سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: عظيم سانحو

باب: --

صفحو : 3

پرڏيھي پاليسي، خاص طور ”ٽينءَ دنيا“ ۾ اقتصادي ترقي، عالمي واپار ۽ امداد تي آڌار رکي ٿي. اھڙيءَ طرح ڇھھ نڪاتي فارمولا مطابق پرڏيھي مامرن جو وڏو ڀاڱو بھ مرڪزي حڪومت جي اختيارن مان نڪري وڃي ھا ۽ رڳو جنگ ۽ ٽڪراءُ مرڪزي حڪومت جي اختيار ۾ وڃي رھن ھا، توڻي وڏيون طاقتون بھ ايئن نٿيون سمجھن، تھ جنگ ۽ ٽڪراءُ، پرڏيھي پاليسيءَ جا مستقل عنصر آھن. اھڙيءَ طرح سان مرڪزي حڪومت کي ٻڙيءَ جي حد تائين گھٽائڻ سان پاڪستان جي عالمي مامرن کي، خاص ڪري انڊيا سان سندس اختلافي تڪرارن کي، موتمار ڌڪ لڳي ھا.

دفاعي مامرن جو پرڏيھي پاليسيءَ سان گھڻو ناتو ھجي ٿو. پرڏيھي مامرن تي مڪمل ضابطي ھئڻ کانسواءِ ڪابھ مرڪزي حڪومت ڪا مؤثر دفاعي پاليسيءَ نھ جوڙي ۽ نھ ئي ان تي عمل ڪري سگھي ٿي. گڏوگڏ ڪوبھ ملڪ گڏيل مفاد سامھون رکڻ کانسواءِ ڪابھ دفاعي پاليسي جوڙي نٿو سگھي. ملڪ جي ٻنھي ڀاڱن وچ ۾ سمورن رستن جي عملي طور ڪٽجڻ کانپوءِ ٻئي ڀاڱا مختلف طرفن ڏانھن ڏسڻ شروع ڪن ھا ۽ ملڪ لاءِ گڏيل دفاعي پاليسي جوڙڻ ناممڪن ٿي پئي ھا.

ڇھھ نڪاتي پروگرام مطابق مرڪزي حڪومت کان سڌيءَ طرح ٽئڪس وٺڻ جا اختيار ڦري، ان کي صوبن جي آڌار تي ڇڏيو ويو ھو. ڪنھن بھ وقت ڪو ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ صوبا، ڪوبھ مجبوريءَ وارو دليل ڏيئي، وفاقي ٽئڪس ڏيڻ کان لنوائي سگھن ھا. ان فارمولا مطابق پرڏيھي واپار، امداد ۽ ٽئڪس وٺڻ جا اختيار صوبن کي سونپڻ سبب، پاڪستان ۾ ٻھ يا ٻن کان وڌيڪ معيشتون جوڙڻ جي رٿا ڏنل ھئي، جنھنڪري ملڪ کي پرڏيھي ناڻي جون ٻھ يا وڌيڪ شرحون رکڻيون پون ھا.

اھڙيءَ طرح پاڪستاني رپيو، جيئن ھاڻي صورتحال آھي، گم ٿي وڃي ھا. ان بعد وڌيڪ ايئن ٿئي ھا، جو صوبن وچ ۾ واپار گھٽجڻ کان پوءِ مال جي مٽاسٽا، جنسن کان جنسن ۾ ٿئي ھا، يا وري ان جي ادائيگي پرڏيھي ناڻي ۾ ڪرڻي پوي ھا. انھيءَ صورتحال جو لازمي نتيجو مڪمل ڏڦيڙ جي روپ ۾ پڌرو ٿئي ھا. اھڙين حالتن ۾ اھا اڳڪٿي ڏکي نھ ھئي، تھ ان ملڪ جو مستقبل ڇا ٿئي ھا، جنھن جي ڪرنسي علائقائي مٽاسٽا واري شرح ۾ ورھايل ھجي ھا. صوبن وچ ۾ مال جي چرپر تي بندش ھجي ھا ۽ ٻھ يا وڌيڪ واپاري ۽ پرڏيھي امداد جا مشن، نالي ماتر مرڪزي حڪومت جي ڍڪ ھيٺ جاري ھجن ھا، جنھن کي ٽئڪس وٺڻ جو بھ اختيار نھ ھجي ھا ۽ ان کي ھڪ اھڙي ملڪ تي نالي ماتر اقتدار مليل ھجي ھا، جيڪو جاگرافيائي طور ڪيترين قومن ۽ ڀاڱن ۾ ورھايل آھي.

ڇھھ نڪاتي فارمولا مطابق 313 ميمبرن واري قومي اسيمبليءَ کي بھ عملي طور جڏو بڻايو ويو ھو، جنھن وٽ رڳو دفاع ۽ پرڏيھي مامرن جا ٻھ کاتا ھجن ھا، جن مان بھ پرڏيھي واپار ۽ امداد تي ان جو اختيار نھ ھجي ھا. اھا ڳالھھ بھ ڌيان ۾ رھي، تھ پرڏيھي مامرا ۽ دفاع جا مامرا ايترا تھ نازڪ ۽ ڪنھن حد تائين ڳجھا ھجن ٿا، جن کي ڪيترين قومي اسيمبلين ۾ بھ کلئي بحث جو موضوع نٿو بڻايو وڃي. اھڙين حالتن ھيٺ قومي اسيمبليءَ ھڪ نقلي اسيمبليءَ ئي رھجي وڃي ھا.

بھرحال، ڇھھ نڪاتي فارمولا جو مقصد اھو ھو، تھ پاڪستاني قوميت جي بنيادن تي ڌڪ ھنيو وڃي. ان جي نتيجي ۾ ابتدائي طور ٻھ پاڪستان ۽ اڳتي ھلي پنج آزاد رياستون جڙن ھا. صوبن کي نيم- خودمختيار حڪومت جا اختيار ملڻ کان پوءِ ڪمزور مرڪزي حڪومت کي ايستائين سوڙھو ڪيو وڃي ھا، جو اھا صوبن وچ ۾ رابطي رکڻ واري اختيار کان بھ بلڪل وانجھجي وڃي ھا. عوامي ليگ جي اڳواڻن ايئن بھ چيو ھو، تھ اھي آئين ۾ اھڙو بھ فقرو رکندا، جنھن ذريعي ھر صوبي کي پاڪستان جي وفاقي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو بھ حق ملي وڃي. آئين ۾ اھڙي گنجائش سوويت يونين جي آئين جو مثال وٺي، ان سان سرچاءُ جي بھاني جوڙي وئي آھي. انھيءَ قسم جي رٿا جا نتيجا ڪجھھ مھينن ۾ پڌرا ٿي، وڌيڪ خرابين جو ڪارڻ بڻجن ھا.

شيخ مجيب الرحمان چالاڪيءَ کان ڪم وٺي، حڪومت کي اھا ڳالھھ مڃائڻ ۾ سوڀارو ٿيو، تھ چونڊن کان پوءِ سندس رويي ۾ وڌيڪ لچڪ ايندي، ۽ ھو پنھنجي چونڊن ۾ ڪاميابيءَ بعد ڇھھ نڪاتي پروگرام کي ڦيرائڻ ۽ سڌارڻ تي راضي ٿي ويندو. حالتون جيئن جو تيئن رکڻ جي حمايتين، مجيب الرحمان جي ڳالھھ تي ڀروسو ڪيو، ڇوتھ انھن اوڀر پاڪستان جي ترقيءَ پسند طاقتن جي اڳواڻن بجاءِ کيس اعتدال پسند اولھھ دوست طور ترجيح پئي ڏني. پاڪستاني ھلچل جي شاگرد اڳواڻ ھئڻ سبب عوامي ليگ جي اڳواڻ جي انتھاپسند بنگالي قومپرستيءَ کان لنوايو ويو، ۽ جيئن تھ ھن جو محترم سھرورديءَ سان ويجھو لاڳاپو ھو، ۽ محترم سھرورديءَ جو ويچار غيرعلائقائي ھو، تنھنڪري اولھھ پاڪستان خلاف سندس کلي ڌڪار کان بھ لنوايو ويو. حڪومت مجيب الرحمان ۽ سندس پارٽيءَ کي ھر قسم جي سھوليت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. آئين جي تياريءَ کان پوءِ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن وارو فيصلو بھ حڪومت بدلائي ڇڏيو، ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون، قومي اسيمبليءَ جي چونڊن سان ڄڻ تھ گڏ ڪرايون ويون. انھيءَ جو سبب حڪومت جو اھو ويساھ ھو، تھ جيڪڏھن قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون چونڊون ھڪ ئي وقت مڪمل ٿيون، تھ حڪومت جوڙڻ جا روشن امڪان اڀرڻ کان پوءِ، شيخ مجيب الرحمان سان خودمختياريءَ جي سوال تي ٺاھ ٿيڻ ممڪن ٿيندو. صوبائي انتطاميا، عوامي ليگ جي مڪمل پٺڀرائي ڪئي، ۽ چونڊن دؤران، عوامي ليگ جي ڪارڪنن کي ڇوٽ ڏني وئي ۽ ھنن ان مان پورو فائدو ورتو.

اولھھ پاڪستان جي ڪجھھ سياستدانن بھ شروع کان شيخ مجيب الرحمان جي پرجوش پٺڀرائي ڪئي ھئي، ڇوتھ اھي بھ پنھنجا صوبا اولھھ ڀاڱي کان ڇِنڻ جا خواھشمند ھئا. ھي اھي ماڻھو ھئا، جن پاڪستان ٺھڻ جي سخت مخالفت ڪئي ھئي. ڇھھ نڪاتي پروگرام ۾ ھنن کي پاڪستان کي ميسارڻ جو وجھھ ڏسڻ ۾ آيو. وڏن سرمايدارن بھ عوامي ليگ جي اڳواڻن جي پٺڀرائي ڪئي، جو سندس ويچار موجب ھن سماجواديءَ بابت رڳو لٻاڙ پئي ھنئي. پاڪستان جي قومي پريس، جيئن تھ انھن وڏن سرمايدارن جي ھٿ وس ھئي، تنھنڪري ان بھ مجيب الرحمان جي ڀرپور پٺڀرائي ڪئي.

ان قسم جي طاقتور پٺڀرائي ۽ اوڀر پاڪستان جي جائز شڪايتن پٽاندر شيخ مجيب الرحمان، اولھھ پاڪستان خلاف پنھنجي نفرت جي مھم ۾ گھڻي تيزي آندي. ھن ھر ڳالھھ لاءِ اولھھ پاڪستان تي الزام مڙھيو. ھن پاڻ کي سماجواد تھ سڏايو ٿي، پر سرمايدار نظام تي حملي بجاءِ اولھھ پاڪستان جي عوام کي جوابدار ٿي ڪوٺيو. ھن اوڀر پاڪستان جي عوام جا جذبا ڀڙڪائڻ لاءِ ھر طريقو واپرايو. بنگالي قومپرستيءَ جي مڇريل گھوڙي تي سوار، شيخ مجيب الرحمان ڪيترا ڀيرا جيل وڃڻ جي ساک ماڻي چڪو ھو. ھن پنھنجي صوبي جي عوامي جذبن کي پڇاڙڪي ڏاڪي تي پھچايو. ھو ڇھھ نڪاتي پروگرامن کي انتھائي جوکائتي اوچائي تي کڻي ويو. ھڪ مسيحا طور ھن اوڀر پاڪستان جي غريب عوام کي ٻڌايو، تھ ھنن جي ڇوٽڪاري جو ڳجھھ ”ڇھن نڪتن“ ۾ ھو- ۽ ڇھھ نڪتا معنيٰ اولھھ پاڪستان طرفان ٿيندڙ ڦرلٽ جو خاتمو. ھن ڏاڍي ھوشياريءَ سان نفرت جي ان ماحول ۾ پنھنجا اصل ارادا لڪايا. ھن جا سمورا لفظ ۽ طريقا بنھھ فاشي ھئا. ڇھھ نڪاتي پروگرام نفرت جو گيت بڻجي چڪو ھو ۽ عوامي ليگ جي اڳواڻ ان کي مقناطيسي نموني ۾ پئي آلاپيائين. شيخ مجيب الرحمان ماڻھن کي پنڊپھڻ ڪندڙ مقرر ھو. ھن پنھنجي سياسي صلاحيت اھڙي ڪاريگريءَ سان واپرائي، جنھن سان ڪوبھ بنگالي اڳواڻ اڄ ڏينھن تائين مقابلو تھ ڇا، پر ساڻس برميچي بھ نٿو سگھي.

نومبر 1970ع ۾ طوفان ۽ سامونڊي اٿل، اوڀر پاڪستان ۾ جھڙي تباھي مچائي، تنھن جو مثال سؤ ورھين ۾ نٿو ملي سگھي. ڪيترين سياسي جماعتن اوڀر پاڪستان جي ڏتڙيل ماڻھن سان ھمدرديءَ طور عام چونڊون روڪڻ جي رٿ ڏني. شيخ مجيب الرحمان ڌمڪي ڏني، تھ اوڀر پاڪستان جو عوام چونڊن روڪڻ جي ڪنھن بھ تجويز جي پير ٻڌي مخالفت ڪندو، پوءِ ڀلي ان لاءِ کين وڌيڪ ڏھ لک جانيون نڇاور ڪرڻيون پون. چونڊون 7 ڊسمبر تي رٿيل پروگرام مطابق ٿيون. شيخ مجيب الرحمان ان تباھيءَ مان بھ فائدو ورتو ۽ صوبي جي عوام جا جذبا پنھنجي فائدي ۾ ھموار ڪيا. ھن ان تباھيءَ لاءِ بھ تمام پري اسلام آباد ۾ ويٺل مرڪزي حڪومت جي سستي ۽ لاپرواھيءَ کي جوابدار ٺھرايو ۽ مٿس امدادي ڪمن ۾ انتھائي نااھلي ۽ غفلت جا الزام مڙھيا. بدقسمتيءَ سان حڪومت جي پرچارڪ مشنري انھن الزامن جي صفائي ڏيڻ ۾ سوڀاري نھ ٿي. اھڙيءَ طرح ان انتھائي نازڪ وقت ۾ ٻنھي ڀاڱن وچ ۾ نفسياتي ويڇو ايترو تھ وڌي ويو، جو ان جي ختم ٿيڻ جو ڪوبھ روپ نھ رھيو. ھن کان پوءِ مجيب الرحمان جي ھلايل نفرت واريءَ مھم جي خاتمي لاءِ ڪوبھ بَند نھ ٻڌو ويو. طوفان اچڻ جي ڪجھھ عرصي بعد، عوامي ليگ جي اڳواڻ ڊاڪا ۾ ھڪ پريس ڪانفرنس ڪوٺائي، جنھن ۾ ھن اولھھ پاڪستان ۽ مرڪزي حڪومت تي زورائتا حملا ڪيا. کانئس جڏھن ڪنھن پرڏيھي صحافي پڇيو تھ، ”ڇا توھان الڳ ٿيڻ گھرو ٿا؟“ موٽ ۾ ھن وراڻيو تھ، ”اڃا نھ.“ ان کان پوءِ شيخ مجيب الرحمان سندس پارٽيءَ لاءِ ميدان صاف ڪيو.

چونڊن ۾ سوڀاري ٿي اڀرڻ کان پوءِ شيخ مجيب الرحمان اھو مؤقف رکيو، تھ ڇھھ نڪاتي فارمولا ”بنگلاديشي عوام جي ملڪيت“ آھي، ۽ ان تي ڪنھن سمجھوتي جو سوال نٿو اڀري. ھاڻي عوامي ليگ جو رويو اسھپ جوڳو ٿي چڪو ھو. ھن جماعت جي اڳواڻن پڌرو ڪيو، تھ ملڪ جو ھاڻي مستقبل ڇا ٿيڻو آھي. ھنن جي مطالبن ۾ تِکائي آئي ۽ ھاڻي اھي کلي عام ”بنگلاديش“ جي آزاديءَ تي ڳالھائڻ لڳا. 3 جنوري 1971ع تي شيخ مجيب الرحمان ڊاڪا ۾ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪيو. جنھن ۾ ھن عوامي ليگ جي سمورن قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن کان وچن ۽ ساک ورتي، تھ اھي صوبائي خودمختياريءَ بابت پارٽيءَ جي پروگرام سان وفادار رھندا. اھي شخص، جيڪي ان کان اڳ سمجھندا ھئا، تھ ھو شيخ مجيب الرحمان کي ڪنھن ٺاھ لاءِ راضي ڪري سگھندا، ان وچن ۽ ساک کڻائڻ کان پوءِ بھ پاڻ کي ڏڍ ڏيندا رھيا، تھ ان ساک وٺڻ مھل گھٽ ۾ گھٽ ڇھن نڪتن تي نھ ڳالھايو ويو ھو.

عوامي ليگ جي مک اڳواڻن ڇھھ نڪاتي پروگرام آڌار ھڪڙو آئيني بِل ٺاھيو. مجيب الرحمان ھڪدم قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ڪوٺائڻ جي گھر ڪئي، تھ جيئن ھو پنھنجو ڇھھ نڪاتي آئين ڏئي سگھي. ھن حڪومت کان اھو بھ مڃايو، تھ قومي اسيمبليءَ جو افتتاحي اجلاس ڊاڪا ۾ ڪوٺايو ويندو. ھن کي سڌ ھئي، تھ ان کان پوءِ اسيمبليءَ جا ايندڙ اجلاس ۽ سندن ھنڌن جي مقرريءَ جو فيصلو، ھن جي پسند مطابق ۽ سندس ھٿ وس ھوندو، ڇوتھ اسپيڪر عوامي ليگ جو ھوندو. ھن کي اھا بھ پڪ ھئي، تھ ھو پنھنجي گھڻائيءَ جي طاقت سان اسيمبليءَ ۾ پنھنجو آئيني بِل منظور ڪرائڻ ۾ سوڀارو ٿي ويندو، ۽ گھرج مھل گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ دھشتگردي ڦھلائي، پنھنجو مقصد ماڻي سگھندو. عوامي ليگ جي صدر، اولھھ پاڪستان جي دؤري کان بھ انڪار ڪيو. ھن ڊاڪا کي پنھنجي سرگرمين جو مرڪز بڻايو ۽ حڪومت ۽ اولھھ پاڪستان جي ٻين اڳواڻن کي مجبور ڪيو، تھ اھي ڊاڪا اچي ساڻس ڳالھيون ڪن، تھ جيئن ھو مٿن دٻاءُ وجھي سگھي.

اوڀر پاڪستان جي عوام بيشڪ عوامي ليگ کي چونڊن ۾ واضح گھڻائيءَ سان سوڀارو ڪيو ھو- پر اصل ۾ سوال اھو آھي تھ: ڇا عوام عوامي ليگ کي انھيءَ لاءِ ووٽ ڏنا ھئا، تھ اھا اوڀر پاڪستان کي الڳ رياست بڻائي يا عوام عوامي ليگ کي انھيءَ ڪري ووٽ ڏنو، تھ ھڪ پاڪستان ۾ رھندي، ھوءَ ڦرلٽ ۽ سندن ڏچن ڏوجھرن جو خاتمو آڻي؟ اھي ٻئي روپ بلڪل پڌرا ۽ ھڪٻئي کان الڳ آھن. اوڀر پاڪستان جي عام ماڻھوءَ جي خواھش ھئي، تھ ان ڪٺور ڦرلٽ جو خاتمو ٿئي، جنھن جو اھي 1947ع کان اڳ ھندن طرفان ۽ پوءِ باقي بچيل ھندن ۽ اولھھ پاڪستان جي سرمايدارن طرفان شڪار ٿيندا پئي رھيا. عام ماڻھو، جنھن پاڪستان لاءِ ھمت سان جنگ وڙھي ۽ ان لاءِ سڀ ڪجھھ سٺو، ان پاڪستان سان ڪڏھن بھ بيوفائي نھ ڪئي ھئي. عوام پاڪستان مان بيزار نھ ٿيو ھو. اھي پنھنجي اقتصادي حالتن کان بيزار ھئا. اوڀر پاڪستان جو عوام عليحدگي نھ، پر پنھنجي اقتصادي مسئلن جو سلجھاءُ چاھي پيو. تنھنڪري عوامي ليگ جا اڳواڻ، چونڊن کان اڳ توڙي چونڊن دؤران ڇھن نڪتن جو پروگرام، ڦرلٽ جي خاتمي واري پروگرام جي روپ ۾ ڏنو، ۽ ڪڏھن بھ ايئن پڌرو ٿيڻ نھ ڏنو، اصل ۾ اھو علحدگي جو پروگرام آھي. حقيقت ۾ ڪيترن قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊيل عوامي ليگ جي ميمبرن کان جڏھن پڇيو ويو، تھ اھي ڇھن نڪتن جي چِٽائي ڪن، تڏھن اھي ڪوبھ جواب نھ ڏئي سگھيا. اھڙيءَ صورت ۾ اوڀر پاڪستان جي غريب پورھيت عوام لاءِ اھو يقين سان چئي سگھجي ٿو، تھ انھن کي ڇھن نڪتن جي اھميت ۽ اصليت جي ڪابھ ڄاڻ ھئي- ھنن لاءِ اھي رڳو ھڪ اھڃاڻ ۽ ھڪ ھنڌ گڏجڻ جا نقطا ھئا.

انھيءَ ۾ ڪو شڪ ٿي نٿو سگھي، تھ عوام جي وڏي اڪثريت عوامي ليگ کي انھيءَ پڪ سان ووٽ ڏنو، تھ ڇھھ نڪتا انھن جي ڦرلٽ جو خاتمو آڻيندا ۽ انھن ذريعي ملڪ کي تباھ نھ ڪيو ويندو. بھرحال، سڀني ھندن ۽ شھري مرڪزن جي نوجوان نسل جا ووٽ، انھيءَ اميد سان عوام ليگ کي مليا، تھ ڇھن نڪتن ذريعي بنگال جي ھڪ الڳ رياست جوڙي ويندي. عوامي ليگ جي طاقت جا ٻھ مختلف جذباتي سرچشما ھئا: جن مان ھڪ ان بھادر بنگالي قيادت کي اڳتي وڌائڻ ٿي گھريو، جيڪا پاڪستان اندر رھي عوام کي مصيبتن کان ڇوٽڪارو ڏياري، ۽ ٻيءَ اھڙي بنگالي قوميت جوڙڻ ٿي گھري، جيڪا پاڪستان کان ڇِني الڳ ڪجي. پويون گروھ جيتوڻيڪ اقليت ۾ ھو، تڏھن بھ پڇاڙيءَ ۾ اھو ئي فيصلائتي طاقت ثابت ٿيو.

چونڊن کان پوءِ عوامي ليگ ھڪ ٻيو ضمني دليل ڏنو، جنھن تي پڻ ويچارڻ ضروري آھي. عوامي ليگ اھو مؤقف رکيو، تھ ڇھن نڪتن تي ”ريفرنڊم“ (عام راءِ) ٿي چڪو آھي، تنھنڪري جيڪڏھن کين رد ڪيو ويو يا ان بابت ڪو سرچاءُ ٿيو، تھ اھو قدم جمھوريت جو انڪار ٿيندو، پوءِ چاھي ڇھن نڪتن جو ڪھڙو بھ اثر ٿئي، ۽ ان جا ڪھڙا بھ نتيجا نڪرن. ڇھھ نڪتا، بھرحال آئيني تجويز ھئا، جن جو اثر رڳو اوڀر پاڪستان تي نھ، پر سڄي پاڪستان جي عوام تي پوڻو ھو- ملڪ جي ٻنھي ڀاڱن کي ھڪ اھڙو آئيني ڍانچو جوڙي نبيرڻو ھو، جنھن ھيٺ پوري پاڪستان جي سڀني ماڻھن کي گڏجي رھڻو ھو- تنھنڪري ائين ھرگز ٿي نٿي سگھيو، تھ ملڪ جو ڪوبھ ھڪ حصو پاڻمرادو پنھنجي مرضي ٻئي تي مڙھي يا ڪوبھ آئيني انتظام پسند ڪري ٻئي حصي کي نقصان رسائي. اھڙن طريقن سان اوڀر پاڪستان جي عليحدگي جو مقصد نھ پئي ملي سگھيو. اھا ڳالھھ سمورن قانونن، عالمي ۽ آئيني انتظامن مطابق سچي ھئي. گڏوگڏ ڪنھن بھ ملڪ جي عوام کي جمھوريت، ڪنھن حڪومتي انداز مطابق، پنھنجي ملڪ جي اختياري دائري ۾ رھي ملي سگھي ٿي ۽ ڪنھن کي اھو حق نٿي ڏئي، تھ ھو ملڪ کان الڳ ٿي وڃي. جمھوريت پنھنجي پاڻ کي تباھيءَ جو ذريعو نٿي بنائي سگھي ۽ دنيا جي ڪنھن بھ حصي ۾ اھا ايئن نھ واپرائي آھي. اھو بھ ياد رکڻ گھرجي، تھ بنگالي مسلمان ورھاڱي وقت، پاڪستان جي ٺھڻ لاءِ وڏي گھڻائيءَ سان مثبت ووٽ ڏنو ھو. ان جي ابتڙ ڇھھ نڪاتي پروگرام جي حق ۾ ڏنل ووٽ کي وڌ ۾ وڌ ھڪ منفي ووٽ سمجھي سگھجي ٿو. سچ پچ تھ ان کان انڪار ڪري نٿو سگھجي، تھ بنگالي مسلمانن جي قربانين کانسواءِ، جن ڪلڪتي، نواکلي ۽ ٻين ھنڌن تي پنھنجو رت ھاريو، پاڪستان وجود ۾ نھ اچي سگھي ھا. اھا ڳالھھ بنھھ پڌري ھئي، ۽ ايئن چوڻ بلڪل غلط ھو، تھ ڇھن نڪتن تي ڪابھ ڳالھھ ٻولھھ نٿي ٿي سگھي، چاھي ان جا ڪھڙا بھ نتيجا نڪرن. جيڪڏھن ڇھن نڪتن تي ڳالھھ ٻولھھ نٿي ٿي سگھي، تھ پوءِ پاڪستان تي بھ ڪا ڳالھھ ٻولھھ نھ ٿي سگھندي.

اوڀر ۽ اولھھ پاڪستان جي ٻن اڪثريتي جماعتن طور، عوامي ليگ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ تي اھا خاص ذميواري مڙھجي ٿي، تھ اھي ڪو عمل جوڳو آئين ۽ سياسي سلجھاءُ ڳولھين. اھڙيءَ طرح ھٿياربند فوجون، جن وٽ حڪومت جون واڳون آھن، ۽ جن تي اقتدار جي منتقليءَ جي جوابداري آھي، پڻ واسطيدار ڌر ھيون. ھاڻوڪي صورتحال جي حقيقتن جي پڻ اھا گھرج ھئي، تھ ٽئي طاقتون پاڻ ۾ ويھي ڪنھن ٺاھ تي پھچن. عوامي ليگ ان ڪؤڙي سچائيءَ کي ھڪدم مڃڻ بجاءِ، اولھھ پاڪستان جي شڪست کاڌل جماعتن جي چرچ تي، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کان بنھھ لنوائڻ ۽ پٺتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي. عوامي ليگ اھو بھ اعلان ڪيو، تھ ملڪ جي اڪثريتي پارٽيءَ طور، رڳو ان کي آئين جوڙڻ ۽ ملڪ تي حڪومت ھلائڻ جو حق ھوندو. پيپلز پارٽي ملڪ جي خاص تاريخي ۽ جاگرافيائي خاصيتن، عوام جي اقتصادي گھرجن کي ذھن ۾ رکندي، اھو مؤقف رکيو، تھ ملڪ جي ٻنھي اڪثريتي پارٽين کي پاڻ ۾ ويھي، ھڪ ”عظيم ٺاھ“ ڪرڻ گھرجي، ۽ پاڪستان ۾ ھڪ نئون نظام آڻڻ گھرجي. جيئن تھ ٻنھي اڪثريتي پارٽين مان ڪنھن بھ ھڪ پارٽيءَ کي قومي اسيمبليءَ ۾ ملڪ جي ٻئي حصي مان ڪابھ نمائندگي نھ آھي، تنھنڪري مٿئين قسم جي ٺاھ ذريعي ٻنھي ڀاڱن وچ ۾ وڌيڪ ويڇي جو امڪان ميساري سگھجي ھا. پاڪستان جي ھاڻوڪين حالتن جي گھرج بھ اھا ئي ھئي ۽ اھڙو ٺاھ، جتي بلڪل جمھوري اصولن مطابق ٿئي ھا، اتي قومي حڪومت ۾ ملڪ جي ٻنھي ڀاڱن جي اڪثريتي پارٽين کي مناسب نمائندگي پڻ ملي سگھي ھا، ۽ انھن جا خيال پڻ ھڪ ٻئي سان ٺھڪي ڦھڪي اچن ھا.

پيپلز پارٽي شروع کان ئي اولھھ پاڪستان ھٿان اوڀر پاڪستان جي ڦرلٽ ۽ اڀرندي ڀاڱي تي الھندي ڀاڱي جي چڙھت جي مخالفت ڪئي آھي ۽ ان ۾ بھ ويساھ نٿي رکي تھ، جيڪڏھن ٻنھي صوبن جي ھاڻوڪي ڪردار کي الٽ ڪيو وڃي، تھ ان سان ملڪي مسئلا سلجھي سگھجن ٿا. پيپلز پارٽي صحيح معنيٰ ۾ وفاق جي حامي آھي، پر شيخ مجيب الرحمان ٻئي ايوان ٺاھڻ جي نظريي کي رد ڪيو ھو ۽ ايئن ڪندي، ھن ھي بھ نھ ڏٺو، تھ دنيا ۾ اھڙو ڪوبھ وفاقي ملڪ موجود نھ آھي، جنھن ۾ ٻھ ايواني پارليامينٽ جوڙي نھ وڃي. پيپلز پارٽي ھي دليل بھ ڏنو، تھ شيخ مجيب جو ڇھھ نڪاتي پروگرام، جنھن جو بنياد عملي طور ٻنھي صوبن جي آزاديءَ تي آھي، دليلن جي ڪسوٽيءَ تي پورو نٿو لھي، ڇوتھ عوامي ليگ ڇھن نڪتن سان گڏ مرڪزي حڪومت تي بھ پنھنجو مڪمل ضابطو جوڙڻ گھريو ٿي ۽ اھڙيءَ طرح اولھھ پاڪستان جي تقدير جي مالڪ بھ پاڻ بنجڻ ٿي گھريو. عوامي ليگ پنھنجي اڪثريت رڳو انھيءَ روپ ۾ مڃائي سگھي ٿي، تھ اھا ھڪ پاڪستان جي سوچ کي مڃي- ڪنھن ڪنفيڊريشن يا ڇھھ نڪاتي پروگرام مطابق ڪنفيڊريشن جي ڪنھن ويجھي نظام جي روپ ۾ اھا اولھھ پاڪستان جي اڪثريتي جماعت کان لنوائي نٿي سگھي، جنھن ۾ لازمي طور ٻنھي حصن کي ھڪ جھڙو ليکڻو ھو. عوامي ليگ جي ڇھھ نڪاتي پروگرام جو تضاد لڪائي سگھڻ جھڙو ئي نھ ھو. اڪثريتي جماعت جي حڪومت رڳو ڪنھن وفاقي نظام تي لاڳو ڪري سگھجي ٿو- پر ڪنفيڊريشن تي ٻڌل ڍانچي تي ان اصول کي لاڳو نٿو ڪري سگھجي. ھڪ وفاقي انتظام تحت اڪثريتي ۽ اقليتي جماعتن جي ڪردار کي بدلائڻ ناممڪن آھي. پاڻ ڇھھ نڪاتي پروگرام تحت ٿيل انتظام ۾ بھ اھو ضروري آھي، تھ مرڪزي حڪومت ۾ ملڪ جي ٻنھي حصن جي اڪثريتي جماعتن کي ڀائيوار بڻايو وڃي. متبادل روپ ۾ شيخ مجيب الرحمان لاءِ لازم ھو، تھ ھو پنھنجي ڇھھ نڪاتي فارمولا ۾ ترميم ۽ ڦيرڦار ڪري ۽ حڪومت ۾ اولھھ پاڪستان جي اڪثريتي جماعت کي حصي ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ کان اڳ پاڪستان لاءِ ھڪ صحيح وفاقي حڪومت جو اصول مڃي.

اسان جا مخالف اھا دعويٰ ڪري، تھ اسان عوامي ليگ کي اڪثريتي جماعت طور ملڪ تي حڪومت ڪرڻ جي حق ڏيڻ کان انڪار پيا ڪيون، ان اٽل سچائيءَ کان انڪار جي ڪوشش ڪئي. مخالفن جي اھا دعويٰ درست نھ ھئي. اڪٿريتي پارٽي جيڪڏھن اھو مڃي، تھ پوري ملڪ لاءِ ساڳئي معيار تي عمل ضروري آھي، تھ پوءِ ان کي ملڪ تي حڪومت جو حق ملي وڃي ٿو، ٻيءَ روپ ۾ جيڪڏھن ھوءَ انھيءَ تي زور ڀري، تھ اولھھ پاڪستان جي اڪثريت جي ڪوشش کي ٿڏي ھوءَ مرڪزي ھڪومت تي پنھنجو مڪمل ضابطور قائم رکي اوڀر پاڪستان کي بلڪل آزادي ملي وڃي، تھ پوءِ اھا پنھنجي اھو حق واپرائي نٿي سگھي. پيپلز پارتي بھ ان ڳالھھ تي زور ڏنو ھو، تھ وفاقي نموني جو آئين جوڙيندي، آئيني انتظامن بابت ملڪ جي سمورن صوبن جي راّ وٺڻ ضروري ٿيندي. گڏوگڏ جيئن تھ پيپلز پارٽي پنجاب ۽ سنڌ جھڙن ٻن اھم صوبن جي نمائندھ آھي، تنھنڪري ضروري ھو تھاھا آئيني مسئلي تي عوامي ليگ سان سرچاءُ ڪري، ٻي طرف ھڪ ٻيو سبب بھ ھو جنھن جي چِٽائي ھڪ اھڙي ڏاڪي تي ناممڪن ھئي، جڏھن تھ سياسي نوع جي ڳالھھ ٻولھھ اڃا ھلندڙ ھئي. اسان جي عوامي ليگ سان مرڪزي حڪومت ۾ شرڪت انھيءَ لاءِ ضروري ھئي، جو جيڪڏھن اسان ايئن نھ ڪيون ھا ۽ مرڪزي انتظاميا کي رڳو عوامي ليگ جي رحم ڪرم تي ڇڏيون ھا، جڏھن تھ اوڀر پاڪستان ۾ بھ ان کي مڪمل اختيار ھجي ھا، تھ پوءِ دنيا جي ڪابھ طاقت شيخ مجيب کي اوڀر پاڪستان جي علحدگيءَ واري آخري قدم کڻڻ کان روڪي نھ سگھي ھا. اولھھ پاڪستان جي شڪست کاڌل جماعتن مان ھڪ جماعت بھ انھيءَ جي اھل نھ ھئي، جو اھا ھي قومي فرض انجام ڏئي ھا. گڏوگڏ اھي ئي جماعتون تھ ھيون، جيڪي عوامي ليگ طرفان ڏنل عھدن جي لالچ ۾ اچي اڳ ۾ ئي عوامي ليگ آڏو ھٿيار ڦٽا ڪري چڪيون ھيون.

آئين متعلق ڳالھيون

شيخ مجيب الرحمان 3 جنوري 1970ع تي پنھنجي مشھور تقرير ڪئي ۽ ان جي ھڪدم پوءِ صدر يحييٰ خان ۽ سندس صلاحڪار شيخ مجيب الرحمان ۽ ٻين عوامي ليگي اڳواڻن سان صلاح مشورن جي مقصد سان ڊاڪا روانا ٿيا- صدر يحييٰ خان سان انھن ملاقاتن جي خاتمي تي شيخ مجيب الرحمان اخبارن کي ٻڌايو، تھ ھن صدر يحييٰ خان کي پنھنجي جماعت جي مؤقف ٻڌائي ڇڏيو آھي. ھو صدر سان ٿيل ڳالھين کان مطمئن آھي، تھ صدر يحييٰ خان بھ شيخ مجيب الرحمان سان پنھنجين ڳالھين کي ٺيڪ ڪوٺيو ۽ اعلان ڪيو تھ، ”شيخ مجيب الرحمان پاڪستان جو ايندڙ نئون وزيراعظم ھوندو.“

ڊاڪا مان واپسيءَ بعد صدر يحييٰ خان ڪجھھ مشيرن سان 17 جنوري 1971ع تي منھنجي اباڻي شھر لاڙڪاڻي پھتو، ۽ اسان کي ڊاڪا ۾ ٿيل ڳالھين بابت ڄاڻ ڏيندي چيائين، تھ ھن شيخ مجيب آڏو ٽي متبادل تجويزون رکيون ھيون: يعني عوامي ليگ ڪنھن جي شرڪست کانسواءِ پنھنجي پاڻ ڪوشش ڪري، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سھڪار ڪري، يا اولھھ پاڪستان جي ننڍين ۽ شڪست کاڌل جماعتن سان سھڪار ڪري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: