سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شان حسين

صفحو :12

وارثِ تاجِ رسالت توتي صلوات و سلام

مومنن جي لءِ شفاعت توتي صلوات

 

تون امامِؑ  اولين تنهنجو ناهي ڪو امام ع

تون ئي فخرِ هر امامت توتي صلوات و سلام

 

جدا مجد آل پيغمبرؐ امير المومنين ع

صاحبِ شآنِ سَيادت توتي صلوات و سلام

 

تون امام المتقين اَز قاتلانِ مشرڪين

سايعِ ابرِ هدايت توتي صلوات و سلام

 

اَي ڪريم النفس موليٰؑ  اَي حبيب مصطفيٰ ص

اي غربين جي حمايت توتي صلوات و سلام

 

شير دل ناهين رڳو پر آهين شيرن جو به شير

تنهنجو شيوه آ شجاعت توتي صلوات و سلام

 

اَي خليفئه پاڪ پرورو اَي تو دامادِ نبي ص

روزو شب منهنجي عبادت توتي صلوات و سلام

 

”طالب الموليٰ“ مڃي تنهنجي غلام بوتراب

ڪر مٿس هر ڪا عنايت توتي صلوات و سلام

نوحه

هئي معصومؑ  اُڃارا

ننڍڙن زُلفن وارا

هئي معصومؑ  اُڃارا

هئي معصومؑ  اُڃارا

 

زينب تو لءِ روئي پڪاري

اصغرؑ  موٽ خدارا

هئي معصومؑ  اُڃارا

 

راه رضا جا جان فدائي

ننڍڙِي حياتيء وارا

هئي معصومؑ  اُڃارا

 

تو معصومؑ  مٿي ڪِيا ڪوفين

تيرن جا وَسڪارا

هئي معصومؑ  اُڃارا

 

جانب ڪا نه جواني ماڻيئي

منهنجي دل جا سهارا

هئي معصومؑ  اُڃارا

 

توکي سڪينهؑ  ياد ڪري ٿي

جاني جيءَ جا جيارا

هئي معصومؑ  اُڃارا

 

مٺڙا توکي ناحق ماريئون

قلبَ هئنِ ڪي ڪارا

هئي معصومؑ  اُڃارا

 

عابدؑ  ريءَ ٻيو ڪونه رهيو آ

جيڪو ڏيندو سهارا

هئي معصومؑ  اُڃارا

 

ياد پون ٿا هر هر مون کي

تنهنجا عجيب اِشارا

هئي معصومؑ  اُڃارا

 

”طالب“ جا تو لاءِ سدائين

نيڻ وَهن جيئن نارا

هئي معصومؑ  اُڃارا

 

نوحه

در مصائب حضرت امام حسين عليه السلام

 

روئي دُنيا چوي منهنجا پيارا حسين ع

آقا حسينؑ  آقا حسين ع

 

روئي عابدؑ  چوي منهنجا بابا حسين ع

آقا حسينؑ  آقا حسين ع

 

رڻ رَلين جا اَي والي وَلي يا حسين ع

آقا حسينؑ  آقا حسين ع

 

ساٿ روئي چوي شاهه والا حسين ع

آقا حسينؑ  آقا حسين ع

 

فاطمهؑ  جي اکين جا اُجالا حسين ع

آقا حسينؑ  آقا حسين ع

 

مصطفيٰؐ جا اَي نازن نپايا يا حسين ع

آقا حسينؑ  آقا حسين ع

 

ناز پرورَ عليءؑ  جا اُجالا حسين ع

آقا حسينؑ  آقا حسين ع

 

شير عباسؑ  جا ڀائي بالا حسين ع

آقا حسينؑ  آقا حسين ع

 

اڪبرِؑ  نوجوانَ جا آغا حسين ع

آقا حسينؑ  آقا حسين ع

 

آءُ دلدار مَن ڪُنت مولا حسين ع

آقا حسينؑ  آقا حسين ع

 

ساري دنيا جا قبله ۽ ڪعبا حسين ع

آقا حسينؑ  آقا حسين ع

 

خلد ۾ روئي تو لاءِ زهراؑ  حسين ع

آقا حسينؑ  آقا حسين ع

 

بانو بيڪس چوي شاهه والا حسين ع

آقا حسينؑ  آقا حسين ع

 

هاءِ بالي سڪينهؑ  چئي بابا حسين ع

آقا حسينؑ  آقا حسين ع

 

ياد توکي ڪري هاءِ صغراؑ  حسين ع

آقا حسينؑ  آقا حسين ع

 

گهوٽ قاسمؑ  وَني جا اَي چاچا حسين ع

آقا حسينؑ  آقا حسين ع

 

رت روئن ٿا تنهنجا ته ٻچڙا حسين ع

آقا حسينؑ  آقا حسين ع

 

پنهنجي ”طالب“ جا ملجا و ماوا حسين ع

آقا حسينؑ  آقا حسين ع

چوڏهن صديون به هرگز پيدا ڪري نه سگهيون

نالي عليؑ  ته پدمين پر بُوتراب ڪونهي

(طالب الموليٰ)

شان حضرت امام حسين عليه السلام

 

دُنيا ۾ بي مثال شجاعت حسينؑ  جي

ناجي خدا جو سنهن ته جماعت حسينؑ  جي

 

عنوان دين آهه شهادت حسينؑ  جي

قرآن سراپا سمجهه هدايت حسينؑ  جي

 

ڪنهن کان نه مخفي آهه سيادت حسينؑ  جي

حق گوئي، حق پرستي سياست حسينؑ  جي

 

والله خود يزيد بهشتي هجي ها اڄ

جيڪر ڪري ها دل سان اطاعت حسينؑ  جي

 

راهِه هدا انهيءَ کي انهيءَ دم ئي ٿي نصيب

جنهن وقت جنهن قبولي قيادت حسينؑ  جي

 

مولاؑ  ڪري ته طالب مولا وري ڪر

ٻيهر بَه صدق دل سان زيارت حسينؑ  جي

 

اَي عزيزو ڇا ٻڌايان حال شام ڪربلا

سرُ الڳ هو، ڌڙ الڳ ۽ خنجر قاتل الڳ

(طالب الموليٰ)

سلام

 

محبوب حق محمدؐ منور تي سوَ سلام

سردار دو جهان ۽ سرورؑ  تي سوَ سلام

 

اي مومنو! اَوهين سڀ اڄ صدقِ دل سان چئو

شير خدا عليؑ  ولي صفدر تي سوَ سلام

 

مسموم بي قصور گل گلشن نبي ص

مرسل جي پياري مجتبيٰؑ  مطهر تي سوَ سلام

 

مظلوم ڪربلا شهه دُنيا و دِين حسين ع

هئي هاءِ بي وطن ۽ بي سرَ تي سوَ سلام

 

بيمار بي وطن ۽ وِيا جنهن جا سڀ مري

هر هر پڙهو تنهن عابدؑ  مضطر تي سوَ سلام

 

پاڻيءَ جي ڪاڻ ويو وَريو بازُو ڪپائي جو

صد بار چئو عباسؑ  دلاور تي سوَ سلام

 

نور نظر حسينؑ  ۽ هم صورت نبي ص

اُنَ نوجوانَ شهه علي اڪبرؑ  تي سوَ سلام

 

شش ماه جنهن جي گردن ٿي تير سان فگار

تنهن مهه لقا ۽ ننڍڙي بهادر تي سوَ سلام

 

جنهن گهوٽ جي ته هاءِ سڃي سيج رِڻِ رَهي

قاسمؑ  وني حسنؑ  جي دلبر تي سؤ سلام

 

گلزار احمديءَؐ ۾ ٻئي گلَ گلاب جا

حضرت امام باقرؑ  و جعفرؑ  تي سو سلام

 

موسيٰ رضاؑ  و ڪاظمؑ  و تقي ع، نقيؑ  امام ع

هر بار امام عسڪريؑ  گوهر تي سو سلام

 

لک ڀيرا چئجي مومنو بس با حضور دِل

مهديؑ  امام آخر برتر تي سؤ سلام

 

گهرُ ٻار جنهن ڇڏي وڃي آقا تان سرُ ڏِنو

چئو صدق دِل سان خوب جري حرَ تي سو سلام

 

صبح و سما اَي طالب الموليٰ تون پڙهه سدا

تنهن با وفا حسينؑ  جي لشڪر تي سو سلام

 

نوٽ: هي اصل ۾ ”سلام“ ئي آهي پر وڏي پڙ تي ”سو سلام“ جي بدران فاتحا جو لفظ 12 نمبر مصرعه کانسواءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني هئائون. پوءِ اهو دستور بنجي ويو. اڄ به مومنين حضرات هينئن پڙهندا آهن.

 

”محبوب حق محمدؐ منور تي فاتحا

سردار دو جهان ۽ سرور تي فاتحا“

 

خدا جو ٿيو ڪرم هر دم رهون ٿا حق جا طالب

اسين آهيون ئي مولائي ته باطل سان اسان جو ڇا

(طالب الموليٰ)

دعا

بِسم الله الرحمٰن الرحيم

يا الاهي ڪر ڪرم مصطفيٰؐ جي واسطي

بانئي مجلس خوش رهي خيرالنساءِؑ  جي واسطي

 

هرڪنهين مومن جي هر مشڪل کي ڪرم سان سدا

لافتيٰ الا عليؑ  مشڪل ڪشا جي واسطي

 

جي ڏکويل تن جي دلداريءَ جو ٿئي سامان ڪو

عرض ٿئي منظور حسن المجتبيٰ جي واسطي

 

غم و الم ۽ درد دُک ڪر دور داتا سڀ سدا

اُن ذبيح اللهَ شهيد ڪربلا جي واسطي

 

هر طرح هر ڪنهين کي يا مولا شفا ٿئي ڪا نصيب

بي وطن بيمار تن زين العباؑ  جي واسطي

 

همٿ و توفيق هر پير و جوان کي ڪر عطا

مصفيٰؐ جي شڪل اڪبرؑ  با وفا جي واسطي

 

يا الاهي تون محافظ  ڪل معصومنؑ  جو ٿي

تشنه لب شش ماه اصغرؑ  مهه لقا جي واسطي

 

هر ڪنهين جي دل سندا پورا ٿين مطلب چڱا

قاسمؑ  نوشاه حضرت بارضا جي واسطي

 

جي اُڃايل عشق احمدؐ جا انهن جي سار لهه

يا خدا عباسؑ  پنهنجي آشنا جي واسطي

 

آبروئي دو جهان ۽ نيڪ بختي ٿئي نصيب

حضرت تقيؑ  ۽ نقيؑ  با صفا جي واسطي

خوش سدا آل نبيؐ ۽ خوشتر اولاد علي ع

جعفرؑ  و باقرؑ  عليؑ  موسيٰؑ  رضا جي واسطي

 

سي به هردم خوش هجن جي غير حاضر ٿا رهن

عسڪريؑ  عالي نصب تنهن حق نما جي واسطي

 

زائران ڪربلا کي زائريءَ جو ڏي شرف

حضرت ڪاظمؑ سڀن جي دلربا جي واسطي

 

”طالب الموليٰ“ جي دل جا پڻ ٿين مقصد حصول

ان امامؑ آخر زمان مهديؑ هديٰ جي واسطي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org