سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: ڏوري ڏوري ڏيهه

باب:

صفحو:3 

انهن تصويرن ۾ ’آخري فتويٰ‘ (Last Judgement)  ۽ ’مردن جو جيئرو ٿيڻ‘(Resurrection of Dead)  اهم آهن. ان تصوير ۾ مائيڪل اينجلو پنهنجي تصوير، کل لٿل ماڻهوءَ جي روپ ۾ ٺاهي آهي. مصور اهو تصور ڪري ته، سندس کل لاٿي وڃي ته، هو ڪيئن نظر ايندو ۽ پوءِ پاڻ کي ان حالت ۾ پينٽ ڪري، اهو واقعي ڪمال آهي. پنهنجي هڪ هڪ مشڪ (Muscle)  ۽ ان جي بيهڪ خاص پوز ۾ تصور ڪرڻ ۽ اهڙي طرح ئي پينٽ ڪرڻ، ائناٽاميءَ جي فن تي وڏي عبور هجڻ ۽ پينٽنگ ۾ مهارت هجڻ، ٻنهي کان سواءِ ناممڪن آهي.

مائيڪل اينجلو سسٽين شئپل ۾ بلڪل اگهاڙيون تصويرون ٺاهيون، جن کي پوءِ انجير جي پنن سان ڍڪيو ويو. جڏهن انهن تصويرن تي اعتراض ٿيو ته، عبادت گاهه ۾ اگهاڙيو تصويرون مذهب جي خلاف آهن، ته مائيڪل اينجلو انجيل جو حوالو ڏنو ته قيامت ۾ خدا سڀني کي اگهاڙو اٿاريندو. هن چيو ته جي خدا جي اڳيان سڀ اگهاڙا هونداسين ته، خدا جي گهر ۾ اگهاڙي تصويرن جي هجڻ ۾ ڪهڙو ڏوهه آهي.

مائيڪل اينجلو، مرڻ کان اڳ، پنهنجون جيڪي به تصويرون وٽس موجود هيون، اهي ساڙي ڇڏيون. هن جون فقط اهي تصويرون بچيون، جيڪي ڪن ٻين ماڻهن وٽ، گرجائن يا ميوزمن ۾ محفوظ هيون، اسان ڀانيون ٿا ته اسان وٽ آرٽ جو قدر ڪونهي ۽ اسان جا آرٽسٽ ڏکي زندگي ٿا گذارين، پر يورپ جي مائيڪل اينجلو، وان گوگ، پال گاگي ۽ ٻين فنڪارن جي دک دائڪ زندگي ۽ سندن ڏنل قربانيون ڏسي خبر ٿي پوي ته فن جي عظمت لاءِ فنڪارن کي ڪيڏيون نه اذيتون سهڻيون ٿيون پون ۽ قربانيون ڏيڻيون ٿيون پون.

سسٽين شئپل جي هڪ ڪمري ۾ مشهور مصور رافئل (Rapheal) جون تصويرون آهن. رافئل هڪ نوجوان فنڪار هو جيڪو مائيڪل اينجلو کان ڏاڍو متاثر هو. سندس ائناٽاميءَ جي اڀياس کي تصويرون ۾ ڪتب آڻڻ جي فن مان لڳي ٿو ته، ان ڳالهه ۾ هن مائيڪل اينجلو جو اثر قبول ڪيو آهي. ’سنت پطرس جو ڀڄي وڃڻ‘ سندس بهترين تصوير آهي. ان تصوير ۾ مصوريءَ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو چانڊوڪيءَ جو نظارو پيش ڪيو ويو آهي.

هڪ هنڌ، سندس ٽي شاهڪار تصويرون، ’مذهب جي فتح‘ ’شاعريءَ جي فتح‘ ۽ ’فلسفي جي فتح‘‘ لڳل آهن. هڪ تصوير ۾ اپولو ديوتا کي وائلن وڄائيندي ڏيکاريو ويو آهي. ان سان ظاهر ٿو ٿئي ته اها تصوير لا مذهبيت (Paganism)  ۽ ڪرسچنٽيءَ جو ميلاپ آهي. ’شاعريءَ جي فتح‘ ۾ هومر، ’فلسفي جي فتح‘ ۾ افلاطون، ارسطو ۽ فيثاغورث ڏيکاريل آهن. ان کان سواءِ رافئل جو هڪ سيلف پورٽريٽ پڻ آهي. سسٽين شئپل جي تصويرن ۾ هڪ ڳالهه عجيب هئي. وقت جي پوپ کي تصوير ۾ ضرور ڏيکاريو ويندو هو. پوءِ ڀلي ته تصوير يروشلم جي هجي، جتي ڪڏهن پوپ ويو ئي نه هو ۽ ڀلي ان تصوير جو ٽاڻو (Situation) پوپ کان سوين ورهيه اڳ جو هجي.

سسٽين شئپل ۾ هڪ شعبو تحفن جو آهي، جنهن ۾ پوپن کي مليل تحفا محفوظ ٿيل آهن. ان ۾ گهڻو حصو سون ۽ چانديءَ جي شين جو آهي، جيڪي بادشاهن ۽ اميرن طرفان تحفا ڏنل آهن. اُنهن تي ٿيل ڪم ۽ جڙت ڏاڍي نازڪ آهي. تحفن جي گئلريءَ ۾ هڪ شيءِ مونکي ڏاڍي عجيب لڳي ــ اها آهي Tear Pot سنڌيءَ ۾ ان کي ’لڙڪ داڻي‘ چئي سگهجي ٿو. جيئن سرميداڻي، چاءِ داني وغيرهه. ان تحفي ڏيڻ جو مطلب اهو آهي ته، جي پوپ کي روئڻ اچي ته، هو پنهنجا ڳوڙها ان ’لڙڪ داڻيءَ‘ ۾ ڳاڙي!

اتي وري مون کي فلم Quo-Vadis  ياد آئي، جتي روم جي بادشاهه نِيرو کي روئڻ آيو ته چيائين، “Where is my tear pot.”  (منهنجي لڙڪ داڻي ڪٿي آهي؟)

۽ پوءِ يڪدم هڪ نوڪر ٽيئرپاٽ کڻي ڏنس ۽ ان ۾ ڳوڙها ڳاڙيائين. شايد ’لڙڪ داڻي‘(Tear pot)  قديم رومن تهذيب جو هڪ حصو آهي.

هوٽل پهچي، ڪجهه آرام ڪري، پوءِ قمر کي چيم ته، ”هل ته ڪٿي منجهند جي ماني به کائون ۽ چڪر به هڻي اچون.“

هوٽل کان لهي، هڪ گهٽي مڙياسين ته، هڪ ريستوران نظر آئي. فٽ پاٿ تي ڪرسيون پيون هجن ۽ ماڻهو اتي کائي پي رهيا هئا، مون قمر کي چيو، “Do in Rome as Romans do.”  (روم ۾ ائين ڪيو جيئن رومي ڪن) ۽ کيس ڇڪي، مان ان ريستوران ۾ وٺي ويس. اندر، ڪائونٽر ڀرسان شوڪيس ۾، ڪيترائي سنئڪس پيا هئا. مالڪ انگريزي سمجهي ئي نه. مون اشارن ۾ پڇڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هيءُ همراهه رڳو اطالوي پيو ڳالهائي. اهو تماشو ڏسي، ٻاهر فٽ پاٿ تي ويٺل هڪ ڪاري عورت اسان ڏانهن متوجهه ٿي، جيڪا مزي سان بيئر مان سرڪيون ڀري رهي هئي. هوءَ اٿي اسان وٽ آئي ۽ ترجمان جو ڪم ڪيائين. اهڙيءَ ريت اسان جي مشڪل آسان ٿي ويئي. مان ۽ قمر پسند جا سنئڪ ۽ مشروب وٺي اچي ٻاهر فٽ پاٿ تي ويٺاسين. رستي تي ويهي کائڻ پيئڻ جو مزو پنهنجو آهي. جي حيدرآباد، ڪراچيءَ يا خيرپور ۾ ائين رستي تي ڪرسيون رکي يا اهڙيءَ ڪنهن هوٽل تي کائون پيئون ها ته گهڻا ماڻهو منهن بڇڙو ڪن ها. گهڻا لاحول ولا پڙهن ها. وڏن کان ڀؤ ٿئي ها ۽ ننڍن کان ندامت.

اسان ويٺاسين ته، ترجمان ڇوڪري به اسان جي ڀر واريءَ پنهنجي ٽيبل وٽ اچي ويٺي. مون سندس جائزو ورتو. ٿلهي دنبي، قمر کان ٻيڻي. ڊگهي- ڪاري- اکين تي ڪارو چشمو چڙهيل، منهن تي ۽ اکين وٽ زخمن جا نشان، جيڪي تازا هئا. پر سڀني ڳالهين جي باوجود به سندس منهن ۾ نمڪ هو، هڪ ڪشش هئي. مون کيس سگريٽ آڇيو، جيڪو هن ’مهرباني‘ چئي قبول ڪيو. کيس پنهنجي ٽيبل تي اچڻ جي دعوت ڏني، هوءَ بنا هٻڪ هلي آئي. (اسان جي ملڪ ۾ جي ائين ڪنهن عورت کي دعوت ڏجي ته يڪدم الزام هڻي ته ’بي حرمتي‘ ٿو ڪري. جي الزام نه هڻي ته گهٽ ۾ گهٽ دل ۾ ائين سمجهي منهن بڇڙو ضرور ڪري ۽ جي اها عورت ڪنهن نام نهاد وڏي گهراڻي جي هجي ته، ڪاري ڪاريءَ تي به نوبت پهچي سگهي ٿي.)

مان هن لاءِ بيئر جي هڪ بوتل وٺي آيس. هوءَ اڳ ۾ ئي ڪجهه لئه ۾ هئي (Tipsy) منهنجي بيئر سون تي سهاڳي جو ڪم ڪيو ۽ هوءَ کلي پيئي.

سندس نالو زهرا آهي. هوءَ ٻاهران ڪوجهي، پر اندر جي اجري آهي. سوماليه جي رهندڙ آهي ۽روم ۾ سوماليا جي اڳوڻي سفير جي ڌيءُ آهي. هاڻي روم يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي آهي. هن منهن جا زخم ڏيکاريندي چيو ته، هن پيتل هجڻ جي حالت ۾ ڪار جو ائڪسيڊنٽ ڪيو، اهي انهن زخمن جا نشان آهن. مون ۽ قمر پنهنجي واقفيت ڏنس. اڃا اسان ڳالهيون شروع مس ڪيون ته، رستي تان ڪو شيدي، بي پرواهه ـــ مست ـــ وڏي آواز ۾ ڳائيندو ٿي ويو. هن زهرا کي ڏٺو ته کيس ”هيلو هيلو“ ڪيائين. زهرا کيس سڏي اسان سان ملايو ۽ اسان جي واقفيت ڪرايائين. هو سوماليا جي ٽي ويءَ جو مشهور فنڪار محمد سليمان هو. محمد سليمان اسان کي پنهنجي هوٽل جي ڪمري تي هلڻ جي دعوت ڏني ۽ چيائين، ”منهنجي زال اوهان کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿيندي.“ مان، ان ريستوران جو الائي ڪيترن هزارن جو ليرن جو بل ڀريو ۽ زهرا ۽ قمر سان گڏ محمد سليمان جي هوٽل ۾ ويس.

محمد سليمان جي زال، هئي ته شيدياڻي، پر سونهن جو شاهڪار هئي، کيس ڏسي، مون سوچيو ته، يورپ ۽ يونان جي بت تراشن جي رڳو يورپ جا ماڊل مليا ۽ ”ڪارن“ جي ملڪن کي بت تراش نه مليا. جي هن عورت پارو شيدي ماڊل، مائيڪل اينجلويا ليو نارڊو ڊاونچيءَ  کي ملي ها ته، سندن فن، ۽ هي نقش نگار ۽ خدوخال زنده جاويد ٿي وڃن ها. جي هندستان ۾ پيدا ٿئي ها ته، اجنتا ۾ سندس سونهن محفوظ ٿي وڃي ها.

قد جي پوري پني، رنگ ڪڻڪائون، نڪ ويٺل، پر مناسب، اکيون نه ننڍيون، نه وڏيون، پر خماري، ڪلها ڀريل، ڇاتيون ننڍيون، پر اُڀريل، چيلهه سني، ڪمر جو وڪڙ ڪُهندڙ ۽ ان هيٺان وارو حصو هنداڻي جيان گول ۽ اُڀريل، پوشاڪ روايتي سوماليه واري، مٿين جسم تي چادر، جيڪا هڪ ٻانهن جي ڪڇ مان ورائي، ٻئي پاسي ڪلهي مٿان ورائي ويئي هئي. جيئن موهن جي دڙي واري ”ڪنگ پريسٽ“ کي آهي. هڪ ڪلهو اگهاڙو- اُڀريل- مناسب- مترنم- هيٺ گوڏ وانگر ڪپڙو ٻڌل، ڳٽا نرم، لسا، ڀريل ۽ گول. چپ ٿلها، نرم، ٿورو اڳتي وڌيل- مون سوچيو ته سنڌيءَ ۽ هنديءَ جي سينگار واري شاعريءَ ۽ فارسيءَ جي سراپا واريءَ شاعريءَ تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. هوءَ نه رڳو مهذب ۽ ڪلچرڊ هئي، پر قربائتي پڻ.

محمد سليمان ٽيپ رڪارڊ ڪڍيو ۽ هن پنهنجو ڪئسيٽ ٻڌائڻ گهريو. مون کيس چيو ته :”الله توکي جيئرو جاڳندو اسان سان ملايو آهي، ته پوءِ ڪئسٽ ڇو ٻڌون.“

هن ڳائڻ شروع ڪيو . مٿئين سُر ۾ ڄڻ تار سبتڪ ۾ ڳائيندو هجي. گرجدار آواز، سر مٿي وڃي، يڪدم لهي اچن، ڄڻ پينگهه جا جهوٽا، هندوري جا لوڏا، مون ٻولي نه سمجهي، پر دل ڀڄي پئي. موسيقي، مصوري، سنگتراشي ۽ عمارت سازي اهي فن آهن، جيڪي زبان جا محتاج ناهن. اُهي ئي صحيح معنيٰ ۾ بين الاقوامي فنون لطيف آهن. رڳو مون وارو شاعريءَ جو فن ئي محدود آهي.

هن ڳائي بس ڪيو ته مون کي سائين اختر حسين ياد آيو، علڻ فقير ياد آيو، عابده پروين ياد آئي. مون کيس ٻڌايو ته مون وٽ منهنجي ملڪ جي موسيقيءَ جا ڪئسٽ آهن، اهي آڻيان ٿو. جهٽ پنهنجي هوٽل مان علڻ فقير ۽ عابده پروين جا ڪئسٽ کڻي آيس ۽ لڳايم.

علڻ فقير جي ”الله هو“ تي محمد سليمان پهرين جهوميو ۽ پوءِ اُٿي نچڻ لڳو ۽ آخر ۾ ان سان سُر ملائي”الله هو“ چوڻ لڳو، ”الا هُو هُو،“عابده پروين جي آواز تي هو چپ ٿي ويو. سندس هٿ، اکيون ، ڀرون ان جي سُرن جي لاهن چاڙهن سان هلندا رهيا. هن مون کان اهي ڪئسٽ گهريا. مون کيس ٻڌايو ته اهي ڪئسٽ مون پنهنجي پياري دوست نور سومري لاءِ آندا آهن. وطن واپس پهچي کيس اهي ڪئسٽ ضرور موڪليندس. هن پنهنجو ڀريل ڪئسٽ آٽو گراف سان مون کي ڏنو، جيڪو منهنجي آواز جي لئبرريءَ جو اهم حصو آهي ۽ هميشه لاءِ سانڍيندو ايندس.

محمد سليمان کان موڪلائي نڪتاسين ته قمر کي جين وٺڻ جو شوق ٿيو. مون سوچيو ته سڀاڻي سڄو ڏينهن نيپلس ۽ ڪئپريءَ جي چڪر ۾ گذري ويندو، ان ڪري اڄ ڪو بازار جو چڪر هڻجي. زهرا کان اڳ ۾ ئي ڏس پڇيو هيوسين. هن ٻڌايو هو ته هوٽل واري گهٽي سڌي وڃو، جتي اها ختم ٿئي ته ساڄي پاسي مڙو. اسان مشڪل سان چار منٽ پنڌ ڪيو ته گهٽي ختم ٿي، اڃا ساڄي لڙياسين ته انهيءَ ساڳيءَ جاءِ تي پهتاسين جتي ايئر پورٽ واريءَ بس ڇڏيو هو ۽ اتان ٽئڪسيءَ واري، هوٽل تائين، فقط پنجن منٽن جي پنڌ جا 2500 ليرا ورتا هئا. مون قمر کي چيو ته ”هي ماڻهو ٺڳ آهن.“هن چيو،   Do in Romans doهتي اسان به ٺڳي ڪريون ڇا؟“

اتي ئي ڀرسان ڀرسان ريلوي اسٽيشن هئي ۽ ان جي ڀرسان شاپنگ سينٽر هو. قمر جين ڪڍرائڻ ۽ ماپڻ ۾ مشغول ٿي ويئي ۽ مان ٻيون شيون ڏسڻ لڳس. اٽليءَ جاسبيل ڪپڙا ۽ ٺهيل بوٽ سڄيءَ دنيا ۾ مشهور آهن. ڏاڍيءَ خوبصورت فٽنگ وارا آهن،قيمت پڙهي دل ٻڏي ٿي ويئي، اسي هزارن کان لکين ليرن ۾ ڳالهه هئي. حساب ڪيوسين ته لکين ليرا رڳو چانهه پاڻيءَ ۽ ٽوئر ڪمپنين جي بلي خرچ ٿي ويا هئا. اهو حساب لڳائي قمر چيو: ”تو ٿي چيو ته لکا پتي جهٽ پٽ ٿي وياسين، پر سڃا به ته جلد ٿي وياآهيون.“

هڪ دڪان کان پوءِ ٻيو دڪان، رُلي رُلي ٿڪجي پياسين، پر قمر جي سائيز جي جين نه ملي. جي ڪمر ۾ پوري، ته قد ۾ ڊگهي، جي قد ۾ پوري، ته چيلهه ۾ سوڙهي.

رات جو ٿڪجي، ناڪام هوٽل موٽياسين ته منهنجي دل تي هڪ شعر تري آيو:

روم شهر ۾

رلندي رلندي

ڀٽڪي ڀٽڪي

ٿڪجي پياسين

ڪين ملي ڪا

جين قمر جي!

 

نيپلس ۽ ڪنپري

 

رات جو، هوٽل واري ئي ڊالرن جا لِيرا مٽائي ڏنا ۽ اگهه به بئنڪ کان بهتر ڏنائين. ان مان خبر پيئي ته هتي به اسان جي ملڪ وانگر ڊالر جو چڱو مان آهي.

صبح جو ساڍي ستين وڳي، ٽوئر ڪمپنيءَ جي ڇوڪريءَ در کڙڪايو. مان به تيار هوس، قمر به ساڙهي پائي تيار بيٺي هئي. رات جو دير تائين ٻاهر رهڻو هو، ان ڪري هڪ ننڍي ٿيلهي ۾ ضروري سامان ۽ برساتيون کنيونسين.

بس ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي هئي. عرب، انگريز، فرينچ، آفريقي، آمريڪي، آسٽريلوي ۽ اسان.

بس شهر ڇڏيو. حد نظر تائين ساوڪ هئي. زمين ڪٿي سنئين ته ڪٿي هيٺ مٿي. ڪٿي اتاهيون ٽڪريون، پر جبل، ٽڪريون، پٽ- سڀ سرسبز. ان ساوڪ جي آسمان ۾ ڪٿي پيلا، ڪٿي واڱڻائي، ته ڪٿي ڳاڙهاگل، تارن وانگر جهرمر لڳايو بيٺا هئا. ڪٿي ڪٿي ڳوٺ، جن ۾ گول گنبذ سان روايتي رومن گرجائون . مون کي ننڍ پڻ ياد اچي ويو، جڏهن مان ستن سالن جي عمر جو هوس ۽ ڪراچيءَ ۾ برٽو روڊ تي هيرانند ائڪيڊميءَ جي پرائمري اسڪول ويندو هوس ته اهڙي ئي گنبذ واريءَ گرجا وٽان لنگهڻ ٿيندو هو.

هڪ جاءِ تي مخروطي گنبذ نظر آيو، جنهن جي ڊيگهه ان جي ويڪر کان وڌيڪ هئي.

بس هلندي رهي، قمر کي Motion Sicknessجو اثر شروع ٿيو ۽ هوءَ سيٽ تي اکيون ٻوٽي ليٽي پئي. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ته هوءَ اهڙن حسين نظارن ڏسڻ کان محروم رهي.

بس ٽن ڪلاڪن بعد اچي نيپلس پهتي.اٽليءَ جو حسين ساحلي شهر آهي. سمنڊ جي ڪناري تي، خوبصورت جاين ۽ باغن وارو شهر. هيءُ شهر اصل رومن ماڻهن ٻڌو ۽ ان جو نالوNeopolisرکيائون (نئون Neo=New شهر(Polis=City يعني نئون شهر، جيڪو بدلجي نيپلس ٿي ويو.

نيپلس مان اسان کي هڪ وڏيءَ لانچ ۾ چاڙهيائون، جيڪا ڪئپري ٻيٽ ڏي وڃڻي هئي.

لانچ ۾ قمر کي هڪ ٻه الٽيون ٿيون. اهو سڀ Motion Sickness جو اثر هو. گائيڊ ۽ ٻين ماڻهن ڏاڍي همدري ڪئي ۽ چيائون ته : ڪئپريءَ ۾ دڪان تي دوا ملندي، اها وٺي کيس کارائجانءِ.

لانچ سمنڊ ۾ لڏندي لمندي هلندي رهي. ڪئپريءَ جو ٻيٽ ويجهو آيو ته ڪيترائي ٽوئرسٽ ان جو نظارو ڪرڻ لاءِ ڪئبن کان ٻاهر ٿي بيٺا. مان به آيس.

ڪئپري – نيري سمنڊ ۽ نيري آسمان جي وچ ۾ سائو پهاڙي ٻيٽ. پري کان ان جو خاڪو متناسب ۽ سهڻو ٿي لڳو، پر جيئن جيئن ويجهو ٿيندو ٿي ويو ته ان جي سونهن وڌيڪ نِکرندي ٿي ويئي. ائين لڳو، جيئن پري کان ڪنهن حسين جو رڳو خاڪو (Figure) نظر اچي ۽ جيئن جيئن ويجهو اچجي، ته ان جا خدو خال ۽ نقش نگار ظاهر ٿيندا وڃن. اکيون، نڪ، چپ، ڀرون. هر انگ جي سونهن نکرندي وڃي. ڪئپري زمين تي جنت آهي، هتي دنيا جا وڏا وڏا سياست دان، فنڪار، ائڪٽر، رانديگر ۽ سرمايه دار موڪلون ملهائڻ لاءِ ايندا آهن.

لانچ ڪئپريءَ جي ڪناري کي ڇهيو ته مسافر تڪڙ ۾ لهڻ لڳا. مون قمر کي آهستي آهستي لاٿو. گائيڊ ويجهو آيو ۽ هڪ دڪان ڏي اشارو ڪري چيائين:”دوا هت ملندي.“ مان ڊوڙي وڃي Drammamine  ٽڪيون وٺي آيس. پندرهن منٽن کان پوءِ مس قمر سامت ۾ آئي. چڪرن ۽ دل ڦِرڻ کان جند ڇٽس. چوڌاري نهاري، بهاريءَ ۾ اچي ويئي. گائيڊ ٻڌائڻ لڳو:

”ڪئپريءَ جو شهر 600 سال قبل مسيح يونانين آباد ڪيو. ٻه صديون پوءِ ان تي رومي لوڪن قبضو ڪيو. پهريون شهنشاهه، جيڪو هن ٻيٽ تي آيو، اهو سيزر هو. ان کي ڪئيپريءَ ۾ پنهنجو محل هو. ائنا ڪئپري هن ٻيٽ جي سڀ کان اتاهين چوٽي آهي. اها سمنڊ جي مٿاڇري کان 900 فٽ مٿي آهي....“

مون سوچيو: تاريخ ڇا به هجي. هيءُ شهر ڪنهن به ٻڌايو هجي، هن تي ڪهڙن به بادشاهن قبضو ڪيو هجي، اهو سڀ سچ آهي، پر ان کان، ۽ سڀ کان وڏو سچ آهي، ڪئپريءَ جو حسن. ان حسن کي رهڻ ڏيو، ان حسن کي تباهه نه ڪيو، ڌرتيءَ تي سونهن کي برقرار رکو، انسان کي اکيون ٺارڻ ڏيو. ڪئپري ـــ ڄڻ خوابن جو ٻيٽ، جتي دل جا سڀ وهم وسريو وڃن. اهو به وسري ويو ته ٽوئرسٽ مان ڪهڙا عرب آهن، ڪهڙا فرانسيسي. ڪير گورا آهن، ڪهڙا ڪارا، يهودي ڪير، ڪير مسلمان آهن. سڀني جون دِليون، سڀني جون سوچون، سڀني جون نظرون، پنهنجي ۽ ٻين جي قوميت، مذهب، رنگ، نسل ۽ طبقي کان هٽي، هن ننڍڙي ٻيٽ جي سونهن تي کُپي ويون. ڪئپري سونهن آهي، ڪئپري پيار آهي. فن به ته سونهن آهي، فن به ته پيار آهي. پوءِ سڀ لطيف فن، شاعري، موسيقي، مصوري، سنگتراشي ۽ نرت ڪلا، دنيا مان ويڇا، نفرتون، جنگيون، بک، بيماري، غربت ڇو نه ختم ڪري سگهيا آهن؟

ڪئپري حسن آهي ـ ڪئپري پيار آهي ـ

ٿوريءَ دير ۾ اسان کي وئگنن تي چاڙهي ائنا ڪپئريءَ ڏي نيو ويو. وئگن، اسڪروءَ وانگر ويڙهجندڙ رستي تي، 900 فٽن جي اتاهينءَ تي چڙهندي رهي. ان ور وڪڙ رستي تي، ساڳئي نظاري کي، مختلف اوچائين کان ۽ مختلف زاوين تان ڏسڻ جو موقعو پئي مليو. مصورن ۽ فوٽو گرافرن کي خبر هوندي ته ڪوبه هڪ نظارو، رڳو خاص زاويي، ۽ هڪ خاص مفاصلي کان حسين لڳندو آهي ـــ جي زاويو مٽائبو آهي ته، ان جي سونهن ۾ فرق اچي ويندو آهي ـــ ۽ جو فاصلو گهٽ يا وڌ ڪبو آهي، ته به نظاري جي تاثر ۾ تبديلي اچي ويندي آهي. پر هيءَ ڪئپري ڇا آهي؟ عجيب ماجرا آهي. ساڳيو منظر هر زاويي کان حسين. هر مفاصلي کان موهيندڙ. سامهون ڏسو ــ پاسيرو ڏسو ــ اڌ پاسيرو ڏسو. پنجن فوٽن جي مفاصلي تان ڏسو. 900 فٽن جي اوچائيءَ تان ڏسو، هر طريقي سان حسين. هر دفعي حسن، پر حسن جو نئون زاويو، هر زاويي تان اڳ کان مختلف، پر حسين. هر مفاصلي کان اڳ کان وڌيڪ وڻندڙ، ڄڻ ڪو روايتي شاعريءَ جو محبوب آهي، جنهن جي جسم جو هڪ هڪ انگ متناسب آهي. ڄڻ وينس جو بت آهي. جنهن جي ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين سونهن ئي سونهن آهي. دنيا ۾ لکين ٽَڪريون هونديون، جيڪي سمنڊ ۾ هونديون، جيڪي سايون هونديون. پر اٽليءَ جي هن ٻيٽ کي قدرت شرف بخشيو آهي. جنهن جو موت کان پوءِ حياتي ۾ يقين هجي ۽ قيامت تي اعتبار هجي ته، پاڻ کي اتي دفن ڪرڻ جي وصيت ڪري، ٿڏي تي خودڪشي ڪري ڇڏي، جيئن قيامت تائين، اهڙي حسين ٻيٽ ۾ رهي.

ائنا ڪئپريءَ تي پهتاسين. اتي هڪ ننڍي بازار هئي. قمر جو شاپنگ جو شوق ڪَرُ کڻي اٿيو، اسان مارئيءَ لاءِ هڪ خوبصورت، اڇو، سهڻي ڳاڙهي گل سان سينگاريل، ٽوپلو ورتو. ٽوپلو ايڏو ته وڏو هو جو اسان جي بئگ ۾ ماپڻ مشڪل هو. پر قمر کي الائي ڪهڙا ڏانوَ آهن، هن چيو، ”تون ان جو فڪر نه ڪر.“

اهو ٽوپلو اهڙي مٽيريل جو ٺهيل هيو، جو ويڙهي سيڙهي بئگ ۾ وڌائين ۽ پوءِ جو کڻي ڪڍيائين ته اهڙي جو اهڙو. اسان پنڌ ڪندا، ڳاڙهن پنن وارن وڻن کي ڏسندا ۽ انهن تي عجب کائيندا، اڳتي وڌندي هڪ اهڙيءَ جاءِ تي پهتاسين، جتي هڪ باغ نظر آيو. هونءَ ته ڪئپريءَ جي سڄي سونهن قدرتي سونهن آهي، جنهن ۾ انساني هٿ جو دَخل گهٽ آهي. (سواءِ رستن ڏاڪڻين ۽ عمارتن جي.) سڄي ڪئپري ائين آهي، جيئن فطرت ٺاهي آهي. پر هن باغ ۾ اسان کي انساني هٿ جو دخل نظر آيو. ڳاڙها، گلابي، قرمزي، نيرا، پيلا ۽ واڱڻائي گل، اهڙيءَ ترتيب سان پوکيل هئا، جو اها ترتيب انساني هٿ کان سواءِ ناممڪن هئي. جڏهن ان جاءِ کي ويجهو پهتاسين ته، خبر پئي ته اهو قبرستان هو. اسان جي قبرستانن ۾ ته ڪنڊا، ڪرڙ، ڪانڊيرا، ڄاريون، ڏائڻيون، جن، ڀوت ۽ چٻرا هوندا آهن. قبرستان ڏسي مرڻ تان روح کڄي ويندو آهي. پنهنجو مرڻ ته پري رهيو، پنهنجي ڪنهن ويجهي کي اتي دفن ڪرڻ وقت به دل گهٻرائيندي آهي ته، هيءُ پيارو ڪهڙي نه ڀيانڪ، پراسرار ۽ خطرناڪ ماحول ۾ ڇڏي ٿا وڃون.

ڪئپريءَ جي قبرستان جو ماحول ايترو رومانٽڪ هو، جو مون کي ٿڏي تي مرڻ جي خواهش ٿي. قمر کي چيم: ”مرجي ته ههڙيءَ جاءِ تي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org