سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: ڏوري ڏوري ڏيهه

باب:

صفحو:2 

اڳتي هلي، وڪٽر بادشاهه جو بت ڏٺوسين. مشهور فئشنبل بزار ’وايا وينتو‘ مان ٿيندا، قديم آثارن تي پهتاسين، جتي هڪ طرف محلات هئي، ته ٻئي طرف عبادت گاهه. هيءَ جاءِ حضرت عيسيٰ کان اٺ صديون اڳ جي هئي. ان جي سامهون ئي رستو هو، جتان جلوس لنگهندا هئا. ان رستي تي ئي ’فتح جو ونگ‘ (Arch of Triumph) هو، (اهڙا ونگ پوءِ پئرس ۾ به ٺاهيا ويا) اهو عوامي فتح جو يادگار هو. گائيڊ اسان کي اهو ٻڌائيندي چيو ته، روم جي هڪ بادشاهه چيو ته:

Remember- your are only human beings-           

ياد رکو، توهان رڳو انسان آهيو.

رڳو انسان آهيو

حيوان ناهيو

۽ فرشتا ڀي نه آهيو ـــ

فرشتا جي هجو ڀي ها ـــ ته معصوم!

هجو ها جي اوهان حيوان – ته خود غرض

اوهان ناهيو فرشتا ـــ

۽ نڪي حيوان

توهان آهيو رڳو انسان

توهان آهيو رڳو انسان ـــ (تنوير)

گائيڊ ٻڌايو ته اڳي واپاري طبقو مذهبي نه هو، پر پوءِ اهو به وقت جي ضرورت کي سمجهي، مذهبي ٿي ويو ۽ پوپ کي خدا ۽ انسان جي وچ ۾ ’پل‘ سڏيو ويو. (عجيج ڀائي، ڦڙتي.)

گائيڊ ٻڌايو ته حضرت عيسيٰعه کان به صديون اڳ، عورتون ڪنوارپڻ جي زندگي گذراڻ جو قسم کڻنديون هيون، پر ان تي قائم نه رهي سگهنديون هيون (ته اها ڳالهه صديون پراڻي آهي، جو ڪنوارپڻ جو ڍونگ رچائي، پوءِ مجبور ٿي، نارمل حياتي گذارجي. ساڳي ڳالهه آهي قرآن بخشائڻ جي.)

وري وايا وينتو مان ٿيندي بس اچي ڪولوزم وٽ بيٺي. ايئرپورٽ مان شهر ايندي بس ڪولوزم  (Collosum) وٽان لنگهي هئي ته، مان سمجهي ويو هوس ته هي ڪنهن اهم عمارت جا آثار آهن.

ڪولوزم هڪ گول عمارت آهي، جنهن جي چوڌاري دروازا آهن، جيڪي رستي جي ليول(Level)  تي آهن. اها عمارت گليڊئيٽرس ۽ شينهن جي مقابلي ڏسڻ لاءِ ٺاهي ويئي هئي. رستي جي ليول تي شينهن جا پڃرا آهن ۽ آڏو ايرينا ۾ بيوس انسان انهن جو کاڄ ٿيندا هئا. پڃرن جا در کلندا هئا، ته بکايل شينهن ايرينا ۾ پيل بدبخت ماڻهن کي چيري ڦاڙي سندن جسم کي رڙڪيندا هئا. اهو ’تماشو‘ وقت جا بادشاهه ۽ اڌ لک ماڻهو ڏسندا هئا ( ان عمارت ۾ اڌ لک ماڻهن جي ويهڻ جو بندوبست آهي.) ڪولوزم، حضرت عيسيٰ کان به 70ـ 80 سال اڳ ٺهيو. ان وقت جو انسان به وحشي هو، اڄ جو انسان به گهٽ وحشي ڪونهي، چونڪ ۾ پٺيءَ اگهاڙن ماڻهن تي چهبڪن جا وسڪارا ٿا ٿين ته، ماڻهو تاڙيون ٿا وڄائن ۽ نعرا ٿا هڻن.

ڪولوزم کي ايترا ته دروازا آهن، جو  ان ’تماشي‘ ختم ٿيڻ کان پوءِ، اها عمارت ڏهن منٽن ۾ خالي ٿي ويندي هئي (اتي تهذيب جو ڪيترو نه خيال رکيو اٿائون، جيئن رش ۾ ماڻهو هڪ ٻئي کي چيڀاٽي نه رکن.)

گائيڊ ٻڌايو ته رومن لوڪ، ڪرستانن کي شينهن آڏو ڦٽي نه ڪندا هئا (ته ڪنهن کي ۽ ڇو ڦٽي ڪندا هئا؟) حالانڪه فلمن، توڙي ٻين ذريعن مان اهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته قديم روم ۾ ڪرستان ٿيڻ جي سزا هئي، ايرينا ۾ شينهن جو کاڄ ٿيڻ.

اسان جي بس هڪ اهڙيءَ جاءِ تي بيٺي، جتي حضرت عيسيٰعه کان 8 صديون اڳ جي تعمير ٿيل عمارت،”روم جي عوام جي سينٽ“ آهي. اها ان وقت کان شروع ٿي ۽ اڄ تائين هلندي اچي (ٿي سگهي ٿو ته اهو دنيا جو قديم ترين جمهوري ادارو هجي، جيڪو اڄ تائين زنده آهي.)

اتي بس مان لهي، قديم آثارن کي ڏٺوسين. گائيڊ ٻڌايو ته قديم رومن تهذيب جا ٽا اهڃاڻ آهن. ”ڊاک جي ول“، ”زيتون“ ۽ ”انجير“. مون کانئس پڇيو ته ”اهي ڇاجون علامتون آهن؟“ هن جواب ڏنو ته”اهي انسان جون اهم ضرورتون آهن.“ ۽ وڌيڪ سمجهائي نه سگهيو.

مون سوچيو: زيتون معنيٰ ”امن“ (گڏيل قومن جي نشان ۾ به ڳيري جي چهنب ۾ زيتون جي ٽاري هوندي آهي)، انجير معنيٰ سيڪس ۽  ڊاک معنيٰ شراب- ٿي سگهي ٿو ته منهنجي سوچ غلط هجي، پر گائيڊ کان وڌيڪ پڇڻ جو وقت نه مليو.

روم شهر جي چوڌاري شهر پناهه ڀت حضرت عيسيٰعه کان 400 سال اڳ جي ٺهيل، اڃا به موجود آهي ۽ ان جي دروازن ۾ سنگ مرمر جا ونگ آهن. روم جو پهريون پهريون مقبرو 12 ق.م ۾ تعمير ٿيو. اهو سفيد سنگ مرمر جو هڪ مخروط (Pyramid) آهي.

گائيڊ ٻڌايو ته، اهو زمانو اهڙو هو جو رومن ماڻهوءَ کي مرڻ کان پوءِ، شهر- پناهه اندر دفن ٿيڻ نه ڏيندا هئا ۽ چيو ويندو هو ته:

Romans could only be buried outside the wall

بس ور وڪڙ کائيندي، تائبا نديءَ جي پلين تان لنگهندي، اڳتي وڌندي رهي. روم شهر جي سونهن، سنگتراشيءَ جي عظيم ڪارنامن ڪري به آهي، ته تائبا نديءَ جي ڪري به. قدرت جي مهر به آهي ته، انسان جو هٿ به. پاڻهي ايندو هوت پر تون به اڳڀري ٿيءُ. تو شب آفريدي، چراغ آفريدم، سفال آفريدي، اياغ آفريدم.

بس هلندي هلندي اچي سينٽ پال جي گرجا گهر وٽ بيٺي. اسان بس مان لٿاسين ۽ ان گرجا کي ڏسڻ لاءِ وڌياسين. روم ۾ بي انداز ٽوئرسٽ ٿا اچن،سينٽ پال ۾ هزارين ٽوئرسٽ هئا. سوين ٽوئرسٽ بسون هيون، اتي مسئلو هيو پنهنجي بس جي ٽولي ۽ گائيڊ کي ويجهو رهڻ. هر ڪنڊ ۾ ،هر موڙ تي، ڪو نه ڪو گائيڊ، لوڌ ٽوئرسٽ جي ساڻ کنيو نظر ايندو. ڪيئن خبر پوي ته پاڻ وارو گائيڊ ڪاڏي ويو. ان ڪري مون قمر کي چيو ته پاڻ واري گائيڊ تي ۽ پنهنجي بئچ جي همراهن تي نظر رک، جي اهي گم ٿيا، ته واپس هوٽل ۾ هلڻو پوندو ۽ ٽوئر اڌ ۾ ختم.

قمر سٺو طريقو ڪڍيو. چيائين، ”هيءَ جيڪا ٿلهي مائي ڳاڙهي چولي واري آهي، ان تي نظر رک ۽ ڏس گائيڊ ڪجهه ڪجهه ربانيءَ جي مهانڊي آهي.“

مون غور سان گائيڊ ڏي ڏٺو. واقعي سندس مهانڊا ربانيءَ سان ملندڙ جلندڙ هئا. ڊگهو وريل نڪ، اڳتي نڪتل کاڏي، سنها چپ،وڏو وات ۽ پوءِ جي گائيڊ نظرکان ٿڙڪي ٿي ويو ته مون قمر کان پڇيو ٿي،”اهو ربانيءَ جهڙو منهن ڪاڏي ويو؟”

۽ قمر اشاري سان ٿي ٻڌايو.”هتي بيٺو آهي“۽ اسان ڊوڙي وڃي ٿي سندس ڀر وتي.

گائيڊ به ڪمال جا آهن، هزارين ماڻهن ۾ ڄاڻي وٺن ته هي ٽوئرسٽ اسان جي بس جو آهي. جي ڪنهن ٽوئرسٽ کي وائڙو ڏسن ته اشارو ڪري سڏين. جي بس ۾ ڪو اوپرو ماڻهو اچي وڃي ته سمجهي وڃن ته هيءُ اسان سان نه آهي. جي ڪو ماڻهو کٽل هجي ته به تاڙي وڃن ته ڪو نه ڪو همراهه کٽل آهي، تيسين بس هلڻ نه ڏين جيسين ان کي ڳولهي ڦولهي هٿ نه ڪن. هنن جو واسطو هر روز سوين ”نون چهرن“ سان ٿو پوي. روز روز اهي ”نوان چهرا“ ياد رکڻ ۽ انهن سان منهن ڏيڻ- واقعي وڏو ڪمال آهي.

سينٽ پال جي گرجا 3 صدي عيسويءَ ۾ ٺهي. 1826ع ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي ويئي، ڇوته ان جي ڇت به ڪاٺ جي هئي. ان جي ٻيهر مرمت ڪرائي ويئي. ان گرجا ۾ 266 پوپن جون تصويرون آهن. ان گرجا جو هڪ دروازو مقدس در (Holy Door) آهي، جيڪو هر پنجويهين سال کلندو آهي. هاڻي اهو در سنه 2000ع ۾ کلي چڪو هو. نيپولئن جي دور ۾ چرچن  کي اونداهو ڪيو ويو. ان ڪري هن گرجا جي هڪ ڇڏي ٻي دري بند ڪئي ويئي. اهو ان ڪري ڪيو ويو ،جيئن ماڻهن کي مذهبي عمارت ۾ گهڙڻ سان خوف ۽ هيبت جو احساس ٿئي. اتي مون کي سمجهه ۾ آيو ته سنڌ ۾ اڪثر پيرن جو درگاهون اونداهيون ڇو هونديون آهن. ائين ٿو لڳي ته ماڻهن تي مذهب جي هيبت وجهڻ وارو فن مشرق توڙي مغرب ۾ ساڳيو آهي.

ان کان پوءِ نيرُو (Nero) جو سونو گهر ڏٺوسين. نيرو-قديم روم جو بادشاهه، جنهن جو ڪردار انگريزي فلم Quo Vadis۾ چٽو پيش ڪيو ويو هو. هن فقط ٻرندڙ شهر جو منظر ڏسڻ لاءِ روم کي باهه ڏياري ۽ ان نظاري جو لطف وٺندو رهيو ۽ بنسري وڄائيندو رهيو. چوڻي آهي ته:

Rome was burning and nero was fiddeling.

(روم ٻريو پئي ۽ نيرو بنسري پئي وڄائي.)

بس ڦرندي ڦرندي اچي هڪ گرجا وٽ بيٺي، جتي ماڻهو ته ٺهيو، ٽوئرسٽ بسين جو ئي هجوم هو. اتي دنيا جي عظيم بت تراش، مائيڪل اينجلو جو جڳ مشهور فن پارو ”موسيٰ“ (Moses) رکيل آهي. اهو مجسمو، حقيقت پسندي (Realism) جو اهڙو ته نمونو آهي، جنهن کي اڄ تائين ڪوبه شهه ڏيئي نه سگهيو آهي- (لفظن جا اُچار ملڪ ملڪ ۾ پيا بدلجن-مائيڪل (Micheal)،عربيءَ ۾ ميڪائل، اطالوي چون مِڪيل-ته فرينچ مِشي).

هي سنگ مرمر جو اڇو پٿر، مائيڪل اينجلو جي ڇيڻيءَ جي نوڪ، ۽ مترڪن جي ضربن سان جيئرو جاڳندو ٿو لڳي. عجب اهو ٿو لڳي ته هو ساهه ڇونه ٿو کڻي. مشهور آهي ته ان کي مڪمل ڪرڻ بعد مائيڪل اينجلو خود ان کي چيو هو ته:”هاڻ ڳالهاءِ- ڳالهائين ڇونه ٿو.“

جنهن جلال ۽ غصي مان ڪرسيءَ تان اٿڻ جي پوز ۾ اهو بت ٺهيل آهي، ان تي، اهو انتظار ٿو رهي، ته اجهو ڄاڻ اٿيو. هيءُ بت انسان جي سائيز کان به وڏو آهي. ان جو ٽاڻو اهو آهي، جڏهن حضرت موسيٰ کي ٻڌايو ويو ته، سندس قوم وري گابي جي پوڄا شروع ڪئي آهي، ته هو ڪاوڙ ۾ اٿيو.

ڏند ڀڪوڙيل، ڄاڙين جون مشڪون اٿيل، ڊگهي شانائتي ۽ گهنڊيدار سونهاري، هڪ پير اڳتي هڪ پير پوئتي، ٻانهن جون رڳون به جوش کان ڦنڊيل- هڪ هڪ مشڪ متناسب، خوبصورت ۽ طاقتور- هڪ هڪ عضوي ۾ رعب، شان ۽ تقدس- ائين ٿو لڳي ته ان مجسمي ۾ اٿاهه طاقت ڀريل آهي. منهن ۾ ڪاوڙ، جوش، دٻدٻي ۽ معصوميت جي امتزاج جو تاثر.

مائيڪل اينجلو وٽ حقيقت پسندي اوج تي پهتي. هن گهڻي حياتي غربت ۽ ڀاڄ ۾ گذاري. ائناٽاميءَ جي ڄاڻ لاءِ هن هڪ رحمدل پادريءِ سان رستو رکيو، جيڪو کيس تازن پوريل مردن کي چيرڻ جي اجازت ڏيندو هو. اڌ رات کان اسر تائين ان ڪم لاءِ گهران چوريءَ نڪري اچڻو پوندو هوس. مائٽن کي سندس لباس ۽ جسم مان مردن جي ڌپ اچڻ لڳي ته ان کي لڪائڻ لاءِ هن موٽندي وقت ڪپڙن تي شراب ڇڙڪائڻ شروع ڪيو، جيئن مائٽ کيس شرابي سمجهن ۽ سندس مردن چيرڻ وارو راز راز ئي رهي.سندس همعصر ۽ عظيم جڳ مشهور فنڪار”مونالزا“ جو خالق، ليونارڊو ڊاونچي کيس گهٽ سمجهندو هو ۽ چوندو هو ته:”ڇيڻي ۽ مترڪي سان ته مزدور ڪم ڪندا آهن، فنڪار جو شان ته رنگ ۽ برش آهن.“ پر مائيڪل اينجلو کي سنگتراشي وڌيڪ وڻندي هئي، ڇو ته، ان ۾ ٽئي پاسا(Three Dimensions)  پڌرا ٿيندا هئا.

هاڻي ويٽيڪن شهر جو وارو هو، ويٽيڪن شهر-پوپ جو شهر-اصل ۾ روم شهر جو هڪ حصو آهي. اهو رومن ڪئٿلڪ فرقي جي عيساين جو مقدس شهر آهي. هيءَ دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي مملڪت آهي، جتي دنيا جي هر ملڪ جو سفير رهي ٿو. ان ملڪ کي پنهنجو سڪو ۽ پنهنجي فوج به آهي. پر اها رڳو علامتي فوج آهي. هڪ سو سئٽزرلئنڊ جا سپاهي ئي سندس سموري فوج آهي. انهن سپاهين کي، قديم روم جي سپاهين جهڙو تاريخي، خوبصورت ۽ شاندار يونيفارم آهي. اهڙو يونيفارم، قديم تصويرن ۽ روم جي تاريخ متعلق ٺهيل فلمن ۾ نظر ايندو آهي. 

ويٽيڪن شهر، 11 فيبروري 1929ع ۾ آزاد ٿيو. روم جو پوپ، سڄيءَ دنيا جي رومن ڪئٿلڪ فرقي جي عيسائين جو مذهبي اڳواڻ آهي. اهو هن شهر ۾ ئي هڪ قلعي نما عمارت ۾ رهي ٿو، جتان هر آچر تي، هو دريءَ مان ديدار ڪرائيندو آهي ۽ خطبو ڏيندو آهي.

ويٽيڪن شهر ۾ اسان جي اچڻ جو وڏو سبب ”سسٽين شئپل“ (Cistine Chaple) جي اها تاريخي عمارت آهي، جنهن ۾ ڪيترائي پوپ رهيا، پر ان ڳالهه کان به وڌيڪ اهميت سندس ڇت تي مائيڪل اينجلو جي لافاني تصويرن جي ڪري آهي.

سسٽين شئپل جي اڱڻ ۾ پهچڻ سان ئي هلڪي بوند وسڻ لڳي. مون کي خوشي ٿي ته برساتين پائڻ جي عيش ڪرڻ جو سونهري موقعو مليو. دوستن جي هدايتن جو قدر ٿيو، ته ’برساتيون ضروري آهن، يورپ ۾ ڪنهن به وقت برسات پئجي سگهي ٿي‘ مون دل ئي دل ۾ ٿورا مڃيا ۽ سندن همدردانه روش تي فخر محسوس ڪيم. قمر کي چيم، ”ڪڍ اها برساتي، جيڪا ڏينهن رات ٿيلهي ۾ وجهي ڪلهن تي لڙڪائي، ڪلها ئي سڪائي ڇڏيا اٿائون.“ اڃا ٿيلهن مان برساتيون ڪڍي پائڻ جي تياري پئي ڪئي سين ته گائيڊ سسٽين شئپل جي باري ۾ ٻڌائڻ شروع ڪيو. ڊوڙي سندس ويجهو پهتاسين، اڃا هن ٻه لفظ مس ڪڍيا ته بارش بند. برساتي پائڻ جي عيش ڪرڻ جي حسرت دل ۾ رهجي ويئي. سوچيم: اڃا گهڻا ڏينهن يورپ ۾ آهيون، برساتيءَ پائڻ جا گهڻا ئي موقعا ملندا ۽ ڊائري ڪڍي نوٽس وٺن شروع ڪيم.

”65“ ۾ سينٽ پيٽر (سنت پطرس) فوت ٿيو. هيءَ سندس ٻي گرجا آهي. موجوده گرجا سنه 83 ــ 1481ع ۾ ٺهي. اها ڇهين پوپ ٺهرائي، ان ڪري ئي ان تي Cistine (ڇهين جي) گرجا جو نالو پيو.

ان کان پوءِ گرجا ۾ اندر وياسين. گرجا جي وڪڙ کائي مٿي ويندڙ ڏاڪڻ به فن جو مرقعو آهي. جيئن جيئن مٿي چڙهبو وڃبو، تيئن تيئن گهيرو ويڪرو ٿيندو ويندو. ڏاڪڻ جي ريلنگ لسي، گول ۽ آسماني رنگ جي، مٿان بيهي ڏسو ته ريلنگ ناهي پر ڄڻ ڪو ڪوڏ آهي.

پهرينءَ گئلريءَ کي ’ڪئنڊيلا برا‘ سڏيو ويندو آهي، ڇو ته ان ۾ وڏين وڏين ميڻ بتين کي ٻاريو ويندو هو. انهن ميڻ بتين جا اسٽئنڊ اڃا اتي پيا آهن، انهن مان هڪڙو نيپولين بوناپارٽ جي استعمال ۾ رهي چڪو آهي. ان گئلريءَ ۾ گهڻو ڪري يوناني سنگتراشيءَ جا نقل (Replica)  رکيل آهن. يوناني سنگتراشي- ڄميل موسيقي (Solid Music)  متناسب ۽ مترنم ليڪون، لاهيون، چاڙهيون. انساني جسم جي توازن ۽ ترنم جا شاهڪار. پهرين سڀ مجسما اگهاڙا هئا، پر پوءِ انهن جي اوگهڙ انجير جي پنن سان ڍڪي ويئي. پوپ جو اهو حڪم هو، پر اهي انجير جا پن انهن جسمن مٿان اوپرا ٿا لڳن. انهن ۾ اها نفاست ۽ خوبصورتي ناهي، جو اصلي مجسمن سان (Match)  ڪن/ ٺهڪي بيهن.

سسٽين شئپل جو ٻيو حصو ’ٽئپسٽري گئلري‘ آهي. ان گئلريءَ (Tapsetery Gallery)  ۾ اُڻيل تصويرون آهن. اهي تصويرون پندرهن کن فٽ ويڪريون آهن. پر تصوير جي هر انچ جو رنگ مختلف آهي. انهن تي، سنهي ۽ رنگين ڌاڳي سان، ڀرت وانگر اڻت ڪيل آهي. رنگ، انهن جا شيڊ ـــ ايترو باريڪ ڪم، ايڏيءَ فنڪاريءَ سان ڪيل آهي، جو ان جو مثال دنيا ۾ مشڪل ملي. رنگن، برشن سان ته فن جو ڪمال ڏيکاريو ويو آهي، پر رنگين ڌاڳي سان اهڙيون تصويرون ٺاهڻ هڪ اعتبار ۾ نه اچڻ جهڙو ڪارنامو آهي. هر تصوير جي ڪنڊ ۾ ٽي ماکيءَ جون مکيون ٺهيل آهن. اهو نشان آهي ’باريني خاندان‘ جو ـــ جنهن سترهين صديءَ عيسويءَ ۾ ان فن جو پايو وڌو ۽ ان کي همٿايو. انهن تصويرن ۾ ڪٿي ڪٿي سون ۽ چانديءَ جون تارون پڻ ڪتب آنديون ويون آهن. چون ٿا ته ان باريڪ ۽ نازڪ ڪم جي هڪ چورس ميٽر تي سڄو سال لڳي ويندو هو. انهن مان ڪي تصويرون مشهور فنڪار رئفيل(Rapheal)  جي ڪارٽونن  تي ٺاهيون ويون آهن. انهن جو مجموعي تاثر ۽ معيار، جڳ مشهور فنڪارن جي تصويرن جهڙو ئي آهي. اڃان تائين ڪجهه نرسون موجود آهن جيڪي اهو فن ڄاڻن ٿيون ۽ انهن تصويرن جي مرمت جو ڪم ڪن ٿيون. سسٽين شئپل جي ٽين گئلري، ”جاگرافيءَ جي نقش جي گئلري“ آهي. ان ۾ سڄيءَ دنيا جي ملڪن جا نقشا آهن، جن ۾ جبل مٿي اٿيل آهن ۽ سمنڊن، درياهن ۽ رڻ پٽن لاءِ مختلف رنگ ڪتب آندا ويا آهن. هيءَ گئلري جاگرافي جي شاگردن لاءِ ڏاڍي ڪارآمد آهي، پر نقش ڪڍڻ جو اهو نمونو، واقعي انوکو آهي.

سسٽين شئپل جي هڪ ٻيءَ گئلريءَ کي سينگارڻ لاءِ چئن جڳ مشهور فنڪارن کي ڪم تي لڳايو ويو، جن نومبر کان مارچ تائين ڪم ڪيو، پر ختم نه ڪري سگهيا. ان کان پوءِ ٻين فنڪارن جي ٽيم آئي، جن ۾ بوٽيلچي ۽ گرانڊ لانڊو به هئا. انهن اهو ڪم سنه 1483ع ۾ پورو ڪيو. ان گئلريءَ جي هڪ ڀت تي حضرت عيسيٰ جي تصوير آهي، ته ٻيءَ تي حضرت موسيٰ جي. يورپ جي فنڪارن انجيل ۽ توريت جي هڪ هڪ ماڳ ۽ هڪ هڪ ٽاڻي تي لافاني شاهڪار تخليق ڪري، ان کي هميشه لاءِ زندهه ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته هنن وٽ مصوري ۽ سنگتراشيءَ ۾ ’زندگي‘ شجر ممنوع نه آهي.

اسان وٽ مڪليءَ تي ڊزائينون، مقبرن تي خطاطي، ڪاشيءَ جا لڀائيندڙ رنگ، سڀ عظيم فن آهن، پر انهن ۾ ’زندگي‘ ناهي. ڪا جئري جاڳندي شيءِ، انسان، پکي، جانور، اسان جي فن ۾ ممنوع آهن. اسان جي  آرٽ ۾ ’زندگي‘ ممنوع آهي.

ان گئلريءَ جي هڪ تصوير ۾ ڪانسٽنٽائين جو ونگ ان وقت ۾ ڏيکاريو ويو آهي، جنهن وقت اهو موجود نه هيو. اها هڪ عظيم تاريخي غلطي آهي.

سسٽين شئپل پهرين پوپ جو ذاتي گهر هيو، پر هاڻي پوپ ان جي هڪ محدود حصي کي رهائش لاءِ استعمال ڪندو آهي ۽ اتان هر آچر تي دريءَ مان ديدار ڪرائيندو آهي. ان کان پوءِ اسان ان ڇت هيٺان پهتاسين، جنهن هيٺان مون زندگيءَ جون بهترين گهڙيون گذاريون. اهو ٿورو وقت، منهنجي حياتيءَ جو خوبصورت ترين وقت هو. منهنجي اکين پنجيتاليهه سال گهڻو ڪجهه ڏٺو هو، گهڻي سونهن ڏٺي هئي، پر اهڙي سونهن ڪڏهن به نه ڏٺي، جيڪا مائيڪل اينجلو جي ٺاهيل سسٽين شئپل جي ڇت تي ڏٺي.

مائيڪل اينجلو جي هٿن ۾ نور هو، جنهن جي ڇهاءَ سان بيجان پٿر سونهن جا مرقعا، ۽ ڪينواس معجزن کان به وڌيڪ ٿي پيا هئا.

جڏهن پوپ جولئس ٻئي کيس ان ڇت تي چترڪاري ڪرڻ لاءِ چيو ته هن انڪار ڪيو ۽ چيائين:

No Painter I. This place is worng.

”مان پينٽر ناهيان. هيءَ جاءِ غلط آهي.“

مائيڪل اينجلو بنيادي طرح سنگتراش هو، پينٽر نه هو. پر پوءِ هن کي راضي ڪري ورتائون.

جيئن ته هو عمارت ساز (Architect)  به هو، ان ڪري ان نقاشيءَ ۾ گهڻو عمارت سازيءَ(Architect)  جو اثر به آهي. هن ڇت تي ٿنڀا چٽي، انهن کي ٽڪنڊن، چورسن ۽ ونگن ۾ ورهايو ۽ انهن ۾ پنهنجون تصويرون ٺاهيائين.

ٽڪنڊن ۾ هن حضرت عيسيٰ جا ابا ڏاڏا ٺاهيا، سي به اهڙيءَ طرح جو انهن جا خاڪا به ٽڪنڊن جهڙا آهن. ڇت جي وچ ۾ نوَ مستطيل آهن، جن مان پهرين ٽن ۾ تصويرون جي سائيز ننڍي آهي ۽ پوين ۾ سائيز وڌائي ويئي آهي. انهن ۾ پراڻي عهدنامي جي شروعاتي باب پئدائش (Genesis)  تي تصويرون آهن. پهرينءَ تصوير ۾ خدا روشنيءَ کي اونداهي کان ڌار ٿو ڪري. ٻيءَ ۾ روشني ۽ سج تخليق ٿو ڪري، ٽينءَ ۾ پاڻيءَ ۽ زمين کي ڌار ٿو ڪري. چوٿينءَ ۾ انسان (آدم) کي تخليق ٿو ڪري. پنجينءَ ۾، ڏاڏي آدم جي پاسريءَ مان بيبي حوا ٿي نڪري، ڇهينءَ ۾ شيطان کين برغلائي ٿو ۽ ستينءَ ۾ آدم ۽ حوا بهشت مان ڪڍيا وڃن ٿا. سڀ تصويرون فن جو معراج آهن. هڪ هڪ چهرو ۽ ان تي تاثر ’پئدائش‘ جي باب کي زندگي ٿو ڏئي، پر سڀني کان موهيندڙ تصوير اها آهي، جنهن ۾ الله سائين آدم ۾ساهه ٿو وجهي. اهو مقام، قرآن مجيد ۾ ’ونفخت فية من روحي‘ جي لفظن ۾ بيان ٿيل آهي. ساڳئي موقعي لاءِ خير محمد هيسباڻيءَ هينءَ چيوآهي:

بوتي دي وچ پوڻ ڦوڪيندي

ٿهي پئندا او ساز سرود

جوڙ مصور صورت ڪون

مٺ خاڪ وچون ڪيتا موجود

مائيڪل اينجلو جي ان تصوير ۾ ايڏي زندگي، ايڏي موسيقي ۽ ايڏي نفاست آهي، ڄڻ الله ۽ آدم ۾ ڪو ويڇو ناهي ـــ جتي ٻنهي جا هٿ هڪ ٻئي کي ڇهن ٿا، ته ائين ٿو لڳي، ڄڻ ڪا بجليءَ جي لهر آهي، ڄڻ ڪا موسيقيءَ جي مڌر تان آهي، ڄڻ ڪو اڻ ڏٺو روح آهي، جيڪو هڪ هٿ مان ٻئي هٿ ڏي وهي رهيو آهي.

ان ڇت ڏي نهارڻ مهل، سڄي دنيا وسري ويئي. ڪٿي رهيو گائيڊ، ڪٿي هئي قمر، ڪلهي گس کان وڌيڪ رش هئي، ڌڪم ڌڪا هئي. انهن ڌڪن موٽائي هن جهان ۾ آندو. هيڏي هوڏي ڊوڙي، قمرکي تلاش ڪيم. اها پاڻ هڪ ڪنڊ ۾، دنيا کان بي خبر، اکيون ڇت ۾ اٽڪائي بيٺي هئي. مون يڪدم کيس ٻانهن کان ورتو ۽ پوءِ انسانن جي انهيءَ جهنگل ۾ گائيڊ کي ڳولڻ لڳاسين، جنهن اسان کي اڌ ڪلاڪ کان پوءِ هڪ در وٽ گڏ ٿيڻ لاءِ چيو هو. نيٺ گائيڊ مليو، وڃڻ جو وقت ٿيو، پر اکيون هر هر ڇت تي وڃي ٿي اٽڪيون.

مائيڪل اينجلو، هن ڇت تي چار سال ڪم ڪيو. اهي چار سال، هن ڪوازن تي پٺيءَ ڀر ليٽي تصويرون ٺاهيون. رات جو سمهندو به انهن ڪوازن تي هو. رنگ ٺاهڻ، گهوٽڻ، ڇاڻڻ ۽ ملائڻ جو ڪم پاڻ ڪندو هو  (ان زماني ۾ ٻيا فنڪار به اهو ڪم پاڻ ڪندا هئا.)

ان ڇت کان پوءِ، هڪ ڪمري جي هڪ ڀت ڏٺي سين، جنهن تي ساڳئي مصور تصويرون چٽيون آهن. اهي تصويرون پنجويهه سال بعد جون آهن. انهن تصويرن ۾ مائيڪل اينجلو هڪ نئين ٽيڪنيڪ فريسڪو (Fresco)  استعمال ڪئي. تازيءَ ۽ آليءَ پلستر ٿيل تي رنگن سان تصويرون ڪڍندو هو. ان ۾ ڊاهه ڊوهه يا ردوبدل جي گنجائش نه هئي، ڇو ته آلي پلستر تي لڳل رنگ جي سڪي ويندو ته دير سان لڳل رنگ سان بلڪل مئچ نه ڪندو.


[1]   اسڪيچ، آئوٽ لائين يا خاڪي کي يورپ ۾ ڪارٽون ٿي چيائون. اسان وٽ ڪارٽون معنيٰ مزاحيه اسڪيچ.

 

[2]   جنهن جي نالي شهر قسطنطنيه (Constantanople)  آهي.

[3]   مائيڪل اينجلو جي زندگيءَ تي ناول Agony in ecstacy  ارونگ اسٽون جو لکيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org