سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: عظيم سانحو

باب: --

صفحو : 1

عظيم سانحو

ڪرنل

 

مھاڳ

پاڪستان 1971ع ۾ عظيم سانحي کي منھن ڏنو آھي. اھو گھوٽالو، جيڪو اسان جي ملڪ کي ڳيھي پيو، ايئن اوچتو، ڪنھن چتاءُ کانسواءِ نھ آيو آھي. مون پنھنجي ڪتاب ”آزاديءَ جي ڏندڪٿا“ جي مھاڳ ۾، جيڪو نومبر 1967ع ۾ لکيو ويو، تنھن ۾ چيو ھو تھ، ”آئون مڃان ٿو، تھ ھي ڪتاب تڪڙ ۾ اھڙين حالتن لکيو ويو آھي، جن تي منھنجو ڪوبھ ھٿ وس نھ آھي، ۽ جنھن ۾ اھڙي وقت سان شرط پئي پڄائي وڃي، جيڪو وڏين ٻِرانگھن سان پاڪستان کي اھڙي چؤواٽي ڏانھن گھلي پيو، جنھن جا سمورا رستا، ڪنھن ھڪ کانسواءِ، تباھيءَ ڏانھن وڃن ٿا.“ پوءِ چئن ورھين کان بھ اڳ اسان ان چؤواٽي تي وڃي پھتاسين!

ھاڻوڪي ذڪر ۾، مون ان گھوٽالي بابت پنھنجا ذاتي تاثر ڄاڻائڻ ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نڀايل ڪردار ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، جنھن گھوٽالي ۾ پاڪستان بُريءَ ريت الجھي چڪو آھي. مون ان ۾ ماضيءَ توڙي مستقبل تي رڳو ايترو لکيو آھي، جنھن مان حال کي سٺي طرح سمجھڻ ۾ اسان کي مدد ملي.

مون پنھنجا اھي تاثر مئي مھيني جي اوائل ۾ لکي ورتا ھئا، ۽ ابتدائي طور اھي رڳو پنھنجي ذاتي نوٽن طور لکيا ويا ھئا، پر پوءِ جيئن حالتون بگڙيون، مون اھو پنھنجو فرض سمجھيو، تھ پنھنجي عوام کي ٻڌايان، تھ پاڪستان جي ھيءَ جوکائتي حالت ڪيئن ٿي. منھنجي ھن ذڪر کان پوءِ ٻيا بھ ڪيترا اھم واقعا ٿي چڪا آھن. ڪيترا اھڙا واقعا، جن پاڪستان کي متاثر ڪيو آھي، انھن تي ھتي نھ لکيو ويو آھي، پر انھن جي گھرج، ھي گھوٽالو سلجھائڻ سان لاڳاپو ضرور رکي ٿي. بھرحال، ھن سلجھاءُ جي ڳولا واري حق ۾، ھاڻوڪي صورتحال ۾ آڏو آيل ڪوتاھين کي سامھون رکندي، مون ڪجھھ گوھي بھ ڏني آھي، ۽ ڪجھھ معاملن بابت پنھنجي تبصري کان لنوايو آھي. بھرحال، اھي واقعا ذھن ۾ سمائڻ جوڳا آھن. 28 جون تي صدر يحييٰ خان، پنھنجي قانوني ڍانچي واري آرڊر کان ھٽي، جمھوريت جي بحاليءَ لاءِ ھڪ نئين رٿا ۽ ٽائيم ٽيبل جو اعلان ڪيو. آمريڪي صدر نڪسن جي قومي سلامتيءَ جي معاملن واري اسسٽنٽ ھينري ڪسنجر، جولاءِ ۾ پاڪستان کان پيڪنگ تائين ڳجھي نموني ۾ دؤرو ڪيو، جنھن ھڪ نئين دنياوي توازن جون راھون کوليون. 9 آگسٽ تي روس ۽ انڊيا ھڪ معاھدي تي صحيحون ڪيون، جنھن سبب ننڍي کنڊ ۾ نمايان تبديلي آئي ۽ ان ذريعي روس جي سيڪريٽري جنرل بريزنوف جي ايشين سيڪيورٽي پئڪٽ مطابق، چين کي اڪيلو ڪرڻ لاءِ ايشيا ۾ پنھنجون ٻانھون ڦھلائڻ واسطي، پھريون قدم کنيو ويو. پاڪستاني حڪومت آگسٽ ۾ اوڀر پاڪستان ۾ ٿيل تازن واقعن بابت ھڪ ”وائيٽ پيپر“ ڇاپيو، ۽ حڪومت طرفان شيخ مجيب الرحمان تي ”پاڪستان خلاف جنگ ڪرڻ“ جي الزام ھيٺ بند ڪمري ۾ ڪيس ھلائڻ جو فيصلو ٿيو، جيڪو 11 آگسٽ کان شروع ٿيو. ھتي پاڪستان جي نازڪ اقتصادي صورتحال ٻڌائڻ بھ ضروري آھي، جيڪا عالمي مالي سرشتي ۾ ڊالر جي تازي اڀريل گھوٽالي کان وڌيڪ متاثر ٿي آھي. انھن مان اڪثر واقعن جي گھرج آھي، تھ انھن تي ٻيھر بنيادي طور سوچي پنھنجي پرڏيھي ۽ داخلي پاليسين جي سلسلي ۾ ھمت ڀريا اپاءُ ورتا وڃن. اسان کي ڀروسو آھي، تھ اسين ان للڪار کي منھن ڏيئي سگھون ٿا، پر شرط اھو آھي، تھ اسان کي ڪنھن وڌيڪ اتاولائي ۽ نٽائڻ کانسواءِ پنھنجي چونڊ منشور جي پوراءُ جي جوابداري سونپي وڃي.

ھن ڪتاب مان پتو پوندو، تھ ڇو پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي ٻنھي حصن جي وڏين پارٽين وچ ۾ ”مھاسرچاءُ“ چاھي ٿي، ۽ ڪيئن پھرين مارچ کان اڳ عوامي ليگ جي مک گھرجن جي پوراءُ لاءِ اسان ھر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ ڪيئن ان تاريخ کانپوءِ اھو مؤقف رکيو، تھ تعطل سلجھائڻ لاءِ ڪابھ رٿا، حتمي فيصلي لاءِ قومي اسيمبليءَ جي چونڊيل نمائندن سامھون رکي وڃي.

پاڪستان جو عوام پاڻ اھو فيصلو ڪري سگھي ٿو، تھ ھي عظيم سانحو ڪيئن ٿيو. ھاڻوڪي وقت ۾، سڀ کان وڌيڪ ڌيان ان گھوٽالي کي سلجھائڻ تي ڏيڻو آھي. اسان کي پنھنجون سموريون ڪوششون پاڪستان کي بچائڻ لاءِ ارپڻيون آھن. اسان کي پڪ آھي، تھ جيڪڏھن اقتدار دير بنا اسان کي سونپيو ويو، تھ اسان عوام جي تائيد ۽ ڀروسي سان ائين ڪري سگھنداسين- جيئن مون 1967ع ۾ چيو ھو؛ ”سمورا رستا، ھڪ کانسواءِ، تباھيءَ ڏانھن وڃن پيا.“

      ڪراچي                     ذوالفقار علي ڀٽو

20 آگسٽ1971ع

عظيم سانحو

پاڪستان ڏکيءَ آزمائش مان گذري پيو. ھي سورن ڄائو ڏيھھ شديد گھوٽالي ۾ ڦاٿل آھي. پاڪستانين ھٿان پاڪستانين جي قتل جو ڀيانڪ اوٿارو اڃا پورو نھ ٿيو آھي. اڃا سوڌو رت وھي پيو. انڊيا جي اڳرائيءَ واريءَ ھٿچراند، حالتن کي ويتر منجھائي ڇڏيو آھي. جيڪڏھن اسان اڄوڪي ڏڦيڙ مان اپڙي پار پياسين، تھ پوءِ پاڪستان، بامقصد طور سدائين قائم رھندو. ٻيءَ صورت ۾ اھي افسوسناڪ جھٽڪا سندس مڪمل تباھيءَ جو سبب بڻبا. ھينئر ڇا ٿو ڪيو وڃي، تنھن جو وڏو آڌار ان عمل تي آھي.

اسان 1940ع کان شروع ڪيون ٿا، جڏھن 23 مارچ تي ھندستان جي مسلمانن، قائداعظم جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان جو مطالبو ڪيو ھو. ننڍي کنڊ ۾ ھڪ الڳ اسلامي رياست- اھو مطالبو رسمي طور ”لاھور جي ٺھراءُ“ ۾ ڪيل ھو، جيڪو فضل الحق اڳتي آندو ھو، جنھن کي عام طور ”بنگالي شينھن“ ڪوٺبو ھو. گذريل ڪجھھ ورھين ۾ ”لاھور جي ٺھراءُ“ تي ٻيھر شروع ڪيل بحث جي ڪؤڙاڻ جي نتيجي ۾ ملڪ جي ٻنھي ڀاڱن ۾ ھڪٻئي کان وڇوٽي وڌڻ شروع ٿي آھي. پھرين 1966ع ۾، شيخ مجيب الرحمان ۽ پوءِ مولانا ڀاشاني ايئن چوڻ شروع ڪيو تھ ”قرارداد لاھور“ ذريعي ٻھ الڳ مسلم رياستون جوڙڻيون ھيون- ھڪ اڀرندي ڀاڱي ۾ ۽ ٻي الھندي ڀاڱي ۾. ان قرارداد جي اھا ايمانداراڻي تعبير نھ آھي. پاڪستان ٺھڻ کان وٺي 1966ع تائين تھ ان ٺھراءُ کي ڪڏھن بھ سنجيدگيءَ سان اھا معنيٰ نھ ڏني وئي ھئي. قرارداد لاھور مطابق سڄو پنجاب، سڄو بنگال ۽ آسام جو صوبو پاڪستان ۾ شامل ٿيڻو ھو. جيئن تھ بنگال ۽ پنجاب ورھايا ويا، ۽ آسام صوبو، پاڪستان کي ڏيڻ کان انڪار ڪيو، تنھنڪري جڏھن ورھاڱو حتمي طور ٿيو، تڏھن ان ٺھراءُ کي رڳو اصولي طور ئي مڃيو ويو. گڏوگڏ خاص ڳالھھ اھا، تھ انگريز، جيڪي ننڍي کنڊ ۾ اقتدار جي منتقليءَ لاءِ جوابدار ھئا، تن اھا منتقلي 1947ع جي انڊين انڊپينڊنس ائڪٽ ھيٺ عمل ۾ آندي، جنھنڪري ٽي نھ، پر رڳو ٻھ خودمختيار رياستون ٺھيون- انڊيا ۽ پاڪستان.

عام ماڻھو، جنھن جي پنھنجي ماترڀوميءَ سان پريمي سنٻنڌ آھي، ۽ جنھن کي ھيگل جي رياست بابت سمجھاڻي يا خودمختياريءَ بابت آسٽن جي نظريي سان ڪو واسطو نھ آھي، ڄاڻڻ گھري ٿو، تھ نيٺ ھي عظيم سانحو ڪيئن ٿيو؟ ان جي ھن تي تھ ڪابھ جوابداري نٿي اچي. ٽيويھن ورھين تائين تھ ھن کي عام چونڊن ذريعي ووٽ ڏيڻ بھ نھ ڏنو ويو. ٽيويھن ورھين کان پوءِ ھو وڏي جوش، جذبي ۽ گھڻين اميدن ۽ آسن سان پنھنجا نمائندا چونڊڻ لاءِ پولنگ تائين پھتو. ھن انھيءَ ڀروسي سان ووٽ ڏنو، تھ پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ سياسي توازن جي نئين دؤر جو سج اڀرندو. ھاڻوڪي گھوٽالي ان عام ماڻھوءَ جي سمورين آسن ۽ ڀروسن کي لوڏي ڇڏيو آھي. ھن جي اقتصادي حالت بگڙي پئي. عام ماڻھو کي، جيڪو صبح کان شام تائين محنت ڪري ٿو، جنھن جي ٻارن جا ڪپڙا ليڙون ليڙ آھن، جيڪي غير انساني حالتن ۾ رھن پيا، اھو سوال پڇڻ جو ھرڪو حق آھي، تھ ڇو ھن جو پاڪستان، ايئن تباھيءَ جي ڪنڌيءَ تي پھتو آھي، ۽ اھو پاڪستان جيڪو ھن جو پنھنجو آھي، جيڪو ھن پنھنجي رت سان ٺاھيو، جنھن جي ھن پنھنجي پگھر ۽ قربانيءَ سان اڏاوت ڪئي. ھن سان تھ وڏو دوکو ٿي ويو!

رھبرن عوام کي ناڪام ڪيو

ھي گھوٽالو اسان تي اوچتو نھ ڪڙڪيو. ان جو مواد ڪافي وقت کان رجھيو پئي. ھي انھن غلطين جو نتيجو آھي، جن جي تاريخ انگريز راڄ کان شروع ٿئي ٿي. ان کان پوءِ وارين حڪومتن، رياست جو ڪاروبار اھڙي غلط طريقي سان ھلايو، جو ڪوبھ غيرجانبدار مبصر انھيءَ نتيجي ڪڍڻ لاءِ مجبور ٿيندو، تھ پاڪستان جي قيادت غلطين ۾ سڀني کان گوءِ کڻي وئي آھي. ھن قيادت ۾ رڳو سياستدان ئي نھ آھن، ان ۾ سمورا وڏا ۽ معزز پڻ شامل آھن.

1947ع ۾ پاڪستان وڏي رتوڇاڻ کان پوءِ ٺھيو. ٽيھن لکن کان وڌيڪ ماڻھن کي پنھنجي جانين تان ھٿ ڌوئڻو پيو، ۽ ان کان وڌيڪ بيگناھھ ماڻھو پنھنجي گھر ٻار کان تڙجي ويا. ننڍي کنڊ جي چيرپاڙ ھڪ عذاب کان گھٽ نھ ھئي ۽ موڪلائيندڙ انگريز، ھر ڏاڪي تي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ پوءِ انتھائي بيدرديءَ ۽ بيحسيءَ سان روانو ٿي ويو. پناھگير، پنھنجي جسمن تي ورھاڱي جي گھاون، ۽ دلين ۾ صدين جي ڌڪار سميت، وڏا جوکا کڻي، پنھنجن نون گھرن ڏانھن روانا ٿيا، تنھنڪري ھندستان ۽ پاڪستان جا لاڳاپا وڌيڪ خراب ٿيا. حيدرآباد، جھوناڳڙھ ۽ ڪشمير جا جھڳڙا بھ ساڳئي وقت شروع ٿيا، جنھنڪري لاڳاپن ۾ وڌيڪ ڪؤڙاڻ ۽ ڇڪتاڻ آئي. 1948ع ۾ ھندستان ۽ پاڪستان کي ڪشمير جي معاملي تي جنگ ڪرڻي پئي. ڪشمير جي مسئلي تي گڏيل قومن جي اداري تي ڀروسو ڪري، جنوري 1949ع ۾ جنگبندي قبولي، وڏي غلطي ڪئي وئي. ان وقت کان وٺي ڪشمير جو جھڳڙو، ننڍي کنڊ جي جسم ۾ ناسور جيان ڦھلجندو رھيو آھي. اڄ آزاديءَ کان ويھن ورھين گذرڻ کان پوءِ بھ ٻئي ملڪ سورن ۾ سڙن پيا.

ورھاڱي کان ھڪدم پوءِ ٻوليءَ جو جھڳڙو شروع ٿيو، جنھن سان ملڪ جي ٻنھي ڀاڱن ۾ ڇڪتاڻ ۽ ڪؤڙاڻ ٿي. پاڪستان گھڻين ٻولين وارو ملڪ آھي، جنھن ۾ ڪيترن قسمن جون شاھڪار ۽ آڳاٽيون ٻوليون ۽ ثقافتون موجود آھن. انھن مان ڪابھ ثقافت، قومي شناخت جي تخليق خلاف يا ان جي تضاد ۾ نھ آھي. گذريل حڪومتن کي گڏيل قومي ثقافت جي واڌويجھھ لاءِ مقامي ثقافتن کي سختيءَ سان دٻائڻ ۽ سندن خاتميءَ بجاءِ وڻندڙ پٺڀرائيءَ گھربل ھئي، تھ جيئن مختلف ثقافتن جا اھڃاڻ ۽ نشان، قومي ثقافت کي ڀرپور، جٽادار ۽ مايدار بڻائين. ڪيترين ٻين فيڊريشنن ۾ ڪاميابيءَ سان ايئن ٿيو آھي. ٻوليءَ جي تضاد پھرين چِڻنگ دکائي ۽ ان کان پوءِ ٻيون ڪيتريون چِڻنگون دکنديون رھيون.

پاڪستان جي باني، پاڪستان ٺھڻ کان ھڪدم پوءِ، پنھنجي پيغمبراڻي ڏاھپ سان ڪيترن اھڙن مسئلن جي اڳواٽ نشاندھي ڪئي ھئي، جيڪي پوءِ ملڪ جي اڀرندي ڀاڱي ۾ اڀرڻا ھئا، ۽ ان صورتحال ۾ جيڪي جوکا لڪل ھئا، تن کان پڻ ھن قوم آڏو چِٽائيءَ سان پڌرائي ڪئي ھئي. ون يونٽ ملڪ جي اڀرندي ۽ الھندي وارن ڀاڱن کي ھڪٻئي سامھون ٻن مخالف ملڪن وانگر بيھاريو ھو. مختلف قسمن جي جوڙتوڙ، مارچ 1948ع ۾ اوڀر پاڪستان ۾ نو ڏينھن رھڻ کان پوءِ،اتان موٽڻ واريءَ شام ھن چيو ھو:

”آئون ھن صوبي جي ماڻھن کي نصيحت ڪرڻ چاھيان ٿو. ھڪ خاص طبقي ۾ مون کي افسوسناڪ لاڙو ڏسڻ ۾ پيو اچي. اھو طبقو نئين کٽيل آزاديءَ کي اھڙي آزاديءَ نٿو سمجھي، جنھن ذريعي ھڪ طرف عظيم موقعا اڀريا آھن، تھ ٻئي طرف وڏيون جوابداريون بھ لاڳو ٿيون آھن، بلڪ اھو طبقو ان کي ھڪ قسم جو لائسنس سمجھي ٿو... ھنن کي ان جي مڪمل آزاديءَ آھي، تھ ھو جنھن بھ نموني جي حڪومت ٺاھڻ چاھين ٿا، اھا قانوني طريقن سان جوڙين. پر انھيءَ جي معنيٰ اھا ھرگز نھ آھي، تھ ڪوبھ گروھھ ھاڻي ئي اھا ڪوشش ڪري، تھ ھو پنھنجي مرضي ڪنھن بھ غيرقانوني طريقي سان اسان تي مڙھي. مون کي ڀروسو آھي، تھ توھان اھو چڱيءَ ريت سمجھو ٿا، تھ پاڪستان جھڙي نئين جڙيل رياست، جيڪا ٻن ھڪٻئي کان ڏورانھن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي- ان جي رھواسين ۾، پوءِ ڀلي اھي ڪٿان بھ آيل ھجن- پنھنجي ترقيءَ لاءِ نھ، بلڪ پنھنجي وجود جي برقراريءَ لاءِ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي گھڻي گھرج آھي.... آئون توھان کان چِٽن لفظن ۾ پڇڻ چاھيان ٿو، تھ جڏھن ھندستان جا سياسي ادارا ۽ ھندستاني پريس جا ڪل پرزا، جن پاڪستان ٺھڻ کان روڪڻ لاءِ ننھن چوٽيءَ جو زور لڳايو، تن کي جيڪڏھن اوچتو انھن لاءِ، جن کي اھي اوڀر پاڪستان جي مسلمانن جا جائز مطالبا ڪوٺين ٿا، اوچتو نرمي ۽ ٻاجھارپ ٿي پئي، تھ ڇا توھان ان کي انتھائي شيطاني صورتحال نھ سمجھندا؟ ڇا، اھا ڳالھھ پڌري نھ آھي، تھ مسلمانن کي پاڪستان ماڻڻ کان روڪڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ ھاڻي اھي ادارا پاڪستان کي اندران ڊاھڻ گھرن ٿا، تھ جيئن پنھنجي ڏڦيڙ ڦھلائڻ واري پرچار ذريعي مسلمانن کي پنھنجي مسلمان ڀاءُ سان ويڙھائين، تنھنڪري آئون چاھيان ٿو، تھ صوبائيت جي زھر کان ھوشيار ٿيو، جيڪو اسان جا دشمن اسان جي رياست ۾ ڦھلائين ٿا. [1]

پاڪستان جي باني سيپٽمبر 1948ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. ان جي وفات کان پوءِ اقتدار جو ڪڻو لياقت علي خان جي نالي نڪتو، جنھن کي ٻن ورھين کان پوءِ قتل ڪيو ويو. پوءِ جيڪي مسلم ليگي اڳواڻ عوام آڏو آيا، تن ۾ پاڪستان کي ترقي پسند ۽ متحرڪ رياست بنائڻ لاءِ ھمت نھ ھئي، ۽ نھ ئي ڏاھپ. مايوسي ۽ وائڙائپ جا ابتدائي آثار، آزاديءَ کان پنجن ورھين بعد پڌرا ٿيڻ شروع ٿيا. ماڻھن پاڻ کي بنھھ اڪيلو ۽ ايئن سمجھڻ شروع ڪيو، جن سان سچ پچ ڪو دوکو ڪيو ويو ھجي. ڪميڻا سياستدا، پاڪستان کي پنھنجي ذاتي جاگير سمجھڻ لڳا ۽ آئين ٺاھڻ ۽ چونڊون ملتوي ڪري، اقتدار کي چھٽي پيا. پاڪستان کي انھيءَ ناڪاميءَ جي وڏي قيمت چڪائڻي پئي آھي.

1954ع ۾ ملڪ جي اڀرندي ۽ الھندي ڀاڱن ۾ ڪنھن مناسب آئين تي سرچاءُ ٿي سگھي ھا، پر لالچ ۽ ھڪٻئي تي چڙھت جي جذبي انھيءَ ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. آئين ٺاھيندڙ اسيمبليءَ طرفان جوڙيل بنيادي اصولن جي ڪميٽي 1954ع تائين ھڪ آئيني مسودو جوڙي چڪي ھئي. انھيءَ مسودي ۾ پاڪستان جي حقيقتن جو اظھار ھڪ وفاقي ڍانچي ۾ تجويز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي، پر اھو ڪنھن بھ روپ ۾ ھڪ مثالي انتظام نھ ھو، بھرحال، اھو انتظام قبول جوڳو ٿي نھ سگھيو. ھڪ بيمار ۽ لوڀي گورنر جنرل اھو آئيني مسودو آخري طور منظور ٿيڻ کان اڳ ئي قانون جوڙيندڙ اسيمبليءَ کي غيرقانوني طور ٽوڙي ڇڏيائين. ان کان اڳ، ساڳئي گورنر جنرل ھڪ بنگالي وزيراعظم کي بھ بيقاعدگيءَ سان لاھي ڇڏيو ھو، جنھن کي قانون جوڙيندڙ اسيمبليءَ ۾ اڪثريت ھئي. وقت گذرڻ سميت ملڪ جي ٻنھي ڀاڱن ۾ شڪ شبھا وڌندا ويا، ۽ اھڙيءَ طرح ھڪ آئيني سلجھاءُ ڳولڻ جي ڪوشش ويتر ڏکي ٿيندي وئي. پوءِ وري 1955ع ۾ ڪجھھ ذليل مقصدن جي پوراءُ لاءِ اولھھ پاڪستان جي عوام تي ون يونٽ[2] مڙھي ڇڏيو ويو. ون يونٽ وڏي لعنت ھئي. ون يونٽ کان اڳ ئي ملڪ جي الھندي ۽ اڀرندي ڀاڱن ۾ ڇڪتاڻ موجود ھئي، پر ون يونٽ کان پوءِ ويتر اولھھ پاڪستان جي عوام جي ھڪٻئي سان لاڳاپن ۾ بھ ڇڪتاڻ ٿي. سڀ کان خراب ڳالھھ اھا ٿي، جو ون يونٽ ٺھڻ کان پوءِ ٻي قانون جوڙيندڙ اسيمبليءَ، جيڪا پھرين قانون جوڙيندڙ اسيمبليءَ جيان خودمختيار نھ ھئي، 1956ع وارو آئين بحال ڪري ڇڏيو. ان آئين بھ ٻن ورھين اندر اچي ڦھڪو ڪيو. پوءِ ايوب خان جو دؤر شروع ٿيو، جنھن اٽڪل يارھن ورھين تائين راڄ ڪيو، ۽ 1962ع ۾ ملڪ کي نيم- وحداني نموني جو آئين ڏنو.


[1]  مارچ 1948ع تي ريڊيي پاڪستان تان قائداعظم محمد علي جناح جي نشر ڪيل تقرير مان کنيل ٽڪرو.

[2]  ون يونٽ جو اصطلاح اولھھ پاڪستان جي صوبي لاءِ واپرايو ويو، جيڪو الھندي ڀاڱي جي چئن صوبن- پنجاب، سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان کي ملائي بڻايو ويو ھو. اولھھ پاڪستان (ڊيزوليوشن) آرڊر 1970 ھيٺ اھي صوبا وري الڳ الڳ جوڙيا ويا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: