سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شان حسين

صفحو :7

مرثيه 4

عزيزو مرهم زخم جگر نه ٿيندو ڪڏهن

28 بند

بيان شهادت

حضرت علي اڪبر ع

(1)

عزيزو مرهمِ زخمِ جگر نه ٿيندو ڪڏهن

ڪنهين کان چارهء داغِ پسر نه ٿيندو ڪڏهن

هي درد اهڙو آجو بي اثر نه ٿيندو ڪڏهن

هزار صبر ڪري ڪوئي پر نه ٿيندو ڪڏهن

 

امامؑ  دين کان چشم و چراغ ٿئي ٿو جدا

جواني علي اڪبرؑ  جو باغ ٿِئي ٿو جدا

(2)

ڪوئي جهانَ ۾ بي نام و بي نشان نه ٿئي

جدا پدر کان ڪو فرزند نوجوان نه ٿئي

جواني ڪنهن جي ادا رڻ ۾ رائگان نه ٿئي

نهال تازه ته پر مردهء خزان نه ٿئي

 

(3)

تَلّف جڏهن ٿي شهِهؑ  خُوش خِصال جي دولت

لُٽي عَدُو وِيا بَدر ڪمال جي دولت

تباه ٿي نبيِؐ ذُوالجلال جي دولت

مِليِ آ خاڪ ۾ زهريٰؑ  جي لال جي دولت

 

نه جان تَنَ ۾ نه بِينائيِ چشمِ تر ۾ رَهِي

نه سا خوشي شهِهؑ  دُنيا و دينءَ جي گهرَ ۾ رَهِي

 

تلف: تباه، ناس، ضايع، گم

چشم تر: ڀنل اک، روئيندڙ اک

(4)

سو لال جنهن جو نه ثاني ٿئي دُرِ شَهوار

وَحيد عصر شَباهت ۾ احمدؐ مختيار

هميشه مثل عليؑ  روزه دار شبُ بيدار

شجاع و متقي و خوش خصال غيرت دار

 

دُعا ۾ پوٽي جي هڪ هڪ هو ماه و سال ڪَٽيو

ثمر جو فصل ٿيو جڏهن، ته نونهال ڪٽيو

 

دُر شهوار: بي بها موتي، قيمتي موتي

وحيد عصر: جنهن جو پنهنجي زماني ۾ ڪو ثاني نه هجي، زماني ۾ يگانو

شباهت: شڪل، مشابهت، روپ، هڪجهڙائي

خوشخصال: سٺي عادتن وارو، وڻندڙ خصلت وارو

(5)

جڏهن ٻَئِي ٿيا عجب وقت ۾ جُدا هو جناب

پدر جو عهدِ ضعيفي پسر جو وقتِ شباب

هي دردِ دل کان هُو زخمي جگر کان ٿيو بيتاب

حسينؑ  تشنئه ديدار پُٽ هو تشنئه آب

 

فلڪ جي دل ۾ تڏهن ڀي نه رحم ڪجهه آيو

مگر هو عرش معظم جو ويو لُڏِي پايو

 

تشنئه ديدار: ڏسڻ (ديدار) جو خواهشمند، مشتاق

تشنئه آب: پاڻي جو پياسو

(6)

مُرقعِ نبويؐ موت اڄ مِٽايو آ

فلڪَ ته خاڪ تي خورشيد کي ڪيرايو آ

چراغُ شاهِهؑ  شهيدان جو پڻ اُجهايو آ

قضا ته خاڪ ۾ دُرِّ نجف ملايو آ

 

قلم عدو ته عَربَ ۽ عَجمَ جو باغ ڪيو

مديني کي ۽ مدائن کي بي چراغ ڪيو

 

مرقع نبوي: نبيءَؐ جي تصوير

مدائن: مديني (شهر) جي جمع مديني جا رهندڙ، عراق عرب جو هڪ شهر جيڪو نوشيروان جو تخت هو.

(7)

سا شمع گُل ٿي جنهين کان ته نام روشن هو

نبيءَؐ جي آل جو گهر صبح و شام روشن هو

دل حسين عليه السلام روشن هو

مدينو ڇا هي زمانو تمام روشن هو

 

نصيب بانوئي بيڪس کي دل جو داغ ٿيو

پُڪاريئين ٿي وسامي سندم چراغ ويو

(8)

چيائين ٿي اُتي اُن دَم بصد بڪاؤ آٰه

اکين جي آڏو سندم آهي سڀ سفيد و سياه

هي ڇا جگر کي ٿيو جنهن کان آهي حال تباه

حسينؑ  آهي ڪٿي ان کي آڻيو هتِ للله

 

وَڃي ٿو هاڻ ته وڍجي اجهو جگر منهنجو

هو سهڻو ڪهڙو نه هي نوجوان پسر منهنجو

(9)

چئو امامؑ  کي مقتل ته ناهي ڪجهه ڀي دُور

پوءِ پٽ کي ڇو نه ٿو ڳولڻ وڃي امامِؑ  غيور

چيو حسينؑ  ته ناهي اکين ۾ منهنجي نور

خدا گواهه آ بانو نه آهي منهنجو قصور

 

جو دل جو حال آئون هِن دم نه ٿو ٻڌائي سگهان

وڃي ٿو پُٽ ٿي جدا اڄ وڌيڪ آئون ڇا چوان

(10)

هليو امام شهيدان تڏهن طرف رڻ جي

اکين مان آب رَوان هو ۽ شُڪر ڪيائين ٿي

ڏٺئين ٿي ڳولي اُتي قتل گاه ۾ پُٽ کي

ڪڏهن فلڪ ڏي نهاريئين ٿي ڪڏهن صحرا ڏي

 

مگر نه آيو نظر شاهؑ  کي علي اڪبر ع

تڏهن پڇڻ لڳو لشڪر کان بادلِ مضط

(11)

خدا جي واسطي مونکي پسر جو ڏَس ڪو ڏيو

هُو نُورچشم سَندو هو ۽ منهنجي گهرَ جو ڏِيو

هو زخمي پياسو پسر هَئي ٻڌايو ڪٿِ آ پيو

جنهين جي لاءِ جو بيتاب اڄ پدر آ ٿيو

 

هي وقت اهڙو آ ڪافر کي ڀي رحم ايندو

حسينؑ  پٽ کانسواءِ جلد ئي مرِي ويندو

(12)

زبانَ سان ٿو گهري پاڻي يا اشاري سان

هو دُور آهي يا نَهرَ جي ڪِناري سان

اُٿي ٿو پاڻهي يا ڪنهن غير جي اِشاري سان

ملايو مونکي سندم نوجوان پياري سان

 

ڪليجو منهنجو ٿو ٻاهر اچي جدائيءَ کان

پسر ملايو کڻي هاڻ جانفدائيءَ سان

(13)

هزار طرح ٿي شههؑ  چو اڳيان ڪمينن جي

مگر ٿِيو ٿي اثر ڪو نه تن جي ڪو دل کي

مدد جي واسطي عباسؑ  کي سَڏيو پڻ پي

ڪڏهن ته سُوئي سما شاههؑ  دينءَ نهاريو ٿي

 

پُڪاريئين ٿي ڪٿي آهين اَي علي اڪبر ع

اَي منهنجا زخمي جگر نوجوان پُٽ بي پر

 

سوءِ سما: آسمان ڏانهن، آسمان طرف

(14)

اُها زمين، اُهو آسمان، اُها دُنيا

اُها فرات، اُهو ساڳيو رڻ، اُها صحرا

اُهو حسين ع، اُهو آهي لشڪر اعدا

مگر نه آهين فقط تون هتي اَي منهنجا ابا

 

نه چَين پَلَ جو به ملندو ابا علي اڪبر ع

وري نه مونکي ڪو ڏِسندو ابا علي اڪبر ع

(15)

سندم غيور، سندم ڪَم سُخن علي اڪبر ع

سندم دلير سندم صف شڪن علي اڪبر ع

سندم غريب سندم بي وطن علي اڪبر ع

اَي نُور چشم اَي نازڪ بدن علي اڪبر ع

 

ڪريان ڇا هاڻ آئون مون کي حياتي ڪانه کپي

اِجهو ٿو تو ڏي هي وڇڙائيو به جلد اچي

 

صف شڪن: صف ٽوڙيندڙ، بهادر، دلير

(16)

جواب ڏي مونکي اَي بي نوا علي اڪبر ع

ڪٿي آهين تون سندم جانفدا علي اڪبر ع

نه آهي هوش مونکي دلربا علي اڪبر ع

پڪاري توکي اَبو ٿو ابا علي اڪبر ع

 

ڪمرِ جو درد علمدارؑ  ويو ڏَئِي هئي هئي

رَهيو سهيو سُک اڄ سڀ اَبا نِيُئِي هئي هئي

 

بي نوا: جنهن وٽ سامان سڙو نه هجي، بيڪس.

(17)

خطاب بي پرديءَ جو نه توکي خوش آيو

تو ماءُ کي به نه سهرو سندءِ ڪو ڏيکاريو

۽ توکي پالي پڦيءَ ڪو به ڪو نه ڦَل پايو

نه پنهنجي پيءُ سان وري تو اَبا ڪو ڳالهايو

 

خدا ملائي اَبا مونکي توسان هڪ وارِي

ٿي آهي مون لَءِ هِيءَ ڄڻ قيام اڄ ڪارِي

(18)

ڪٿي آهين تون اَي دلبر سندم علي اڪبر ع

ڪٿي آهين تون اَي ياوَر سندم علي اڪبر ع

ڪٿي آهين دِل مضطر سندم علي اڪبر ع

مديني جا شهِهؑ  خاور سندم علي اڪبر ع

 

آ دل ۾ درد اَبا ويو جگر به هئي وڍجي

مونکان سَٺي نه ڪا ٿيندي جُدائي هِيءَ تنهنجي

ياوَر: مددگار، حمايتي، دستگير

(19)

تڏهن ٻه نڪتا شقي شوم صفَ منجهان ٻاهر

لوهوءَ ۾ لعل هئا نيزه انهن جا ٻيئي تر

چيئون اسان کان تون پڇ نوجوان جي ته خبرَ

اَسان آ ماريو سندءِ نوجوان علي اڪبر ع

 

هو ڏِس زمينَ تي تنهنجو پيارو پيو آهي

سڄوئي خون ۾ تر تنهنجو پٽ ٿيو آهي

 

شقي: ظالم، بي رحم، سنگدل، نڀاڳو، بدنصيب

شوم: ڪنجوس، بخيل، منحوس

لوهو: خون، رت (مخفف آهي لهو)

(20)

هي ٻڌندي شاهؑ  هليو اُن طرف بَه حالِ تباه

نظرَ ۾ آيو اتي پَٽَ تي پُٽ پيل ناگاه

پوءِ ڏِسندي پِيءُ کي ڀري آهه هينئن چيو ذي جاه

غُلام صدقي کڻي خيمه ۾ هلو يا شاهه ع

 

پڦي ڏسان ۽ سڀن ساڻ ڪجهه ته ڳالهايان

هلي آئون ماءُ کان اڄ کير پنهنجو بخشايان

(21)

چيو امامؑ  کڻي پٽ کي پنهنجي بسم الله

پڦي ۽ ڀينرون ماءُ پڻ ڏسن سندءِ ٿيون راه

پوءِ لاش خيمه ۾ اندر کڻي جو آيو شاه ع

پڪاريو بانوءَ ان دم به زارِي و صد آه

 

فلڪ شگافُ ٿِي، فرياد ڪيو سڀن اُنَ دَم

چيئون ٿي پهچ رسولؐ خدا هتي هنَ دَم

 

فلڪ شگاف: اُڀ ڏاريندڙ

(22)

اسان کي آهي ڏکويو گهڻو ڏُکيَنِ هِنَ پر

اسان جا وارث سڀ ڪِيا اٿن مضطر

اسان جا ننڍڙا ٻچا خون ۾ ڪيائون تر

ٿيو قتل بي رحميءَ ساڻ اڄ علي اڪبر ع

 

مدد تي رَسُ اچي فرياد يا رسولؐ الله

اسان کي ڪن ٿا هي برباد يا رسولؐ الله

(23)

پوءِ پاڻ شاههؑ  کڻي لاشئه علي اڪبر ع

سُمَهاريو مسندِ خير الانام تي دلبر

هي حال ڏسندي رَهي ويهي پاسي ۾ مادر

ٿي پُٽ سان ڳالهيون ڪيائين به حالت مضطر

 

مگر زبانَ کي پُٽَ ڪو نه ڪو ڏنو ٿي جواب

نگاه ياس کڻي آندائين اکين ۾ آب

(24)

نهاري ڪجهه ٿي پڦيءَ کي چيائين پر صد آه

سبب نقاهت جي بس کنيائين هڪڙي نگاه

ڏسي هي حال پوءِ بانوءَ چيو ڪِ يا الله

هي نور چشم وِيو جي ته آهي سڀئي سياه

 

هيءَ گفتگوءِ هئي هلندڙ ته دَمَ ڪيو پرواز

بڪا و آهَ جو خيمه ۾ ٿيو بلند آواز

 

نقاهت: ڪمزوري، ضعف، هيڻائي، ناتواني

(25)

پڪاري زينبؑ  بيڪس چيو علي اڪبرؑ

۽ چنبڙي لاشَ سان هر هر ٿي هينئن چيو مادر

تباه وئين ڪري اڄ منهنجو گهرُ سندم دلبر

ٿي پاش پاش سندم دل ۽ وڍجي ويو آ جگر

 

ابا تو هاڻ اکين سان ڏٺو ٿي مادر کي

انهيءَ گهڙيءَ ۾ ڇڏي وئين هليو تون بي پر کي

(26)

نه مون سان پٽ تو وري آهي ڪو جواب ڪيو

۽ وقتِ مرگ نه مادر سان تو خطاب ڪيو

تو موڙي منهن پنهنجي امان کي آهي خواب ڪيو

جوانَ پُٽَ منهنجو هاڻي جيئڻ عذاب ڪيو

 

سواءِ تنهنجي جدائيءَ ۾ بس ڳري وينديس

ڏکن ۾ ڏکندي آئون آخر ابا مري وينديس

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org