سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: منهنجو ساگر، منهنجو ساحل

الطاف شيخ

صفحو :2

 

خليج بنگال

سلون ٽيون ڏينهن  صبح جو ڇڏيوسين، ان وقت منهنجي ڊيوٽي هئي، جڏهن پهاڙي سمنڊ جي علائقي يا بندرگاهه مان لنگهبو آهي ته جهاز ڏاڍو خبرداريءَ سان هلائڻو پوندو آهي، ڇو ته جهاز ۾ بريڪ ته ٿئي ڪا نه. بريڪ جي ڪم وٺڻ لاءِ جهاز جي انجڻ کي بيهاري، پٺيان هلائيندا آهيون، ائين ڪرڻ سان جهاز ڪا گهڙي هڪ هنڌ بيهي رهندو آهي، جيسين اڳيان هلڻ جي طاقت وڃائي وهي. جيستائين جهاز کليل سمنڊ ۾ اچي، تيستائين هڪ هڪ سيڪنڊ خبردار رهڻو پوندو آهي. پورو ٽائيم ڪنٽرول روم (برج) سان ٽيليگرام ۽ ٽيليفون ذريعي رابطو رکڻو پوندو آهي، ان وقت ٻن بدران هڪ ئي وقت پنجن ڄڻن تي مشتمل ٻيو مددگار عملو هوندو آهي، جن ۾ فٽر، مستري، تيل وارا، باه وارا هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هڪ منٽ ۾ پڪا چار چار دفعا به ٽيليگرام ايندي آهي، جنهن ۾ جهاز کي ”اڳيان“، ”پٺيان“، ”اڳيان آهستي“، ”پٺيان آهستي“، ”اڳيان تمام آهستي“، ”پٺيان تمام آهستي هلڻ“ ۽ ”هڪ هنڌ بيهڻ“ لاءِ چيو ويندو آهي ۽ ساڳي وقت عمل سان گڏ اهي سڀ جهاز جون حرڪتون لکيون به وينديون آهيون، ته ڪهڙي وقت ڪهڙي ٽيليگرام آئي ۽ جهاز ڪيترو هليو، جيئن حادثي جي صورت ۾ پنهنجي پوزيشن کان آگاهه ڪري سگهجي.

        اسان پنهنجو وقت توهان جي وقت کان ڪلاڪ اڳ ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت اسان دنيا جي جنهن حصي ۾ آهيون، اتي سج چنڊ تارا ڪلاڪ کن اڳ اڀرن ٿا ۽ لهن ٿا، جيڪڏهن اڀرندي طرف وڃبو ته ٽائيم وڌائبو آهي. جيڪڏهن الهندي طرف وڃبو ته ٽائيم گهٽائبو آهي. هن وقت هتي صبح ٿي چڪو آهي. پر توهان وٽ اڃا رات هوندي. ٿوري دير اڳ پنهنجي ڊيوٽي ختم ڪري انجڻ جي چارج ”چئين کان اٺين بجي تائين ڊيوٽي ڪندڙ“ انجنيئرن کي ڏيئي آياسين. آءٌ ۽ منهنجو ساٿي انجنيئر ”زمان“ ڊيوٽي ختم ٿيڻ بعد روز جهاز جي عرشي تي پٺا اگهاڙا ڪري فقط نڪر پائي اچي ليٽندا آهيون. جيسين صبح ٿئي. کلي آسمان هيٺان، جهاز جي ٿڌي ٿڌي فرش تي ليٽڻ ۾ ڏاڍو لطف ايندو آهي. ٿڌي ٿڌي هوا پيئي لڳندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن سنهي بوند به پيئي وسندي آهي. ان کان علاوه جڏهن سمنڊ جي ڪا وڏي لهر جهاز سان ٽڪرائبي آهي ته ان جا ڇنڊا بارش وانگر اچي لڳندا آهن. آسماني بارش ۽ سمنڊ جي ڇنڊن ۾ فقط اهو فرق آهي ته هڪ  اپاڻي مٺو آهي ته ٻيو کارو. سمنڊ جي پهرين ڇنڊي لڳڻ سان ئي اسان اکيون ۽ وات بند ڪري ڇڏيندا آهيون. جڏهن بارش نه هوندي آهي ته چانڊوڪيءَ ۽ تارن جي روشنيءَ ۾ سامونڊي ڇولين جي گجي چمڪندي رهندي آهي. چوطرف  ڄڻ چاندي جا ننڍا جبل اڳتي وڌندا نظر ايندا آهن ۽ جهاز جي لوهي بدن سان ٽڪرائي پنهنجو وجود ختم ڪندا آهن. جهاز ائين جهومندو ويندو آهي، جيئن ڪو موالي چُڪو زياده پي ويٺو هجي. اسان کي ائين ڪڏهن به محسوس ڪو نه ٿيندو آهي ته ڪو اسان آفت جيڏي جهاز تي آهيون، پر لڳندو آهي ته ڄڻ هي جهاز نه پر ڪاٺ جو ننڍڙو تختو هجي، جو انجڻ جي زور تي نه. پر لهرن ۽ هوائن جي رحم ۽ ڪرم تي اڳتي وڌي رهيو آهي. ڪجهه دير ته اسان خاموش ستا پيا هوندا آهيون ۽ پيا ٿڪ ڀڃندا آهيون. پوءِ ”زمان“ چشمو لاهي، اونڌو ليٽي ڳائڻ شروع ڪندو آهي. ”ڊَم ڊَم ڊيگا ڊيگا موسم بهيگا بهيگا _ بن پيئي مين تو گرا مين تو گرا هائي الله _ صورت آپ ڪي سبحان الله!“ پهرين رات به اهو گانو ٻڌائين، ٻي رات به اهو گانو، روز روز اهو ساڳيو گانو ٻڌائيندو رهيو. ڪالهه رات آخر چيومانس ته ٻيو به ته ڪو ٻڌاءِ.

                ”ڇو اهو پسند ناهي ڇا؟“

                ”پسند ته ڏاڍو آهي، خاص ڪري ههڙي موسم ۾ سمي ۾.“

                ”مونکي به ڏاڍو پسند آهي.“ چپ ٿي ويس. اڄ وري جڏهن اهو گانو ڳائي بس ڪيائين ته چيومانس، ”لالا، ڇا ڳالهه آهي. ان گاني جو جلاب ورتو اٿيئي ڇا؟“

                ٿڌو ساهه کڻي چيائين، ”بس يار، ڪهڙيون ٿو خبرون پڇين، ”هنڌ او سڙي جتي او ٻري.“

                سمجهي ويس ته اسانجو دوست عشق جي چرن ۾ آيل آهي. مون نٿي چاهيو ته وڌيڪ کيس چوريان. شام ٿي رهي هئي. سخت ننڊ اچي رهي هئي ۽ عشق ۽ محبت جا داستان. اُف! اوترائي طويل ٿيندا آهن، جيترو سندن وجود قليل ٿيندو آهي.

        ”ڪير آهي اُستاد اُها پري چهره؟“ خبر ناهي ڇو منهنجي وات مان نڪري ويو ۽ پڇي ويٺس، پر خوش نصيبيءَ سان داستان ايترو ننڍو هو، جيتري ان پري چهره جي هن جهاز تي ننڍي Stay هئي. لنڊن کان هڪ ايراني ڇوڪري سنگاپور لاءِ پئسنجر جي صورت ۾ چڙهي هئي، ممباساتائين خاموش رهي. ڪراچي پهچڻ سان پهريون دفعو هن مسڪرايو ۽ سنگاپور تائين روز هن وقت هوءَ ٻاهر عرشي تي پيل ڪاٺ جي بئنچ تي اچي وهندي هئي. اسانجو دوست مٿيون گانو ڳائيندو هو، ”صورت آپ ڪي سبحان الله.“

                ۽ پوءِ هوءَ ايراني لهجي ۾ ڳائيندي هئي، ”سو گيا سارا زمانه نيند ڪيون آتي نهين“ (ظاهر آهي نه ڪم نه ڪار. سڄو ڏينهن آرام ڪرسي تي ويهي، سمنڊ جون لهرون ڏسبيون يا چورن وانگر ڏينهن جو ننڊون ڪبيون ته رات جو ننڊ ڪيئن ايندي! سوچڻ جي ڳالهه آهي ذرا! پر اسان جو دوست انهيءَ خوش فهميءَ ۾ مبتلا آهي ته کيس سندس عشق جاڳائي رهيو آهي. اُف هي خوش فهميون! جن جي بنا تي دلبر جي جفائن کي به ادائون سمجهيو ويندو آهي. عارضي خوشي ۽ دل جي عارضي سڪون خاطر ۽ محبوب کي زبردستي وفادار سمجهڻ خاطر انسان ”خوش فهميءَ“ کي ائين چهٽي پوندو آهي، جيئن هڪ گهري سمنڊ ۾ ٻڏندڙ چند گهڙين جي سڪون خاطر ڪنهن لنگهندڙ وڏي مڇي جي پڇ کي قابو جهليندو آهي، جا ٿورو اڳتي هلي کيس ڳڙڪائي ڇڏيندي آهي. جنهن کي هو محبوب ۽ ديوتا سمجهي پوڄا ڪندو آهي، ان جي ئي ڀيٽ چڙهندو آهي. اڄ ڪلهه هر شيءِ جو قدر (Value) ڪيترو نه تبديل ٿي چڪو آهي. نازڪ صنف جي هڪ مختصر مسڪراهٽ کي اسان محبت سمجهي وهندا آهيون. ٻن مٺن ٻولن کي پيار سمجهي وهندا آهيون ۽ خوش فهميءَ جو شڪار بڻجي ويندا آهيون. اڄ ڪلهه شايد ٻين شين وانگر محبت ۾ به ملاوٽ آهي يا اسانکي ان جي حقيقت معلوم ڪندي اذيت ٿئي ٿي. ڇا اسانجي دوست جي محبت سندس ئي دل تائين محدود ۽ مقيم آهي، يا اديءَ کي خبر نه چار، ادي کي عشق انڌو ڪيو؟! بهرحال جهڙيءَ طرح توهان وٽ تندرست ٿيڻ تي مريض کي اسپتال جو ڪمرو ڇڏڻو پوندو آهي، ساڳيءَ طرح اسان وٽ به منزل اچڻ تي مسافر کي ڪئبن ڇڏڻي پوندي آهي. سنگاپور بعد هوءَ فقط يادون ڇڏي ويئي.

                ”ان ڏينهن کانپوءِ مونکي هر روز ائين لڳندو آهي، ڄڻ هوءَ سامهون بئنچ تي ويٺي آهي ۽ ويٺي ڳائي.“ زمان ٻڌايو.

                مون چشمون لاهي صاف ڪري وري پاتو، چتائي ڏٺم ته مونکي ڪجهه نظر نه آيو، بئنچ خالي هئي. هڪ وڏي لهر آئي، جنهن جا ڇنڊا سڄي بئنچ کي ڌوئي ويا. مون وري ان بئنچ ڏي ڏٺو. مون کي ايراني دوشيزه کان به زياده خوبصورت زياده حسين، ڪجهه گهڙين جي لاءِ نظر اچي، غائب ٿي ويئي.

                گهڻي دير چپ ڏسي دوست چيو، ”يار، تون به ته پاڻ بابت ڪجه ٻڌاءِ، ضرور تنهنجي زندگيءَ ۾ به بهار آئي هوندي.“

                ”نه.“

                ”ڪوڙ ٿو ڳالهائين. اها زندگي نه آهي، جنهن ۾ بهار نه اچي.“

                ”افسوس جو ان سوال جو معقول جواب ڏيئي نٿو سگهان، عرض هي آهي ته منهنجي زندگي حيدرآباد يونيورسٽيءَ جي اڳيان بيٺل بنا پنن جي وڻن وانگر خشڪ آهي. دل جي چمن ۾ ڪا بادِ صبا نه لڳي آهي.“

                ”ضرور ڪو تارو تو لاءِ کڙيو ته هوندو. ڏس آسمان ۾ ڪيترا انيڪ تارا آهن.“

                شايد! ۽ منهنجي زندگيءَ جا سڀئي غريب لمحا ان جي روشنيءَ کي پسي مڪمل ٿي وڃن ها، پر جلدي اهو غائب ٿي ويو، اهو ستارو نه، پر شايد آمريڪن جو ڇڏيل مصنوعي چنڊ هو. هڪ الڳ منزل طرف پنهنجي الڳ راهه وٺي. ڪنهن ٻي دنيا جي ڪشش هن کي پاڻ طرف ڇڪي ورتو. ان بعد آڪاش هميشه ڪڪرن سان ڇانيل رهي ٿو. ڪڪرن جا به ڪيترائي قسم آهن. مثال طور ٽربيولينس Turbulence آرٽوگرافڪ ڪڪر وغيره. ڪڪر تارن جي روشني فنا ڪري ڇڏيندا آهن ۽ دنيا جي رهواسين کي تاريڪ راهن ۾ ڀٽڪڻ لاءِ مجبور ڪندا آهن.

                ڪجهه گهڙين جي لاءِ وري به خاموشي طاري ٿي ويئي. آهستي آهستي رات جي اونداهي غائب ٿي ويئي، اڇو صبح ٿي ويو. اسان ٻئي اٿي بيهي نئين ڏينهن جي تازي ڄاول سج کي ڏسڻ لڳاسين. ٿوري دير بعد سج سمنڊ جو پيٽ ڦاڙي ٻاهر نڪتو ۽ سڄو سمنڊ روشن ٿي ويو، هڪ معصوم ٻار وانگر سج جو منهن چمڪي رهيو هو. کاٻي پاسي آسمان ڪڪرن سان ڇاتيو پيو هو، هڪ وڏو ڪارو ”وول پئڪ“ (Wool – pack) ڪڪر اڳتي وڌيو ۽ معصوم سج کي ڪارو ڪري ڇڏيو! ان ڪاري وڏي ڪڪر کي ڪجهه به خيال نه رهيو ”نه اسانجو _ نه سج جو“. ڪاش کيس خبر هجي ته اسان ڪيتري چاهه سان، ڪيڏي محبت سان، ڪيڏي پيار مان ان نئين ڄاول معصوم سج جو انتظار ڪري هيا هئاسين.

                ادا، هن وقت اسان جو جهاز خليجِ بنگال ۾ تري رهيو آهي. هتي هميشه پاڻيءَ ۾ جوش رهندو آهي. اڪثر هتي طوفان لڳندا آهن، جي اڳتي هلي بنگال جي ساحلي علائقي تي حملو ڪندا آهن، ڪولمبو ڇڏڻ بعد وري زمين نظر نه آئي آهي. چوطرف وري ساڳيو پاڻي ئي پاڻي آهي. نقشي ۾ اگر ڏسندين ته توکي معلوم ٿي ويندو ته دنيا جو فقط هڪ حصو زمين آهي ۽ ٽي حصا پاڻي. مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن دنيا جو نالو ”ڌرتي“ ڇو رکيو ويو!؟ پراڻي زماني جا ماڻهو به عجيب هئا. پنهنجي آس پاس ٿوري زمين ڏٺائون ته دنيا جو نالو کڻي ڌرتي رکيائون. کين هن دنيا جو نالو ”ساگر“ رکڻ کپندو هو.

                ادا، هي سامونڊي زندگي بلڪل مختلف زندگي آهي، خاص ڪري انهن ماڻهن جي لاءِ جي تنهائي پسند ڪن ٿا. دنيا جي جهنجهٽن ۽ رسم ۽ رواج جي قيد کان آزاد زندگي آهي. چوطرف پاڻي ئي پاڻي ۽ اڪيلائي ۽ تو وٽ چوطرف زمين.

                ”تور مار جوله باتي _ تو مار گهوريه شاتهي

                (تو وٽ چراغ ٻري ٿو ۽ گهر ۾ ساٿي به آهي)

                امار توريه راتي امار توريه تارا

                (مون لاءِ رات آهي ۽ تارا)

                ٽومار اچھه ڊانگا امار اچهه جول

                (تو لاءِ زمين آهي ۽ مون لاءِ پاڻي)

                تو مار يوشي تهاڪا امار چولا چول

                (تو لاءِ آرام آهي مون لاءِ هميشه جو هلڻ) __ ٽئگور

                سڀاڻي اسان کي زمين نظر ايندي، جا بنگال جي سرزمين آهي. ٽئگور جو ديس، نذر الاسلام جو ديس. گهڻن ڏينهن بعد جڏهن زمين جو ڪنارو نظر ايندو آهي، ته ان وقت ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي، پر زمين جي نظر اچڻ کان اڳ ”سي گل“ (See Gull) پکي نظر ايندا آهن، جي ڪبوتر کان وڏا اڇي رنگ جا خوبصورت پکي ٿيندا آهن. اُڏامي به سگهن ته تري به سگهن. گذران جي لاءِ پاڻي ۾ ٽٻي هڻي مڇيون ڦاسائي کائين، هي ڪڏهن ڪڏهن ته سؤ سوُ ميلن جو مفاصلو به طئي ڪري ايندا آهن. پوءِ جهاز سان گڏ اُڏامندا آهن، ٿڪجي پوندا آهن ته وري ترڻ شروع ڪندا آهن. اڄ ڪلهه ته رستي ڳولڻ جي لاءِ جهازن تي انيڪ قسمن جا آلا ۽ اوزار آهن، پر پراڻي زماني ۾ ۽ اڄ به پراڻي قسم جا ماڻهو، جهاز وارا يا ڀٽڪيل مسافر هنن پکين کي ڏسي خوشيون ملهائيندا آهن، ته هاڻي زمين ويجهي آهي، ۽ صحيح رستو وٺي آيا آهيون. هنن پکين کي مارڻ سڄي دنيا ۾ ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي، هن پکي کان علاوه هڪ مڇي ”گڏهه مڇي“ جي نالي سڏبي آهي. ان کي مارڻ پڻ بين الاقوامي ڏوهه آهي. جڏهن جهاز جا حادثا ٿيندا آهن، ته هيءَ مڇي ٻڏندڙن جي چؤگرد ڦرندي رهندي آهي ۽ بچائڻ ۾ مدد ڪندي آهي. چڱو وڌيڪ ٻي دفعي. ڊيوٽيءَ جو وقت ٿي ويو آهي، چئن ڪلاڪن جي لاءِ جهاز هلائڻو آهي.

 

 

چٽگانگ

 چٽاگانگ جي بندرگاهه ۾ ٽيو رات اندر اچڻ جي جڳهه ملي. ٻه ڏينهن اڳ بندرگاهه کان پندرهن ميل کن پري اچي لنگر ڪرايوسين، جيسين جڳهه خالي ٿئي. بري ۽ هوائي سان گڏوگڏ بحري ٽرئفڪ به ايتري وڌي ويئي آهي، جو دنيا جي هر بندرگاه تي اندر گهڙڻ کان اڳ ٻاهر ڪجهه ڏينهن جي لاءِ انتظار ڪرڻو پوندو آهي، جيسين وارو اچي. چٽاگانگ ۾ هن کان اڳ به ٻن سالن لاءِ آءٌ رهي چڪو آهيان. ان ڪري چٽاگانگ سان منهنجون ڪيتريون ئي تلخ ۽ شيرين يادون وابسته آهن، نه چٽاگانگ سان، پر پوري بنگال سان. هينئر پوري چئن سالن بعد آيو آهيان. ڪافي تبديليون نظر اچي رهيون آهن. وڌيڪ شهر ۽ آس پاس سهڻو ٿي پيو آهي. جيتري ترقي بنگال ۾ هن موجوده دؤر ۾ ٿي آهي، اوتري ڪڏهن نه ٿي. ”بپني بتن“ (ٽي منزله خوبصورت مارڪيٽ) جهڙي مارڪيٽ پوري پاڪستان ۾ نه آهي، ان کان علاوه اسٽيل مل، بندرگاه ۽ ريلوي اسٽيشن ڏسڻ وٽان آهن. ڪاش تون به هجين ها ته ”بپني بتن“ ۾ گڏجي شاپنگ ڪريون ها. ”الماس“ ۽ ”خورشيد محل“ سئنيمائن ۾ فلمون ڏسون ها. ”خيام“ هوٽل ۾ پاڳلن وانگر نچون ها. ”بشير وسطڙو“ وانگر هٿ هٿ ۾ ڏيئي راز جون ڳالهيون به وچ رستي ۾، سنڌي ۾ زور زور سان ڪريون ها، (ڇو ته هتي ڪو به سنڌي سمجهڻ وارو ڪونهي) چٽاگانگ ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن سان پڪنڪ ۾ گڏ حصو وٺون ها. چيني هوٽل ۾ گانگٽ ۽ ڪيکڙا کائون ها. خدا جو قسم مزو اچي وڃي ها.

هتي ڪي ڪي ڳالهيون اهڙيون ٿينديون آهن، جو ڏاڍي کل ايندي آهي. مثال طور منهنجي هڪ انجنيئر ساٿي کي اهو وهم ويٺل آهي ته جهاز جي انجڻ جي گوڙ ڪري اسان روز بروز ٻڌڻ جي طاقت وڃائي رهيا آهيون. هڪ دفعي انجڻ روم ۾، جنهن وقت هن ٽيليفون کنيو، ان وقت اتفاق سان خراب هو ۽ هي چٽيءَ طرح ٻڌي نه سگهيو، جو بعد ۾ ته ٺيڪ ٿي ويو، ۽ مون ڳالهايو ته صاف ٻڌڻ ۾ پي آيو. پر هن جوان جو شڪ ٿوري پڪ ۾ بدلجي ويو. ڪالهه نيو مارڪيٽ ۾ ڏاڍو مزو ٿيو. ڪتاب پي ورتاسين. هڪ ڇوڪريءَ به ڀر ۾ بيهي پنهنجي پسند جا ڪتاب پئي ڳوليا. سڀ خوب مشغول هئاسين. ٿوري دير بعد مونکي آڱر کان ڇڪي اشارو ڪيائين ته، ”ڇوڪريءَ ڇا چيو؟“

 ”الائي، آءٌ ته پري بيٺو آهيان. توکي ڪجهه چيائين ته وري کڻي پڇينس.“

تنهن تي منهنجي دوست هن طلائي مڇي جهڙي چست ۽ سبڪ رفتار بنگالي دوشيزه ڏي مڙي بنگالي ۾ پڇڻ لڳس، ”محترمه توهان ڪجهه چيو؟“

                ڇوڪريءَ اهڙي ته قهر ڀري نگاهن سان ڏٺو، جو آءٌ ڊڄي ويس ته خواه مخواهه ستلن ڪتن کي ٿڏا هنيا اٿئون. ٿورو مڙي ڪنڊ ۾ رکيل پيڪدان ۾ وڏي وڏي ڳاڙهي ناسي رنگ جي ٿڪ اڇلائي چوڻ لڳي، ”منهنجو دماغ ته خراب نه ٿيو آهي، جو خواه مخواه توکي ڪجهه چونديس. آءٌ ته پان کائي رهي آهيان.“

جهاز تي منهنجي ڪئبن جي هڪ پاسي ”زمان“ ٿو رَهي ۽ ٻي پاسي مان. کيس ٽيپ رڪارڊر آهي، صبح شام، آنڌي مانجهي ۽ مهلو ڪمهلو وڄندو رهندو آهي، ۽ ساڳيا ساڳيا گانا نمبر وار فل آواز ۾ وڄندا رهندا آهن. گانا به وري ڪهڙا _ ”مين ني ڪها سلام عليڪم،“ ”ڀاڀي نهين تو ميري مان هي“، ”گول گپي والا آيا.“ ۽ ٻيا اهڙي قسم جا گانا، جن کي ٻڌي توکي، مونکي ۽ ٻين کي اُلٽي ايندي آهي، ڪيترو سمجهايو اٿئون ته اسان جي ننڊ ٿي ڦٽي، موڊ ٿو آف ٿئي ۽ نثار وسطڙو وانگر هٿ (ٻانهن سميت) ٻڌي چيو اٿئونس، ”هيڏانهن _ اوڏانهن. ٻيلي هٿ ٿا ٻڌون، مٿي ۾ اٿئون سور ڏاڍو، معافي ڏي.“

پر حرام سوئر جو مڃي. نيٺ رات موقعو غنيمت سمجهي چيومانس، ”اڄ ڏينهن تائين ڪو به ماڻهو مشين يا انجڻ جي گوڙ کان ٻوڙو نه ٿيو آهي، پر ريڊيو زور زور سان ۽ چوويهه ڪلاڪ ٻڌڻ سان ٿيندو آهي.“ اڄ صبح جو اٿڻ سان اسان جيءَ گهٽيءَ ۾ خاموشي هئي. دل ۾ چيم شڪر آهي، جو نصيحت تي عمل ڪيائين، پر پوءِ معلوم ٿيو ته ڪو ٻيو انجنيئر ٽيپ رڪارڊر جي ربن مٿان چقمق ڦيرائي، سڀ گانا ڊاهي ويو ۽ هيءُ انهيءَ فڪر ۾ آهي ته گانا اوچتو ئي اوچتو غائب ڪيئن ٿي ويا. در اصل اِن ”ربن“ ۾ لوهه جا تمام باريڪ باريڪ ڊگها ٽڪرا ٿيندا آهن، آواز ٽيپ ڪرڻ وقت اهي ان مطابق جڳهه وٺي بيهندا آهن، ۽ چقمق ڦيرائڻ سان اهي سڀ لوهي ٽڪر پنهنجي پهرين پوزيشن وڃائي، چقمق جي ڇڪ مطابق ۽ ان طرف منهن ڪري بيهندا آهن، ۽ اهو آواز ۽ گانا ختم ٿي ويندا آهن. رات سندس ئي اڳيان ٻئي رومال ۾ چقمق ويڙهي ٻن سيڪنڊن لاءِ گهمايو ۽ اتي جو اُتي گانا ختم ٿي ويا.

جهاز ۾ سڀ کان مزيدار ۽ لذيذ انسان ڊاڪٽر آهي. کيس ڊاڪٽريءَ کان علاوه سڀ ڪجهه ٿو اچي. ڪڏهن ڏس ته اليڪٽريڪل انجنيئر سان بجليءَ تي پيو بحث ڪندو، ته ڪڏهن مڪينيڪل انجنيئر سان مشين جو ميڪينيزم پيو سمجهندو. ڪراچيءَ ۾ هڪ جرمن انجنيئر آيو هو، جو اسان سڀني ”مريض انجنيئرن“ کي هڪ جهاز بابت سمجهائي رهيو هو ته هن جو اسٽرينگ گيئر Steering Geer ڪيئن ٿو ڪم ڪري. ڊاڪٽر صاحب ڪراچي لنگهيو. ميڙ ڏسي پاڻ به اسان سان شامل ٿي ويو. وري ان تي طُره اهو جو اسانکان به وڌيڪ سوال هي پيو پڇي! ڪالهه سگنل ڪرڻ سکي رهيو هو. ٿوري ٿوري سمگلنگ به ڪندو آهي. مثال طور ڪراچي مان سوپاريون ۽ ايلائچيون (ڦوٽا) وٺي سلون ۾ وڪڻندو آهي (جتي خود سستا آهن) يا چٽاگانگ مان واچون وٺي دبئيءَ ۾ وڪڻندو آهي ۽ هر دفعي ڪافي نقصان ۾ رهندو آهي. ڪڏهن به کيس مون مريض تپاسيندي يا ان کي دوا ڏيندي نه ڏٺو. ان ڪري اسان جي شعور ۾ اها ڳالهه ئي ويٺل ڪانهي ته ڊاڪٽر صاحب جو ڪم ڪهڙو آهي. هڪ ڏينهن سڀ دوست گڏ ويٺا هئاسين. هڪ جي طبعيت خراب هئي، سو ريڊيو آفيسر سان صلاح مشورو ڪري رهيو هو ته پيٽ ٺيڪ نه اٿم. ”انٽرو وايو فارم گوريون“ کاوان يا ”سلفو گونوڊن“ ۽ ڪنهن کي به اهو خيال نه رهيو ته سڄو سارو ڊاڪٽر ويٺو آهي، هيءُ آخر ڪهڙي مرض جي دوا آهي، ۽ پاڻ به وري اهڙو جو سڀ ڪجهه ٻڌي رهيو آهي، تڏهن به اهڙو ڪُڇي جهڙو ڀت، ڄڻ ته ڊاڪٽري جي ”ڊ“ کان به واقف نه هجي. هڪ ڏينهن سنجيده ٿي سمجهايومانس ته پنهنجي ڌنڌي سان شوق رک، نه ته اهي افعال رهي ته وري ائناٽامي کان شروع ڪرڻو پوندءِ. پٺيان الائي ڪنهن ٽوڪ طور چيو، ”ائناٽامي! هون! ڏهين جماعت جي ”علم بدن“ کان. ۽ سڀ اچي کل ۾ ڇٽڪياسين. ويچارو آهي ڏاڍو شريف. ٻين جي آرام جو ڏاڍو خيال ٿيندو اٿس، ڪڏهن بي وقت ملڻ ايندو ته دروازي تي آهستي آهستي کٽ کٽ ڪندو، ائين ڄڻ ته ڪنهن مريض جي Abdomen کي ٺونگا هڻيو پيو تپاسي- ڪيرم تان يا ڪنهن به راند ۾ رانديگر جي ڪمي هوندي آهي ته ان وقت سڀني کي ڊاڪٽر ياد ايندو آهي ۽ وڃي وٺي ايندا آهيونس (واندو ماڻهو جو ٿيو). راندين ۾ ڪافي هوشيار آهي. پنهنجي ڪاليج ۾ هاڪي، ڪرڪيٽ، فٽ بال جو ڪئپٽن هوندو هو. ٻئي سال ۾ فيل ٿي پيو، پر ”فارماڪالاجي“ جي پروفيسر، جو راندين جو انچارج هو، پاس ڪري ڇڏيس. ٿرڊيئر ۾ ڊراما ۽ ڪاليج فنڪشن ۾ زور شور سان حصو ورتائين. سالياني ”سئمنگ گالا“ ۾ نمبر کنيائين. پئٿالاجي  جي پروفيسر (جنهن کي پئٿالاجي کان وڌيڪ پيار ڊرامن ۽ سئمنگ گالا سان هو) کي صبح شام سلام ڪندو هو ۽ نتيجي کان اڳ کيس ڀروسو هو ته ٿرڊيئر جي مصيبت به ٽري. چوٿين سال ۾ امتحان نه ٿيس. آخري سال ۾ جورس پورفيسر جي ٽيون نمبر ڪاري ڪلوٽي ڌيءَ ۽ ميڊيسن جي پروفيسر جي وڏي ڌيءَ ( جنهن سان ڪو شادي ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هو) سان هڪ ئي وقت عشق ڪيائين. ڪافي خوبصورت جوان آهي. امتحان جي رزلٽ نڪرڻ تائين ٻنهي ڌرين کي الڳ الڳ شادي جا ڏٽا ڏيندو رهيو. ان بعد کين ائين ڏسڻ لڳو، جيئن ڄڻ چئي رهيو هجي ته معاف ڪجو. مون شايد اوهان سان گذريل جنم ۾ پيار ڪيو  هجي ته هجي، هي جنم منهنجو ٻيو جنم آهي، جنهن ۾ گذريل جنم جون غلطيون ڪرڻ نٿو چاهيان. پڙهڻ ۾ اهڙو صفا چٽ به نه هو. گائني جهڙن سبجيڪٽن ۾ ته اعزازي نمبر کنيائين. تعليم بعد ڪجهه وقت هائوس جاب ڪيائين ۽ جڏهن دنيا گهمڻ جو شوق چوٽيءَ تي پهتس ته اچي جهاز جو ڊاڪٽر بنيو. اڄ جيڪڏهن اسان وٽ هي ڊاڪٽر صاحب نه هجي ها ته اسان جون ڪچهريون اڌوريون رهجي وڃن ها. ڪيرم ۽ ٽيبل ٽينس راند جا هفتيوار پروگرام فنا ٿي وڃن ها.

منهنجو هن جهاز تي سڀ کان پڪو دوست اڪبر آهي، پنهنجي ڪم سان ڏاڍو چاهه اٿس. سخت محنتي ۽ سخت جان آهي. ڪڏهن ڪڏهن مشڪل وقت رات ڏينهن ڪم ڪندي به نه ٿڪبو آهي. ننڊ ۽ هر ڳالهه جو پڪو آهي، سواءِ بک جي. مانيءَ جو وقت ٿيو ته پوءِ دنيا جي ڪا به طاقت کيس ترسائي نه سگهندي. کائڻ جو به مڙس ماڻهو آهي، گراهه تکا تکا وات اندر ائين وجهندو آهي، ڄڻ مينهن کان ٽپڙ اندر ڪجن. هر شهر جي وڏي ۾ وڏي هوٽل ۾ ماني کائڻ سندس خاص مشغلو (Hobby) آهي. پئسا چاهي پورا پنا هجنس، پر بل هميشه پاڻ ادا ڪندو آهي. پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ جو شرف هميشه مون کي حاصل ٿيندو آهي، پر آءٌ ڀڄندو رهندو آهيان. ماني کائي جڏهن ٻاهر نڪرندا آهيون ته هميشه آءٌ ته سڄو پگهر ۾ شل هوندو آهيان، جو هن جي ٻين عادتن سان گڏ اها به عادت آهي ته هوٽل مان نڪرڻ وقت ڪانٽا، ڇريون ۽ چمچا کيسي ۾ وجهي نڪرندو آهي. ان وقت منهنجون ٽنگون ائين پيئون ڏڪنديون آهن، ڄڻ ڀنگ پيون ڇاڻين. بار بار پٺيان پيو نهاريندو آهيان ته ڪو هوٽل جو بيرو جهلڻ جي لاءِ ته ڪو نه ٿو اچي ۽ ان ڪري ئي هن سان گڏ ماني کائيندي آءٌ ڪيٻائيندو آهيان، جو آخر ۾ مزو ڪرڪرو ڪري ڇڏيندو آهي.

پنهنجو حال ڀائي مونکي بنايو اٿس. اصل ڦاسي ويو آهيان. پنهنجي ناڪام عشق جو قصو پنجويهه دفعا ٻڌائي چڪو آهي. اصل مونکي به الف کان ي تائين بر زبان ياد ٿي ويو آهي. ايتري قدر جو هاڻ دهرائيندي ڪڏهن هٻڪندو يا ڀلبو آهي ته آءٌ لقمو ڏيندو آهيان، ته ته پوءِ هُن هي چيو _ يا تو هي چيو! هميشه پنهنجا احسان پيو جتائيندو آهي، ته: مون هن خاطر هي به ڪيو، هو به ڪيو. هاڻ ڀلا کيس ڪير سمجهائي ته عورت اها شيءِ آهي، جنهن لاءِ ”سيزر“ پنهنجي لشڪر کي به وساري ڇڏيو. بهرحال جاني مڙس آهي. دل جو صاف  ۽ وفادار دوست آهي. سڄي جهاز جي رونق سندس دم سان آهي.

 چڱو ادا، هاڻ ته ڪافي رات لڙي چڪي آهي. ٿوري دير سمهي وٺان، سڀاڻي سوير ڊيوٽي لاءِ وڃڻو آهي.

__ چڱو، خدا حافظ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org