سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شان حسين

صفحو :10

جان ڏسن تان هٿ ۾ شيشو ۾ رسولؐ رازدان

منهن مبارڪ گود ۾ ۽ آب اکين کان رَوان

(22)

تڏهن ڏسي هن حال جو ٿيو اُم سلمهؓ کي تعجب

چِيائين يا مرسلؑ  مٺا آه و زاري ڇا سبب

۽ ڪَريو معلوم هي جگرِ جفا ترّدد تعب

زلف گرد آلوده آهن آه لب لرزان غضب

 

نور چشم ناز پرور هو ته ڪامل منجهه قرار

بحر بي تابيءَ جو ڇاهي گرد ۾ گيسُوءَ جا وار

(23)

چِيو نبيءَؐ اُن ڏي نهاري ٿورڙي خاموشي ڪر

هِي اسان جي هٿ ۾ سو وهلو وٺي رک پنهنجي گهر

تان ڪريون مذڪور آن سان جيڪي گذريو سر بسر

هي اسان جو هُئي قراريو لاڏلو پيارو پسر

 

تنهن جو اڄ مظهور مون سان مرسلن ماتم ڪيو

راز رب العالمين جبرئيلؑ  شامل حال هو

(24)

مُنهن چِمي محبوب جو چيئون نير نيڻن واهي نار

لاَ يُضِيحُ الله اءَ جرَ المحسنين اَي من قرار

ماريه ميدان ۾ تون هڪڙو هو هوندا هزار

تشنه لب دريا ڪناري سرَ ڪندي جڏهن ڌڙکئون ڌار

 

تون سوا صبر و شڪر جي ٻي نه ڪا ئي ڪار ڪج

مرد ٿي ميدانَ ۾ سڀئي بلائون سرِ سهج

(25)

ناز پرور نانيِؐ جا اَي جيءَ جگر جاني حسين ع

مرسلن ماتم ڪري ڪَئِي تُنهنجي مهماني حسين ع

تِنهنجي غم کئون عرش ڪرسي آه ارماني حسين ع

اي ذبيح الله اسماعيلؑ  جا ثاني حسين ع

 

مرد ٿي محلات ڀڃ هي تنهنجي سر سڀ بار آه

ڪربلا نانئي نه بابئي ريءَ خُدا ڪو يار ناه

(26)

ام سلمهؓ هاءِ جڏهن هي ڳالهه مرسل کئون سُئي

بيبيؓ اُت بيتاب ٿي هَئي هَئي ڪري هٿ سرِ هڻي

ڇا نبيؐ خيرالوريٰ هي جا وائي آن کي وڻي

۽ انهيءَ ارشاد کئون بچڙي کي شل رکندو ڌڻي

 

هن مِٺي جون منَ مرادون شال ڏيکاري الله

هي سلامت هُئي سدا هن تان ڪريان آئون صدقو ساه

(27)

ابتدا تا انتها هئي هئي جَنِيجو ههڙو حال

بعد ناني بابي کان اُن تي جيڻ آيو جنجال

تان ڪ ڏُکَ سُکَ ۾ گذاري ٿيو عُمِرِ پنجاه سال

جسم جمعيت ڪين هئي ۽ ساه ساري ٿو وصال

 

جيڪا سر گذري سا گذري لعل کي ليل و نهار

ناني بابي ۽ ادي جي ساه کي هر وقت سار

(28)

جامع المتفرقين الفاظ پڙهندي ڏينهن رات

تان اچي ڪئي اوچتي ڪا قاصدن ڪوفي جي بات

چِيائون يا ابن الامامؑ  آهي اوهان جي تن کي تات

آءُ اسين بيعت ڪريون يا سيدا اعليٰ صفات

 

مهربانيءَ جو مجاهد ڪو ڪرم ان تي ڪريو

جيڪڏهن ڪوفي طرف اقدام عاليءَ کي ڌريو

(29)

تڏهن مڃي ميرل ٿي هينئن فرمائيو ڪ اَي منهنجا رب

ٿيو اسانکي حال حاصل دير سو ڪهڙو سبب

پنهنجا نيندس پاڻ سان خوردو ڪبائر ساري سڀ

جن کي از روزِ ازل هوندو سعادت جو سبب

 

سي سڀئي مون ساڻ هلندا شام شهزادا سوار

توڻي پنڌ پيادو ڪَٽيندا ڪِينَ مُڙندا منهنجا يار

(30)

هينئن چئي اسباب آڻايئون سفر جو ساز ٿيو

از زمين و آسمان کان الوداع آواز ٿيو

چَئي چڙهيا نصر مّن الله اڄ رباني راز ٿيو

هِينئن قلمَ چو ٿي قضا کي هي نسورو ناز ٿيو

 

هيءَ حقيقت ڇا لکان اَي آسمان انڌار آه

هي شهيدِ ڪربلا ڄاڻي جَنهين تي بار آه

(31)

ڇا لکان تيغ و تبر ۽ ڇا هنن ڇاتي چوان

هي حياتيءَ ۾ هميشه صرف صفاتي چوان

ڪُلُّ شَيِءِ يَرجعُون هي ذات ۾ ذاتي چوان

يا ”امين محمد“ اِيهي ئي سِر سما واتي چوان

 

هي مدد منهنجي ڪندا دو جڳ ۾ ۽ دنياؤ دين

ڪر صبر سر ڄاڻ اِن الله مَع الصابرين

(32)

هادئِ هر دو جهانِ رهبر راهِ حسين ع

آسمانِ عزّ و عظمت جا مهر ماه حسين ع

ٿو ڪريان هن حال جِي آن ساڻ آگاهي حسين ع

ڏي مداحيءَ کي مراتب يا شهنشاهِ حسين ع

 

داد ڏي دارين جو يا وارثِ والا وَلي

توتي هوي سرِّ خفيُّ مالڪِ مُلڪ جلي

مرثيه 7

هئي جنهن جو اڃ کان مري شير خوار هئي هئي

33 بند

شاعر

حضرت مخدوم غلام محمد

(گل سائين) رحمت الله عليه

متخلص. مغموم

(1)

هئي جنهن جو اُڃ کان مري شير خوار هئي هئي هئي

ڇا اُن جي دل ۾ رهي انتظار هئي هئي هئي

نه ڪنهن جو شال مري ننڍڙو ٻار هئي هئي هئي

جيئن ماريو اصغرؑ  سان تير بار هئي هئي هئي

 

ٻڌو اَي يارو اوهين هي بيان غمِ اندوز

جو هنَ بيان کان مَلڪَ اَشڪبار هئي هئي هئي

(2)

ڪري ٿو راوي روايت بَه اَشڪ و آه تمام

جڏهن عزيز ۽ انصار شاهِه دينءَ جا تمام

قريب عصر جي سڀ ڪربلا ۾ ٿيا قتلعام

امام عصر هو تنها قريب لشڪرِ شام

 

۽ همشبيهِه رسولِؐ زمن جي لاشي تي

پڙهيو هو نوحه رُنائين ٿي زار هئي هئي هئي

(3)

چيائين ختمِ رُسلَ ماريو اڪبرِؑ  ذيجاه

اَي نانا نيزه تي سر سوار قاسمِ نَوشاه

اَي نانا ختمِ رُسلَ سارو گهر ٿيو منهنجو تباه

اَي نانا ختمِ رسولان حسينؑ  ٿيو تنها

 

۽ منهنجو قوتِ بازو فرات جي ڀَرِ تي

نبيءَؐ نواسي تان تنهنجي نثار هئي هئي هئي

(4)

اَڃان هو لاشي سان لَپٽيو پيو حضرت شبير ع

ندا ڪئي بي بي صاحب ڪ يا شهِه دلگير

روان ٿيو سُوئي عدم تنهنجو اصغرؑ  بي شير

ٿيو ضعف تارِي اکيون بند حالتِ تغيير

 

اچو اَي ابن عليؑ  شاهه دين شههؑ  لولاڪ

ٿيو اُنڃَ کان گلشنِ زهراؑ  نزار هئي هئي هئي

(5)

جڏهن نِدا ٻُڌي خواهر جي قاسمِؑ  ڪوثر

تڏهن وداع ڪري لاشي کان شاهه جن و بشر

ٿيو قتگله کان روانو به خيمئه اطهر

اچي ڏسي ته حرم مصطفيٰؐ جا در محشر

 

ڪا بي بيؑ  سر تي وجهي خاڪ ڪا گريبان چاڪ

ڪا بي بيؑ  ڏک ۾ ڏٺئين بيقرار هئي هئي هئي

(6)

جڏهن حرمؑ  جو ڏٺو حال هي امام حسين ع

چيائون ڇو ٿا ڪريو هن طرح سان شوروشين

چو بي بي صاحب يا شاههؑ  منهنجو نورالعين

ٿيو آهه تشنه لبيءَ کان بحالت بي چين

جي هن کي پاڻي نه ملندو ته ڪا گهڙي مهمان

اَٿوَ هي منهنجو گل اندام بار هئي هئي هئي

(7)

ڏسي هي حال چيو شاههؑ  بي بي بانوءَ کي

اي بي بيؑ  ڏي کڻي اصغرؑ  وڃان آئون اعدا ڏي

پياري مانَ ڏين پاڻي منهنجي شيدا کي

جي اعدا پاڻي نه پياريو عليؑ  جي ريحان کي

 

آئون واري آڻيان هي معصوم اصغرؑ  بي شير

اُنڃون فرات تان از ستمگار هئي هئي هئي

(8)

ٻڌي هي روئندي وَئي بي بيؑ  صاحب مضطر

۽ هَنجهه ۾ پيءُ جي ڏِنئين آڻي شاهه جو دلبر

جڏهن ڏٺو شهِه بيڪس اُنڃون علي اصغر ع

ضعيف تشنه لبي کان هو ثانيء حيدر

 

پيو شور شاههؑ  دو عالم جي دل ۾ ماتم جو

پسر ڏِسِي ٿي چَيئين بار بار هئي هئي هئي

(9)

ز چند روز جو ممڪن نه پاڻي ٿيو پَهيم

ٿيا لعل لبَ ٻئي شش ماه جا مثل نيلم

ڏٺو جو خشڪ دهن شههؑ  بديدهء پر نم

روان ٿيو آب ز چشمِ حسينؑ  با صد غم

 

ويو قتلگه ڏي کڻي پنهنجي ماه تابان کي

شهيد ظلم عدو بد شعار هَئي هَئي هَئي

(10)

جڏهن ٿيو زيب دهِ دشت ڪربلا آقا

۽ بيٺو سامُهون اعدا جي باتَنِ تنها

نِگاه گاهِ فلڪ گاه جانبِ دريا

ٿي دل ۾ چِيائين گهُران آب اَز ستم آرا

 

نه ڪا ئي حُجت باقي رهي بَه طرف عدو

سڀئي ڪِيئون ختم شههؑ  ذوالفقار هئي هئي هئي

(11)

هي دل ۾ فڪر ڪري طفل کي هٿن تي کنيو

جي سامُهون هُئا عدو تن امامؑ  زاده ڏٺو

چَيو امامؑ  لکي خطَ اوهان مون کي آندو

اچڻ جي بعد ستائڻ جو ڪيو اوهان سعيو

 

لبِ فرات بَه ظلم و ستم اَي دشمنِ دين

رهڻ ڏنو نه به عيش و قرار هئي هئي هئي

(12)

اَي شاميو اَي لعينو نه ڪينئن ٿِئي حيرت

ڪئي عداوت مون سان اوهان عوض دعوت

اوهان کي مرسلؐ مدنيءَ اها ڪئي پارت

ڪرڻ نه آلؐ کي منهنجي ڏجو اوهين راحت

 

پياسا قتل ڪجو نهر تي نبيؐ زادا

۽ وڍجو جگر رسولؐ ڪبار هئي هئي هئي

(13)

اَوهين اَي بانئي بيداد سڀ آهيو سيراب

۽ منهنجا تشنه دهن مثل ماهي بي آب

پياسا رهن ٿا گرميءَ ۾ حرمؑ  خوش القاب

شهيد منهنجا ٿيا در قتل گاه سڀ احباب

 

اوهان قبول ڪِيو دوزخ اي فرقئه ناري

ڪُٺَوَ رسولؐ جا خويش و ڪبار هئي هئي هئي

(14)

جي اَئين ٿا سمجهو گنهگار حضرت شبير ع

ته هن صغير ڪئي ڪا نه اَهنجي ڪا تقصير

پياسو آهي هي ڏينهن کان منهنجو طفل صغير

ڪئي ابنِ شاه عرب ڪوفين سان هي تقرير

 

ڪِين هن کي پاڻي پياريو اَي دشمنِ يزدان

بغير آب نه بچندو هي ٻار هئي هئي هئي

(15)

اُتي جو حاضر هو حرملو لعين بي پير

هَنيو شقيءَ شهِه شُهدا جي شمس کي هڪ تير

ٿيو زخمي تير سان شاهِ هُدا جو ماه منير

نگاه سُوئ فلڪ ڪئي تڏهن شهِه دلگير

 

چيائين بارِ خدا يا هي ظلم ۽ ايذاءِ

ڪيائون بر شهِه دُلدل سوار هئي هئي هئي

(16)

جو منهنجي مخزن جوهر ۾ هو گُهَر بهتر

۽ هاڻ سلڪ شهيدان ۾ ٿيو سندم گوهر

عزيز اُن کي هُئي رکندي بِحد دلِ مضطر

سو منهنجو فديئه قيوم ٿيو فدا آخر

 

۽ هاڻ ٿيو تن تنها نبيءَؐ جو نورالعين

پسر وصئ شهه ذِي وقار هئي هئي هئي

(17)

امام هيئنؑ  چئي معصومؑ  جي ٿيو منهن کي چمڻ

۽ صدمي کان ٿيو شهه غمگسار زار روئڻ

روئڻ کان شاههؑ  جي ٿيو آسمان سڄو لرزڻ

۽ شاههؑ  گردن معصومؑ  مان ٿيو تير ڪڍڻ

 

ڪڍڻ سان تير جي فوارو خون جو ٿيو رَوان

۽ تڙڦيو جگر شهه نامدار هئي هئي هئي

(18)

اگر چه محبت دلبند سان هئي آقا جي

ڏٺئين ٿي صورت هر بار شاهه شهدا جي

ٿي غير حالت نوبادهء شهنشاه جي

لٿي پياس شهِه هل اتيٰ جي شيدا جي

 

۽ ڏسندي سُوئي پدر ويو مري علي اصغر ع

پيو غم شاه ذوالاقتدار هئي هئي هئي

(19)

ڏٺو امامؑ  جو خون روان علي اصغر ع

۽ اُڇليو طرف سَماجي نبيءَؐ جو نور بصر

نِيو اُو خون فرشتن بَحالت مضطر

ندا سَما کان ٿِي اَي دلبرِ شهِه خيبر

 

جي اُڇليئي خون پسر جو نه وَسندو مينهن ڪڏهن

نه آسمانَ تي ٿِئي اَبر سوار هئي هئي هئي

(20)

۽ دل ۾ قصد ڪيو شاهه بيڪس و ياور

ڇڏيو زمين تي اُو خون بندهء داور

ندا زمين کان آئي اَي سبط پيغمبر ص

جي هڪڙو قطره ڇڏيئي مون تي اَي شهِه صفدر

 

نه هڪڙو داڻو به روئيده ٿيندو تا بَه قيام

نه ايندو ڪوئي شَجر دَر بهار هئي هئي هئي

(21)

اَي مؤمنو ٿيو جڏهن شاهه بيڪس و تنها

ٿيو دل ۾ فڪر عجب اُن کي هاءِ واويلا

ڏسو ته رنج ڏٺا ڪهڙا ثانئي موسيٰ ع

پسر جي خون کي تڏهن ڪيئن ڪري شهِه بطحيٰ

 

مَليائين رِيش مقدس کي خون دلبر جو

رکيائين صبر جو سِرِ پنهنجي بار هئي هئي هئي

(22)

رهيو جو باقي پسر صاحبهؑ  جي هٿ ۾ خون

سو لاتئين اصغرؑ  مهروءَ کي بادل محزون

ٿيو پيدا وارثِ مُرسل تي درد جو مضمون

هَليو خيام ڏي ميدان کان تان ڪريان مدفون

 

جڏهن خيام جي نزديڪ آيو شاهِؑ  اُمم

ٻڌايئين بانوئ بيڪس جا پار هَئي هَئي هَئي

(23)

پسر جو لاشو کڻي آيو خيمه ۾ سرور ع

چيائون بي بيءَ ناشاد کي اَي دل مضطر

ٿي آيو آب کان سيراب تنهنجو رَشڪِ قمر

پياسو ٿيندو نه ڪڏهن آب جو هي نورِ نظر

 

ڪيائون خون ۾ تر مرتضيٰؑ  جي پوٽي کي

رنجايئون روحِ نبيؑ  در مزار هئي هئي هئي

(24)

پسر جي لاش امامِ سعيد کان مادر

وٺي هٿن تي مِلائِي بَه سينئه اطهر

ڏٺئين جا تير سان زخمي هئي گردنِ انور

مليائين چهره کي اصغرؑ  جي صورت پيڪر

 

چيائين شام جي طوفان باغ مرسل جو

مِلايو خون ۾ بي اضطرار هئي هئي هئي

(25)

ٿي پارَ پُٽ لَءِ ڪڍيئين ۽ وِڍيئن ٿي سر تي خاڪ

ڪَريو مديني ڏي منهن چِيئين ٿي يا شهه لولاڪ

پسر کي ماري ڀريئون رت ۾ شاههؑ  جي پوشاڪ

لٽيائون دَشتِ بلا ۾ سڀئي سنديم املاڪ

 

آئون آهيان داد جي خواهان يا رسول الله ص

ڪٺائون منهنجا ٻَئي من قرار هئي هئي هئي

(26)

وري چِيئين اَي علي اصغرؑ  نه هو مونکي معلوم

ڪِ آهين طالبِ ميدان ۾ شهادت معصوم ع

به مثل اڪبرؑ  ذيشان فدا شهه مظلوم

ستم جو تير لنگهي پار ٿيندو از حلقوم

 

جو تير تنهنجي گلي مان گذر ٿيو اَي بابا

سو تير منهنجي به سيني مان پار هئي هئي هئي

(27)

اي منهنجا يوسِف زهريٰؑ  مديني ۾ صغريٰ ع

سُکا هُئِي تو لَءِ ڪئي بر لحد رسول خدا ص

جڏهن هي مڪتب وِهندو اَي بابا خَيرن سا

آئون نذر روضي اڳيان ڏيئي چوندي صل علا

 

سا تُنهنجي خواهر صغريٰ اي اصغرِؑ  ناشاد

زفرقتِ تو شده انتظار هئي هئي هئي

سان جو مخفف: سا

(28)

اَي منهنجا اصغرؑ  گلفام هن ستم جي خبر

وطن ۾ خواهر صغراؑ  ٻڌي ڪندي محشر

۽ منهن نجف ڏي ڪري چوندي يا علي حيدر ع

ڪٺائون منهنجا عزيز ۽ قريب تشنه جگر

 

ڦريائون خامسِ آل عبا لٽيائون خيام

ڪِيئون سِرُ امامؑ  جو نيزه سوار هئي هئي هئي

(29)

هينئن چئي بڪا ۾ پَئي بانو شاه جگر افگار

۽ روئي روئي ٿي فرمايو سيدِ ابرار

سواءِ صبر جي ڪو چارو ناهي اَي ناچار

ٿا رزمگه ۾ مبارز جي طلب ڪن ڪفار

 

اگرچ ڪمسنِ آهي مدد ۾ ڪيئين نه ڪمي

هي آهي منهنجو وفادار يار هئي هئي هئي

(30)

ڪري نصيحت حرمنؑ  کي لاشئه اصغر ع

کنيو امامؑ  ته خيمي ۾ ٿيو بپا محشر

وري دوباره نصيحت ڪئي ابن خيرؑ  بشر

۽ ٿيو روانو طرف رڻ جي سرورؑ  صفدر

 

جڏهن قريب ٿيو احمدؐ نما جي لاشي کي

ٿي سر تي خاڪ وڌئين بار بار هئي هئي هئي

(31)

پوءِ منهن پسر ڏي ڪري چيائين اَي علي اڪبر ع

ڦريائون دشتِ جفا ۾ وري مونکي ٻيهر

کڻان ٿو اصغرؑ  مهروءَ جي تنهنجي ڀر ۾ قبر

پوءِ کوٽي قبر رکي لاش سيدِ سرور ع

 

چَيئين اَي ارضِ مطهر امانتِ شبير ع

رکج نگاه ۾ با اشڪبار هئي هئي هئي

(32)

پڙهو صلوات شهه انبياءَ تي اَي يارو

۽ بعد اُن جي شه اوصياء تي اَي يارو

حسنؑ  امام شهه مجتبيٰ تي اَي يارو

حسينؑ  خامسِ آل عبا تي اَي يارو

 

به اُنجي آل ۽ احبا تي چئو درود و سلام

ڪُٺا جي دشت وغا ۾ ڪُفار هئي هئي هئي

(33)

نه مون ۾ تاب نه طاقت بيان اهل ستم

جي ظلم فوجِ عُمر ڪِيا بَه سيد الاڪرام

ڪَيئون شهيد يد الله جا پسر پيهم

اسير ڪيائون امامؑ  امم جا اهليحرم ع

 

۽ هاڻ ماٺ سوا چارو ناهي اَي ”مغموم“

وَهاءِ شاهه لَءِ نيڻن مان نار هئي هئي هئي

 

تحرير شريف

حضرت مخدوم غلام محمد ”گل سائين“ رح

(سه حرفي) شان حضرت علي المرتضيٰ عليه السلام

حضرت مخدوم غلام محمد ”گل سائين“ مغموم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org