سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: ڏوري ڏوري ڏيهه

باب:

صفحو:4 

ٿوريءَ دير جي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، منجهند جي مانيءَ جو وقت ٿيو. اسان جي ماني ائنا ڪئپريءَ ۾ ئي هوٽل پئراڊائيزو (Hotel Paradiso) ۾ هئي، جيڪا يورپ جي مهانگين هوٽلن مان هڪ آهي. مانيءَ جا پئسا ٽوئر ڪمپنيءَ کي ڏنل هئا، باقي مشروبن تي خرچ پنهنجو ڪرڻو هو.

هوٽل ۾ پهچي، ائين لڳو ته، مالڪن تڪلف ڪري ان جو نالو هوٽل پئراڊائيزو رکيو هو. هونءَ به ائنا ڪئپريءَ ۾، جيڪو به ماڻهو ان هوٽل ۾ اچي ها، ان کي جنت (Paradise)  ئي سڏي ها. ڇٻر تي ڪرسيون رکيل هيون. اسان جي گروپ جا ٽوئرسٽ اتي ويهجي ويا. سٺي لباس وارن ۽ مهذب بئرن کاڌو ڏيڻ شروع ڪيو. گهڻي ٽوئرسٽن اٽليءَ جو روايتي شراب ’ٽئبري‘(Tibres)  گهرايو. جيڪو انگوري شراب آهي ۽ اٽليءَ جي هڪ بادشاهه جي نالي پٺيان سڏيو ويندو آهي.

اها منهنجي ۽ قمر جي، زندگيءَ جي حسين ترين جاءِ تي حسين ترين لنچ هئي. حسين ترين سان گڏوگڏ لذيذ ترين پڻ.

اٽليءَ وارا کاڌي کائڻ جا به شوقين آهن، ته کاڌي پچائڻ جا به ماهر آهن. سڄي يورپ ۾ سندن Pizza  مشهور آهن. آئيس ڪريم وارا به سڄي يورپ ۾ اطالوي نظر آيا.

ماني کائي، باٿ روم ۾ هٿ منهن ڌوئڻ ويس. باٿ روم ٻاهران اسان وٽ ’مردانو‘ ۽ ’زنانو‘ لکيل هوندو آهي. هتي آدم (Adam)  ۽ حوا (Eve). اطالوين پنهنجي ٻوليءَ ۾ جنس جي اصليت کي برقرار رکيو آهي.

ماني کائي، ٿورو وقت ان سرسبز ۽ گلن سان جهنجهيل ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي گهمياسين. پوءِ وئگن اسان کي کڻي ائنا ڪئپريءَ جي اڌ تي ڇڏيو. هيٺ لهندي به نظر دريءَ مان انهن نظارن تي هئي، جن کي ائنا ڪئپريءَ ڏي چڙهندي وقت ڏٺو هيوسين. هن دفعي انهن نظارن جو لطف ئي نئون هو ــ صبح جي روشني ۽ شام جي روشني ساڳين نظارن کي مختلف زاوين کان مختلف حسن ٿي ڏئي.

اڌ تي هڪ سهڻي، ننڍڙي بازارهئي، پر ان ۾ ايڏي ته رش هئي، جو ڪلهي گس لڳي پئي هئي. ڪئپري ته اهڙو شهر آ هي، جتي شهر جي رهاڪن کان وڌيڪ گائيڊ ۽ ٽوئرسٽ هوندا آهن. گم ٿيڻ جو وڏو خطرو هو، ان ڪري مون قمر کي چيو ته: ”گائيڊ ۽ پنهنجي گروپ وارن ٽوئرسٽن تي نظر رک.“

قمر چيو: ”تون هن مائيءَ تي نظر رک، جنهن کي ڳاڙها ڪپڙا آهن.“

مون چيو، ”ان مائيءَ جي پٺيان لڳان ۽ ڪاوڙجي پوي ته پوءِ؟“

ان تي قمر يڪدم چيو، ”هو ٽوپلي وارو سڃاڻي ڇڏ. اهو اسان جي گروپ جو آهي.“

مون چيو، ”هتي ٽوپلو ته هر ٽئين ماڻهوءَ کي آهي ۽ جي اهو ماڻهو ٽوپلو لاهي ڇڏي ته پوءِ؟“

تڏهن به قمر جي زناني حِسَ اسان کي گم ٿيڻ نه ڏنو. عورتون لباس، رنگ، مهانڊن ۽ قدبت، کي ايترو جلد جهٽيون وٺن، جو عجب لڳيو وڃي. ڪو ماڻهو سيڪنڊ لاءِ سامهون آڻيو ۽ پوءِ لڪائي ڇڏيو. ٺهه پهه سندس شڪل شبيهه، قد بت، وارن ۽ اکين جي رنگ، لباس ۽ ان جي رنگ جي باري ۾ هر شيءِ ٻڌائي وينديون. قمر ۾ ته اها حِس تهان ئي وڌيل آهي.

بازار جو چڪر هڻي، اسان هڪ ننڍڙي ميدان تي آياسين، جنهن جي ڪناري تان سمنڊ نظر اچي رهيو هو. ڪرسيون ميزون رکيل هيون. اهو ريستوران جو حصو هو. اسان ٿڪ ڀڃڻ لاءِ چانهه گهرائي، کن پل ۾ اطالوي لوڪ ڳائڻا، سازن ساڻ پهچي ويا. هو ڳائڻ، وڄائڻ ۽ نچڻ شروع ٿي ويا. ماڻهو ميڙاڪا ڪري انهن جي چوڌاري جمع ٿي ويا. تاڙيون وڄائيندي، تال تي قدم کڻندي، ان راڳ ۽ ناچ ۾ شامل ٿي ويا. نه ڳڻتي، نه فڪر. هڪ موج، هڪ مستي، بلڪ هڪ سرمستي اها به الستي، فارغ البالي. راڳ روايتي اطالوي پئي لڳا. مجموعي جي ماڻهن جو تاڙين وڄائڻ ۽ قدم کڻڻ، ائين پئي محسوس ٿيو ته ڄڻ ٻڌندڙ، ڏسندڙ ۽ ڳائيندڙ نچندڙ ملي هڪ ٿي ويا آهن. انهن ۾ ڪو به ويڇو ڪونهي. انهن جي وچ واري وڇوٽي ختم ٿي ويئي آهي. ’ڏاتار‘ ۽ ’مڱڻي‘ جي وچ ۾ ڪوبه ’وسيلو‘ نه آهي. تندن جي ’تار‘ به اها آهي، جيڪو ’چارڻ ـــ چت‘ ۾ آهي.

اتي مون کي پنهنجي ۽ مغربي موسيقيءَ جي وچ ۾ فرق جو احساس ٿيو. اسان جي موسيقي جي ڪيفيت گهڻو تڻو اڪيلائيءَ جي ڪيفيت جي آهي. ڄڻ ڪو اڪيلو ـــ اداس ـــ مايوس ـــ غمگين ۽ وڍيل پيو وايون ڪري. بنسري، بينون (جوڙو هوندي به) ۽ مرلي ـــ ڪوهياري، راڻو، سورٺ، جوڳ، مانجهه ۽ لواڙئو، سڀ تنهائيءَ جون تنوارون آهن. جي ٻه ساز ساٿ ٿا ڏين (دلو ـــ يڪتارو ـــ باجو ـــ طبلو ـــ يا گهڙو) ته به اهو مجموعي، ميڙ يا اجتماعيت جو تاثر نه ٿو اڀري. جي ڪورس جو رنگ به آهي، (جيئن لطيف جي روايتي راڳ يا سچل سرمست جي رندي انداز ۾) ته به ان ۾ رڳو مرد شامل آهن. ان ڪري ان جو مجموعي تاثر وري به تنهائيءَ، ۽ قنوطيت وارو ظاهر ٿئي. پر مغربي موسيقي جي رفتار لئه، وڄت، مزاج، سُر ۽ گائيڪيءَ جو انداز اجتماعي آهي. سازن وارن جو هجوم آهي (آرڪيسٽرا ۾ سوين شامل هوندا آهن.) جن جي ذهن ۾ هڪ ئي لئه، هڪ ئي ڌن ـــ هڪ ئي سوچ آهي ۽ ان جو نتيجو هڪ ئي عمل آهي، جيڪو اجتماعي آهي.

اسان وٽ سماجي تبديليون آهستي اچن، تاريخ آهستي هلي. ان ڪري موسيقيءَ ۽ ٻين فنن ۾ تبديليون به دير دير سان ٿين. پر يورپ ۾ سماجي، توڙي ثقافتي تبديليون جلدي جلدي اچن. ان جو سبب يورپ وارن جي اجتماعيت آهي. هنن وٽ جمهوريت جي سببان اجتماعيت جو شعور آهي ۽ اسان وٽ ڪڻو ڪڻي کان ڌار آهي.

اهو ڏينهن، ٽپهريءَ تائين، اسان ان جنت جهڙيءَ جاءِ تي گذاريو. قمر پنهنجي گروپ وارن کي سڃاڻڻ جي فن کي استعمال ڪندي، هڪ تمام ڊگهيءَ ۽ تمام ٿلهيءَ عورت کي چونڊيو، جيڪا ميڙ ۾ پري پري کان نظر پئي آئي، ان ڪري، اسان انسانن جي ان جهنگل ۾ گم نه ٿياسين. ان مائيءَ جون ٽنگون پنين وٽان ئي ايتريون ته ٿلهيون هيون، جو ان جو گهيرو هڪ فٽ ته واهه جو ٿيندو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اها مائي اصل ۾ ڇا هوندي ـــ ڪهڙي بلا هوندي؟

اسان کي ’ڪيبل ٽرين‘ جي ذريعي لاهي، سمنڊ جي ڪناري تي آندو ويو. ڪيبل ٽرين، تمام اتاهين چاڙهين ۽ لاهين تان، انجڻ جي ذريعي نه، پر لوهي رسن جي ذريعي چڙهندي ۽ لهندي آهي. اهي لوهي رسا، بجليءَ جي طاقت سان ويڙهبا يا کُلندا آهن ۽ ڪيبل ٽرين پٽن (Rails)  تي لهندي يا چڙهندي آهي. اهڙين اتاهين ۽ لاهين تي انجڻ ڪم نه ڪري سگهندي آهي.

هيٺ ڪناري تي پهچي، اسان کي هڪ ننڍي سامونڊي جهاز ۾ چاڙهيو ويو، جنهن ذريعي اسان کي هڪ ساحلي شهر ’سورئينتو‘ وڃڻو هو.

جهاز جي ڇت تي به بئنچون پيل هيون. مون ۽ قمر نظارن ڏسڻ جي خيال کان ڪئبن ۾ وهڻ بدران ڇت تي وِهڻ پسند ڪيو.

جهاز لنگر کنيو، مون پوئتي نهاريو، نيري اجهاڳ سمنڊ جي وچ ۾ ڳاڙهن، پيلن، واڱڻائي ۽ ناسي گلن سان جهنجهل سائو ٻيٽ آهستي آهستي پري ٿيندو ٿي ويو. ان نظاري ۾ به محبوباڻو انداز هو. ڄڻ ڪو سهڻو، من مهڻو محبوب موڪلائي آهستي آهستي، لڏندو لمندو، نظرن کان پري ٿيندو ويندو هجي ۽ دل نه رهندي هجي. وري وري ڪنڌ ورائي ان کي ڏسبو رهجي، ايئن هو ڪئپري ٻيٽ ۽ ان کان اسان جي جدائيءَ جو منظر.

مان اڃا ان محبوب ٻيٽ جي جدائيءَ تي اداس هوس ته يڪايڪ تاڙين جو آواز آيو. مون ڪئپريءَ تي ڄميل نظرون ورائي ڏٺو ته اسڪول جون نياڻيون (Teen age girls)  ڳائي به رهيون هيون، ۽ تاڙيون به پئي وڄايائون. مون قمر ڏي ڏٺو. هوءَ اڳي ئي سندن سر ۽ تال ۾ محو هئي، مون قمر کي چيو، ”اسپيني ٿيون لڳن. شايد موڪلون ملهائڻ آيون آهن.“

مون سندن لهجي، پوشاڪ ۽ مهانڊن (ڪارين اکين ۽ ڪارن وارن) مان سمجهي ورتو هو ته هو اسپين جون آهن. ساڻن گڏ ڪجهه ڪراڙيون ۽ اڌڙوٽ پڻ هيون جيڪي سندن استاد هيون.

موسيقيءَ جي تال ۽ لئه تي اسانجي رڳ به ڦڙڪي اٿي. پهرين مان ۽ قمر ساڻن شامل ٿياسين، پوءِ جهاز جي ڇت تي ويٺل ٻيا مسافر به ساڻن شامل ٿي ويا. مرد توڙي عورتون، پهريائين ساٿ رڳو تاڙين ۾ هو، پوءِ سندن راڳ ۾ به شامل ٿي وياسين. ان راڳ جي اجتماعي تاثر ۾ اسان پاڻ کي وساري ڇڏيو. اهو ياد نه هيو ته اسان ڪير آهيون، ڪٿان جا آهيون. نه تنوير هيو، نه قمر. نه اسپيني ڇوڪريون هيون نه سندن استاد عورتون ۽ نڪوئي وري انگريز، جرمن، فرينچ، اطالوي، آمريڪي يا عرب ٽوئرسٽ. رڳو سُرَ هئا، رڳو ٻول هئا، ائين پئي لڳو ته، انهن معصوم نياڻين سان سڄي انسانيت ـــ سڄي ڪائنات سُر ملائي ڳائي رهي آهي:

پورو ــــ ووو ــــ پورو پوپوــــ

پورو ــــ ووو ــــ پورو پوپوــــ

اتي مون کان ڪئپريءَ جي محبوب ٻيٽ جي جدائي وسري ويئي. اڃا هاڻ روئڻهارڪو ٿي هن محبوب ٻيٽ کان جدا پئي ٿيس ۽ هاڻي ئي تاڙيون وڄائي، اسپيني ڇوڪرين سان سُر ملائي ڳايان پيو. هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي، هيءُ يورپ ڪهڙي شيءِ آهي. هنن جي ڊڪشنريءَ ۾ ’ڳڻتيءَ‘ جو لفظ ئي نه آهي. هنن وٽ هر ڳڻتيءَ جو هڪ علاج آهي ۽ اهو آهي زندهه دلي. مائٽ لعل (لعل محمد جوڻيجو) ٻڌايو هيو ته ”انگريز جي بک مرندا، يا اسپتال ۾ داخل ڪئنسر جا مريض هوندا ۽ مرنداـــ ته به کِلندا ۽ کِلائيندا رهندا.“ هن پاڻ سان گڏ اسپتال ۾ داخل مريضن جا اهڙا ڪيترائي واقعا ٻڌايا.

جهاز اسان کي سورئينتو ۾ ڇڏيو. سورئينتو هڪ اپٻيٽ آهي، سهڻو شهر آهي. ٽن پاسن کان سمنڊ جي زد ۾، ته هڪ پاسي کان ڌرتيءَ سان ڳنڍيل. ان شهر ۾ هڪ خوبصورت بازار آهي، جتي ٿوري دير چڪر هڻي، قمر جي شاپنگ جي ذوق جي تسڪين ڪري اڳتي وڌياسين.

بس هلي، ته گائيڊ چيو: ”هيءَ بس واقعي انٽرنيشنل بس آهي. ڇو ته ان ۾ دنيا جي گهڻن ئي ملڪن جا ٽوئرسٽ آهن. عرب، آفريڪي، اسپيني، آمريڪي، انگريز، جرمن، هندستاني، فرانسسي. واقعي اسانجو گروپ انٽرنيشنل هو.“ گائيڊ وڌيڪ چيو ته: ”هيءَ بس گڏيل قومنU.N.O  جي مثل آهي.“

واقعي اسان جو گروپ انٽرنيشل هو. جيئن اسانجو گروپ مخلتف قوميتون، مذهب، رنگ ۽ نسل رکندي به کِل، خوشيءَ رواداريءَ، همدرديءَ ۽ ڀروسي سان اڳتي وڌي رهيو هيو، ڇا هن دنيا جون مختلف قومون ائين نه ٿيون ڪري سگهن؟ ڇو هيءَ دنيا ائين نه ٿي هلي سگهي، جي اسان اڻ ڏٺل، اڻ واقف ٽوئرسٽ هڪ ٻئي سان قرب جو ناتو رکي سگهون ٿا ته، هڪ ٻئي جا ڏٺل وائٺل سياستدان ۽ ڊپلوميٽ ڇو نه ٿا ٺهي هلن. هن ڌرتيءَ جي حسين گولي کي رت، باهه، موت، بک، بيماريءَ ۽ غربت جو ڪئنسر ڇو ٿا لڳائين؟

اسان جي بس مشهور تاريخي شهر پامپاءِ (Pompi)  وٽ اچي بيٺي. اهو شهر ڪئي دفعا تباهه ٿيو آهي. پامپاءِ ۾ اسان جا ڪي ساٿي لٿا ۽ انهن رات اتي گذاري، تفصيل سان ان تباهه ٿيل شهر کي ڏسڻو هو. اسان ۽ اسان سان گڏ، جن ٻين مسافرن کي موٽي روم وڃڻو هو، انهن هن شهر تي رڳو طائرانه نظر وڌي ۽ گائيڊ طرفان مليل معلومات تي اڪتفا ڪئي.

هن ٻڌايو: ”هن شهر جو بنياد 7 صدي ق.م ۾ ’اوسڪيءَ‘ رکيو. پهرين يونانين جي ڪالوني هئي، ان کان پوءِ هيءُ شهر رومي سلطنت ۾ شامل ٿيو. سنه 63ع ۾ پهرين دفعو زلزلي ۾ تباهه ٿيو. ٻيو دفعو 79ع ۾، ان دفعي پامپاءِ جي پنجويهه هزار رهاڪن مان ٽي هزار مري ويا. بوربن جي بادشاهه چارلس ٻئي، پهريون دفعو سنه 1748ع ۾ ان جي کوٽائي ڪرائي. اڄ تائين رڳو 70 سيڪڙو ايراضيءَ جي کوٽائي ٿي سگهي آهي. آخري دفعو زلزلو سنه 1944ع ۾ آيو.“

منهنجي آڏو فلم Last days of pompi  جا نظارا ڦري ويا. بس هڪ شاندار هوٽل وٽ بيٺي، جتي اسان کي رات جي ماني کائڻي هئي. اسان هوٽل جي سهڻيءَ ۽ سينگاريل ٽيبل تي وڃي ويٺاسين. اسانجي سامهون تازو پرڻيل نوجوان عرب جوڙو هو ۽ پاسي ۾ آمريڪي اڌڙوٽ جوڙو. ٻئي جوڙا ڳالهه ٻولهه ۾ اسان سان شامل ٿي ويا. هوٽل جي خماريل ماحول ۾ اسانجي دوستي شروع ٿي، مونکي سندن نالا، شهر ۽ ائڊريسون معلوم ناهن. پر پڪ اٿم ته هو به اسان کي ائين ئي ياد ڪندا هوندا، جيئن هو اسان کي ياد اچي رهيا آهن. ملڪ، مذهب ۽ رنگ، انساني ناتن جي وچ ۾ ويڇو نٿا وجهي سگهن.

بس اسان کي رات جو ساڍي يارهين وڳي پنهنجي هوٽل تي ڇڏيو ۽ ڪئپريءَ جي سونهن جو تصور ڪندي ننڊ کڻي ويئي.

ٻيءَ رات اسان ’روم جي رات‘ کي ڏسڻ نڪتاسين. روم شهر جي روشنين کي ڏسندا، بس ۾ بئبون اسٽريٽ (Boboon Street)  ۾ پهتاسين. ان گهٽيءَ ۾ هڪ مجسمو آهي، جيڪو آهي ته ماڻهوءَ جو، پر ان جا مهانڊا ڀولڙي جهڙا آهن. انڪري ئي گهٽيءَ تي اهو نالو پيو آهي. ان گهٽيءَ ۾ قديم نوادرات (Antiques)  جا دڪان آهي.

ان کان پوءِ اسان کي چيني ڏاڪڻ ڏيکاري ويئي. اها ڏاڪڻ (Chinese Steps) هڪ چيني سفير ٺهرائي هئي. چون ٿا ته ان جي هر ڏاڪي تي هڪ گلفروش ڇوڪري ويٺي هوندي هئي.

هلندي هلندي، اسان جي بس شهر جي سڀ کان مشهور نائيٽ ڪلب وٽ اچي بيٺي. اندر گهڙياسين ته، ائين محسوس ٿيو، ته جنت ۾ اڃا ان کان وڌيڪ ڇا هوندو. هر شيءِ ايڏي خوبصورت، جو خوبصورتيءَ جو ان کان وڌيڪ تصور ناممڪن. ڀتين تي ٺهيل نقش نگار، بتين جا شيڊ، صوفا، ميزون، هوٽل جون خدمتگار، انهن جا لباس، صوفي تي ويٺاسين ته، ايڏو آرام ده صوفو اسان زندگيءَ ۾ نه ڏٺو. ڇا گاديلن جي نرمي، ڇا ڪپڙي جي ملائميت، لسائي ۽ رنگ. ٻانهن، پٺيءَ ۽ گوڏن کي آرام ڏيڻ جي خيال کان ٺهيل زاويا.

شو شروع ٿيو، بتيون وسايون ويون. بتيون وساڻيون ته مان عجب ۾ پئجي ويس. سوچيم ته هيءَ سون جي تعداد ۾ ستارا آسمان مان لهي، اسان جي وچ ۾ رقص ڪري رهيا آهن يا ايترا ٽانڊاڻا هن اطالوي نائيٽ ڪلب وارن پاليا آهن؟ ٿوريءَ دير کان پوءِ چوڌاري ۽ هيٺ مٿي نظر ڦيرائڻ سان معلوم ٿيو ته اهو سڀ روشنيءَ جي ترتيب (Lighting arrangement)جو ڪمال هو. ڪنڊن پاسن ۾ روشنيون هيون، جن جي مٿان سنهڙن سوراخن وارا ڦرندڙ گولا، روشنيءَ کي ٽٻڪن وانگر اڇلائي ۽ نچائي رهيا هئا. انهن مان ايندڙ روشني ائين ٿي لڳي، ڄڻ ٽانڊاڻا ڪڏهن ٽيبل تي، ڪڏهن پنهنجي هنج ۾، ڪڏهن ڪلهن تي ته، ڪڏهن سامهون ويٺل حسينه جي وارن ۽ ڳٽن تي پيا ترڪن.

پروگرام ۾ ناچ به هئا، ته جادوءَ جا کيل به. نچندڙ عورتن ۽ مردن جون پوشاڪون ڀڀڪيدار ۽ انوکيون هيون. ناچ مغربي ۽ جديد هئا، جادوءَ جا کيل اهڙا هئا، جهڙا اسان وٽ مداري ڪندا آهن. خاص ڪري پروفيسر هاسا نند ياد آيو.

ان کان پوءِ اسان کي هڪ ٻيءَ نائيٽ ڪلب ۾ آندو ويو. هيءَ نائيٽ ڪلب تهخاني ۾ هئي. ڏاڪڻ لهندي ائين لڳو ڄڻ سوين سال قبل مسيح جي روم ۾ پهچي ويا آهيون. روشنيون جهڪيون، ڏاڪڻ جي ٻنهي طرفن ريلنگ تي، توڙي ڀتين تي ٿيل چٽسالي، ٽنگيل بت (Bust)  توڙي بتيون. سڀ قبل مسيح زماني جا. هيٺ هال ۾ رکيل فرنيچر پڻ اهڙوئي. اسٽيج تي هلندڙ ناچ به قديم.

ان ناچ کي ختم ٿيڻ تي، سڀني ٽوئرسٽس کي اسٽيج تي اچي ناچ ڪرڻ لاءِ سڏيو ويو. گهڻائي مرد عورتون جوڙا جوڙا ٿي، سُر سان قدم ملائي نچڻ لڳا. اسان ٿڪ سبب ناچ ڏسڻ جهڙا به نه هئاسين. آخر رات جو دير دير سان هوٽل تي پهچي سمهي رهياسين.

ٻئي ڏينهن هوٽل کان سٽي ٽرمينل وارو پنڌ، ڦيٿن وارو سوٽ ڪيس گهليندي، منٽن ۾ طئه ڪيوسين، جنهن جا ايندي مهل ٽئڪسيءَ واري هزارين ليرا ورتا هئا. سٽي ٽرمينل کان ايئرپورٽ واريءَ بس ۾ چڙهي، روم جي اڏي تان الاٽاليا (Al Italia)  جي هوائي جهاز ۾ لنڊن روانا ٿياسين.

لـــنـــڊن

جهاز لامارا ڏيندو، لنڊن تي لهندو ويو. ائين لڳو، ڄڻ ڪنهن سڃاتل دوست کي قريب ايندو ٿو وڃان. شوڪت، لياقت ڀاڀي نجمه، نور سومرو، منوهر، نصير ۽ ساڻس وابسته ٿيڻ ڪري ٻه ٽي ڀاڀيون. سڀ هڪ هڪ ٿي اکين اڳيان ڦرندا ويا. اٽلي ته اجنبي ملڪ هو، جتي نه دوست نه يار. لنڊن ۾ ڪي ئي دوست، ڪئي يار آهن.

مون قمر کي مٿان هوائي جهاز مان ئي ڏيکاريو. هيءَ ور وڪڙ کائيندڙ نيري ليڪ ٽيمس ندي آهي. هيءُ بگِ بين (Big Ben)  آهي ۽ جهاز زمين کي ڇهيو.

هِي ٿرو ايئرپورٽ کان ٻاهر اچي، ٽيوب ذريعي ارل ڪورٽ روڊ اسٽيشن تي آياسين، جتي اسانجي ڏانوَ جون غريباڻيون هوٽلون آهن. قمر کي اسٽيشن کان ٻاهر سامان سان بيهاري، مان هوٽل جي تلاش ۾ نڪتس. هڪ هوٽل جو بورڊ پڙهي اندر ويس. هڪ نوجوان ڇوڪرو هو، ان چيو ته سندس هوٽل ۾ جاءِ نه آهي. هن پنهنجي فون تان ڀروارين ٻن ٽن هوٽلن سان ڳالهايو. آخر هڪ هوٽل ۾ جاءِ ملي ويئي.

هيءُ همراهه، هوٽل ڏيکارڻ لاءِ اسان سان پاڻ گڏجي هليو. قمر کي ارل ڪورٽ اسٽيشن تي ورتوسين ته، هن پاڻ سامان کڻڻ شروع ڪيو. مون کيس ڏاڍو روڪيو، پر تڏهن به هو مشڪل سان ان تي وڃي راضي ٿيو ته هو فقط هڪ ٿيلهو کڻي ۽ باقي سامان مان ۽ قمر کڻون.

ڀرسان ئي واروڪ روڊ تي اسان جي هوٽل هئي. هن اسان کي ان هوٽل جي مالڪ جي حوالي ڪري، اسان کان موڪلايو. مان ۽ قمر دم بخود ٿي وياسين، ته نه ڄاڻ نه سڃاڻ، اسان الائي ڪهڙي ملڪ جا، پر هي انگريز،. ڪيڏا نه همدرد، ڪيڏا نه مددگار آهن، جو هن ڇوڪري نه رڳو فونيون ڪري هوٽل بڪ ڪرائي ڏني، پر ان هوٽل تائين سامان به کڻائي هليو.

لنڊن ايئرپورٽ جو هڪ واقعو هاڻي ياد آيو. ايئرپورٽ تي به هوٽل بڪنگ جو ڪائونٽر آهي، مون ان ڪائونٽر تان معلومات وٺڻ چاهي. ڪائونٽر تي ويٺل ڇوڪري اڳ ۾ ئي هڪ ٻئي ماڻهوءَ سان ڳالهائي رهي هئي. مون تڪڙ ڪندي، سندن وچ ۾ پئي، سوال ڪيو. هن مون ڏانهن ڏسي مرڪي، تمام نرم، پنهنجائپ ۽ شرافت واري لهجي ۾ مونکي چيو، ”جي اوهان جو ڪم ايترو اهم آهي ته، هن شخص کان اڳ مان توهانجو ڪم ڪريان، نه ته اوهان پنهنجي واري جو انتظار ڪريو.“

مون کي پگهر اچي ويو ۽ ياد آيو ته انگلنڊ (توڙي سڄي يورپ) ۾ هر ڳالهه تي قطار هوندي آهي. جيستائين اڳيون شخص، پوريءَ طرح مطمئن ٿي قطار نه ڇڏي، تيستائين پويون شخص چپ چاپ، صبر سان پنهنجي واري جو انتظار ڪندو، پوءِ اها هوٽل ۾ ماني کائڻ لاءِ ٽيبل بڪ ڪرڻ جي قطار هجي، سئنيما جي ٽڪيٽ جي قطار هجي، پوسٽ آفيس هجي، بس اسٽئنڊ هجي، ريلوي اسٽيشن هجي يا شاپنگ سينٽر.

ان واقعي تي ايترو ته شرمندو ٿيس، جو ڪائونٽر ڇڏي، سڌو ٽيوب ذريعي ارل ڪورٽ اسٽيشن تي پهتس. هوٽل جو ڪمرو ننڍو پر، آرام ده هو.

ٻئي ڏينهن ٽرئفلگر اسڪوائر تي وياسين. ڪئميرا جي سخت ضرورت محسوس ٿي. روم ۽ ڪئپري، بنا ڪئميرا جي گهمي سين. اتي هڪ به فوٽو نه نڪتو، ان جو ڏاڍو ڏک ٿيو. سوچيو هيم ته ڪراچي ايئرپورٽ تان ڊيوٽي فري ڪئميرا وٺندس. ڪراچي ته ڇا، پر اٿينس ۽ روم جي ايئرپورٽ تي به ڪئميرا نه ملي. روم شهر ۾ واندڪائيءَ وارو وقت قمر جي جِين جي ڳولا ۾ گذري ويو. هاڻي خريداريءَ جي لسٽ موجب پهرين جِين، پوءِ ڪئميرا ۽ پوءِ ٻي ڪا ڳالهه هئي.

ٽيوب ذريعي، لنڊن گائيڊ جي مدد سان سڌو ٽرئفلگر اسڪوائر تي اچي لٿاسين.

ان چونڪ تي ٽرئفلگر ويڙهه جي سورمي لارڊ نيلسن جو مجسموآهي، جيڪو 300 فوٽ ڊگهي مناري تي آهي. ان چونڪ تي هڪ وڏو ڦوهارو آهي ۽ شينهن جو هڪ تمام وڏو مجسمو آهي. هزارين ڪبوتر پَرَ ڦڙڪائيندا اڏامندا وتن ۽ چونڪ واريءَ فٽ پاٿ تي لهن ۽ اتان اڏرن. ان چونڪ تي بيٺل گهورڙيا ڪبوترن جو چوڳو وڪڻن، جيڪو ٽوئرسٽ هٿ ۾ جهلين، ته ڪبوتر بي حجاب اجنبي ٽوئرسٽ جي هٿن، ڪلهن ۽ مٿي تي ويهن، ۽ اهو چوڳو کائن. فوٽوگرافر اتي بيٺا آهن، يڪدم ان نظاري کي ڪئميرا ۾ قيد ڪن ۽ ٻئي ڏينهن اهو فوٽو  ٽوئرسٽ کان ائڊريس وٺي کيس موڪلي ڏين. ٽرئفلگر اسڪوائر کي جيڪر مان ’ڪبوترن جو چونڪ‘ چوان.

مون قمر کي ڇيڙائڻ لاءِ، اتي هڪ اڻ ڄاتل ٽوئرسٽ ڇوڪريءَ کي ڀاڪر پائي، ساڻس فوٽو ڪڍرايو ۽ پوءِ نئين خريد ڪيل ڪئميرا سان مون قمر جو ۽ قمر منهنجو فوٽو ڪڍيو.

ان چونڪ تي، سنڌ جي هار ۽ انگريزن جي فتح جو يادگار آهي. اهو آهي چارلس نيپئر جو مجسمو، جيڪو برطانيه سرڪار نه، پر نيپئر جي ذاتي دوستن چندو ڪري ٺهرايو آهي. (محمد بن قاسم وانگر سرچارلس نيپئر به سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ملڪ جي حڪومت جي عتاب هيٺ آيل هو.)

سنڌ جي شڪست جو يادگار، انگريزن جي فتح جو يادگار. اي سنڌ ـــ تنهنجي شڪست جا اڃا گهڻا يادگار ٺهندا ـــ ڇا ڪڏهن تنهنجي فتح جو يادگار به ٺهندو؟

قمر جي جين جي ڳولا ۾ ارد گرد جيڪي به دڪان هئا، اُهي رلياسين. پر خدا قمر جو ڪو اهڙو قالب ٺاهيو آهي، جيڪو يگانو ۽ يڪتا آهي. مان سمجهان ٿو ته قمر جي ڍلائيءَ کان پوءِ اهو قالب ئي ڀڄي پيو، انڪري قمر جي قد بت ۽ فگر (Figure)  جهڙي عورت دنيا ۾ ناپيد آهي. جين جي چيلهه ۾ پوري ته، پاچن ۾ ڊگهي. جي پاچن ۾ پوري ته، ڊيگهه ۾ لمبي. اها چيلهه، پاچن ۽ ڊيگهه جي ٽرقمي حل ئي نه پئي ٿئي. انڪري اهو ئي روم وارو شعر ’ڪين ملي ڪا جِين قمر جي‘ جهونگاريندي، اچي ’نئشنل آرٽ گئلري‘ جو در ورتوسين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org