ذوالجلال

گر گران و گرشنا بنده بود

عاقبت جوينده يا بنده بود

هو دعا کان ڪڪ نه ٿيو، نتيجو هي نڪتو ته انهيءَ مددگار و ذوالجلال خدا سندس دعا قبولي وڌي، ڇاڪاڻ ته هيءَ ڳالهه ثابت ٿيل آهي ته ڳوليندڙ آخر لڀندو آهي.

رزق پکيءَ وانگر پر ڪري اُڏري پهچندو آهي. رسول مقبول ﷺ جن فرمايو آهي ته، الله تعاليٰ دعا گهرندڙ کي پسند ڪندو آهي. هي شخص صبح جي وقت ڏاڍي خشوع و خضوع سان دعا گهري رهيو هو ته هڪ ڏاند سندس دروازي کي ٽڪر هنئي، ڪڙو ڪنڍو ڀڃي اندر ڪاهي پيو، هن کي يقين ٿيو ته خدا تعاليٰ منهنجي دعا قبول فرمائي هي ڏاند موڪليو اٿس… بس هو چالاڪي سان اُٿي ڏاند جي ٽنگن ۾ رسو وجهي ڇڪي، کيس ڪيرائي الله اڪبر چئي تڪبير وڌائين. هڪڙي ڪاسائي کي به ڪوٺي آيو، جنهن چمڙو لاهي ڏنس… ڏاند جو مالڪ به ڏاند کي ڳوليندو، پڇائيندو پهچي ويو، پنهنجي ڏاند کي ذبح ٿيل ڏسي، هن شخص کي خوب ڌمال ڪڍيائين، ته ظالم تو منهنجو ڏاند ڇو ڪُٺو آهي؟

هن وراڻيو ته، مان مدت کان وٺي رزق لاءِ دعا گرندو رهيو آهيان. اڄ هي ڏاند گهر ۾ گهڙي آيو، مون سمجهيو ته موليٰ سائين منهنجي دعا قبول ڪري ڏاند جي شڪل ۾ هي رزق مون ڏانهن موڪليو آهي، بس مون خدا داد چيز سمجهي هن کي ذبح ڪيو.

ڏاند وارو هيءَ ڳالهه ٻڌي، تپي باهه ٿي ويو سڌو حضرت دائود عه وٽ فرياد ڪيائين، مگر هن کي به پاڻ سان وٺيو ويو. واٽ تي ٺونشن ۽ مڪن سان به چڱي مرمت ڪئي هئائينس، فرياد ۾ چيائين ته هن خائن، چوري بلڪ زوري ڪري، منهنجو ڏاند ڪٺو آهي. هن مون مسڪين کي مُٺو آهي. وري دم ٿو هڻي ته مون ڌڻيءَ در دعا گهري، جنهن مون کي هي رزق ڪري موڪليو، انصاف ڪري ڏسو ته هي ڪهڙو نه بدبخت آهي، جيڪڏهن ايئن جائز هجي ها، ته هر هڪ گدا، شاهوڪار جي مالي تي هٿ رکي چوي ها، ته مو دعا گهري ۽ موليٰ مون کي هي مال عطا ڪيو آهي… ٻڌندڙن چيو ته بيشڪ ڏاند ڪهندڙ ڪوڙو آهي، دعا جي بهاني ڪنهن جي مال تي قبضو ڪرڻ جائز نه آهي- اي ڏاند جا ڪهندڙ! تو هي ڪهڙي ڪتاب ۾ پڙهيو آهي، ته دعا گهرڻ سان سڀ ڪنهن جو مال حلال ٿي سگهي ٿو، انصاف هي آهي ته، يا ڏاند ڏي يا قيد ۾ پوڻ قبول ڪر. اِهو ٻڌي هُن شخص وري دعا لاءِ هٿ درگاهه الاهي ۾ کنيا ۽ چوڻ لڳو ته يا الاهي تون ئي ڄاڻين ٿو ته، مون ڪهڙي نه خشوع و خضوع سان دعا گهري… دعا گهرڻ جو خيال به توئي منهنجي دل ۾ وڌو هو. مان فضول دعائون نه گهريون آهن، حضرت يوسف عليه السلام کي جهڙي طرح چاهه و زندان ۾ پنهنجي خواب جي صداقت جو يقين هو، ته هو هڪ ڏينهن ضرور تخت تي جلوه افروز ٿيندو، اهڙي طرح مون کي يقين هو ته منهنجي دعا قبول پوندي. مون انهيءَ آڌار تي ڏاند کي ڪُٺو، جيڪڏهن هو منهنجي لئي حلال نه هجي ها، ته ڇو اندر ڪاهي اچي ها. مون کي منهنجي دعا مست ڪيو. هي مدَعي مون کي تنهنجو نافرمان بندو ڄاڻي ابليس وانگيان جنگ ڪري رهيو آهي، مون کي هلاڪ ۽ تنگ ڪري رهيو آهي … آخرڪار مدعي ۽ مدعاعليه حضرت دائود جي سامهون ٿيا. حضرت دائود کي به هن شخص اهو جواب ڏنو ته مون دعا گهري، ڏاند منهنجي گهر آيو، مون هن کي خدا جي طرفان موڪليل عنايت ڄاڻي ذبح ڪيو. ان تي حضرت دائود عليه السلام به چيس ته هي تنهنجو جواب آهي ناصواب، تون ڪوبه پيش نٿو ڪرين دليل تنهن ڪري تون آهين ذليل، شريعت ظاهر تي آهي، نه هيءُ ڏاند تو خريد ڪيو آهي، نه بطور وراثت توکي مليو آهي. تنهن ڪري تون هن جو حقدار نه آهين، تنهن ڪري هي فيصلو آهي ته، اجايو وڌيڪ وات نه هڻ، ڏاند يا ڏاند جي رقم هن کي ڀري ڏي، حق ايئن آهي…

هي حڪم ٻڌي هن چيو ته، يا نبي الله توهان به اها ئي ڳالهه ٿا ڪيو، جا ٻيا ڪري رهيا آهن. ايترو چئي هو وري دعا گهُرڻ ۾ مشغول ٿي ويو چي، يا الاهي! تون ئي منهنجي سوز دل جو ڄاڻڻ هار آهين. جا روشني تو منهنجي دل ۾ پيدا ڪئي آهي، حضرت دائود جي دل ۾ اُها روشني وجهه ۽ کيس حقيقت حال کان واقف ڪر، ان کان پوءِ هن جي دل مان اهڙي آهه نڪتي جنهن حضرت دائود جي دل تي وڏو اثر وڌو. حضرت دائود عه چيو اي مدعي! ٿورو ترس، مون کي ٻيهر غور ڪرڻ جو موقعو ڏي، تڪڙ نه ڪر، آءٌ عالم الغيب الله کان نماز ۽ دعا بعد حڪم حاصل ڪري فيصلو ڏيندس … ايترو چئي حضرت دائود عه محو عبادت ٿيو، اهڙو ته مستغرق حال رهيو جو دنيا جي خبر ئي ڪانه رهيس. آخر هڪ شخص سندس دامن کي ڇڪي، سندس ڌيان فيصلي ڏانهن ڇڪايو. پاڻ ٻيهر خلوت ۾ ويو، دروازو بند ڪري دعا گهري ته ياالاهي! تون ئي خبير آهين، مون کي هن فيصلي جي حقيقت هال کان واقف ڪر، تنهن تي خدا جي طرف کان کين اطلاع مليو، پاڻ ٻئي ڏينهن درٻار منعقد ڪيائين، مدعي وري مدعا عليه کي مخاطب ٿي طعنا تنڪا هڻڻ لڳو، وري حضرت دائود عه کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته:

اي رسول حق چنين باشد روا

مِلڪِ من بود گاءُ چون دادش خدا

اي نبي! ايئن ڪيئن ٿيندو، جو منهنجي ملڪيت (ڏاند) خدا هن کي ڏيندو…

حضرت دائود عه چيس ته، هتان خاموش هڪدم هليو وڃ. ڏاند جي دعويٰ نه ڪر، دل ۾ ڪو خوف خدا جو ڌيان ڌر. جنهن صورت ۾ خدا تنهنجي اڄ تائين پرده پوشي ڪئي آهي تنهن صورت ۾ تون پاڻ کي خوار نه ڪر. بيوقوف مدعي هي ڳالهه ٻڌي شور مچائڻ لڳو، ته هيءُ ڪهڙو انصاف آهي، ڇا هاڻي وري نئين شريعت نافذ ٿي آهي ڇا، توهان جي انصاف جي شهرت ته زمين آسمان تائين پهتل آهي، مگر مون سان ته ڏٺو وائٺو ظلم ڪري رهيا آهيو… مطلب ته ڏاڍي بڪواس ڪندو رهيو. اِهو ٻڌي حضرت دائود چيس ته هاڻي هي حڪم اٿئي ته، تون پنهنجي سڄي ملڪيت، مدعا عليه جي حوالي ڪر، ورنه تنهنجو سڄو پول پڌرو ڪيو ويندو… اِهو حڪم ٻڌي ويتر دانهون ڪرڻ لڳو، جنهن کان آسمان ڏرڻ لڳو… ۽ نهايت بي ادبانه الفاظ حضرت دائود عليه السلام کي ڳالهائڻ لڳو، حضرت دائود عليه السلام ان تي چيس ته اي نادان گڏهه! تنهنجي قسمت ۾ اِهو آهي ته تنهنجو پردو فاش ٿئي ۽ تون خلقِ خدا ۾ خوار ۽ خراب ٿين، لهذا تنهنجو ظلم بتدريج ظاهر ٿي رهيو آهي، تون وڏو نالائق آهين ۽ انهيءَ جو لائق آهين ته توکي ملڪيت مان هڪ ڪک به نه ڏجي، توکي خلقت ۾ خوار ڪجي اِهو ٻڌي هو ويتر واويلا مچائڻ لڳو… حضرت دائود عليه السلام جو غصو تيز ٿيو چوڻ لڳس ته، تنهنجي جان بچي ته انهيءَ ۾ خير ڄاڻ… تون پنهنجو اهل و عيال به مدعا عليه جي حوالي ڪر، وڃ مون تنهنجي زال ۽ اولاد کي هن جي غلاميءَ ۾ ڏنو…

اِهو حڪم ٻڌي هو منهن مٿو پٽڻ لڳو ۽ ڪرم ڪٽڻ لڳو جيئن ته ظالم جي سڃاڻ ڏکي ٿيندي آهي، عام ماڻهو، جي حقيقت حال کان بيخبر هئا سي، خود حضرت دائود عليه السلام جي فتويٰ ٻڌي حيران ٿي ٿيا ته هيءُ ڪهڙو ابتو فيصلو آهي… خاص ڪري مدعي جا طرفدار ڪتن وانگر غوغو ڪرڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته اي نبي الله جا، ناڪرده گناهه، تي هيتري سزا اِهو ڪهڙو انصاف آهي. حضرت دائود عليه السلام هي هنگامه ڏسي انهن کي چوڻ لڳو ته هاڻي راز ظاهر ڪرڻ کان سواءِ مزو نه ٿيندو، اوهان جي دلين مان شڪ شبهو نه ويندو، اچو مون سان گڏ جهنگل ڏانهن اچو. ته هلي ثابت ڪريون ڪوڙ ۽ سچ… آخر هڪ وڻ وٽ بيهي حضرت دائود عليه السلام چوڻ لڳو ته هن وڻ جي پاڙن مان بي گناهه ٿيل خون جي بوءِ اچي رهي آهي. خون ڪنهن ڪيو؟ ۽ ڪنهن جو خون…؟ خوني اٿو مدعي ۽ خون آهي، مدعا عليه جي والده جو. هن ظالم بي گناهه خون ڪري، وڻ جي پاڙ ۾ پوري ڇڏيو، خون سان گڏ قاتل جي ڇُري، جنهن تي سندس نالو به اُڪريل آهي، پوريل آهي. نه رڳو ايترو پر هن جي سموري مال متاع تي قابض به ٿي ويٺو، هن ظالم ايترو به نه ڪيو جو هن جي يتيم پٽ تي رحم جو هٿ ڌري ها ۽ سندس پرورش ڪري ها، خدا تعاليٰ هن جي هيتري تائين پرده پوشي ڪئي. مگر هن ملعون پاڻ کي خوار ڪيو. جيڪڏهن ڏاند سهائي ها ۽ منهنجو چيو نه موٽائي ها ته ايترو بدنام نه ٿئي ها. پاڻ بروقت هن ڇوڪري جي پيءُ جو غلام هو ۽ ڪيئي ڏاند ۽ اٺ اڄ تائين هنن جا هضم ڪيا هئائين، ڇا ٿئي ها جي هڪ ڏاند سهائي ها، هن جي بيبي انهيءَ مقتول جي ٻانهي آهي لهذا سمورو اولاد ۽ هن جي زال به مدعا عليه جي ملڪيت آهي. ايترو چئي وڻ کوٽايو ويو، جتان لاش نڪتو، جنهن سان گڏ ڇُري به پوريل هئي. جنهن تي مدعي جو نالو لکيو پيو هو، اهو حال ڏسي، سڀئي نادم ٿيڻ لڳا ۽ حضرت دائود عليه السلام کان معافي گهرڻ لڳا. حضرت دائود عه وڻ کي حڪم ڪيو ته جا حقيقت توکي معلوم آهي سا بيان ڪر.

در زمان از شاخ و برگ آن درخت

آمد از صنع خدا آواز سخت

خواجه را اين سگ بدين جا چون بکشت

از فولادک دشنها بودش بدست

انهيءَ وقت خدا جي قدرت سان وڻ جي ٽارين مان سخت آواز آيو ته اي نبي! جيڪي تو چيو سو سراسر سچ آهي، هن بي دين ڪُتي پنهنجي آقا کي برابر خون ڪري پوري ڇڏيو…

هن کان پوءِ حضرت دائود عليه السلام ڏاند ذبح ڪرڻ واري کي چيو ته، اچ تون پنهنجو بدلو هن کان وٺ…؟ هن ڇُريءَ سان هن جو ڌڙ ڪر ڌار، پنهنجو اندر ٺار

ظالم کي جوڳي سزا ملي، حقدار کي حق پلئه پيو.

کشته شد ظالم جهاني زنده شد!

مولانا رومي اڳتي فرمائي ٿو:

حلم حق گرچه مواسه ها کند

چونکه از حد بگزرد رسوا کند

خون نه خسپد رفته در هردلي

ميل جبست و جود کشت مشکلي

اقتضائي داوري ربّ دين

سر بر آرد از خمير آن و اين

حق تعاليٰ جو حلم گهڻيون رعايتون ڪري ٿو، مگر بندو گندو جڏهن حد کان لنگهي وڃي ٿو، تڏهن خدا هن کي خوار ڪري ٿو، خون ناحق لڪي نٿو سگهي.

”خون کٿوري ڪين لڪي توڙي باري ڏيونس بار“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com