سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: منهنجو ساگر، منهنجو ساحل

الطاف شيخ

صفحو :5

 

ورنا – بلغاريه

هن کان اڳ به هڪ خط هتان ورنا مان لکيو اٿم ۽ هيءُ به هتان ئي لکي رهيو آهيان. هتي آئي به اڄ اسان کي اٽڪل ٻه هفتا کن ٿيا هوندا. هتي پهچڻ بعد هڪ ڏينهن رکي ٻئي ڏينهن کان برف باري شروع ٿي هئي ۽ لڳاتار ٽي ڏينهن هلندي رهي، برف باري به ڏسڻ وٽان آهي جنهن جو نقشو آءٌ ڪاغذ تي لفظن جي روپ ۾ چڱيءَ طرح چٽي ته نه ٿو سگهان پر توهان پنهنجي خداداد تخيل کي استعمال ڪري برف باري جي نظاري جو لطف حاصل ڪري سگهو ٿا. برف باري ڏسڻ کان اڳ جڏهن سرد ملڪن مان دوست مون کي برف باري بابت لکندا هئا ته آءٌ ايترو ڌيان نه ڏيندو هوس پر هتي ڏسڻ سان معلوم ٿيو ته جو ڪجهه مون برف باري جي خوبصورتيءَ بابت ٻڌو يا پڙهيو هو، سو سڀ صحيح ثابت ٿيو. ڪي ڪي اهڙيون به شيون هونديون آهن جن جي اصليت جي خبر تصويرن يا ٻڌڻ سان معلوم ٿي نه سگهندي آهي. تاج محل ڏسڻ کان اڳ، تاج محل جا فوٽا ۽ ننڍا سنگمرمر جا ماڊل ڏسي مون کي تعجب لڳندو هو ته ايترو ته سهڻو ناهي، جو ماڻهو تعريفون ٿا ڪن ! پر ڏسڻ سان معلوم ٿيو ته هن کي واقعي دنيا جي عظيم عجائبن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. ساڳيءَ طرح هي برفباري جو نظارو به ڏسڻ سان تعلق رکي ٿو. پنهنجي ملڪ ۾ ڪڏهن ڪڏهن بارش سان گڏ ڳڙا پوندا آهن اُن کي برفباري نٿو چئي سگهجي. هي برف ڳڙن جي صورت ۾ نه وسندي آهي. برف جي تمام سنهي ڪاتر، پائوڊر جهڙي نرم ۽ هلڪي، هوا جي لهرن تي آهستي آهستي مٿان ترندي هيٺ لڳاتار ڪرندي رهندي آهي ۽ جتي به ڪرندي ويندي آهي اتي گڏ ٿيندي رهندي آهي. زمين تي، وڻن مٿان، گهرن مٿان، موٽرن لارين مٿان، هر شيءِ جي تهه مٿان تهه ان پائوڊر جا چڙهندا ويندا آهن. ان مٿان پير رکڻ سان ڄڻ ڪپهه تي پير پيو. رستن ۽ فوٽ پاٿن تي ان برف (Snow) مٿان هلڻ ڪري اُها دٻجي ويندي آهي ۽ سخت ٿيندي ويندي آهي (جيئن برف جا ڳنڍا وڪڻڻ وارو برف جي سنهي ڪاتر ڪري ڪاٺ جي تيلي جي چوگرد زور سان ڀڪوڙيندو آهي ته ڪاٺيءَ کي چهٽي ويندي آهي. هي ڪاتر ته اُن کان به تمام گهڻي سنهي ٿيندي آهي) ۽سيمنٽ وانگر رسن تي چهٽي ويندي آهي ۽ سخت برف (Ice) جا اسان وٽ تيار ڪري وڪڻي ويندي آهي، جي شڪل اختيار ڪري ويندي آهي ۽ بلڪل شفاف نظر ايندي آهي. (ڪاتر جو رنگ اڇو کير جهڙو ٿيندو آهي ۽ ڪا به هيٺيان پيل شيءَ نظر نه ايندي آهي) پر اها ڪاتر هڪ دفعو ڄمي ويئي ته پوءِ ان هيٺان هر شيءِ نظر ايندي. اهو به نظر ايندو ته هيٺ ان برف جي بلاڪ جي رستو ڪچو آهي يا پڪو يا سرن جو. توهان شايد اهو سوچيو ته اُها برف ڳري ڇو نٿي ۽ جيئن ئي آسمان تان ڪرندي وڃي ته ڳري پاڻيءَ جي صورت اختيار ڇو نه ٿي ڪري؟ اهو ان ڪري جو هوا جي حرارت جو درجو چار ڊگري سينٽي گريڊ کان به گهٽ آهي. دستانن مان هٿ ڪڍبا ته برف کان به وڌيڪ ٿڌا ٿي ويندا. بلڪ برف هٿ ۾ کڻڻ سان توهان کي اُها گرم لڳندي ڇو جو هوا جو ٽيمپريچر ڪاٽو 15 آهي ۽ برف جو ڪاٽو 4 آهي اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي جيت چچيون، سانڊا، نوريئڙا وغيره سرد هوا کان بچڻ خاطر برف هيٺان لڪيو ويٺا هوندا آهن ڇو جو ٻاهر جي سرد هوا کان پوءِ به برف جي سردي گهٽ آهي. اُتر ۽ ڏکڻ قطب ۾ جتي سال جا ڇهه مهينا سخت سردي ٿئي ٿي. اُتي ته گهرن جي چوڌاري برف جون ڀتيون ڏيئي ڇڏيندا آهن جيئن گهر ٻاهر جي سردي کان پوءِ به گرم رهي.

شام جي وقت چوڌاري ڏسبو ته ٻار برف سان راند کيڏيندا رهندا، برف جي ٻوري کي هٿ سان دٻائي ان مان مختلف قسم جا بُت Snow – Man ٺاهيندا. هر شيءَ مٿان برف ڪرڻ ڪري سفيد کير جهڙي نظر ايندي. هتي وڻ ته گهڻائي آهن پر سخت سرديءَ جي ڪري هڪ پن به نظر نه ايندو. ٺلهيون ٽاريون ئي ٽاريون، انهن مٿان به برف وسڻ ڪري مٿيون اڌ سفيد نظر ايندو. برف باري ٽي ڏينهن هلي ان بعد بند ٿي ويئي ۽ موسم صاف ٿيڻ لڳي. جيڪا برف ڪري هئي ان تي هل چل ڪري اُها ڄمي، سنهي ٻوري مان ڦري سخت پٿر جهڙي ٿي وئي. چوڌاري رستن تي ڄڻ شيشا وڇائجي ويا. برف جي جڏهن اها حالت ٿيندي آهي ته پوءِ تڪليف ده ثابت ٿيندي آهي. هلڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. جتي ڪٿي ترڪڻ لڳي ويندي آهي. جيسين موسم بلڪل صاف ٿئي ۽ سج جي تپش ۾ آهستي آهستي سڀ ڳري پاڻي ٿي وهي وڃي. پاڻ وٽ ته بارش ڪري ڪٿي ڪٿي گپ ۽ چڪڻ ٿيندي آهي ته ماڻهو ان کان پاسو ڪري سُڪيءَ تان لنگهي ويندو آهي. پر هتي ڪيڏانهن وڃجي. جتي ڪٿي برف ئي برف، ڪي ڪي دُڪانن ۽ گهرن وارا ڪوڏرن ۽ ٽيڪمن سان اڳيان برف جا چاپوڙا کوٽي صفائي ڪري ڇڏيندا آهن، جن کي ڀنگي ٽرڪن ۾ ڍوئي شهر کان ٻاهر وڃي ڇڏيندا آهن پر ڪوڏر سان ڪيتري صفائي ٿي سگهندي ۽ ڪيترا ڏينهن ماڻهو ڪري سگهندا. هڪ ڏينهن، ته وري ٻئي ڏينهن ٻي برف گڏ ٿي ويندي. اسان وٽ ته بارش پئي ته ڪلاڪ ٻن بعد سڀ پاڻي وهي ويندو. (ڪراچي جي ميڪلو روڊ، حيدرآباد جي گاڏي کاتي ۽ هالا جي شاهي بازار جي ٻي ڳالهه آهي)

هن شهر ورنا جي وچ ۾ هڪ وڏي بلڊنگ جا بنياد کوٽجي رهيا آهن. روز صبوح جو مزدور پهرين ڪلاڪ ٻه ته انهن بنيادن مان راتوڪي وسيل برف کوٽي ڪڍندا آهن ۽ پوءِ وڌيڪ کوٽائي ڪندا آهن. هڪ همراهه ڪافي ڏينهن بعد گهر کوليو ته اڱڻ ۾ برف جي ٻوري جا چيلهه تائين دڙا لڳي ويا هئا ۽ اڱڻ ۾ رکيل هر شيءِ ان هيٺ ڍڪجي وئي هئي ۽ ڳولڻو ٿي پيو. ذرا سوچيو ساڳي برف ڪيتري نه تڪليف ده ثابت ٿئي ٿي. برف باري جيئن ئي بند ٿي ۽ وسيل برف ڄمي سخت ٿي ته شهر ۾ ترڪڻ شروع ٿي ويئي. وک وک سنڀالي کڻڻي ٿي پئي. هتي جا ته ننڍا وڏا ان ترڪڻ مٿان هلڻ جا هوشيار آهن، خبر ناهي ته ڪيئن پير کُپائي، ٿورو اڳيان جهڪي، تکو تکو ٿا هلن. اسان مان ته ڪو شايد بچيل هجي جنهن وچ شهر ۾ روز ٽي چار ڌڪا به کاڌا هُجن. پهرئين ڏينهن (جڏهن کان ترڪڻ شروع ٿي) اتفاق سان صرف آءٌ بچي ويس. بندرگاهه کان بازار وڃڻ لاءِ هڪ تِلڪ چاڙهي (حيدرآباد) جهڙي ڪافي ڊگهي ۽ اتاهين چڙهائي آهي ان تان لهي رهيا هئاسين. ان اڳ به ٻه دفعا کن ڪري چڪو هوس. هلندي هلندي ٻئي پير هوا ۾ اڳيان مٿي هليا ويا ۽ سڄو پٺيءَ ڀر وڃي ڦهڪو ڪيم. منهنجا ته هوش حواس خطا ٿي ويا ته ڇا ٿي رهيو آهي. چاڙهي تان ڪري هيٺ رفتار سان ترڪندو ويس. پيرن جون کڙيون بريڪ هڻڻ لاءِ رستي تي هنيم پر برف اهڙي ته سخت ٿي چڪي هئي جو اندر کُپن ئي ڪو نه. چڱو جو ٿورو اڳيان جوڙو پئي ويو ان سان وڃي ٽڪرايس. اُهي به منهنجي مٿان ڪري ته پيا پر منهنجو بچاءُ ٿي ويو ۽ رستي تي لڳل بتيءَ جي پول ۾ هٿ کڻي سوگها ڪيم. اکيون بند ڪري اونڌو ٿي ليٽي رهيس. سڄو وجود منهنجو چڪر کائي رهيو هو. ههڙي ڌنڌ ۾ اکيون بند هوندي به تارا نظر اچي رهيا هئا. فلمن ۾ ڏسبو آهي ته هڪ گهڙي ۾ ائڪسيڊنٽ ٿيندو آهي. ته ٻي گهڙي ۾ جڏهن همراهه کي هوش ايندو آهي ته اسپتال ۾ هوندو آهي سو مون کي به اکيون کوليندي ڊپ پئي ٿيو ته ڪاٿي ايل. ايم. سي جي آرٿو پيڊڪ وارڊ ۾ نه پهچي ويو هُجان. آخر محسوس ڪيم ته ڪو ٻنهي هٿن سان مون کي ڇڪي رهيو آهي. هڪ اک کولي تصديق ڪرڻ لڳس ته سرجن انصاري ته نه آهي. يا ڊاڪٽر شاهنواز شاهه، ڊاڪٽر اسلم گهلو يا ڊاڪٽر شريف جهڙا پهلوان پهلوان آرٿو پيڊڪ وارڊ جا هائوس سرجن ته نه چوڌاري بيٺا آهن! پر ڪير به نه هو. بلغاريه جي ورنا شهر جي چمڪندڙ گهٽي ۽ بلغاري ماڻهو ئي هئا. اُٿارڻ واري کي ”ٿئنڪ يو“ چيم ته کلي بلغاري زبان ۾ چيائين ”دويري سووينئر ڊي بلغاريه“ (اِها بلغاريه جي بهترين ياد (رهندي). اڄ ان کي ڏهه ڏينهن کن اچي ٿيا آهن، پر اڃان اٿندي ويهندي جڏهن ساڄي ٽنگ جي گوڏي ۾، پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ ۽ ساڄي پاسرين ۾ سور ٿو محسوس ڪريان ته ان مان اندازو ٿو لڳايان ته گهٽ ۾ گهٽ اڃان به مهينو کن ته بلغاريه وسري نه سگهندو. اڃان ته ڌڪي کائڻ وقت گرم ڪپڙن جا تهه چڙهيل هئا نه ته اهڙو ڌڪو قميص پتلون ۾ اچيم ها ته اسپتال جي بستري تي ته هجان ها، پر ٻئي ٽنگون ٻانهون ڪٿ پتليءَ جي ٻانهن ٽنگن وانگر مٿي رسين ذريعي ٻڌل هجن ها، پر مٿئين کي شايد مون کي رسين بغير هلائڻ منظور هو. هاڻ ته سائين ڪمري ۾ غاليچي مٿان هلندي به ڊپ ٿو ٿئيم ته ڪٿي پير نه ترڪي وڃيم ! سو اِهي اٿئي تازيون خبرون.

هتي جي زبان ڏاڍي ڏکي آهي. پاڻ کي ته صفا سمجهه ۾ نه ٿي اچي. نڪي ڀانءِ ٿي پوي ۽ نه وري ياد ٿي ٿئي. بلغاري زبان ۾ ”د“، ”گ“، ”غ“ ۽ ”ب“ جهڙن غير رومانٽڪ ۽ کُهرن اکرن جو استعمال ڏاڍو آهي. بلغاري زبان کان علاوه ڌارين زبانن ۾ فرينچ ۽ جرمن ٿوري ٿوري ڳالهائي ويندي آهي. رومانيه ۽ ٻين ملڪن ۾ ته اشارن سان به ڪم هليو ٿي ويو ۽ ماڻهو سمجهي ٿي ويا پر هتي جي ماڻهن کي بقول اسان جي دوست جي عقل به ٿورو ٿورو گهٽ آهي جو اشارا به نه ٿا سمجهن. خط ۽ لفافو ڏيکاري پيا پڇون ته پوسٽ آفيس ڪٿي آهي ته به وائڙن وانگر الائجي ڇا جو ڇا پيا چون. سنئون سڌو نٿا اشاري جو جواب اشاري ۾ ڏين ته هي رستو يا هو رستو پوسٽ آفيس لاءِ وٺو. آخر مس مس هڪ همراهه مليو جنهن کي ٿوري ٿوري انگريزي آئي ٿي تنهن هڪ ڊگهو لفظ ٻڌايو ته پوسٽ آفيس کي بلغاري زبان ۾ ان لفظ سان سڏين ٿا ۽ اڳتي وڃي ٻئي رستي جي موڙ تان پڇائبو. دوست کي چيم، لفظ ته تمام وڏو آهي، هيئن ڪر جو ”پوسٽ“ لفظ جي معنيٰ تون ياد ڪر ۽ ”آفيس“ جي آءٌ ٿو ڪريان. اڳتي وڌي ٻئي رستي جي موڙ وٽ پهتاسين ۽ پڇڻ وارا هئاسين ته دوست چيو ته مون کان ”پوسٽ“ لفظ جي معنيٰ وسري ويئي! صرف ”آفيس“ لفظ مان ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙي آفيس جو ٿا پڇايون. ٻن ٽن کان آفيس جو پڇيوسين ته اشارا ڪرڻ لڳا ته ڪهڙي آفيس؟ (نور احمد نظاماڻي جو يا حاجي منور علي عباسي جي زمينن جو ڪمدار ڪڙو نه گڏيوسين نه ته آفيس پڇڻ تي سڌو تپيدار جي آفيس اڳيان اچي بيهاري ها.)

ورنا (بلغاريه) جو شپ يارڊ تمام مشهور آهي جنهن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا جهاز ٺهن ٿا. ان کان علاوه هتي ڪيترا ئي ٽيڪنيڪل ڪاليج آهن ۽ مشينري جا ڪارخانا آهن. روس وانگر هتي جو به ”بئلٽ ڊانس“ مشهور آهي. هتي بلغاريه جي ماڻهن جي هڪ عادت تمام عجيب آهي. اسان وٽ ”هائوڪار“ ڪندي ڪنڌ کي هيٺ مٿي ڌوڻيو ويندو آهي ۽ گهڻي ڀاڱي هر ملڪ ۾ اهو عالمي اشارو آهي،پر هتي ”هائوڪار“ ڪندي وقت ڪنڌ کي ساڄي کاٻي ڌوڻيندا آهن جيڪو اشارو اسان وٽ انڪار ڪرڻ وقت استعمال ڪيو ويندو آهي. پهرين ڏينهن بار بار پڪ ڪرڻ وقت پڇڻو ٿي پيو ته ”ها“ يا ”نه“ ڇو ته وات سان ته ”ها“ پيا چون پر ڪنڌ جي اشاري سان ”نه“ پيا ڪن.

ٽيون ڏينهن هتي جي حڪومت طرفان سي – مين – ڪلب ۾ هڪ خاص ثقافتي ۽ مليل جليل پروگرام منعقد ڪيو ويو هو. جنهن ۾ صرف دنيا جي سياحن کي مدعو ڪيو ويو. اسان به وياسين. سڀ الڳ الڳ ملڪن جو ميڙ ٺاهي ويٺا رهياسين. رات جو يارهين لڳي تائين مختلف قسمن جا ناچ، Floor- Dances ٿيندا رهيا. ان بعد مختلف رانديون. ڪلب ۾ اچڻ وقت، جنهن ڪليءَ (ٽنگڻي) ۾ مون ڪوٽ ٿي ٽنگيو ان جي ڀرسان روسي جهاز جا آفيسر ويٺا هئا، هٽي مون کي ڪوٽ ٽنگڻ لاءِ جڳهه ڏنائون تنهن تي ”شڪريه“ چئي پڇيومان ته ”يوناني آهيو“ (جو کين يونانين جهڙيون ڏاڙهيون ۽ لباس هو) کلي وراڻيائون ته ”رُسڪي“ (روسي) آهيون ۽ مون کان پڇيائون ته ”آءٌ گهانا جو آهيان.“ چيو مان ”نه، پاڪستاني آهيان.“ پاڪستان جو نالو ٻڌي ٻين به ڪن کڙا ڪيا ۽ مون کي پاڻ سان وهڻ لاءِ چيائون. وهڻ سان هڪ رومي زبان ۾ ڪجهه پڇڻ لڳو. چيومان ته مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي. انگلش يا عربي هلي سگهندي؟ (طرابلس ڇڏڻ بعد عربي سکڻ شروع ڪئي اٿم ۽ مطلب ڪڍڻ جيتري سکي چڪو آهيان) تنهن تي هڪ ويو ۽ انگريزي ڄاڻندڙ روسي کي وٺي آيو. جنهن جيڪي مون ٿي ڳالهايو سو کين روسي زبان ۾ ترجمو ڪري ٿي ٻڌايو ۽ جيڪي هنن ٿي ڳالهايو سو مون کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ٿي ٻڌايو. ڪيترو وقت ڳالهيون ڪندا رهياسين. اهي ئي عام ڳالهيون جي هڪ جهاز وارا ٻئي جهاز وارن کي ملندا آهن ته ڪندا آهن ”جهاز ڪڏهن هتي آيو.“ ”ڪيترن ڏينهن لاءِ هتي آهيو؟“ ”ڇا رفتار اٿس،“ ”ڪهڙي انجڻ اٿس،“ ”ڪهڙن ملڪن مان ٿي آيا آهيو،“ ”ڪهڙن ملڪن ڏي ويندائو؟“ وغيره وغيره. ها سچي، انڊو پاڪ جي سيپٽمبر واري جنگ بابت پڇيائون ته ”تاشقند جي معاهدي بعد وري جنگ ته نه ٿي آهي.“ چيو مان ”نه ان بعد خاموشي آهي ۽ اسان پاڪستاني ته هر پاڙيسري ملڪ ۽ دنيا سان سٺا تعلقات رکڻ ٿا چاهيون. انڊيا اسان جي ملڪ جي مقابلي ۾ هر لحاظ کان ٽيڻو چوڻو آهي. اسان جي ڇا مجال آهي جو خوامخواه چُر (Aggression) ڪريون پر اسان جو ڪو نالو وٺندو ته پوءِ اسان جو ٻچو ٻچو پنهنجي ملڪ جي بچاءَ خاطر خون جو آخري قطرو به وهائڻ لاءِ تيار ٿي ويندو ۽ اهو ئي ڪري ڏيکارينداسين جو گذريل جنگ ۾ هندستان کي حاصل ٿيو ۽ ان جي نتيجي ۾ هندستان اڃان تائين پنهنجو توازن قائم ڪري نه سگهيو آهي ۽ ساڳئي وقت دوستي ۾ به اسان جهڙو وفادار دوست نه ملندو. اسان جي دوستي جي ساک هر ملڪ ڏيئي سگهي ٿو ته اسان جي دوستي ۾ ڪيتري وفاداري ۽ نيڪ نيتي آهي. اسان جنگ توڙي امن ۾ دل ۽ جان جي بازي لڳائيندا آهيون.“ اسان ڳالهين ۾ ايترو ته مشغول رهياسين جو اسان جي ميڙ مان هڪ به ڊانس ڪرڻ لاءِ يا راندين ۾ حصو وٺن لاءِ ڪو نه اٿيو.

اسان هر نئين ملڪ ۾ اچڻ لاءِ به تڪڙا هوندا آهيون پر هفتو به گذرندو آهي ته هر هڪ ٿڪجي پوندو آهي ۽ اهو ملڪ ڇڏي ٻئي ملڪ پهچڻ لاءِ واجهائيندو رهندو آهي ته جلدي هلجي. ڪالهه جڏهن ڪنهن ٻئي گهمڻ لاءِ ساٿ نه ڏنو ته اڪيلو نڪري پيس ۽ اِهو ارادو ڪيم ته هتي جي ”ڇپائي ۽ ڪتاب“ لئبرري يا دڪان تي وڃي ڏسندس ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ڪن ڪن ادارن ۽ اشاعت گهرن اڄڪلهه ڪتابن جي ٻاهرين سونهن ڏي به چڱو ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي. ڪتاب جو ٻاهريون ڏيک، عمدو ڪاغذ، سهڻي ۽ صاف ڇپائي ڪتاب جو شان ٿي وڌائي. اڄڪلهه دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ادبي نمائش ۾ اسان جي ملڪ جا ڪتاب پڻ رکيا وڃن ٿا هتي جي هڪ وڏي دڪان تي چڙهي پيس چوڌاري صرف بلغاري زبان ۾ لکيل ڪتاب نظر اچي رهيا هئا. بلغاري لکت به روسي وانگر آهي. پڇا ڪيم ته انگريزي ڪتاب هوندا ؟ڪنڊ ۾ صرف ٻه ڪتاب رکيا هئا، جن ڏي اشارو ڪري سيلز – گرل ٻڌايو ته فقط هي آهن. ڪالهه ايترو سيءُ نه هو سو ” روسي ٽوپ“ ۽ ”اوور ڪوٽ“ پائڻ بدران (جا هتي عام ڊريس آهي) جئڪيٽ، مفلر ۽ مٿي تي انڊونيشي ڪاري ٽوپي پائي نڪتو هوس. جو ظاهر آهي پري کان ئي اجنبي پئي لڳس. دڪان تي ڪتاب ڏسي رهيو هوس ۽ ٻيا آيل گراهڪ ۽ دڪاندار مونکي ڏسي سُس پُس ڪري رهيا هئا. سمجهي ويس ته هي معلوم ڪرڻ ٿا چاهين ته آءٌ ڪهڙي ملڪ سان تعلق رکان ٿو پر آءُ به ڄاڻي ٻجهي نڪ جو پڪو ٿي سنجيدگي سان ڪتاب ڏسڻ لڳس. انگريزي ڪتابن جي ڀرسان هڪ ڪتاب رکيو هو جنهن جو انگريزي لکت ۾ نالو نظام حڪمت Nizam – Hikmat لکيل هو. ڪتاب جو نالو وٺي دڪاندار کي ڏيکارڻ لاءِ چيم. نالو ٻڌي سڀ وائڙا ٿي ويا ته ترڪي ڪتاب سان منهنجو ڪهڙو واسطو! دڪاندار ڪتاب ڏيئي چيو ته ”انگريزي نه پر ترڪي آهي. (اڄڪلهه ترڪي رسم الخط عربي انداز مان ڦيرائي انگريزي ۾ ڪئي اٿن. سو اهو ڪتاب ترڪي زبان جو هو پر لکت رومن هئي) هڪ همراهه منهنجي عمر جو ڏٺم ته ڳالهائڻ لاءِ بيچين هو تنهن آخر مون کان پڇيو ته، ”آءٌ استنبول (ترڪي) کان ته نه آيو آهيان؟“ جواب ڏنو مانس، ”نه“ هيڪاري تعجب ۾ پئجي ويو. آخر ٻڌايومانس ته پاڪستاني آهيان. پاڻ به ٽٽل ڦٽل بلغاري ۽ انگريزي زبان ۾ ٻڌايائين ته مسلمان آهيان. نالو عبدالقادر سليمان اٿم. پاڻ جيڪي ڪتاب خريد ڪيا هئائين انهن جي نالن جا ڪجهه لفظ ”طب“، ”حڪمت“، ۽ ”ابوسينا“ پڙهي اندازو لڳايم ته پڪ ميڊيڪل اسٽوڊنٽ آهي، پر پوءِ معلوم ٿيو ته ڊاڪٽر ٿي چڪو آهي ۽ ورنا ميڊيڪل ڪاليج جو گريجوئيٽ آهي. خوشي ته مون کي به ساڻس ملي ٿي. پر کيس هيڪاندي ٿي. مون کي اصل نه ڇڏي. زبردستي ڪافي هلي پياريائين. هڪ ٻئي کان ائڊريسون ورتيوسين ته خط ۽ ڪتابت قائم رکنداسين. چيائين سندس گهر ڀر واري ڳوٺ ۾ هلان. آخر سمجهايو مانس ته اسان جو جهاز سڀاڻي استنبول (ترڪي) لاءِ لنگر کڻي رهيو آهي دير ٿي ويندي. آخر وعدو ڪيومانس ته ٻئي دفعي جڏهن به بلغاريه آيس ته تو وٽ ضرور مهمان ٿي اچي رهندس. سندس هر ادا ۾ اُها ئي سادگي ۽ نئڙت هئي جا اسان جي ڳوٺاڻن ۾ هوندي آهي. کيس ٻن ٽن گهرن ۾ مريض ڏسڻا هئا. مون کي ساڻ وٺي هليو. آخري گهر جي سامهون سئنيما هئي جنهن ۾ انگريزي فلم ”ڪلوپيٽرا“ هئي پر بلغاري زبان ۾ ڊب ٿيل هلي رهي هئي. چيائين هل ته فلم ڏسون. چيومانس ته اِها فلم منهنجي ڪيترا دفعا ڏٺل آهي، اجايو بور ٿينداسين. هتي ڪا ويجهي مسجد هجي ته اُها ڏيکار. در اصل مون هتي جي مسجدن جي Architect (عمارت سازي جو ڪم) ڏسڻ ٿي چاهيو ۽ ان سان گڏوگڏ هتي جي ماڻهن جو مذهب ڏي لاڙو پڻ. منهنجي دوست پهريائين ته ٿورو نٽايو ۽ اندازو ڪيم ته ڪن سببن ڪري هي مون کي نٿو ڏيکارڻ چاهي. آخر فرلانگ اڌ پنڌ هلي ٻڌايائين ته، ”هي علائقو مسلمانن جو آهي“ پر هتي ڪا اهڙي ڏسڻ جهڙي مسجد ناهي. پر منهنجي ضد کي قائم ڏسي اڳتي هلڻ لڳو. بلغاريه ۾ ترڪن جي ڪافي عرصو حڪومت رهي آهي ۽ مسلمانن جو اوج ۽ دٻدٻو ڏسڻ وٽان هو، پر هاڻي اهو اوج ۽ دٻدٻو ختم ٿي چڪو آهي. مسلمان ته اڃا به اسان سڏايون ٿا خاص ڪري هي علائقو ته سڄو ترڪ مسلمانن جو آهي.

”.... پر اڄ اهو مسلماني جذبو نه رهيو آهي. هر هڪ ماديت ڏانهن ڇڪبو وڃي، روحانيت ختم ٿيندي وڃي. اسان مذهب کان ڪناره ڪشي ڪري پنهنجي دل جو سڪون وڃائي ويٺا آهيون. اڪيلا ۽ ويڳاڻا بنجي چڪا آهيون. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪري رهيا آهيون ! ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون! هر هڪ جون راهون جدا جدا ٿي چڪيون آهن. پر اها پڪ اٿم ته سڀ تباهي ڏي وڌي رهيا آهيون.“ آءٌ چپ چاپ ٻڌندو ساڻس قدم ملائي رهيو هوس. موسم جي اوچتو تبديلي ڪري برف ڪجهه حد تائين ڳري رهي هئي ۽ بلغاريه شهر جي گهٽين جي پڪين سرن جو فرش صاف نظر اچي رهيو هو. سامهون مسجد جو ڊگهو منارو ڏسي سمجهي ويس ته پڪ اها مسجد آهي.

سمهڻي نماز جو وقت هو. مسجد مان جهيڻي روشني نظر اچي رهي هئي. در بند هو. کڙڪايوسين ته هڪ عورت ٻار سان گڏ در کوليو. مون جُتي ٿي لاٿي ته مون کي لاهڻ کان منع ڪيائين. ڊاڪٽر ٻڌايو ته هن مسجد ۾ نماز ڪا نه ٿئي ۽ هي گهر ٺاهي ويٺا آهن. مونکي اعتبار ئي نه ٿي آيو. ٿورو اڳتي وڌي ڏٺم ته مسجد جي اڱڻ ۾ ڪپڙا سڪي رهيا هئا. رڌ پچاءُ جو سامان ۽ ڪچرو بي ترتيبي سان پکڙيو پيو هو. منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي. غم ۽ غصي جي حالت ۾ ڳوڙها تري آيم. عبدالقادر ڪجهه چئي رهيو هو پر منهنجي سمجهه ۾ ڪجهه نه پئي آيو. سامهون ڪاٺ جي فريم ۾ وڏي آرسي ٽنگي پئي هئي جا ٻن هنڌن تان ڀڳل هئي ۽ انهن جڳهين جي بي ڊولائي لڪائڻ لاءِ ٻه ڪارڊ لڳا پيا هئا. هڪ تي ڪنهن ٻار جي تصوير هئي ۽ ٻئي تي قرآن مجيد جي آيت. پٺيان ترڪن جي حڪومت جو سن ۽ ڇپائڻ وارن جي ائڊريس ”دين اسلام مدافعلري جمعيتي نشريا تندن – صوفيه بلغارستان، هئي. اهو به ڪو زمانو هوندو جڏهن مسلمان ههڙي اعليٰ ۽ مضبوط مسجد بنائي هئي. هن جي ڪشادي اڱڻ ۾ صفون ٺاهي نمازون ادا ڪيون ويون هونديون. پر اڄ هتي جون حالتون غير بنجي چڪيون آهن. اها ترڪبازي ختم ٿي چڪي آهي. اڄ اسان ڪجهه به نه رهيا آهيون. مسلمانن جي دلين مان اهو عالمگيري ايمان ۽ شان حجازي نڪري چڪو آهي.

مون تي پاڳلپڻي جو دورو پوڻ وارو هو. زندگي ۾ ڪڏهن به ايتري غم ۽ غصي تي ضابطو نه ڪيو هوندو. مون الائي ڇا ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو پر زبان مسئلو بنجي پيئي. عورت کي انگريزي ۾ چيم ته هي قرآن مجيد جي آيت آهي ۽ انجي ائين بي حرمتي ٿي رهي آهي، پر هوءَ ڪجهه به نه سمجهي سگهي وڌيڪ ڪڇڻ مناسب نه سمجهيم. اندرين کيسي مان پرس ڪڍي ان ڪارڊ کي ادب سان رکيم. وساميل دل سان ٻاهر نڪتس. قدم ست ڇڏي ويا هئا. عبدالقادر هڪ ٻئي مسجد ۾ هلڻ لاءِ چوڻ لڳو جا آباد آهي. مون هلڻ کان صاف انڪار ڪيو. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ڪنهن آتش فشان جبل جو لاوو منهنجي مٿان ٽمي رهيو آهي ۽ آءُ ان جي گرميء ۾ سڙي ڀسم ٿي رهيو هجان. ڊاڪٽر مونکي ڪافي دير خاموش ڏسي چوڻ لڳو، ته ”مون ته توکي پهرين ٻڌايو ته اڄڪلهه هي حال اسان جو ٿي چڪو آهي.“

”اسان جي ننڍي ٽهي ته شايد اهو به نه ٻڌائي سگهي ته هو مسلمان جو اولاد آهن.“

خبر ناهي ڪيئن ڏيڍ ميل جو رستو ختم ٿي ويو ۽ بندر گاهه جي ڀرسان اچي نڪتاسين. بندرگاهه وٽ جا مسجد آهي. اُن ۾ هلڻ لاءِ ڊاڪٽر ۽ رستي تي مليل سندس دوست مصطفيٰ زور ڪيو ته اها ڏسجي ان ۾ نماز ٿيندي آهي. اندر آياسين ڏسڻ سان دل خوش ٿي وئي. واقعي الله جو گهر هئڻ به اهڙو کپي. هر لحاظ کان مسجد لڳي رهي هئي. مسجد جي متوليءَ جو نالو به مصطفيٰ هو تنهن ٻڌايو ته جمعي نماز پوري ٻارهين لڳي ٿيندي آهي. اڄ جمعو آهي. ٿوري دير اڳ آءٌ ۽ ٻيا ڪيترا جهاز جا ماڻهو جمعي نماز جماعت سان پڙهي آيا آهيون. هن شهر ورنا جا به ڪافي مسلمان هئا. گهڻو ڪري سڀ عمر رسيده هئا. جوان ڪو ورلي هو. هڪ ٻئي سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي، سڀني ڏاڍيون دعائون گهريون.

اسان اڄ شام جو استنبول (ترڪي) وڃي رهيا آهيون.

واسلام

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org