سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: روميءَ جون رهاڻيون

باب: --

صفحو :12

 

 

سياڻو هُد هُد

حضرت سليمان عليه السلام کي جهڙي باشاهي خدا عطا ڪئي، اهڙي ڪنهن کي به نه ڏنائين، انسان ۽ جن، چرند ۽ پرند، ديو ۽ پريون بلڪ هوا به سندس فرمان جي تابع هئي. هڪ ڏينهن پاڻ سڀني پکين کي درٻار ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنائون، حڪم ملڻ سان خشڪي خواهه پاڻيءَ جا سڀ پکي اچي گڏ ٿيا.

حضرت سليمان عليه السلام سڀني جانورن جون ٻوليون ڄاڻندو هو، پاڻ حڪم ڪيائون ته، جو ڪمال جنهن جنهن پکيءَ ۾ آهي، سو بيان ڪندا وڃو. هر هڪ پکي پنهنجو پنهنجو ڪمال بيان ڪيو. جڏهن هُد هُد جو وارو آ:و، تڏهن هن چيو ته، حضور مون ۾ جيڪي جوهر آهن، سي ٻئي ڪنهن به پکيءَ ۾ ڪين آهن، منهنجي نظر تمام تيز آهي. مان ڪيترو به مٿي اڏامي وڃان ته به زمين جو ذرو ذرو ڏسي سگهان ٿو، پاڻي اندر به هر شيءِ جو پتو پويم ٿو، زمين جي هيٺان جيڪو پاڻي آهي، سو به آءٌ ڏسي سگهان ٿو، بلڪ هي به خبر پوندي اٿم، ته هي پاڻي کارو آهي يا مٺو. مطلب ته مان هن ڳالهه جي قابل آهيان، ته حضور جن مون کي پنهنجي خدمت ۾ هميشه موجود رکن. ڪانوَ جڏهن هيءَ ڳالهه ٻڌي ته حسد کان جلي آڱر ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته هُدهُد جي دعويٰ بلڪل ڪوڙي آهي، جيڪڏهن هو اهڙو چٽي نظرو وارو ۽ دوربين آهي، ته ماري جي ڦندي ۾ ڇو ڦاسندو آهي؟ هن کي زير زمين پاڻي نظر اچي ٿو، مگر ڄار ڏسڻ ۾ نه ايندو اٿس! ڪانوَ جو هي اعتراض بظاهر صحيح معلوم ٿي ٿيو، سڀئي پکي هن جا هم نوا ۽ طرفدار ٿي چوڻ ڳا ته يا حضرت! هُدهُد جي دعويٰ بي دليل آهي، هن جو عقل قليل آهي، هو ڪانوَ جي ڳالهه جو جواب ڏئي.

هُد هُد چيو ته تجربه ڪري ڏسو، منهنجي نظر جو امتحان وٺو، ڄار ۾ ڦاسڻ جي ڳالهه الڳ آهي، اُهو تقدير جو معاملو آهي، جڏهن تقدير ايندي آهي تڏهن تدبير واري اک ٻوٽجي ويندي آهي. پهاڪو مشهور آهي ته:

”تدبير کند بنده، تقدير ڪند خنده“

انسان اشرف المخلوقات آهي، مگر انهيءَ جو عقل به تقدير جي پٿر اڳيان شيشي مثال آهي… خدا تعاليٰ پنهنجي مصلحت مطابق، انسان جي تدبيرن کي ٽوڙي ڇڏي ٿو. جڏهن هُدهُد هي جواب ڏنو، تڏهن سڀني جون زبانون بند ٿي ويون، حضرت سليمان عه به فرمايو ته، هدهد جيڪي چيو سو سراسر سچ آهي، قضا اڳيان ڪنهن جي نه هلي نه چلي.

چون قضا آيد شود دانش بخواب

مه سيه گردد بگيرد آفتاب

 

واڳ ڌڻيءَ جي وس، آءُ ڪا پاڻ وهيڻي

 

طوطو ۽ آزادي

ڪنهن ولايت جو سوداگر هڪ دفعي هندستان ۾ آيو، جتان هن کي هڪ طوطو مليو، جنهن جون ٻوليون ڏاڍيون مٺيون هُيون، سندس صورت دلپسند هئي، هو هن کي پنهنجي ملڪ کڻي ويو. ٻئي دفعي جڏهن هو وري هندستان ٿي آيو، تڏهن پنهنجي ٻارڙن کي چيائين ته، اوهان لاءِ ڪهڙي سوغات آڻيان، سڀني پنهنجي پنهنجي پسند موجب هن کي شيون چيون، سوداگر طوطي کي چيو ته، تون به چؤ ته تو لاءِ ڇا آڻيان. طوطي چيو ته، آقا! منهنجو هڪڙو عرض آهي، جو پورو ڪجو، سوداگر چيو ته چؤ. هن چيو ته آقا! جڏهن واٽ سان فلاڻو دريا پار اُڪرو تڏهن هڪ پهاڙي نظر ايندو اُتي وڻن جو جهڳٽو آهي اُتي طوطن جو هڪ ولر نظر ايندو، انهن کي سلام ڏئي چئجو ته:

هئين ٺهي ٿو؟ آءٌ ٿيس هت بند سخت

ٿا اوهان موجون ڪريو هُت بر درخت

هيءَ نه چئجي سچ، وفاءِ دوستان

قيد مان هت، خوش اوهان در بوستان

الغرض، هو سوداگر هند ۾ پهتو، جڏهن انهيءَ جاءِ تي آيو، تڏهن طوطن جو ولر ڏٺائين، گهوڙي کي اُتي جهليائين، طوطن کي پنهنجي وڇڙيل ساٿي جا سلام ڏنائين، هنن کي طوطي جا چيل لفظ چٽا پٽا چيائين. هي پيغام ٻڌي هڪ طوطو وڻ تان ڪري پيو، تڙپي ساهه ڏنائين، سوداگر هي حالت ڏسي حيران ٿي ويو، دل ۾ چوڻ لڳو ته ناحق مون تيز زبان کي حرڪت ۾ وجهي، هن ويچاري جي جان ضايع ڪئي. مطلب ته هو افسوس جا هٿ مهٽيندو واپس وريو. ٿوري گهڻي ڏهاڙين، جڏهن موٽي وطن آيو، تڏهن هر ڪنهن کي سوکڙيون سوغاتون ورهائي ڏنائين، طوطي چيس ته، ”آقا! مون جيڪو عرض ڪيو هو، اُهو اجابت هيٺ آيو هو يا نه؟“ سوداگر سرد آهه ڀري چيو ته، ڪهڙي خبر ٻڌايان! مان ته تنهنجو پيغام رسائي، وَيل وهائي ويٺس، مون جيئن تنهنجو پيغام طوطن کي پئي ڏنو، تيئن وڻ تان هڪ طوطو پيغام ٻڌي اچي ڪريو ۽ ڦٿڪي ڦٿڪي دم ڏنائين…

آقا جا هي لفظ ٻڌي، هي طوطو به پڃري ۾ ڦٿڪڻ لڳو، ٿوريءَ دير ۾ سرد ٿي مري ويو، سوداگر کي هاڻي ته وڌيڪ ارمان ٿيو، دل ۾ چوڻ لڳو ته مون قاصد ٿي، ٻه خون ڪيا… افسوس! منهنجي بيوقوفيءَ سبب پنهنجي گهر جي سونهن طوطو، هن دنيا مان هليو ويو. سوداگر ڏاڍو رنو ۽ طوطي کي پڃري مان ڪڍي هڪ طرف اڇلايائين، طوطو اُتائين ڦڙڪي پري هڪ وڻ تي وڃي ويٺو، سوداگر هي حالت ڏسي حيران ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته طوطا يار هي ڇا؟

ساختي مکر ڪو مارا سوختي

سوختي مارا وخود افروختي

طوطي چيس ته، تو نه سمجهيو ته منهنجي ڀاءُ مون کي ڪهڙو سبق ڏنو، هن مون کي عملي طرح سمجهايو ته قيد مان ڪهڙي طرح آزادي ملندي، تو ڏٺو ته تنهنجي اڳيان مري آزادي حاصل ڪيم، افسوس منهنجي مٺڙي زبان مون کي قيد ڪرايو.

ڇا؟ نه فرمايو آهي، رسول اڪرم ﷺ جن، جنهن پنهنجي زبان کي روڪيو، اهو محفوظ رهيو.

مطلب ته آزادي هڪ خدائي نعمت آهي، جيڪڏهن آقا، پيءُ جهڙو مهربان هجي ته به غلامي لعنت آهي، رب العالمين کان سواءِ ڪنهن جي غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ نه وجهجي، ايئن چئي طوطو اڏامي ويو.

 

شعر

چڱو آهي ته دنيا ۾ سدا آزاد ٿي رهجي،

غلامي غير جي کان بس صفا برباد ٿي رهجي.

 

 

سياڻي لومڙي ۽ شينهن

هڪ شينهن، بگهڙ ۽ لومڙي ٽئي ڄڻا گڏجي شڪار جي تلاش ۾ نڪتا، گهڻي ڊڪ ڊوڙ کان پوءِ، هڪ هرڻ، هڪ روجهه ۽ هڪ سهو هٿ لڳن. شينهن بگهڙ کي چيو ته هاڻي تون شڪار جي ورهاست ڪر، بگهڙ چيو ته، هرڻ توهان جي حوالي آهي، روجهه مان ٿو جهليان ۽ سهو، لومڙي لاءِ ڪافي آهي.

شير گفت اي گرگ چون گفتي بگو

چونکه من باشم تو گوئي ماو تو

شينهن چيو ته تون وڏو بي حيا آهين، توکي ڪوبه ادب ۽ سليقو نه آهي، تنهنجي سزا موت آهي، ايئن چئي شينهن اٿيو ۽ ڪاوڙ مان چنبو هڻي بگهڙ جو ڪم لاٿائين. شينهن وري لومڙيءَ کي چيو ته هاڻي تنهنجو وارو آهي، ڏسان ته تنهنجو عقل ڇا ٿو چوي. لومڙي باادب سرجهڪائي عرض ڪيو ته، حضور! هرڻ ته هن مهل ئي کائو روجهه کي رات واسطي رکو، باقي سهو، سو صبوح جو نيرن ڪجو، شينهن هي ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ چوڻ لڳو ته، تون هي سليقو ڪٿان سکئين؟ لومڙي چيو ته، بگهڙ واري واقعي مون کي سبق سيکاريو ته، بادشاهن اڳيان خود غرضي نه هلائجي، ايئن چئي باادب پٺتي هٽي… شينهن سندس ادب ۽ سليقو ڏسي نهايت خوش ٿيو ۽ ٽيئي شڪار کيس ڏئي چيائين ته هي تنهنجي حوالي آهن، آءٌ ٻيا ماري کائيندس. لومڙي شينهن کان جدا ٿي شڪرانه جي سجدي ۾ جبين نياز رکي، دل ۾ چيائين ته شڪار ته شڪار جي ماڳ، اٽلو سر ويو هو، وري به ادب ۽ سليقو ڪم آيو.

ادب آهي ڇٽ، صاحب سندي ٻاجهه جو

تنهن جو ڪونهي مٽ، جو وهي سوئي لهي

هن حڪايت مان ٽي اخلاقي سبق پرائجن ٿا. 1- ٻين جي سزا مان، عقلمندي کان ڪم وٺي سبق حاصل ڪجي، 2_ خود غرض آدمي مخدوم رهي ٿو ۽ بااخلاص مراد حاصل ڪري ٿو. 3_ ادب ۽ سليقي کان ڪم وٺجي ان ۾ عزت آهي.

 

شعر

خموش اي دل بهري محفل مين چلانا نهين اچها

ادب پهلا قرينہ هي محبت کي قرينون مين.

 

 

اُٺ ۽ ڪُئو

هڪ اٺ جهنگل ۾ مهار لڙڪائيندو پئي ويو هڪ ڪئي جي مٿس نظر پئي تنهن دل ۾ چيو ته هئن ان کي ڇڙواڳ ڇڏڻ نه گهرجي. بس ڊڪي هن جي مهار وات ۾ جهلي هن جي اڳيان هلڻ لڳو، اُٺ به هن جي پٺيان هلندو آيو، اوچتو واٽ تي دريا اچي ويو، ڪئو پاڻي ڏسي بيهي رهيو ۽ اٺ جو منهن تڪڻ لڳو، اٺ پاڻ کي اڻڄاڻ ۽ موڳو بنائي پڇڻ لڳس ته اي منهنجا رهبر! تون ڇو ڊپ ۾ بيهي ويو آهين، ڪئو شرمندو ٿي چوڻ لڳو ته، هي پاڻي ڏسي مان دهلجي ويو آهيان، اٺ چيس ته ڊپ نه ڪر، مان اندر گهڙي ٻڌايان ٿو ته پاڻي ڪيترو آهي. اٺ دريا ۾ گهڙيو، هلندو ويو ۽ چوڻ لڳو ته اچ پاڻي ننڍو آهي، ڏس مون کي گوڏي تي مس آيو آهي، تون ڪيئن ٻڏندين؟ ڪئي چيو ته يار تون ته ڪو عجيب جانور آهين! جيڪو پاڻي توکي گوڏي تي ٿو اچي، اُهو ته منهنجي مٿي کان به وڏو آهي.

اٺ طعنو هڻي چيس ته واه ڙي ڪئا واه! اهڙي حالين ٿو منهنجو پيشوا ٿين، آئينده همسري جي دعويٰ پنهنجي ڪئن سان ڪج، اٺن جي ور نه چڙهجان.

تو سري با مثل خود موشان بکن

با شتر مرموش را نبود سخن

ڪئي چيو ته، منهنجي توبه آئينده اهڙي جرائت نه ڪندس، هاڻي خدا جي واسطي مون کي پار اُڪار، اٺ کي رحم آيو، چيائينس ته اچ اچي منهنجي پٺيءَ تي ويهه، مان تو جهڙن لکن ڪئن کي پار اُڪاري سگهان ٿو.

مولانا چوي ٿو ته جڏهن تو ۾ بادشاهه بڻجڻ جي صلاحيت ڪانه آهي، ته رعيت بڻجي گذارو ڪر ۽ خدمت ڪري عزت حاصل ڪر.

 

شعر

خلق جي خدمت ڪري عزت پراءِ

پنهنجي وت کان ڪين وک هڪڙي وڌاءِ

 

 

بادشاهه ۽ مصاحب

خوارزم بادشاهه جو هڪ مصاحب، ڏاڍو جان نثار ۽ فداڪار هو، هن کي بادشاهه سان اهڙو ئي عشق هو، جهڙو پروانه کي شمع سان. هڪ دفعي ان کان غلطي سرزد ٿي، جنهن ڪري بادشاهه ناراض ٿي، غصي ۾ اچي، تلوار ڪڍي اڳتي وڌيو ته ان مصاحب جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري… هيءَ روداد ڏسي درٻار ۾ سناٽو ڇانئجي ويو ڇاڪاڻ ته هن جو اهڙو قصور هوئي ڪونه جو واجب القتل ٿئي، سڀني درٻارين چاهيو ٿي ته، بادشاهه کي روڪيو مگر سر جي خوف کان ڪنهن کي جرائت ڪانه ٿي، جو بادشاهه کي روڪي.

ان وقت درٻار ۾ عمادالملڪ به ويٺو هو، جو ٻڍاپڻ سبب ناتوان و نحيف هو، هو جهٽ ڏئي اڳتي وڌيو ۽ عضبناڪ بادشاهه جي اڳيان پنهنجي گردن جهڪائي، چوڻ لڳو ته حضور کي مصاحب ڏانهن وڌڻ جي تڪليف نه ڏيندس، جيستائين مون کي قتل نه ڪريو، مون بادشاهه جو نمڪ کائي کائي هيتري عمر آندي آهي، مان واجب نٿو ڄاڻان ته بادشاهه تي خون ناحق جو بار پوي. اميد اٿم ته بادشاهه سلامت جن منهنجو عرض قبول ڪندا ۽ قتل جي ارادي کان پاڻ کي روڪيندا.

هي ٻڌي بادشاهه جي قهر جي باهه اجهامڻ لڳي هن تلوار هٿ مان کڻي ڦٽي ڪئي ۽ عمادالملڪ کي ڳلي لڳايائين ۽ سندس هٿ چمي چوڻ لڳو ته مو مصاحب کي خطا معاف ڪئي، بيشڪ تڪڙ ڪم شيطان جو آهي.

هن مصاحب کي عمادالملڪ بچايو هو، تنهن ڪري واجب ته ايئن هو ته عمادالملڪ جا پير ڌوئي پئي ها، مگر هن انهيءَ ڏينهن کان وٺي عمادالملڪ سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو، اها خبر جڏهن ماڻهن کي پئي تڏهن هن کي ملامت ڪرڻ لڳا، ته واه ڙي احسان فراموش واه! هن تنهنجي جان بچائي آهي، تون رهندو هن تي ڏمريو آهين، مصاحب هنن کي هيٺيون عاشقانه جواب ڏنو.

شاهه آقا آءٌ بندو شاهه جو

جو ڪري ها شاهه سو منظور هو

 

بيت

جيهي مان تيهي، ٻانهي ٻاروچن جي

هو جا پائن پير ۾ تنهن جتيءَ نا جيهي

حجت هوت پنهونءَ سان ڪميڻي ڪيهي

 

ابن سينا ۽ ڀنگي

ابن سينا کان هڪ راوي، روايت ٿو ڪري ته، ابن سينا چيو ته، مان ڪڏهن به ڪنهن جو قائل نه ٿيس، مگر مون کي هڪ خاڪروب (ڀنگي) هڪ دفعي لاجواب ڪري ڇڏيو، ڳالهه هيئن آهي ته، مان هڪ ڏينهن صبوح سير تي ٿي ويس ڇا ڏٺم ته هڪ ڀنگي گند به ڌوئي رهيو آهي ۽ هي شعر به پڙهي رهيو آهي.

ڏس نه تون اي نفس ذلت جي طرف

جي جيڻ چاهين ٿو با عزو شرف

مان هن جو هي شعر ٻڌي تعجب کائڻ لڳس ته، هي ڀنگي ڪم ڪهڙو ڪري رهيو آهي ۽ چوي ڇا ٿو! گند ڌوئڻ ۽ ڍوئڻ ۽ دعويٰ شرافت جي ڪرڻ! ڪهڙي نه بيوقوفي آهي. مون (ابن سينا) کان رهيو نه ويو ۽ چيومانس ته پنهنجو ڪم به ڏس ۽ شعر ڪهڙو پڙهي رهيو آهين. ڀنگي چيو ته اي ابن سينا! توکي اهڙي ڳالهه ڪرڻ واجب نه آهي. تون ايڏو قابل، عاقل، اديب ۽ فاضل پر بادشاهن اڳيان هٿ ٻڌيو ٻانهو ٿيو بيٺو آهين، توکي غيرت ۽ شرم نٿو اچي آهه! تو پنهنجي علم و عقل ۽ شرافت تي غلاميءَ جو بدنما داغ لڳايو آهي، جيڪڏهن خودداري رکين، ته بادشاهه ۽ وزير خود توڏانهن هلي اچن، مان ڪنهن جو غلام نه آهيان، پنهنجي مرضي مطابق اٿان ويهان ٿو، شريف اُهو آهي جو پنهنجي هٿ سان پورهيو ڪري کائي پئي ٿو، مگر ڪنهن اڳيان ٻانهون ٻڌي نه ٿو بيهي، شرافت انسان جي ذات ۾ آهي، ڪم ۾ نه آهي، مزدوري جو ڪهڙو به ڌنڌو گهٽ نه آهي، اي ابن سينا افسوس! تون اڃا تائين ذلت ۽ شرافت ۾ تميز ڪري نه سگهيو آهين، هي ٻڌي آءٌ لاجواب ٿي ويس، سچ آهي ته جو هن آزاد حلال خور چيو، انکي هڪ خوشامدي ۽ غلام ڪهڙو جواب ڏيندو.

 

شعر

ذلت جي زندگي کان عزت جو موت بهتر

 

 

ٺونشي بازي

هڪ شخص ٻئي شخص جي مٿي تي، اهڙو ٺونشو هنيو جو آواز ولايت ٻڌڻ ۾ آيو، هن کي ڌڪ به ڏاڍو لڳو ۽ شدت ايذاءَ کان، ٺونشي هڻندڙ شخص سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿيو. ان تي ڌڪ هڻڻ وارو چوڻ لڳس ته يار! تنهنجو ٺونشو سهڻ لاءِ تيار آهيان، مگر هي ته ٻڌاءِ ته اِهو آواز، منهنجي هٿ مان نڪتو يا تنهنجي مغز مان. ڌڪ سهڻ واري چيو ته مون کي سخت سور معلوم ٿي رهيو آهي، مون کي ايتري فرصت ڪٿي آهي، جو سوچي توکي جواب ڏيان، ها هاڻي مون کي ٺونشو هڻڻ ڏي، پوءِ ٻئي گڏجي انهيءَ مسئلي کي حل ٿا ڪريون. توکي جڏهن ٺونشو لڳندو، تڏهن درد جو احساس ٿيندءِ.

ٻئي جي تڪليف جو قدر تڏهن پوندو جڏهن پاڻ ماڻهو ڏک ۽ تڪليف ڏسندو.

 

 

نفعو نقصان نه ڏسندڙ

هڪ شخص هڪ درويش کان پڇيو ته، فقير صاحب! اوهان جي زندگي ڪيئن پئي گذري؟ درويش چيو ته، ڪهڙا حال ٿو پڇين، جنهن جي ڪمال کي ڪو زوال نه آهي، جنهن جي اشاري تي دنيا ٿي هلي، آسمان، دريا تارا، چنڊ، سج ۽ ڏينهن رات جنهن جي قبضي ۾ آهن، آدمي، جيت جڻيا، پکي پکڻ، و حيوان، جن و ملائڪ، جنهن جي حڪم جا بندا آهن، جنهن جي ارادي تي دنيا جي ڪاروبار جو مدار آهي… ايئن چئي ماٺ ڪيائين، سائل چيو ته ايئن برابر آهي، توهان جو درجو انهيءَ کان به بلند آهي، مگر ذرا پنهنجي اقوال جي سمجهاڻي کولي ٻڌايو ته منهنجي سمجهه ۾ اچي وڃي، درويش چيو ته ڳالهه بلڪل سنئين سڌي آهي، هن ۾ ڪا به پيچيدگي ڪانه آهي. جو هيئن يقين رکي ته خالق جي حڪم کان ڪوبه ٻاهر نٿو هلي، جنهن جي حڪم سوا هڪ پن به چُري نٿو سگهي، جو هڪڙي دم ۾ عدم کي وجود ۾ آڻي ۽ جهان کي فنا ڪري سگهي ٿو، جو دوستي ۽ دشمني الله ڪارڻ رکي، جو خدا جي واسطي جيئي ۽ خدا جي واسطي مري، جنهن جي دل ۾ نه دوزخ جو ڊپ هجي، نه بهشت جي سڌ هجي. بس اهڙو انسان سڄي دنيا جو حڪمران آهي. جو شخص نفعي نقصان ۾ راضي برضا الاهي رهي، هو نه آرام کان بگڙي نه تڪليف ۾ شڪوه شڪايت ڪري، مسلم اُهوئي آهي، جو خدا جي اڳيان سر تسليم خم ڪري هن جي ڪشتي جيڪڏهن دريا مان پار لنگهي وڃي ته شڪر ڪري، جي ٻڏي پوي ته هو ذري جو به غم نه ڪري، ڇاڪاڻ ته هن کي يقين ڪامل آهي ته:

 

جيڪي منجهه جهان، سو تاري تڳي تنهنجي،

لطف جي لطيف چئي تو وٽ ڪمي آهي ڪانه.

 

نمازي غلام

آڳاٽي وقت ۾ هڪ امير، نيڪ خو ۽ نهايت قابل هو، مگر شامتِ اعمال کان هن ۾ سستي جي خراب عادت هئي. ديني ڪمن ۾ ته بلڪل ڪاهل هو، ڀلجي به مسجد ۾ وک نه وجهندو هو، هن جو هڪڙو غلام ”سنقر“ نالي ڏاڍو چست هو، ديندار به ڏاڍو هو! هڪ دفعي صبح جو امير غسل جو خيال رکي، تيل، صابڻ، رومال کڻي حمام ڏانهن هليو. واٽ تي هڪ مسجد هئي، جيئن اتان لنگهيا ته بانگ آئي، بانگ ٻڌي سنقر، چيو ته آقا! بانگ آئي آهي، مون کي فجر جون ٻه رڪعتون نماز ادا ڪرڻ جي اجازت ڏي. مان جهٽ فارغ ٿي اچان ٿو. امير چيس ته توکي رخصت آهي، منهنجي پاران به دعا گهرجان، مان ٻاهر ويٺو آهيان.

امير ڪجهه وقت تائين انتطار ڪيو، مگر سنقر نه آيو، سڀ نمازي فارغ ٿي نڪتا مگر هي نه نڪتو، ڪجهه وقت کان پوءِ امير، مسجد جي دورازي تي بيهي، سڏ ڪيو ته اي سنقر! توکي ڇا ٿيو آهي؟ اڃا ٻاهر نٿو اچين. سنقر چيو ته آقا ٿورو ترسو، مون کي ٻاهر اچڻ نٿا ڏين. امير چيس ته ڪير نٿا ٻاهر نڪرڻ ڏين، سنقر چيو ته آقا  مون کي اهو ٻاهر نٿو نڪرڻ ڏئي، جيڪو توکي اندر نٿو اچڻ ڏئي. سچ آهي ته سڀ ڪجهه ڌڻيءَ جي وس آهي.

 

 

چور ۽ سندس سنگتي

رات جي پوئين پهر ۾، هڪ شخص کي پنهنجي گهر ۾ ڪنهن جي گهمڻ جو آواز معلوم ٿيو، اک کولي ڏٺائين، ته هڪ چور گهر ۾ ڦري رهيو آهي. ۽ جستجو ۾ آهي، ته ڪا شيءِ هٿ لڳي ته کڻي روانو ٿيان. گهر ڌڻي همت ڪري، چور کي پڪڙيو، مگر هو لڦڙ سڦڙ ڪري ڀڄي ويس، مگر هن وري همت ڪري گردن کان جهلي قابو ڪيس.

چور جو هڪ سنگتي، لڪو بيٺو هو، جنهن گهر واري جي جاءِ تي بيهي سڏ ڪيو ته يارو ڀڄندا اچو مان هڪ ڄڻو آهيان ۽ چور ٻه ڄڻا آهن. هي ٻڌي هُن چور کي ڇڏي اوڏانهن رخ رکيو، ته مبادا چور ٻارن کي مارين… گهر جي ڀرسان هن، هڪ آدمي بيٺل ڏٺو، هن چيس ته چور ڪٿي آهن، تنهن تي هن ورندي ڏنيس ته چور اتي هوندا اچ ته پيرا ڏسون، آخر پيرا ڏٺائون ته هڪڙا پير هئا گهر ڌڻيءَ جا ٻيا پڪڙيل چور جا، انهيءَ تي گهر ڌني صحيح ڪيو ته يا ته هي چور جو ساٿي آهي، جنهن دوکو ڏئي چور کي ڇڏايو آهي، يا ڪو بيوقوف آهي… خير ڪيئن به هجي پر قصور منهنجو آهي. جو مون پڪڙيل چور کي ڇڏي ڏنو، انسان کي عقل کان ڪم وٺي ڪنهن دوکي باز جي دوکي ۾ اچڻ نه گهرجي.

 

 

چور ۽ دنبي وارو

هڪ شخص شوق مان هڪ دنبو ڌاريو هو. دنبو هن سان ايتري، قدر ته ٺهي ويو، جو جتي به هو ويندو هو ته دنبو به پٺيان لڳو وتندو هوس. هڪ ڏينهن جيئن دنبو هن جي پٺيان پئي ويو، تيئن ڪنهن بدمعاش ڏسي ورتس ۽ دنبي کي کڻي هڪ طرف روانو ٿيو، شخص پٺتي ڪنڌ ورائي ڏٺو ته مار! دنبو ته آهي ئي ڪونه، ان جي تلاش ۾ هيڏي هوڏي ڊڪڻ لڳو. بدمعاش به ڏسي ورتو ۽ جهٽ پٽ هڪ کوهه تي ويهي روئڻ لڳو، دنبي وارو هن وٽ آيو ۽ پڇيائينس ته، ايترو ڇو ٿو روئين؟ هن چيو ته ڪهڙي خبر ٿو پڇين، منهنجي عمر جي ساري ڪمائي ڪٽ ٿي وئي. ناڻي واري ڳوٿري هن کوهه ۾ ڪري پئي اٿم، جيڪڏهن ڪو ٽٻي هڻي ڪڍي ڏئي ته اڌ ناڻي جو جنهن ۾ اڍائي سؤ دينار ٿيندا، ان کي ڏيندس. دنبي واري جي دل سرڪڻ لڳي، سو انهيءَ وقت جتي ۽ ڪپڙا لاهي کوهه جي مٿان رکي پاڻ گهڙي پيو کوهه ۾ ۽ ٽٻيون هڻڻ لڳو… بدمعاش هي موقعو غنيمت ڄاڻي، دنبو، جتي ۽ ڪپڙا کڻي رمندو رهيو. دنبي جو مالڪ ٽٻيون هڻي هڻي ٿڪجي پيو ۽ رڙ ڪري اندران چيائين ته، اي ٿيلهي وارا! ٿيلهي ته ڪانه ٿي لڀي… مٿان ڪو جواب ڪونه مليس، ڀلا هجي ڪو ته هن کي ورندي ڏئي.

آخر ٻاهر نڪري آيو، ڏسي ته مار! آدمي ته غائب آهي، مگر ڪپڙا ۽ جُتي به ڪانه آهي، پوءِ ته ننگي بدن لڳو هيڏانهن هوڏانهن جاچڻ، مگر هو حرامي ته هٿ ڪو نه آيس. هن جي لالچ تي لڳي، دنبو به وڃايائين ۽ ڪپڙا ۽ جُتي به وڃايائين، سچ چيو اٿن: جو ماڻهو اڌ کي ڇڏي سڄي ڏانهن ڊوڙي ٿو، تنهن کي سڄي ته ڪانه ملي پر اڌ ڪاڻ به سڪي.

بيت

طمع سندو تس، ڀريو ڀرجي ڪينڪي

 

 

هاٿي ۽ تماشبين

چند هندستاني ملڪ ايران ۾ نمائش لاءِ هڪ هاٿي وٺي ويا، هن کي هڪ اونداهي ڪوٺيءَ ۾ داخل ڪيو ويو، جيئن هن کي ڪو به بتيءَ کان سواءِ ڏسي نه سگهي، چار شوقين رات جو هاٿي ڏسڻ آيا، انهن کي چيو ويو ته هي وقت هاٿي جي ڏسڻ جو نه آهي، مگر هنن تڪرار ٻڌو ته هاٿي ضرور هن مهل ڏسنداين… جو گهرجيو سو وٺو اسان کي بتي يا چراغ جي به ضرورت نه آهي. نيٺ هڪ اندر ويو، هن جو هٿ هاٿيءَ جي سونڍ کي وڃي لڳو، هو ٻاهر آيو ۽ چوڻ لڳو ته هاٿي نلڪي وانگر گول مخروط ۽ لنبو آهي، ٻيو ويو ته ان جا هٿ وري هاٿيءَ جي ٽنگن کي لڳا اهو ٻاهر اچي چوڻ لڳو ته هاٿي هڪ ٿلهي ٿنڀي وانگر آهي. ٽئين هاٿيءَ جي ڪنن کي ڇُهي رايو پيش ڪيو ته هاٿي ڇڄ وانگر آهي. چوٿين جي هٿ هن جي پٺيءَ تي لڳو، جنهن چيو ته، هاٿي تخت وانگر آهي، جيڪڏهن هنن جي هٿ ۾ شمع هجي ها ته نڪي غلطي ۾ پون ها، نڪي منجهن اختلاف راءِ ظاهر ٿئي ها.

دنيا وارن ۾ جيڪو اختلاف آهي، سو جهالت جي تاريڪي سبب آهي، جيڪڏهن هو علم جي نور سان منَور ٿين ته جيڪر نڪي پاڻ ۾ لڙن، نڪي جهڳڙو ڪن.

شعر

علم جي کڻ شمع، ظلمت جهل کي دنيا مان ڪڍ

جت به تاريڪي هجي، تون اُت وڃي تنوير ڪر

 

مڪان جي تلاش ۾

هڪ امير ماڻهو، هڪ شهر ۾ وارد ٿيو، هو اهڙي گهر جي تلاش ۾ هو، جو آرام ڏيندڙ هجي. هن کي ڪشادي هوادار ۽ ٻين خوبين واري مڪان جي ضرورت هئي… هن ڏاڍي جاچ ڪئي مگر هن کي اهڙي جڳهه هٿ نه آئي. هو هڪ ڏينهن جيئن بازار مان پئي ويو، تيئن ننڍپڻ جو هڪ هم ڪلاسي دوست ملي ويس، ٻئي ڏاڍي سڪ ۽ محبت سان هڪٻئي کي مليا، حال احوال ڏنائون، ورتائون، کليا خوش ٿيا، گفتگو جي دوران امير پنهنجي دوست کي جڳهه بابت ڳالهه ڪئي، دوست چيس ته، اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، منهنجي پاڙي ۾ ئي هڪ اهڙي جاءِ آهي، جيڪڏهن هو ويران ۽ خراب ٿي نه وڃي ها، هن جون ڇتيون ۽ ڀتيون سالم هجن ها، باورچي خانه سالم هجيس ها، غسل خانه ڊهي نه پويس ها… ته اهڙو عاليشان مڪان ٻيو هوئي ڪونه.

دوست جي هيءَ ڳالهه ٻڌي، متلاشي چيو ته، يار مون کي جاءِ جي ضرورت آهي، تنهنجي انهيءَ اگر مگر ۽ هيئن هجيس ها، سان منهنجو مطلب ڪهڙو؟ تو واه جو منهنجي مدد ڪئي.

دوست سڏائي سڀڪو جاني زباني،

آهي آساني ڪم پوي ته ڪل پوي.

 

اگر مگر کهنا نهين مردون کا کام

کام هين شرطون سي رهتي ناتمام

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com