سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: منهنجو ساگر، منهنجو ساحل

الطاف شيخ

صفحو :6

 

اڊارڪٽڪ سمنڊ

پهرين سين ۾ هي فقير پر تقصير معافي گهرندو جو تنهنجي ڪيترن خطن ملڻ جي باوجود استنبول (ترڪي) ۽ رائيڪا (يوگو سلاويه) مان خط نه لکي سگهيو آهي. ان جي عيوض سمنڊ مان لکي رهيو آهيان. ورنا (بلغاريه) بعد اسان استنبول (ترڪي) آياسين. جتي ڪجهه ڏينهن ترسڻ بعد يوگو سلاويه جي ٻئي بندرگاهه ”رائيڪا“ ۾ آياسين ۽ هاڻ رائيڪا کي خير آباد چئي لبنان وڃي رهيا آهيون. رائيڪا جو بندرگاهه اٽلي جي ”ٽرسٽي“ بندرگاهه کان پنجاهه سٺ ميل اوڀر ۾ ٿيندو. اٽلي جي ڏکڻ ۾ بحيره روم آهي ۽ اتر ۾ هي اڊارڪٽڪ سمنڊ، اڊارڪٽڪ سمنڊ جي ٻئي پاسي اتر ۾ يوگوسلاويه آهي. هن وقت اسان جو جهاز اڊارڪٽڪ سمنڊ ۾ هلي رهيو آهي. سڀاڻي شام ڌاري هي سمنڊ ختم ڪري بحيره روم ۾ داخل ٿينداسون. رائيڪا ۽ استنبول ۾ ايترو ته مشغول هوس جو خط لکڻ جي فرصت ئي نه ملي. هينئر هن وقت پنهنجي ڪئبن جي دري اڳيان ويهي هي خط لکي رهيو آهيان. سمنڊ ۾ ڪافي جوش آهي ۽ گردي جي مريض وانگر تڙپي رهيو آهي، چيخي رهيو آهي ۽ جهاز يورپ جي ”نائيٽ ڪلبن“ جي رنڊيءَ وانگر نچي رهيو آهي. شروعات ۾ ٿوروئي جهاز لڏندو هو ته مون کي ڦيري محسوس ٿيندي هئي. الٽيون اينديون هيون، دل ڪچي ٿيندي هئي يا بقول بشير وسطڙي جي خراب موسم ۾ Sailor جي حالت چوٿين مهيني پيٽ واري عورت جهڙي هوندي آهي، پر هاڻ ڪافي وقت سمنڊ تي رهڻ ڪري عادت ٿي ويئي آهي ۽ گهڻي سي سڪنيس (Sea – Sikness) نه ٿيندي اٿم نه ته هن وقت جهاز جي اُها حالت آهي جو نئين ماڻهو لاءِ هڪ منٽ به مصيبت ٿي پوي.

هتي جي ۽ پاڪستان جي وقت ۾ چئن ڪلاڪن جو فرق آهي. توهان وٽ هن وقت شام جا ست ٿيا هوندا ۽ هتي اڃا ٽي ٿيا آهن. هتي منهنجي ريڊيو تي ڍاڪا، سلون ۽ ٻيون ڏوراهيون ريڊيو اسٽيشنون به چٽيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. ريڊيو سلون تان هن وقت ”لتا“ ڳائي رهي آهي.... ڪير به ناهي، پوءِ به آهي مون کي نه ڄاڻي ڪنهن جو انتظار – ڪنهن جو انتظار.....

يار لتا جو آواز ته نه آهي پر عجوبو آهي. عجوبو. جنهن به لتا کي ٺاهيو آهي، ڇا ڪمال جي شيءِ آهي. ٺلهي گوشت پوست ۽ مٽيءَ مان اهڙي شيءَ ٺاهڻ ڏاڍي مشڪل آهي ! آمريڪا ۽ روس جا حال ته ڏس. ڳالهيون ته گهڻيون ئي وڏيون ٿا ڪن. هر پندرهين ڏينهن راڪيٽ چنڊ تي ٿا موڪلين. پر آءٌ چوان ٿو هڪ ٻي لتا ته ٺاهي ڏيکارين. هڪ ٻي مصر جي اُم – ڪلثوم ته ٺاهي ڏيکارين. هڪ روبينه ته بنائي ڏيکارين. جا ڳائي ٻڌائي ته ”جنهن کي ڳاڙهو لڪڻ هٿ ۾.... (يا سائو لڪڻ هٿ ۾ ئي سهي) يا هڪ زليخا خديجا ته ٺاهي ڏيکارين جا ڳائي ٻڌائين ته ”دل منهنجو آهي، چوڏهين جو چنڊ اديون ! بنو منهنجو آهي.....“ ته مڃيون ! ڪير ٿو چوي ته آواز هڪ نعمت ناهي. ڪير ٿو چوي ته آواز ۾ اثر ناهي؟ ڪير ٿو چوي ته راءِ ڏياچ، ٻيجل کي راڳ خاطر سر نه ڏنو !

خير سائين، اچون پنهنجن خبرن تي، رائيڪا ۾ ڏاڍو سٺو وقت گذريو. رائيڪا ۾ ”مئرين اڪيڊمي چٽا گانگ“ جهڙي اڪيڊمي آهي جا دنيا جي مشهور ۽ وڏين اڪيڊمين مان آهي. پنهنجي ملڪ جا پڻ ڪجهه شاگرد ٻن ٽن سالن لاءِ هتي ”مئرين انجنيئرنگ“ ۽ ”نيو گيشن، جي تعليم لاءِ آيا هئا، پر هاڻ اها اسڪالرشپ تازو بند ڪئي وئي آهي. چٽاگانگ مئرين اڪيڊمي ۾ جڏهن آءٌ هئس ته منهنجو هڪ ڪلاس ميٽ شهاب الدين، اها ڇڏي هتي آيو هو. سندس پڇا ڪرايم ته معلوم ٿيو ته تازو هو به جهاز تي انجنيئر جي حيثيت ۾ هليو ويو آهي ۽ اڄڪلهه سعودي عرب ۾ سندس جهاز ويل آهي. ٻيا چار پنج شاگرد مليا جي آخري سال ۾ آهن تن ٻڌايو ته حيدرآباد جو هڪ سنڌي انور علي ميمڻ پڻ زير تعليم هو جو پڻ تازو تعليم ختم ڪري جهاز تي هليو ويو آهي. ڏاڍو افسوس ٿيو جو ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي. وڏي رهائي وارو مڙس ٿو ڏسجي. رائيڪا ۾ ٻن ٽن فئملين سان ملاقات ٿي جي انور کي سڃاڻين. ڏاڍيون تعريفون ٿي ڪيائونس. هڪ پوڙهي ته ٻُڪ کڻي يوگوسلاوين زبان ۾ منهنجي اڳيان دعائون ڏيڻ شروع ڪري ڏنائين ته اسان کيس پنهنجن ٻچن وانگر ٿا سمجهون، ۽ هو به اسان جي عزت ڪندو آهي. اهي سڀ مسلمان فئمليون هيون. ان کان علاوه پاڪستاني شاگرد به انور کي ڏاڍو ياد ڪري رهيا هئا ته ڪچهري جو ڪوڏيو آهي. سندس رائيڪا ۾ گذريل چند سال، ساڻن گڏ ڪيل چرچا گهٻا ۽ سندس مخصوص سنڌي لهجو، هنن لاءِ باعث يادگيري آهي.

يوگوسلاويه ۾ پڻ مئرين انجنيئرنگ جو پنجن سالن جو ڪورس آهي، پر تعليم انگريزي بدران يوگو سلاوين زبان ۾ ڏني ويندي آهي، جا پهرين، سال اڌ لاءِ الڳ سکڻي پوندي آهي. (انور جي برانچ انجنيئرنگ نه پر، نيو گيشن آهي جنهن جو ڪورس گهٽ سالن جو آهي) رائيڪا جي هن اڪيڊمي ۾ ڪل ٻاويهن ملڪن جا شاگرد تعليم وٺي رهيا آهن. يوگوسلاويه جا جهاز راني ۽ جهاز سازي ۾ چند سالن اندر ترقي ڪئي آهي. سا قابل داد آهي. 1945ع ۾ آزادي وقت يوگوسلاويه ۾ ڪجهه به نه هو. ٻي جنگ عظيم ۾ سڀ ڪجهه ناس ڪيو ويو هو. بمن جي تباهه ڪاري جانشان اڃان تائين موجود آهن. اڃان تائين ڊٺل بلڊنگون موجود آهن. يوگو سلاويه جي بلڪل ڪمزور ترين حالت هئي، پر هتي جي ماڻهن کي شاباس هجي جو ايتري ٿوري عرصي اندر وري پنهنجيءَ وارا ٿي ويا آهن. بلڪه اڳي کان اڳرا. هينئر يوگو سلاويه ۾ ڪنهن به شيءِ جي ڪمي ناهي. ان ترقي جو سهرو هتي جي اڳواڻن ۽ رهنمائن تي پڻ آهي. هيترن ملڪن ۾ مون فقط ٻه ملڪ ڏٺا آهن. جن جو ٻچو ٻچو پنهنجي رهنما جي سچي دل سان عزت ڪري ٿو. هڪ چين ۾ ”مائوزي تنگ“ ۽ ٻيو هتي جو ”مارشل ٽيٽو“ عزت ڇا پر ماڻهو پوڄيندا اٿس. ننڍي ٻار کان به پڇبو ته توکي ڪنهن ڪنهن سان پيار آهي ته چوندا ”ماما (ماءُ)، تاتا (پيءُ)، ۽ مارشل ٽيٽو“ هتي جا ماڻهو گارين ۾ پنهنجي ماءُ ڀيڻ به نه ڇڏيندا پر مارشل ٽيٽو جو هميشه عزت سان نالو وٺندا آهن. ۽ واقعي آهي ته عزت جي لائق. ملڪ جا ماڻهو ته ڇا پر ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو به سندس گڻ ڳائيندا آهن ته هن کي پنهنجي ملڪ سان ڪيڏو نه پيار آهي ۽ هن ملڪ لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي. رائيڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني شاگرد ضيا، مصطفيٰ، صديقي ۽ ٻيا اسان وٽ روز جهاز تي گهمڻ ايندا هئا ۽ اسان به هنن وٽ ويندا هئاسين. هنن اسان کي خوب گهمايو ڦيرايو ۽ ڏيکاريو نه ته هتي جي زبان اهڙي ڏکي آهي جو صفا ياد نٿي ٿئي. جپاني ۽ بنگالي جي هڪ ڳالهه مون کي ڏاڍي وڻي ٿي. جو ڏاڍيون مخلص ۽ Sober آهن.توهان کي ڪا به گار انهن ٻولين ۾ نه ملندي. بنگالي زبان ۾ ته جيڪي ٻه گاريون آهن. سي به ٻين زبانن جون آهن، نه ته بنگالي زبان ۾ وڏي ۾ وڏي گار ”اڻ سڌريل“ آهي. باقي هنن يوگو سلاوين زبان جي ڇا ڳالهه ڪجي ! وڙهين تڏهن ته گاريون ڏين، پر کل خوشيءَ وقت به گاريون ڏين، کيڪار به گارين سان ڪن. گاريون به ڪچيون ڪچيون، ست سُريون! مرد ته ٺهيو پر عورتون به وڏي مزي سان ڏين.

Text Box: ١٦٩

 

هتي به مسلمان ڪافي ٿا رهن. رائيڪا جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ته سڄو مسلمانن جو آهي. هتي رهندڙ ڇوڪرن ٻڌايو ته هتي جا ڪي مسلمان ته ههڙي ماحول ۾ رهي به پنهنجي دين کان غافل نه آهن ۽ صوم و صلواة جا پڪا آهن. هتي رهندڙ پاڪستاني شاگردن ٻڌايو ته رمضان ۾ باقاعده تراويح نماز ٿيندي هئي ۽ سحريءَ لاءِ اٿاريو ويندو هو، پر هڪ ڳالهه ڏاڍي دک دائڪ آهي، جو هتي مسلمانن کي گهٽ نظر سان ڏٺو ٿو وڃي ۽ حڪومت به اُهي سهوليتون نٿي ڏيئي جي ٻين کي ٿي ڏئي. هتي جا مسلمان ٻين جي مقابلي ۾ غريب به آهن. هتي هڪ فئملي سان ملاقات ٿي (جي انور کي سڃاڻين ۽ کين جڏهن معلوم ٿيو ته آءٌ به اتان جو آهيان جتان جو انور آهي ته هنن کي ملڻ جو ڏاڍو خيال ٿيو ۽ مون کي پاڻ وٽ گهرايائون) ڳالهين ڪندي انهن کان اهو معلوم ڪري افسوس ٿيو ته شهر ۾ جيڪي به فقير، پالش وارا ۽ ٻيا اهڙا گهٽ ڌنڌا ڪرڻ وارا سڀ مسلمان آهن. شهر ۾ پهرين ڏينهن به ڏهن کن سالن جا ٻار پنندي نظر آيا. ٿورا سانوري رنگ جا هئا. مون سمجهيو ڏکڻ ايشيا جي ڪنهن ملڪ جا آهن، پڇيو مان ته ڪير آهيو؟ ٺهه پهه چوڻ لڳا ”مسلمان آهيون.“ کيسي ۾ هٿ وجهي ڪجهه دينار ٻاهر ڪڍي ٻنهي کي ڏٺم. مون کي خبر ناهي ڇو اهو احساس وڪوڙي ويو ته مون هڪ ثواب جو نه پر گناهه جو ڪم ڪيو آهي. مون هنن کي اهي چند دينار ڏئي وڌيڪ تباهه ٿيڻ ۾ مدد ڪئي آهي، هنن کي پنڻ لاءِ همٿايو آهي. ٻن تندرست ماڻهن کي محنت مزدوري ڪري ڪمائڻ بدران، مفت ۽ آسانيءَ سان پئسو هٿ ڪري پيٽ ڀرڻ جو چشڪو ڏنو آهي ۽ سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ههڙي ترقي يافته ۽ امير ملڪ هوندي به اهڙي ڪا انجمن، اهڙي ڪا خذمتگار سوسائٽي نه آهي جو پنهنجي ئي ملڪ جي ٻارن ۽ نوجوانن کي ان پنڻ کان هٽائي ڪو باعزت ڌنڌو مهيا ڪن. لاچاري ۽ بي وسي ٻي ڳالهه آهي پر هڪ چرسي، موالي، ڏٽي مٽي ۽ نوجوان کي محنت کان ڀڃي، پئسي ڪمائڻ جو اهو طريقو اختيار ڪرڻ، منهنجي خيال ۾ ته عظيم گناهه آهي. ملڪ جي بدنامي آهي. جنهن جي ڏوهه ۾ اهڙي انسان کي همٿائڻ وارو به برابر شامل ڪري سگهجي ٿو

يوگوسلاويه، بلغاريه، اسپين ۽ ٻين ملڪن جي مسلمانن جي حالت ۽ اُتي جي حڪومت ۽ عوام جو ورتاءُ ڏسي هڪ ڳالهه لاءِ اعتراف ٿو ڪرڻو پوي ته اسان پاڪستان الڳ وٺي ڪيڏو نه سٺو ڪيو. هاڻ اسان آزاد آهيون. هر لحاظ کان، جسماني ۽ ذهني طرح، لڪي لڪي مسجدن ۾ نمازون نٿيون پڙهڻيون پون. ڊڄي ڊڄي اهو نه ٿو ٻڌائڻو پوي ته مسلمان آهيون. متان نوڪري کان هٿ ڌوئڻا پون. اسان پاڪستان صرف انڪري ٿي چاهيو جو اسان هندن سان رهي نه سگهون ها. اسان کي تاريخ کان ڊپ ٿي لڳو ته هوءَ پاڻ نه دهرائي !

 

 

 

لاس پاماس (ڪنري ٻيٽ)

ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾، اتر آفريڪا جي کاٻي پاسي پنجن ڇهن ٻيٽن جو جهڳٽو آهي جي ”ڪنري ٻيٽ“ (Canary Islands) سڏائين ٿا ۽ اسپين جي حڪومت هيٺ آهن. ”لاس پاماس“ انهن سڀني ٻيٽن مان مکيه ۽ خوبصورت آهي. اڄڪلهه اسان اتي آهيون ۽ خط اتان ئي لکي رهيو آهيان ۽ بيروت (لبنان) کان ڪل ستاويهه سئو ميلن جو مفاصلو طئي ڪري سڄو بحيره روم لتاڙي هتي چوٿون پنجون ڏينهن پهتا آهيون. هتي پهچڻ سان هادي بخش، زين، اڪبر منگي، نظاماڻيءَ ۽ ٻين جا خط ڪراچي آفيس کان موڪليل مليا. هاديءَ سڄي خط ۾ ڊاڪٽر عبدالله ۽ انور منگيءَ جي شادي جي ڪمينٽري لکي آهي. خبر ناهي ڪيئن دل تي پٿر رکي ”ش“ جون خبرون مختصر ڪري صرف ٻن ٽن سٽن ۾ لکيون اٿس.

دلبر هتي جون خبرون ته کوڙ آهن، ڪهڙيون لکي ڪهڙيون ڇڏجن. بس اهي ئي رب جا لکين احسان آهن جو اڃان زنده آهيون، نه ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته پاڻ جهڙو حسن جو پوڄاري ههڙن خوبصورت هنڌن تي ڪيئن پيو جيئي ! روز قتل ٿيندا آهيون، روز جنم وٺندا آهيون، ذرا سوچ هيءَ (لاس پاماس) اها جڳهه آهي جتي پئرس، لنڊن، نيويارڪ ۽ جپان جهڙن هنڌن مان به ماڻهو گهمڻ خاطر ايندا آهن. سڄي دنيا جا سياح ۽ شوقين نظر ايندا. ٻارهوئي ميلو لڳو پيو هوندو آهي. ادا، ذرا تحقيق ڪرائجانءَ، ڪٿي مومل جي ”ڪاڪ“ هتي ته نه آهي؟! هي ٻيٽ هر لحاظ کان خوبصورت آهي. ٻيٽ ناهي پر جنت جو ٽڪرو زمين تي لاٿل آهي. ڇا صفائي (کيسي پاڪيٽ جي نما) ڇا سونهن ۽ حسن ! هر شيءِ (ويندي رستن تائين) آرسي وانگر چمڪندي رهي ٿي. سڄو ٻيٽ گلن ۽ خوبصورت ٻوٽن سان ڇانيو پيو آهي. چوطرف نوجوان ڇوڪريون ئي ڇوڪريون گهمنديون ڦرنديون نظر اينديون. پوڙها ته شايد ٿين ئي ڪو نه يا ته اهي ضرور جوان دل رکندڙ هوندا. هر قسم جي لباس ۾ ماڻهو نظر ايندءِ. پتلون قميص ۾، نِڪر بشرٽ ۾، سيمنگ ڪاسٽيوم ۾ (جو ٻيٽ جي چوگرد سمنڊ جو ڪنارو آهي ۽ توهان ڪنهن به طرف وڃو ته ڪناري کان پري ٿي نه ٿا سگهو) مني اسڪرٽن ۾، ساڙهي ۽ فراڪن ۾، ! ڪنهن به قسم جي ڪا به جهل پل نه آهي. دنيا جي هر شيءِ ملي سگهي ٿي ۽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاپنگ سينٽر آهي. هتي هر شيءِ بنا ٽئڪس جي ”ڊيوٽي فري“ ۽ سستي ملي ٿي. هي ٻيٽ اهڙي هنڌ تي آهي جتان هر جهاز يورپ، آمريڪا، آفريڪا يا ايشيا جي ملڪن ڏي ويندي هتان لنگهي ٿو ۽ خاص ڪري جهاز جي هلڻ لاءِ تيل ۽ مسافرن ۽ عملي لاءِ يڪي مسافري جو راشن پاڻي وٺي ٿو. هر ميوو ۽ ڀاڄي تمام سٺي ۽ گهڻي انداز ۾ ٿئي. هتي جا دڪان دنيا جي سڀني شين ۽ تحفن سان جهنجهيا پيا آهن. ڪيترائي وڏا دڪان هندو سنڌين جا آهن. جي پاڪستان ٿيڻ کان به گهڻو گهڻو اڳ سنڌ مان واپار جي خيال کان لڏي هتي اچي رهيا هئا ۽ هتي جا شهري ٿا سڏائين ۽ هتي جي اصلي اسپيني باشندن سان غمي خوشي ۾ گڏ ٿا وقت گذارين. اسپيني ڇوڪريون هنن کي ڏسي ساڙهي ۽ شلوار پائڻ لڳيون آهن ۽ ساڳي وقت هندو سنڌي ڇوڪري به مِني اسڪرٽن ۽ چڍين ۾ نظر اينديون. هتي جا مرد ۽ عورتون حليم، نازڪ، خوبصورت ۽ صحتمند آهن. ان جو وڏو سبب هتي جي آب هوا آهي. هتي سياحن جي عزت ۽ آڌرڀاءُ حد درجي جو ڪيو ويندو آهي. ذرا سوچيو هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي جنهن جي چوڌاري سونَ هزارن ميلي تائين پاڻي ئي پاڻي آهي (نقشي ۾ ڏسندا)، اتي ڪو ڌاريون ڪَهي اچي ته هِنن لاءِ به باعثِ خوشي آهي. خاص ڪري دنيا جا امير وڏا واپاري، ائڪٽر ۽ ائڪٽريسون، نوان شادي شده جوڙا موڪلون يا هني مون ملهائڻ يا تفريح ۽ آرام ڪرڻ لاءِ هتي ايندا آهن (۽ ڪجهه اسان جهڙا غريب سياح ۽ جهاز جي عملي جا ماڻهو پڻ). هن ٻيٽ جي ڪمائي ۽ گذران ٻاهران آيلن جي ڪري ٿيندو آهي. جيڪڏهن ٻاهرين کي نه اچڻ ڏنو وڃي ته سڄي ڪمائي بند ٿي وڃي، سڄو واپار وڙو بيهي وڃي. ٽئڪس نه هجڻ ڪري آمريڪا، انگلينڊ جون شيون به هتي اتان کان سستيون ٿيون ملن ! هتي جي حسن، رونق، سونهن، صفائي ۽ آزادي بابت تون شايد سوچي به نه سگهين. خواب ته آءُ به گهڻائي لهندو هوس پر هيءَ حقيقت خواب کان به چڙهي وئي آهي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪهڙي ريت هتي جو نقشو چٽيان جيئن تون صحيح اندازو لڳائي سگهين.

اسان جهاز لاءِ تيل وٺڻ هتي آيا آهيون. جو هاڻ اسان کي تمام ڊگهو سفر (اٽڪل مهيني کن جو) ڪرڻو آهي. ۽ گهٽ ۾ گهٽ هزار ٽن تيل کپي. هتي ٻين شين سان گڏ تيل به سستو ملي. بندرگاهه ۾ گهڻي رش جي ڪري اڃان اسان کي اندر اچڻ لاءِ جاءِ نه ملي آهي. سو اسان جهاز کي بندرگاهه کان پري وچ سمنڊ ۾ لنگر ڪيرائي بيهاري ڇڏيو آهي. آءُ اندران شهر مان ٿي آيو آهيان. سو هن ريت، ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجو بلغاريه ۾ حادثو ٿي پيو هو. لبنان ۾ علاج ڪرائڻ بعد هاڻي ٺيڪ آهيان، پر تصديق خاطر ايڪسري فوٽو وغيره لاءِ ويو هوس. جهاز جي عملي جوهر ماڻهو ”انشور“ ٿيل آهي. ۽ علاج پٺيان انشورنس ڪمپني ڏسندي آهي. سو هتي جي آفيس جي ايجنٽ سان لانچ ۾ چڙهي شهر ويو هوس. هتي هڪ اسپتال صرف جهاز جي ماڻهن لاءِ آهي. اتي وٺي هليو. هلڻ کان اڳ مون سوچيو ته هڪ عام اسپتال ڪهڙي هوندي. پر ان پنج ماڙ اسپتال جو نظام، صفائي ۽ هر ضرورت جي شيءِ جي موجودگي ڏسي آءُ دنگ رهجي ويس. هڪ هڪ ڪمرو صاف سٿرو ۽ ايئرڪنڊيشنڊ، هيترن مريضن جي هوندي به اڃان اڌ کان وڌيڪ خالي بسترا هئا. بقول ڊاڪٽر جي ”هتي ته مريضن لاءِ سڪندا رهندا آهيون ته ڪو اچي“.

ظاهر آهي ههڙي صفائي واري شهر ۽ پر فضا ماحول ۾ بيماري ڪٿان، اسان اسپتالن ۾ دوائن کان به وڌيڪ پئسو شهر جي صفائي تي خرچ ڪندا آهيون، جو گندگي ئي بيماريءَ کي جنم ڏئي“ ڊاڪٽر وڌيڪ ٻڌايو. هتي زبان اسپيني ڳالهائي ويندي آهي. منهنجو ڊاڪٽر به مئڊرڊ (اندلس) جو اسپيني هو. ڊاڪٽر ۽ دنيا جي مختلف ملڪن مان آيل جهازن جي مريضن جون زبانون سمجهڻ ۽ ترجمو ڪري هڪٻئي کي ٻڌائڻ لاءِ اسپيني ”انٽر پريٽر“ ڇوڪريون مقرر آهن. ڊاڪٽر جي هر ڳالهه هڪ مترجم اسپيني ڇوڪري انگريزي ۾ مون کي ٻڌائيندي رهي. ڪلاڪ اندر فوٽو ايڪسري ۽ گهربل تپاس وٺي رپورٽ ڏنائون ۽ جن دوائن جي ضرورت هئي سي ڏنائون. ڊاڪٽر ۽ اسپتال جي سڄي عملي جي دوستانه تعلقات مان ڏاڍو مرعوب ۽ خوش ٿيس.

شام، مصر ۽ اسپين جي حسن ۽ سونهن بابت ڏاڍي تعريف ٻڌي هيم. جيڪڏهن اکين سان نه ڏسان ها ته انکي وڌاءُ ۽ مبالغو سمجهان ها. گورا ۽ ڳاڙها ته سڄي يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو آهن پر جو حسن ۽ سونهن چئجي سو هنن ماڻهن ۾ موجود آهي. ان جو سبب هتي جي صحت مند آبهوا، ٻن ڏورانهين قومن (عربن ۽ هتي جي اسپيني) جي ميلاپ جو اثر چيو وڃي ٿو. (هتي جي زبان ۽ تهذيب تي پڻ عربن جو ڪافي اثر آهي.) ۽ هونءَ به اسپيني ماڻهن جو حسن صدين کان مشهور آهي ۽ شامين بعد ٻئي نمبر تي دنيا ۾ ليکيو وڃي ٿو. هڪ هندوءَ جي دڪان تي اسپيني سيلز گرل Sales – Girl خاموش ڪنڊ ۾ هڪ هنڌ بيٺي هئي. جيڪڏهن چُري نه ها  ته آءُ کيس پٿر جي خوبصورت مورت سمجهي ويئو هوس !

اسپتال ۾ منهنجي مترجم ڇوڪري ”ائنا“ اسپتال ڏيکاري رهي هئي. آپريشن جي ڪمري “Opretion – Theatre” جي پٺئين در کان ڦيرائي بالڪنيءَ ۾ وٺي آئي. ساڄي پاسي مريضن جا ڪمرا هئا. ڪنڊ تي هڪ ننڍڙي لئبرري. چوڻ لڳي ”سامهون واري ڪمري ۾ هڪ فرانسي جهاز جو چيف انجنيئر ۽ سندس زال آهن. پئرس کان هتي ايندي رستي تي جهاز جو حادثو ٿي پيو. سڄو ڦٽجي پيا آهن. تو پئرس ڏٺي آهي...؟“ سامهون دريءَ مان هيٺ نهاريم. پٿر جو بت اسپتال جي پارڪ جي وچ ۾ نظر اچي رهيو هو. هڪ حسين عورت مرد جي ڀاڪر ۾ ڏيکاريل هئي. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هوءَ ڪٿان پري کان ڊوڙي ڊوڙي اچي پاڻ کي هنجي ٻانهن ۾ ڇڏيو هجيس ۽ اڃان تائين سهڪي رهي هجي. پاسي کان ڦوهارو وهي رهيو هو. جنهنجي پاڻيءَ جي ڌار ۾ بت ڌوپي رهيو هو. مون ائنا جي ڳالهه ٽاري کيس اکين سان بت طرف ڏسڻ جو اشارو ڪيو. جن جي چَپن جي وچ ۾ صرف ڦوهاري جي پاڻيءَ جي سنهي ڌار جو تفاوت هو. ائنا به تڪڻ لڳي عجيب خاموشي طاري ٿي وئي. ۽ جڏهن خاموشيءَ جو هي سلسلو وڌڻ لڳو ته ڪجهه اڪيلائي محسوس ڪري ائنا ڳالهائڻ لڳي.

”مون ٻڌو آهي ته پئرس جون عورتون تمام حسين آهن؟“ دري تمام ننڍي هئي. آءٌ ٿورو پوئتي رڙهي بيٺس ۽ کيس ٻانهن کان ڇڪي اڳيان بيهڻ لاءِ جڳهه ڏنم. سندس سون جهڙا سنهري وار اُڏامي منهنجي منهن تي بازوليون کائڻ لڳا. هوا ۾ اهائي خوشبو ۽ سڳنڌ هئي جا حيدرآباد جي رات ۾ هوندي آهي. (در اصل لاس پاماس ۽ حيدرآباد تقريباً ساڳي ئي ويڪرائي ڦاڪ Latitude تي آهن ۽ ساڳي Tropical آب هوا آهي. پر لاس پاماس جي چوڌاري پکڙيل سمنڊ هتي جي آب هوا کي ذرا ٿڌو ۽ ٻارهوئي هڪجهڙو وڻندڙ بنائي ڇڏيو آهي.) سندس ڇڙوڇڙ وارن کي جائيتو ڪندي چيم: ”ائنا مون ڪيترائي ملڪ ڏٺا آهن، پر هن آسمان هيٺان هن ڌرتي تي توهانجي حسن جو مقابلو شايد ئي ڪو ڪري سگهي. توهان الف ليليٰ جي خوبصورت آکاڻين جون خوبصورت نائڪائون آهيو.“

ائنا ڏٺم ته شرمائي رهي هئي. خبر ناهي هي مشرقي حسن ۽ حيا هنن ۾ ڪٿان آيو آهي. تيز هوا جي باوجود پگهر جا سنهڙا ڦڙا نرڙ تي تري آيا هئس. ڪجهه سوچي، ٻارن وانگر پڪ ڪرڻ جي انداز ۾ پڇڻ لڳي:

 

”سچي!؟ “ ۽ وري پنهنجي ئي سادگي تي کلي چوڻ لڳي، ”هوندو، وڏي مهرباني، ٿي سگهي ٿو اها حقيقت هجي جا ڌارين کي اسان وٽ ڇڪيو اچي نه ته اسان ائين سمجهندا آهيون، ڄڻ اسان کي سڄي دنيا ڌاريون سمجهي الڳ الڳ ڪري ڇڏيو آهي.“ ادا، نقشو ڏسجان ته هي اسپيني ٻيٽ لاس پاماس ڪيڏو نه دنيا جي مقابلي ۾ ننڍو ۽ ڌار ٿيل آهي. چوڌاري اٿاهه سمنڊ موجون هڻي رهيو آهي. اتر ڏکڻ ۽ الهندي طرف ته هزارين ميلن تائين ائٽلانٽڪ سمنڊ ڇانيو پيو آهي. باقي اڀرندي طرف به سوين ميلن بعد آفريڪا جو صحرا رڻ پٽ اچي ٿو. هتي جي ماڻهن کي ڀلا ڪهڙي ڄاڻ ته جو سڪون، جو آرام، جو حسن هنن کي ميسر آهي ان لاءِ سڄي دنيا سڪي ٿي.

 

شهر جي هڪ خوبصورت دڪانن واري بازار مان لنگهي رهيو هوس. هڪ دڪان جي ٻاهران، ”ايسر داس – سونير شاپ“ نالي هندو جو دڪان سمجهي چڙهيس. سنڌي هو، هتي Bargaining ڏاڍي ٿي هلي. ڪنهن شيءِ جا ڏهه ڊالر ٻڌائيندا پوءِ ڪنهن کي وقت هجي جو گهٽائي ٻن يا اڍائي ڊالرن تائين آڻي. (هونءَ هتي جو سڪو ”پسيتو“ آهي ۽ پنهنجي رپين ۾ اٽڪل اٺ کن ٿين. پر ڊالر، پائونڊ، فرئنڪ، جرمن مارڪ ۽ دنيا جو ٻيو مشهور سڪو به عام ورتو ۽ ڏنو ويندو آهي.) خبرن چارن بعد ايسر داس کي ٻڌايم ته هي هي سامان کپيم. اگهه تي بحث ڪرڻ مناسب نه ٿو سمجهان. جو واجبي هجي سو ٻڌاءِ. سامان وٺي جهاز تي جڏهن اچي ڀيٽايم ته هن واقعي سڀ سامان گهٽ قيمت تي ڏنو هو. پاڻ حيدرآباد ۾ ڊومڻ واهه وٽ رهندو هو. ڏاڍيون حب سان حيدرآباد جون خبرون چارون پڇندو رهيو. (ننڍي ٽهيءَ ۾ حالانڪه اها حب ۽ سڪ نه رهي آهي، جو ڄاوا نپنا ٻاهر آهن، انڪري انهن کي سنڌ بابت ڄاڻ به گهٽ آهي ۽ ڳالهائڻ ۾ رکائي اٿن.) ور ور ڏيئي ايسر سنڌي زبان جي واڌاري ۽ سلامتي لاءِ پڇندو رهيو. کيس چيم ته ٻئي دفعي هتي آيس ته تولاءِ سنڌ مان سنڌي رسالا ۽ اخبارون کڻي ايندس. پاڻ به رسالا ڏيکارين ته ”اهي تازا پوني (هندستان) مان آيا آهن ۽ اسان اهي سنڌي رسالا شوق سان پڙهندا آهيون“ سندس ننڍو ڀائٽيو ٻارنهن سالن جو ڀر ۾ بيٺو هو. ٻڌائين ته هوُ هتي جي زبان اسپيني پڙهندو آهي پر سنڌي به سمجهي ٿو. اتي ئي پڇيائين ته ”اڙي سمجهين پيو نه ته ڇا پيا ڳالهايون؟“ هن ويچاري ڪنڌ سان ها ڪئي.

Text Box: ١٧٩

 

مون کي سنڌ جا هندو ڪيترن ئي ملڪن ۾ مليا آهن. (هانگ ڪانگ ۾ ته ايترا آهن جو ڪنهن جي چوڻ مطابق 1975ع ڌاري هانگ ڪانگ سنڌين جي ڪالوني ٿي ويندو.) پر ايترو ضرور چوندس ته وڏن ۾ جيتري سنڌ لاءِ حب ۽ سڪ آهي اوتري ننڍن ۾ اجنبيت آهي. وڏا ڏاڍو ٿا ياد ڪن ۽ پنهنجي وقت جا قصا دهرائيندا رهن ٿا. اسان ته جيئن ئي هوش سنڀاليو هو ته هندو لڏي چڪا هئا. پر هينئر اهي ڳالهيون ٻڌي سوچيان ٿو ته اهو زمانو سنڌ جو ڪو زمانو هوندو، جڏهن شڪارپور، سکر، حيدرآباد ڪنهن اوج تي هئا. عجيب رونق ۽ لطف هوندو. ۽ ڀلا هي ان ڌرتي ماتا کي ڪيئن ٿا وساريو سگهن جنهن هنن کي جنم ڏنو ! ڪجهه ڏينهن اڳ سلون مان مسز ديوڪي ۽ سندس مڙس جو خط مليم. سنڌ کي ياد ڪندي ديوڪي لکي ٿي ته ”اسان هتي جيتوڻيڪ لکاپتي آهيون، ظاهري طرح سکيا ستابا آهيون پر ان هوندي به سنڌ کي ياد ڪندي اکين ۾ آگهوڙها اچيو ٿا وڃن – سو ڇو؟ ان ڪارڻ جو ”پنهنجو وطن“ ڪجهه به کڻي چئون، يا لکون يا ويچاريون يا اسين ڪيترو به سکي ۽ خوش هجون پر ”منهنجو وطن“ اهو اهڙي شيءِ آهي جو اسين هن جنم ۾ ته وساري نه سگهنداسين. پر شايد اڳتي به نه وساري سگهون. سنڌ اها چيز آهي جتي دنيا جي وڏي ۾ وڏي چيز ”خلوص“ ۽ ”پريت“ هئي. هن وقت سنڌ جي ڇا حالت آهي. سا خير ڪا نه ڪا آهي. حياتي رهي ته هڪ دفعو ضرور چڪر هڻڻ جو ويچار آهي. پر ڀڳوان کي جو منظور هوندو اهو ئي ٿيندو. توهان ڀائرن ۽ ڀينرن کي آسيس ڪنداسين ته شل سدائين پنهنجي وطن کي آباد رکو ۽ توهين به ان سان گڏ سکي ۽ آباد رهو...........“

 

بيروت ۾ شيلا کي سنڌ جي ڳالهين ٻڌڻ جو ڏاڍو شوق هو. پاڻ جيتوڻيڪ ڄائي نپني بيروت ۾ پر ماءُ پيءُ کان سنڌ جون ڳالهيون ٻڌي ايڏو ته بيچين هئي جو چوندي هئي ته هڪ دفعو ته آءٌ سنڌ ضرور اينديس ۽ پنهنجي اصلي ديس جي پوتر مٽيءَ کي چمنديس. آءٌ اها شام ڪڏهن به وساري نه سگهندس. بيروت ۾ سمنڊ جي ڪناري تي ”پيجين راڪ“ تمام خوبصورت جڳهه آهي جيئن پاڻ وٽ ڪراچي ۾ هاڪس بي يا پئراڊائيز پوائنٽ، اتي اسان سڀ پڪنڪ لاءِ ويا هئاسين. ڪجهه عرب ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به هيون. ٻيا سڀ پاڻيءَ ۾ تري رهيا هئا. آءٌ، شيلا ۽ سندس ٻه ڀائر ڪناري تي ريتيءَ جا ننڍڙا گهر ٺاهي رهيا هئاسين ۽ سنڌ جون خبرون به ڪري رهيا هئاسين. پاڻ بيروت مان ئي مائٽن کان سنڌي لکڻ پڙهڻ سکي آهي. مائٽن کان سنڌ بابت ٻڌل ڳالهيون ورجائي ورجائي مون کان پڇي رهي هئي. لفظ لفظ ۾ ڇا سنڌ لاءِ عقيدت هيس. شاهه کي ته پوڄين ٿا. پاڻ شاهه جا ڪيڏا شعر ٻڌايائين. چيومانس ڪو سر سان راڳ ٻڌاءُ.

”سچي!؟ ٻڌايائين – پر هڪڙو وچن ڪر“ معصوم ٻار جيان، شيلا منهنجا هٿ جهلي وعدو وٺڻ لڳي.

”چئه ڪهڙو - ؟“ پڇيو مانس.

”سنڌ جي ان پاڪ خاڪ کي منهنجا پيار ڏجانءِ، ان ڌرتي ماتا کي پيار ڏجانءِ جنهن جي مان ڌيءُ آهيان.“

ادا، ان بعد شيلا شاهه جو سر راڻو شروع ڪيو ته دنگ ڪري ڇڏيائين. سندس سُر ۾ عجيب ڪشش ۽ مٺاس هو. ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ ڪجهه ان وقت جي فضا ۽ ماحول جو به هٿ هجي. جنهن مدهوش ڪري ڇڏيو هو. هوءَ ريتي تي پلٿي ڀڃي، ڀڄن جي انداز ۾ هٿ اکين جي اڳيان ٻڌي، اکيون بند ڪري ڳائيندي رهي.

” راڻا تنهنجي راڄ ۾ مونکي چوٿون چنڊ ڏٺو ڏکن ڏولائن ۾ منهنجو سڙي ساهه ويو هاڻ راڻي کي چئجو جو مومل رات مري وئي !

ڇنا منهن ماڙيو الا اوڏانهين اڏائي.

منهنجي راڻي کي رحم پوي الا ڏور وڃو ڏينهن لاهي.“

پاڻيءَ جون لهرون رکي رکي سمنڊ کان ڌار ٿي اسان کي ڇهي وري واپس اونهي سمنڊ جي گود ۾ جذب ٿي ٿي ويون. فضا ۾ عجيب ڪيفيت طاري هئي. سامهون پاڻيءَ ۾ عرب ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون کينهونءَ سان راند کيڏي رهيا هئا. پري کان ”بحيره روم“ جي ڪناري تي اڏيل هوٽل “Casino De Lebunan” نظر اچي رهي هئي پر آءٌ خيالي طرح جاگرافيءَ جون مڙيئي حدون لتاڙي، پنهنجي وطن، شيلا جي وطن، شاهه ۽ سچل جي وطن، هوشو ۽ دريا خان جي وطن، مارئي ۽ ٻاگهي جي وطن، سنڌ ۾ پهچي چڪو هوس. شيلا به شايد مونسان گڏ سنڌ پهچي چڪي هئي. مون کي ڪو به احساس نه رهيو ته شيلا ڪنهن وقت ڳائي بس ڪيو. خبر ناهي ڪنهن وقت ريتيءَ جي ننڍڙن گهرن کي ڪهڙي لهر ڊاهي ويئي. خبر ناهي ڇو، منهنجي دل روئڻ لاءِ اڇلون کائي رهي هئي. مون شيلا ڏي ڏٺو ته هوءَ اکين تي هٿ رکي روئي رهي هئي.

رات سوچيم ٿي ته کانئس خط لکي پڇان. پر ڌرتيءَ جي ڌيءُ کان پڇڻ جي همت نٿي ٿئيم. جيڪڏهن هن سچ لکيو ته ايترو وڏو سچ، ايڏي وڏي تلخ حقيقت جي برداشت ڪرڻ جي هن دنيا ۾ ڪنهن کي طاقت آهي!

جي هن دنيا ۾ ڪنهن کي طاقت آهي !

ڪنهن کي طاقت آهي!!؟

ڪنهن کي طاقت آهي!!!؟

ادا، خط ڊگهو ٿي چڪو آهي، وڌيڪ، آفريڪا جي ملڪ ۾ پهچي لکندوسانءَ

تنهنجو پنهنجو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org