سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: روميءَ جون رهاڻيون

باب: --

صفحو :4

 

 

بي ادبيءَ جو خراب نتيجو

حضرت ﷺ جن جي وقت ۾ هڪ بي ادب مسخرو هوندو هو. شامت اعمال کان هڪ ڏينهن، هو پنهنجو وات چٻو ڪري، منهن بڇڙو بنائي رسول مقبول ﷺ جن جو نالو (احمد) ورتائين ۽ ڪجهه گهٽ وڌ چيائين ته خدا تعاليٰ انهيءَ بي ادب کي سندس بي ادبيءَ جي اُتي جو اُتي سزا ڏني. سندس منهن ۽ وات اُتي جو اُتي چٻو ٿي پيو. هُو پنهنجي اهڙي بڇڙي حالت ڏسي سخت گهٻرائجي ويو ۽ پنهنجي ڪئي تي ڏاڍو پشيمان ٿيو، دل ۾ چوڻ لڳو ته، انهيءَ جي درگاهه ۾ وڃي ڪيل خطا جي معافي وٺ، سندس ذات رؤف رحيم آهي، بس انهيءَ وٽ پهچي اظهار ندامت ڪندس، دربار نبويءَ ۾ وارد ٿيو ۽ معافي گهُرڻ لڳو ته:

تنهنجي در تي آيو آهيان مصطفيٰ

بخش ڪر جيڪا پئي مون کان خطا

جو ڦري تو کان، اُهو سچ ٿيو فنا

سر جهڪايو جنهن، ملي ان کي بقا

مون کان مرسل سخت ناداني آ ٿي

مون کي حاصل بس پشيماني آ ٿي

رحم ڪر اي رحمت للعالمين

بخش ڪر مون کي شفيع المذنبين

سندس معافي وٺڻ تي، حضرت ﷺ جن جي رحمت جو درياءُ جوش ۾ آيو، پاڻ کيس چيائون ته وڃ اسان توکي بخشيو پوءِ انهيءَ مسخري جي وري ساڳي صورت ٿي پئي، ڦريل منهن ساڳي جاءِ تي اچي ويو.

محمد رسول ﷺ جن جي در تي جو ٿيو سوالي، سو موٽندو ڪين خالي.

 

بيت

ادب آهي ڇٽ، صاحب سندي ٻاجهه جو

تنهن جو ڪونهي مٽ جو ڪري سو لهي.

 

 

الله تعاليٰ جو رسول ڪريم ﷺ ڏانهن، اُمت جي بخشش گهرڻ لاءِ تاڪيد

راتين جون راتيون جاڳندڙ، عبادت الاهيءَ ۾ رات ڏينهن هڪ ڪندڙ حضرت محمد مصطفيٰ، احمد مجتبيٰ ﷺ جن جي هڪ رات، اک لڳي وئي. الله تعاليٰ حضرت جبرائيل کي حڪم ڪيو ته، ”اي روح الامين!“ وڃي منهنجي مٺي محبوب کي آهسته آهسته سجاڳ ڪر ۽ کين ٻڌاءِ ته، سلامن بعد خدا تعاليٰ چوي ٿو ته، ”ياايهاالمزمل“ (اي چادر وارا پيارا) مون کي تنهنجي ننڊ پسند نه آهي، بلڪ تنهنجي بيداري پسند اٿم.

باش کشتيبان درين بحرِ صفا

که تو نوح ثاني اي مصطفيٰ

چون تو اسرافيل وقتي رست خيز

رست خيز ساز پيش از رست خيز

آيته رحمت آهين منهنجا حبيب

شافع امت آهين منهنجا حبيب

رحمت عالم آهين پيارا رسول

گهر دعا، تنهنجي دعا ڪريان قبول

ننڊ ڏي تون پنهنجي دل مائل نه ڪر

پنهنجي امت لئي دعا گهر تا سحر

حضور پرنُور ﷺ جن انهيءَ وقت ئي اٿيا ۽ غار حرا ۾ وارد ٿيا، سر سجدي ۾ رکي دعا گهرڻ لڳا.

تنهنجي در تي آيو آهيان ذوالجلال

بنده افسرده دل آشفته حال

تنهنجي در آيو هي تنهنجو مصطفيٰ

تنهنجي در آيو هي غم ۾ مبتلا

جيستائين منهنجي امت جا گناهه

پنهنجي رحمت سان نه بخشيندين الله

آءٌ بندو تنهنجو ۽ تنهنجو نبي

تيسين سر سجدي مان کڻندس ڪينڪي.

اي محمد ﷺ جا امتي! تون پنهنجي خوش قمستيءَ تي ناز ڪر، جو تنهنجي بخشش لئي خود خدا پنهنجي محبوب کي جاڳائي دعا گهرڻ لاءِ امر ڪري ٿو. ڇا انهيءَ مان ثابت نٿو ٿئي ته الله جي اِها مرضي ناهي ته، محمد ﷺ جن جي امت مان ڪو عذاب ڏسي!

ياالله! اسين تنهنجي رحمت ۽ تنهنجي حبيب جي شفاعت جا آهيون اميدوار، ورنه اسان جا اعمال بد آهن بيشمار.

 

بيت

جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏائي منڱان

عدل ڇٽان نه آنءُ، ڦيرو ڪج فضل جو.

 

حضرت عيسيٰ عليه السلام ۽ بدگو انسان

حضرت عيسيٰ عليه السلام هڪ ڏينهن وعظ ڪري رهيو هو. سمجهندڙن جي دامن معني جي گلن سان ڀري رهيو هو، سندس هر هڪ لفظ پنهنجي تاثير سان ماڻهن کي متاثر ڪري رهيو هو. اُتي هڪ سفله خو انسان، سيرت جو شيطان به بيٺو هو. اُهو اُٿي چوڻ لڳو ته، يارو! هن جي ڳالهه ڇو ٿا ٻڌو، هن مڪر جو ڄار پکيڙي ڇڏيو آهي، وڏي ڳالهه ته سندس پيءُ جو به پتو ڪونهي، مال و دولت به ڪانه اٿس، هر وقت سُڃن وانگر هيڏي هوڏي ڦرندو رهي ٿو، ماءُ جي خدمت جو به خيال ڪونه ٿو ڪري، ڪڏهن چوي ٿو ته شريعت تي عمل ڪريو، ڪڏهن چوي ٿو ته، خدا کي اوهان جي عبادت جو احتياج ڪونهي … ڪڏهن ڪيئن ٿو چوي ته، ڪڏهن ڪيئن ٿو چوي، سندس مدّعا آهي بادشاهه بڻجڻ جي، ڪڏهن زاهد بڻجي ٿو ويهي، ڪڏهن شراب ٿو پئي … اشرافن مان ڪوبه سندس رفيق ڪونهي، جيڪي ٻارهن (حواري) سندس فريب ۾ ڦاٿا آهن سي سڀ ڪاسبي ۽ ڪم ذات آهن، ڪو ڌوٻي آهي، ته ڪو ڪوري…

هن جي هيءَ تقرير ٻڌي، حضرت عيسيٰ هن کي جواب ڏنو ته، اي ڀائو! خدا توکي رحمت ڪري مان تنهنجو ممنون آهيان، جو تو مون کي منهنجي عيبن جي خبر ڏني آهي… انهيءَ تي هو بدمعاش ويتر حضرت عيسيٰ کي گاريون ڏيڻ لڳو، هو گاريون ڏئي، حضرت عيسيٰ کيس دعائون پيو ڪري. آخر هڪ ڪلاڪ جي بڪ شڪ بعد هو ڪڪ ٿي پاڻمرادو هليو ويو. هڪ حواري روح الله کي چوڻ لڳو ته، حضرتا! هو ڪري پيو سختي ۽ جفا، اوهان وري هن کي ڪيو پيا دعا تي دعا! هن کي سختيءَ جو جواب سختيءَ سان ڏجي ها، کيس خلق خدا ۾ خراب ڪجي ها… حضرت چيو ته، يار مان لاچار آهيان، جو ڪجهه اندر ۾ هوندو، سو ئي ٻاهر ايندو. خدا تعاليٰ مون ۾ رحمت ڀري آهي، مان ڪنهن تي به سختي ڪري نٿو سگهان.

نيڪ کان نيڪي ۽ بد کان ٿئي بدي.

 

بيت

چڱا ڪن چڱائيون برايون بُرن

جو وڙ جُڙي جن کي سو وڙ سيئي ڪن.

 

 

ڪوڙ کان توبه ڪندڙ

رسول الله ﷺ جن جي خدمت ۾ هڪ شخص حاضر ٿي عرض ڪيو ته، نفس مون کي نهايت تنگ ڪيو آهي، ننهن کان چوٽيءَ تائين گناهن ۾ غرق آهيان. مون جهڙو ڪوبه گنهگار ڪونه آهي. منهنجي ڪا دستگيري ڪريو، ورنه گناهن ۾ ئي منهنجي عمر ختم ٿي ويندي. حضرت جن پڇيس ته تون ڪهڙا ڪهڙا گناهه ڪيا آهن ۽ ڪهڙا ڪهڙا تو ۾ عيب آهن. هن چيو ته، (1) زنا (2) چوري (3) شراب خوري ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ… حضرت ﷺ جن چيس ته، چڱو تون فقط ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏي، انشاءَ الله ٻيا گناهه ازخود تو مان هليا ويندا. مستقل ارادي سان توبه ڪر، هن چيو ته يارسول الله! خدا جو قسم کڻي انجام ٿو ڪريان ته، ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندس. جيڪڏهن منهنجي زبان مان ڪوڙ جو جملو نڪتو ته بس زبان کي ڪاٽيندس.

رات جو هن شراب پيئڻ جو ارادو ڪيو، ته اتي ويچار آيس ته جيڪڏهن رسول ڪريم ﷺ جن جيڪڏهن پڇن ته شراب پي آيو آهين، ته پوءِ ڪهڙو جواب ڏيندس ڪوڙ ته نه هڻندس جو اهڙو پڪو انجام ڪيو اٿم… جي سچ چوندس، ته شريعت موجب حد جاري ڪئي ويندي هڪ ته بدنامي ٿيندي، ٻيو ته عذاب ايندو. انهيءَ خيال ڪنديئي شراب وارا سڀ ٿانو ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيائين. وري زنا ڪرڻ جو ارادو ڪيائين، ته ساڳيو ئي خيال آيس، چوري ڪرڻ جي ارادي وقت به ساڳيو ئي خيال مانع ٿيس… آخر ڪوڙ نه هڻڻ جي خيال سان سڀ ٻيا عيب به ڇڏائجي ويس… ان کان پوءِ هڪ ڏينهن حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته چيائين ته سائين فقط ڪوڙ ڇڏڻ ڪري سڀني گناهن کان آزاد ٿي ويس. پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو: الصدق ينجي والکذب يهلک سچ بچائي ٿو مگر ڪوڙ هلاڪ ڪري ٿو.

 

بيت

جڏهن ڳالهه ڪهڙي به ڪنهن سان ڪجي

ڌڻيءَ جو رکي خوف سچ چئي ڏجي.

 

 

حضرت بلال رضه

حضرت بلال رضي الله تعاليٰ عنه سياه فام حبشي هو، مگر اسلام سندس سيرت کي نوراني بنائي ڇڏيو هو. حضرت ﷺ جن جي محبت سندس دل ۾ گهر ڪري چُڪي هئي. تنهن ڪري هر وقت سندس ڳڻ ويٺو ڳائيندو هو، انهيءَ تي سندس آقا يهودي ڏاڍو چڙندو هو ۽ خارون کائيندو هو، کيس سخت تڪليفون ڏيندو هو. جهڙوڪ گرم واري تي اگهاڙي بدن ليٽائڻ، ڪنڊن وارين ڇمڪن سان مارڻ وغيره وغيره … پاڻ سختيون سهندو رهندو هو، مگر احد احد چوڻ کان چپ نه ڪندو هو. هڪ ڏينهن حضرت ابوبڪر رضه جن جو گذر ان طرف کان ٿيو، حضرت بلال رضه وٽ ويا ۽ کيس چيائون ته، دوست! محبوب کي دل ۾ ياد ڪر جيئن تڪليف کان ته ڇٽين. حضرت بلال رضه مڃيو ته، اڳتي ضبط کان ڪم وٺندس، مگر جڏهن عشق جو غلبه ٿيس تڏهن موج ۽ مستيءَ ۾ اچي وري احد احد چوڻ لڳو. چي اظهار عشق حبيب کان، منهنجي زبان روڪجي نٿي سگهي، خواب ڀلي سختين ۾ مري ڇو نه وڃان، يا الاهي مون جو، تنهنجي محبوب نالي جو ورد پڙهڻ شروع ڪيو آهي، اُهو جاري رکندس…

جڏهن سندس ظالم مالڪ اِهي لفظ ٻڌا تڏهن وري مٿس سزائون شروع ڪيائين، صديق اڪبر رضه وري کيس ملڻ آيو، ڏٺائين ته، هي عاشق حبيب خدا، ساڳي طرح عذاب ۾ گرفتار آهي. سندس دل ۾ تڙپ پيدا ٿي، فوراً بلال جي آقا وٽ ويو ۽ ان کي چيائين ته هي ڪارو غلام تنهنجي ڪم جو نه آهي، تون اِهو مون کي ڏي… انهيءَ جي عيوض منهنجو هڪ ڀورو گورو غلام وٺي اچ، هن سنگدل چيو ته ڪجهه رپيا به ڏي… حضرت صديق اڪبر رضه اُهو به قبول ڪيو. حضرت صديق اڪبر رضه گهر اينديئي هڪ خوبصورت غلام ۽ نقد پيسا کڻي يهودي وٽ ويو ۽ حضرت بلال کي خريد ڪري پاڻ وٽ آندائين…

جڏهن سودو ٿي چڪو، تڏهن يهودي ٽهڪ ڏيڻ لڳو، حضرت صديق اڪبر رضه کانئس ٽهڪن ڏيڻ جو سبب پڇيو. ان تي هو وري ٽهڪ ڏيڻ لڳو ته، توجهڙو موڙهل خريدار به ڪو هُوندو؟ جو هڪ ڪاري ڪوجهي ٻانهي جي عيوض هڪ خوبصورت غلام به ڏئي ۽ اٽلو پئسا به ڏئي، توريت جو قسم اٿم ته، جيڪڏهن تون ايتري تڪڙ نه ڪرين ها ته، بلال توکي مفت ۾ ڏيان ها، پاڻ کي هن کان آزاد ڪيان ها.

پس جو ابش داد صديق اي غبي

گوهري دادي بجزي چون صبي

اوبنزد من همي ارزد دوکون

من بجا نش ناظراستم ني بلون

حضرت صديق رضه چيو ته، توکي ڪهڙي خبر ته منهنجي نظر ۾ هن روشن دل بلال جي قيمت ۽ قدر ڇا آهي؟ اڙي هي ته دنيا ڀر جي دولت کان زياده قيمتي آهي. ڇاڪاڻ ته هن جي دل ۾ سرور ڪائنات جي محبت جائگزين آهي، تون انڌو آهين، تو هن جو قدر نه ڄاتو. جيڪڏهن تون ٿوري پڪائي ڪرين ها، ته مان پنهنجو سارو مال متاع توکي ڏئي به بلال کي خريد ڪريان ها، اي بدبخت شخص! تون پنهنجي بدنصيبيءَ تي ماتم ڪر.

حضرت صديق رضه حضرت بلال رضه کي حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ وٺي آيو. حبيبِ خدا فرمايو ”خوش آمديد“ حضرت بلال پنهنجي محبوب جو آواز ٻڌي بيخوديءَ کان ڪري پيو، حضرت ﷺ جن کيس آغوش رحمت ۾ ڪيو، ۽ ٻنهي جهانن جي نعمتن سان کيس مالا مال ڪيائين، حضور عليه الصلواة جي محبت جي طفيل، هڪ حبشي غلام احرارِ، جهان جو سردار بنجي ويو. جيڪو به رسول ڪريم ﷺ جن سان محبت رکندو، سو دين و دنيا ۾ سر فراز  و ممتاز رهندو.

بيت

ڪري ادنيٰ کي اعليٰ ٿي محبت مير مرسل جي،

تڏهن اي دل سدائين رک تون الفت مير مرسل جي.

 

سڪل بنڊ جي رسول ﷺ سان محبت

حضور ﷺ جن، هڪ سڪل کجيءَ جي وڻ کي ٽيڪ ڏيئي خطبو پڙهندا هئا. جڏهن ممبر ٺهي تيار ٿيو، ته پاڻ ممبر تي تشريف فرما ٿي خطبو پڙهي رهيا هئا ته، کجيءَ جي ٿُڙ مان روئڻ جو آواز آيو اهڙي ريت جهڙي طرح ڪو معصوم ٻار بيخوديءَ کان وات ڦاڙي روئندو آهي. سموري مجلس تي حيرت ڇائنجي وئي ته، اِهو رئڻ جو آواز ڪٿان ٿو اچي. نيٺ معلوم ٿيو ته، اِهو آواز انهيءَ سُڪل کجيءَ جي ٿڙ مان ٿو اچي… حضور ﷺ جن ممبر تان اٿي ان ٿڙ وٽ آيا ۽ کيس چيائون ته، روئين ڇو ٿو، چاهين ڇا ٿو؟ هن عرض ڪيو ته حضور اوهان مون سان ٽيڪ ڏئي بيهندا هئا، هاڻي داغ فرقت ڏئي ممبر تي وهو ٿا، مان دستِ جدائي کان زار زار روئي رهيو آهيان. آتشِ هجر کان جلي ڪباب ٿي پيو آهيان. حضرت ﷺ جن دلداري ڏنس ته درخت! تون وڏو خوش قسمت آهين، جيڪڏهن تون چاهين، ته وري توکي سرسبز ڪجي… جيڪا تنهنجي مرضي هجي… جي چاهين ته ٻئي جهان ۾ توکي خدا سرسبز بنائي جو تون اتي هميشه سرسبز رهين. بنڊ عرض ڪيو ته، مون کي بقا دوامي جي ضرورت آهي، حضور ﷺ جن هن کي زمين اندر دفن ڪرايو، هو به قيامت جي ڏينهن آدمين جي درجي ۾ ايندو… رسول مقبول ﷺ جن جي محبت ۾ بقائي دوام آهي اي غافل! تون انهيءَ بنڊ کان ته ڪم نه ٿيءُ!

 

شعر

نبيءَ جي محبّت ۾ وک کي وڌاءِ

قدم ڪين هرگز تون پٺتي هٽاءِ

 

حضرت انس رضي الله عنه جو دسترخوان

حضرت انس رضه هڪ ڏينهن دعوت ڪئي، کاڌي کائڻ بعد، ميزبان (حضرت انس) ڏٺو ته دستر خوان وارو ڪپڙو ڪجهه ميرو آهي ۽ مٿس زردي لڳل آهي، حضرت انس پنهنجي ٻانهي کي گهرائي چيو ته هن رومال کي تتل تنور ۾ اڇلائي وجهه، خادم يڪدم انهيءَ کي تنور ۾ اُڇلائي وڌو. سڀ مهمان حيرت ۾ پئجي ويا ته، اِجهو ٿو ڪپڙو سڙي ۽ دونهون اُٿي، پر هنن جي حيرت جي حد نه رهي، جو ڏٺائون ته ٻانهي تنور مان جيئن اُهو رومال ڪڍيو، تيئن امانت با سلامت هو، ميراڻ به لهي وئي هيس ۽ اڇو اُجرو ٿي پيو. مهمانن ميزبان کان پڇيو ته ”هي ڇا“ ڇو باهه ۾ هي رومال نه سڙيو:

گفت زانکه مصطفيٰ دست و دهان

بس بماليد اندرين دستر خوان

حضرت انس چيو ته، هن رومال سان حضرت ﷺ جن پنهنجو منهن ۽ هٿ اگهيا ها، تنهن ڪري هن کي باهه نه جلائيندي.

اي دل ترسنده از نار و عذاب

باچنان دوست نبي کن اقتراب

چون جمادي راچنين تشريف داد

جان عاشق راچها خواهد کشاد

اي دل جي تون آتش دوزخ کان ڊڄين ٿي ته رسول ڪريم ﷺ جن جو قرب حاصل ڪر، جڏهن بي جان شيءِ کي باهه کان بچائي سگهن ٿا، تڏهن پنهنجي عاشق ۽ حبدار کي ڪيئن تڪليف ۾ وجهندا.

ان کان پوءِ مهمانن ٻانهي کان پڇيو ته تون بنا سوچڻ سمجهڻ جي دسترخوان وارو رومال باهه ۾ ڇو وڌو، هن چيو ته آءٌ ٻانهي حڪم جي بندي آهيان. هي ته ڪپڙو هو، مگر جي منهنجو آقا مون کي چوي ها ته تون پاڻ کي باهه ۾ اُڇلائي وجهه ته به مان دير نه ڪريان ها… هن حڪايت بيان ڪندي مولانا چوي ٿو:

اي برادر خود برين اڪسير زن

کم نه باد صدق مرد از صدق زن

اي ڀاءُ تون صدق ۾ انهيءَ عورت کان ته گهٽ نه ٿيءُ خدا جي بندن جي دامن پڪڙ، ته مِسُ (ٽامي) مان سون بڻجي پوين.

 

شعر

خدا وارن سان الفت رک ته تون بڻجين خدا وارو،

لڳي ٿو لوهه پارس کي ته بڻجي سون سو سارو.

 

 

رسول ڪريم ﷺ جن وٽ ڪافر مهمان

حضرت رسول مقبول ﷺ جن شام جو مديني منّور جي مسجد ۾ ويٺا هئا اصحاب سڳورا اردگرد موجود هئا، ته چند ڪافر اُتي آيا ۽ اچي چيائون ته اسان مسافر آهيون، اسان جي طعام و قيام جو انتطام ڪندا. اي محمد (ﷺ) اسان ٻڌو آهي، تون وڏو مهمان نواز آهين. سڀني بادشاهن ۽ بندن جو دستگير آهين. حضور ﷺ جن اصحاب ڪرام کي فرمايو ته اچو ته هڪ هڪ مهمان ڪري ورهايون. چنانچه سڀ ڪو پنهنجو پنهنجو مهمان وٺي پنهنجي پنهنجي گهر ويو. حضور ﷺ جن لاءِ جيڪو مهمان بچيو سو ڏاڍو بدمزاج ۽ شوخرو هو، حضور ﷺ جن کيس وٺي گهر ويا. حضور ﷺ جن وت ست سوائون ٻڪريون هُيون، جن سڀني جو کير به هي همراهه پي ويو. گهر ۾ جيڪو به کاڌو تيار ڪيو ويو هو، سو سڀ کائي چٽ ڪري ڇڏيائين، حضور ﷺ جن، کيس سمهڻ لاءِ عليحده حجرو ڏنو، ٻانهي کي هن جي شرارت تي سخت ڪاوڙ هئي. سا ٻاهران دروازه بند ڪري هلي وئي هئي. اڌ رات جو هن کي پيٽ ۾ سور پيو ۽ دستڪ هڻڻ لڳو، هن جاءِ، بسترو ۽ ڪپڙا لٽا ڪِن ڪري ڇڏيا هئا. حضرت ﷺ جن صبوح جو اچي دروازو کوليو، بدبو سخت هُئي. هن کي اهڙي حال ۾ ڏسي پاڻ ڄاڻي واڻي ٿورو پاسيرو ٿي بيٺا، جيئن هو شرمندو نه ٿئي. هو آهسته آهسته ٻاهر نڪري ڀڄي هليو ويو. ٻانهي ڪافر جا نجس ڪيل ڪپڙا کڻي حضور ﷺ جن جي روبرو آئي، ۽ چوڻ لڳي ته حضور ﷺ جن ڏسو هن بدڪرتوت جا ڪڌا ڪرتوت، پاڻ مرڪيا ۽ چيائون ته فڪر ناهي، اورتي ڪر، آءٌ انهن ڪپڙن کي بذات خود صفا ڪريان ٿو. اصحاب چوڻ لڳا، حضور، اسان جون جانيون توهان تان قربان، اهي خراب ڪپڙا اسان ڌوئنداسين… حضور ﷺ جن چيو ته اهي ڪپڙا آءٌ ڌوئان ٿو انهيءَ ۾ به حڪمت آهي، جا ظاهر ٿيندي … هو شرير آدمي، پنهنجي ڪا شي حجري ۾ وساري ويو هو، تنهن ڪري انهيءَ جي لالچ ۾ شرم و حيا کي وساري واپس موٽي آيو، اچي ڏسي ته مار! ڪون و مڪان جو سائين پنهنجي دست مبارڪ سان، سندس گندگي ويٺو ڌوئي ۽ ڪپڙا صاف ڪري، اها روداد ڏسي هن جي دل ۾ وڏو اثر ٿيو ۽ بي اختيار چيخ و پڪار ڪرڻ لڳو … حضور ﷺ جن اُٿي کيس تسلي ڏني ۽ فرمايائونس ته فڪر نه ڪر… هو ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ بار بار معافي گهرندو رهيو ۽ جوش ۾ اچي چوڻ لڳو ته، اسلام سچو آهي، برحق تون الله جو سچو نبي آهين، لااله الاالله محمد رسول الله چئي مشرف باسلام ٿيو. رات جو هن جي اڳيان کاڌو آندو ويو، ته هن تمام ٿوري انداز ۾ کاڌو ۽ چوڻ لڳو ته ڪفر جي حالت ۾ منهنجو پيٽ ئي نه ڀريو هو، مگر اڄ ته منهنجو شڪم اسلام جي نور سان ڀرپر ٿي ويو آهي گهڻو کاڌو نٿو کائي سگهان.

حضور ڪريم ﷺ جن، ابر ڪرم ۽ بحر رحمت هئا. دشمن سان به ڀلايون ڪندا هئا انهيءَ ڪري ته سڄي دنيا سندن تابع فرمان ٿي.

 

بيت

ڪري چڱن سان چڱائيون، ايئن هرڪو هوءِ،

رسول جيان ڪري نه ڪوءِ، بڇڙن ساڻ ڀلائيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com