سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ڀونر ڀوري آڪاس

صفحو :4

ڳوڙھا ڳاڙ نھ سنڌڙي، وري ورندو واءُ،

ڄرڪن پيون ڄندڙيون، تن مان آھي تاءُ،

لونءَ لونءَ منجھھ لڳاءُ، سڀ کي آ ساڻيھھ جو.

کؤنسي پئي کل، ڳوڙھن ڳانڍڙ چپ سان،

ظالم متان ذل، ٻارڻ نھ ٻاري وجھي.

ڪيسين آخر ڪوس، ڏوران ڏسجي ڏيھھ جو؟

سڄڻ اسان سوس، پليو تنھنجي پيار جو.

آھي اڄ اڻاٺ، پرينءَ پانڌيئڙن جي،

جاڏي تاڏي جبر جي، ڏڪي پئي ڏاٺ،

ڪوڙ بڻايا ڪاٺ، سوريءَ سري سچ جي.

ٽڪرن مٿان ٽاڪ، آھي سفر سچ جو،

سدا جوکو جيءَ جو، نھ ڪي ھوند نھ ھاڪ،

چڱا سي چالاڪ، جن سانڍيو ڪوڙ قلوب ۾.

واسينگن جي واٽ، آھي سفر سچ جو،

ڪيئي ٿيا ڪاٽ، ھلندي حبيبن ڏي.

سوچيو اٿم سؤ دفعا، ٿيان ٿائينڪو،

اورانگھيان نھ عام کي، لنگھان نھ ليڪو،

ڇاکان ھي ٺيڪو، کنيو ڏات ڏکن جو!

پري منھنجو پنڌ، رڻ ۾ منھنجون راتڙيون،

ساٿي تو سوڳنڌ، موٽي وڃ وچ واٽ تان.

اکين مان آھون، نڪتيون نھوڙين جون،

درديليون دانھون، مليل ھيون ماٺ ۾.

پرينءَ سندي پيچري، لکن کنئين لاٽ،

ڪيئي ڳچيون ڳاٽ، اوندھھ ويڙھيا واٽ تي.

چانڊوڪي ۽ چاھھ، منزل ماڻھوئـڙن جي،

اونده ۽ اوڙاھھ، ويڙھي ويو وچ واٽ تي.

پھچي ويو پانڌي، ڏيئڙو کڻي ڏاھھ جو،

اوندھھ ۽ آنڌي، رھيون تڪينديون تنھن کي.

جئن جبلن تي جھڙ، تئن تو محبت من ۾،

اصل ڪونھ اکڙ، اکر تان اصول جي.

ٽانڊن تي ٽليا، پانڌي تنھنجي پريت جا،

وچڙيا ھر ڪنھن وڄ سان، کنوڻين تي کليا،

توسان نيٺ مليا، سٽون ڏئي ساھھ جون.

سھسين سورج چمڪيا، ڪيا چنڊ چٽاءَ،

ماڻھوئـڙن مٿاءَ، اڃا اوندھھ نھ لٿي.

سيبايم نھ ساھھ کي، کھنبو کـٿوري،

ڏولاوا، ڏوري، چونڊي وتم چاھھ مان.

اوندھھ تي اولا پيا، لڇندي رات لـڙي،

ساھھ نھوڙيو سوچ ۾، تارن ننڊ تـڙي،

جنھن ۾ اک اڙي، سامھون آ سو سوجھرو.

سانڍيا منھنجي ساھھ، ڏکـڙا ساري ڏيھھ جا،

عالم، تنھنجي آھھ، لڇندي منھنجي لات ۾.

جي ماريءَ جي مام تي، ويا سي نھ وريا:

چوڳي لاءِ چريا، قبولين ٿو قيد کي!

پني پئي واٽ تي، ڪالھھ ڇِني ڇوري،

لڳل ھئي لوري، پل پل تنھن کي پيٽ جي.

نـڙي نياڻيءَ کي پئي، روٽيءَ لاءِ رڙي،

تـڙيءَ تي تـڙي، ھوند ڏني اڻ ھوند کي.

اٿ اٿ تندون ٽوڙ، سيني منجھان ساز جون،

راحت آ رت ڇاڻ ۾، ويٺو خون ولوڙ،

ڌڙ ڳولي لھھ ڌوڙ مان، جن تي جڳ کي جوڙ،

ماڻھو مورک موڙ، پٺ تي واڳ ورھين جي.

لڳي سڄڻ سنگ، ڇڏي ساري ساٿ کي،

پرينءَ جا پتنگ، سڙندا رھيا سانت ۾.

آڌيءَ رات اساٽ، سرتيون مون کي سونھن جي،

تارونءَ پھتي تِک سان، لونءَ لونءَ اڀري لاٽ،

ٻنڀي نڪتي ٻاٽ، سپ سپ آندو سوجھرو.

پيئان سا پرڀات، جنھن ۾ آس اساٽ جي،

لوچي ڪائي لات، ڏيان ساري ڏيھھ کي.

اٿي اوت سڃاڻ، پيئان جيئن پرڀات جو،

آءُ، انھيءَ کي آڻ، جنھن ۾ آس اساٽ جي.

پياليءَ پياليءَ پيٽِ، جنھن ۾ آس اساٽ جي،

آءُ، مدايون ميٽِ، ڳائي منھنجون ڳائڻا.

وري ڪنھن جي وک، کڄي پئي کيپ ۾،

آيو چوڏھينءَ چنڊ تان، ڏوران ڏئي ڏک،

تارونءَ وڌي تِک، مون وٽ پھتو مون پرين.

آءٌ اھو انسان، جنھن لڌي سان لائون لڌيون،

ڌرتي، تنھنجو ڌيان، رھيم پوءِ ڀي روح ۾.

تاڻيان ٿو مان تند، ماڻيان ٿو سک ساز جا،

آڻيان ٿو آنند، ڏکڙن ڏڌي ڏيھھ ۾.

آھيان تنھنجي امن جو، راڳي ويراڳي،

جاڳائي جاڳي، جڳ ۾ تنھنجي جوت مون.

 

دوھا

 

آھي تنھنجيءَ ياد جي، ايئن گذريءَ ۾ گونج،

آکيري مان جيئن وڃي، اڏري ڪائي ڪونج.

نيڻن مان جو نئن ڇلي، ڪک پن ٿي ويا رنج،

نڪتيون تنھنجون ڳالھڙيون، جئن پاڻيءَ تي ھنج.

ان کي تنھنجيءَ پريت جي، پڃڙي جي آ ھير،

من جي مئنا ٿي اچي، اڏري سانجھھ سوير.

بک تي نڪتي باک ۽، ڏک ۾ گذريو ڏينھن،

ڇڏ ھي سک جون ڳالھڙيون، پنھنجو ڪھڙو نينھن!

پھتو من ۾ پار کان، جيئن ڇوليءَ جو ڇوھھ،

ويجھي آئي جو ڪنڌي، ماٺو ٿي ويو موھھ.

ھي ڌرتيءَ جي ڌرتتي، تتو ھانءُ ھي ھاءِ!

ڪنھن جي چڳ جي ڇانو ۾، ويھي رھھ پل لاءِ.

پڇو پيون ڇا پاڙي واريون، ڀلا اسان جي بات،

چڙي ويو آ چنڊ اسان سان، رسي وئي آ رات.

پري ھلي ڪجھھ پريت ورھايون، جيءُ لڳايون جھٽ،

ھلو تھ سائين ڪنھن ڪڪريءَ تي، کڻي ھلون ھيءَ کٽ.

سڄڻ نھ آيو ساوڻ آيو، مٺو اسان کي مينھن،

بادل برسيا نيڻ نھ ترسيا، نار وھايا نينھن.

ڦري گھري ھن ڦلواڙيءَ ۾، جڏھن بھ کڻندينءَ نيڻ،

پن پن ڏيندءَ پيار اسان جا، وڻ وڻ ڏيندءِ ويڻ.

مٺڙا مٺڙا ماڻھو، تن جا پيارا پيارا نانو،

آيا، ڇايا منھنجي من تي، جيئن ڪڪريءَ جي ڇانو.

بسنت رت جي باک ڦٽي آ، ڏکيو لڳي ھي ڏينھن،

پريت پراڻيءَ ليءِ ڇو روئون، نئون ڪيون ڪو نينھن.

ڪير نبيري جڳ جا جھڳڙا، تون بھ ٿيو آن تنگ،

ھل تھ ”اياز“ ھلون اڄ نڪري، ڪنھن سھڻيءَ جي سنگ.

اڙي اسانکي وجھي وڇوڙو، گھڙيءَ گھڙيءَ ۾ گھاءُ،

ڪڏھن اسان وٽ آءُ، الا تون کلي اسان سان کاءُ.

ڏٺا ڏٺا ڪنھن، ڏٺا ڏٺا ڪنھن، مٺا مٺا ھو چپ،

ڪڇي ھڻي ويا ڪپ اسان کي، ڪڇي ھڻي ويا ڪپ.

ڳڙيا ڳلن تي ھن جي ڳوڙھا، ڪري ڪجل جي ڌار،

گھاو ڪري وئي اھڙا گھرا، ڪٽجي ڪيئن ڪٽار.

اڏري آئي انھن تي اک اک، نظر نظر آ جھار،

چپ پرينءَ جا اھڙا، جھڙي ڪچي ڪچي ڪچنار.

جھونجھڪڙي ۾ جر جھڙي، جنھن سرھي سرھي روءِ،

پرين اسان جو جنھن جي تن ۾ ڪوريءَ ڪنگريءَ بوءِ.

مکڙيءَ مکڙيءَ جي مک تان، بس چميون وتيون سي چار،

پرين، اسان جو آھي سڀ سان، پوپٽ وارو پيار.

ھو روھڙيءَ ۾ روح رھاڻيون، ھو راتيون ھوءَ ريت،

چڀي پئي اڄ تائين مون کي، ڇاتيءَ ۾ ڪا ڇيت.

ٺٽي نگر جي رات اسان کان وسري ناھي يار،

ڪيئن مڪليءَ جي ماٺ مٿان ٿي چنڊ ڦريو چوڌار!

گھاٽ گھاٽ ٿو توکي ساري، سکر نھ ايندين يار!

ڪڏھن پتڻ تي پريت ڪنداسي، ڪڏھن نديءَ جي پار.

لڳي نھ توکي لوءَ مسافر، لانڍيءَ ۾ ڪجھھ ليٽ،

تپي وڃي ٿو ٻاھر تن من، چڀي پيو اڄ چيٽ.

تو سان پريت لڳائي جڳ کان جدا ٿيو ائين من،

وڇڙي ويو ڄڻ واچوڙي ۾، ڇڻي پپل مان پن.

چوڏھينءَ جي چانڊوڪي آھي، پرين بھ آھي پاس،

توکي ڇا ٿيو آ منھنجا من، تون ڇو آنھھ اداس!

رت بدلي آ، رات ڀني آ، پريت ڪيو ڪجھھ پريت!

نانھھ رسڻ جي ريت روا اڄ، نانھھ رسڻ جي ريت.

سک جا سپنا ڪيئي، جن سان جڳ مڳ ڪري جھان،

روح نھ پنھنجو ريجھي ڪنھن ۾، ڳولي ڇا نادان!

نينھن وڏو نادان اديون ڙي، نينھن وڏو نادان،

چين نھ پائي روئي ڳائي، گھڙيءَ گھڙيءَ انسان.

پيار نھ ڄاڻي پار اديون ڙي، جتي لڳي ويو جيءُ،

نھ تھ ڇا ڄاڻي ڪنھن ڪيچيءَ مان، ھوءَ ڌوٻيءَ جي ڌيءُ.

ويا خوشيءَ سان جنھن تي کامي، پتنگ سڀ پنءُ سٽ،

اِجھا اجھامي، اِجھا اجھامي، اِھا ڏيئي جي وٽ.

اڏري اڏري ٿڪجي پوندين، ڪنھن سان تنھنجو پيار!

چنڊ نھ ڪنھن جو يار پکيئڙا، چنڊ نھ ڪنھن جو يار.

بھشت ڇاھي، دوزخ ڇاھي، ڇڏي اِھي ويچار،

مٺڙي مٺڙي ننڊ پرينءَ جي، پاسي ۾ ڪر يار.

آئي سانجھي موٽيا مانجھي، ماٺي ٿي منجھڌار،

وئي وڳر کان وڇڙي جا، تنھن آڙيءَ ڪئي پڪار.

آئي سانجھي موٽيا مانجھي، ماٺي ٿي منجھڌار،

آءٌ ڪنڌيءَ تي ويٺو سوچان، ڪائي سڌ نھ سار.

سڄڻ نھ آيو ساوڻ آيو، ڇائي گھٽا گھنگھور،

اڃا وتي ويڳاڻو ڦرندو، منھنجي من جو مور.

رات ڪنڌيءَ تان ڪوھيري ۾، ڪئي پئي ڪنھن لات،

منھنجي من کي مات ڪيو جنھن، منھنجي من کي مات.

صبح سويري نيسر ھيٺان نينگر ڇوڙيا وار،

اجلي اجلي تن تان مھٽيا گدلا گدلا پيار.

گھگھريءَ تي جو گھاگھر ڇلڪي، ڇوريءَ ماريو ڇال،

آڏيءَ اک سان ڏسي وتو ڪنھن، انگ انگ جو حال.

نينھن وسي ساريءَ نگريءَ تي، واھيري جي وير،

مڌ جي پياس ستائي من کي، ڇڪي اسان کي ھير.

پيار ھڻي ويو بڙڇي من ۾، ڏئي ويو پڇتاءُ،

صدين انھيءَ کي ڪونھ ڇٽايو، گھڙيءَ وڌو جو گھاءُ.

مرجھايل من ۾ ٿو ڳولين، ھاڻي ڪيئن ھڳاءُ،

موٽي آئين مٺڙا جڏھين، سڪ ڇڏي وئي ساءُ.

ڀِري ڀِري من مکڙيون ڳولي، لڳي ڀونر کي پياس،

ڦري ڦري ھن ڦلواڙيءَ ۾، وٺي سدائين واس.

پريت ڪئيسي، گيت چياسي، ٿيو اھو انجام،

ڳليءَ ڳلي ۾ ڳالھھ اسان جي، نگر نگر بدنام.

توکي من اِئن ڳولي، جئن ڪو بن ڳولي برسات،

تن ۾ تنھنجي تات سدائين، تن ۾ تنھنجي تات.

من کان کائي موٽ ڇپي وئين، چندرما جي اوٽ،

چندرما جي اوٽ ڇپي وئين، ڏيئي چريءَ کي چوٽ.

منھنجي من ۾ اچين تھ مٺڙا، سوچي پائج پير،

اجڙي وئي آھي ھيءَ نگري، ھن ۾ رھندو ڪير!

ڪيئي ڦلواڙيون ھونديون، جي ويو اڏاري واءُ،

رھندو آيو ڪنھن ڪنھن پن جو، پت جھڙ ۾ پڙلاءُ.

ڪونجو، ترسو ترسو، اڏران مان بھ اوھان جي سنگ،

پنھنجو پنھنجو ديس بڻايون، دنيا مان ٿي تنگ.

ڪٿي تھ ٻجھندي، ڪٿي تھ ٻجھندي، لڇي لڇي ھيءَ لاٽ،

ڪٿي تھ کٽندي، ڪٿي تھ کٽندي، وڃي وڃي ھيءَ واٽ.

مان ئي آھيان حسن ازل جو، مان ئي ھا بدصورتي،

مان پوڄاري، مان ئي مندر، مان ئي پنھنجي مورتي.

چوريءَ چوريءَ پھچي من ۾، لڪي ليئا پائين،

آءُ ھلي، ھي گھر تنھنجو آھھ، منھنجا مٺڙا سائين!

ويجھو آھين، وس ۾ ناھين، پري نھ آھين پاڻان،

رنگ رنگ ۾، روپ روپ ۾، توکي آءٌ سڃاڻان.

ڪھي ڪتين تان آئين سائين، پھتين منھنجي ديس،

ڏس تھ سھين ڪھڙو سونھين ٿو، توکي منھنجو ويس

بن بن ڀٽڪي، تن من تڙڦي، ھٺ ھاڙي انسان،

دؤر دؤر ۾ پھتو آخر، تنھنجي در نادان.

تون ئي منھنجي ننڊ آن، تون ئي منھنجي جاڳ،

مان آھيان تنھنجي ڄڀي، تون آن منھنجي آڳ.

تون ئي منھنجو راز آن، تون ئي منھنجو ساز،

آھي تنھنجيءَ تار جو، منھنجو من آواز.

ساري جڳ تي تون وسين، جيئن ساوڻ جو مينھن،

منھنجي من جي بُوند جو، آھي تو سان نينھن.

نيڻن کي ڏي ننڊڙي، پڌري ٿيءُ پرڀات،

ڪيسين ڪوڪي ڪوئليون، ڪاٽين ڪاري رات.

تارن جا تڙڪا پيا، جن سان جرڪيا جر،

ماڻڪ موتي ٿي وئي، ڄڻ منڇر جي ڇـر.

جڳ جي پوئين پھر ۾، مان جڳنوءَ جي جاڳ،

جرڪيا منھنجي راڳ ۾، ماڻھوئـڙن جا ماڳ.

 

رات ڏيئي جي وٽِ ۾ جرڪي، گذري جڳ جي جيت،

پڙھيا پئي مون روئي روئي، ”ودياپتيءَ“ جا گيت.

ماڻھوءَ جي منورتي بدلي، ننھن کان وڇڙيو ماس،

ڪنھن جي من ۾ ”ميران“ ايندي، ڪنھن جو ”ڪاليداس“!

سمو پراڻو پاپِي سڀ کان منھنجي لاءِ ڪٺور،

پڇي پيو بنگالي مون کان، ڪير ھيو ٽئگور!

کاڻي ھير، وساڻو رانجھو، سارو ’جھنگ‘ تباھھ،

رک ۾ پنھنجيون ڪافيون ڳولي، ويٺو وارث شاھھ.

ويو وسامي ’سامي‘، ھن جي رلي پئي اڄ رک،

ڪنھن ۾ ناھي پيار پرينءَ جو، ڪنھن ۾ ناھھ پرک.

من من بن آ، جنھن ۾ ناھي، ڪنھن بنسيءَ جي تان،

آءٌ بھ ٽوڙيان وينا، ڪيڏو ڦري ويا انسان!

ڀٽ ڌڻي، او ڀٽ ڌڻي، او منھنجا ڀٽ ڌڻي!

تنھنجو ڏيھھ ڏڪاريل، جنھن ۾ ناھي قرب ڪڻي!

آڻ پڻيءَ تي پنھنجون پنبڻيون، کھھ ۾ اکڙيون کول،

ڀٽ ڏڻيءَ جي ڀرسان ويھي، پنھنجي ڳجھھ کي ڳول.

ڏينم اھو تنبورو مون کي، ڪيسين سمھندي، شاھھ!

ڏينم تھ ڳايان، دڳ وسايان، دليون ڪريان درياھھ.

ڏينم اھو تنبورو مون کي، مان ٿو تاڻيان تند،

ڏينم، ڀٽائي، ڏينم، تھ تنھنجو روح رھي خورسند.

ڪافر ناھي، مومن ناھي، ”سچو“ پوءِ بھ سچ،

سچ چوي ٿو، ’اچ، اچي سوريءَ تي لڙڪي نچ‘.

ڏيھھ ڏئي ٿو ڏوھھ، اديون ڙي، ڏيھھ ڏئي ٿو ڏوھھ،

آنءٌ چوان ٿي، ڏوھھ سھي، پر مٺڙو آھي موھھ.

ڪٿي نھ ڪوئي ڪونڌر ڏسجي، ڪٿي نھ اڀري ڪنڌ،

آءٌ اڪيلو ھان اوجھڙ ۾، پري پرينءَ جو پنڌ.

ڪڇي نھ ڪوئي، لڇي نھ ڪوئي، پڇي نھ ڪوئي ھاءِ!

پوءِ بھ چوين ٿو، مون کي آھي تنھنجي جڳ ۾ جاءِ!

شال کسي مان توتي تاڻيان، تنھنا ڪان ڪمان،

. . . ھاءِ، پکيئڙا پيارا پيارا، اڏري ويا نادان!

ڏيئو ڏياريءَ جو ناھيان مان، اٿم اجالو آس،

لڇندي منھنجي لاٽ اڪيلي، گھر گھر آھھ اماس.

نھ ڪي ھوا ۾ ھيج اٺي جي، نھ ڪا گھٽا گھنگھور،

پيو پڪاري، ٿر کي ڏاري، ڪٿي ڪٿي ڪو مور.

وڍي ڇڏي ڪنھن نڙي نڙي جي، گھٽجي ويا آواز،

ساڻا ۽ ويڳاڻا ٿي پيا، سڏڪي سڏڪي ساز.

چڙو اسان جو چپ ڇو آھي، چري نھ ٿو ڇو چنگ!

ويو لتاڙي لات اسان جي، ڪير ھيو اڙٻنگ!

ماڻھو ناھھ مڙھيءَ ۾ ڪوئي، ڪنھن جي آھھ پڪار؟

ويا اٿي آديسي شايد، دانھن ڪئي ديوار!

جھڄي پيو من جھونجھڪڙي جو، سانجھي آ سنسان،

پرين، مڃان مان ڪيئن تھ تنھنجو، پاڇو آ انسان!

منھنجي سنڌڙي، منھنجي سنڌڙي، سنڌڙي، منھنجي ماءُ!

ڪيئن مڃان مان، تنھنجي ڪک مان سڪ ڇڏي وئي ساءُ!

منجھي پيا سڀ تنھنجا مانجھي، او منھنجا مھراڻ!

آءُ ڪپر تي ويٺو سوچيان، ڄاڻ ھڻي ٿي ٻاڻ.

ڇوليون ۽ ڇر، ڇر ۽ ڇوليون، تنھنجو راڳ اٿاھھ،

اڀري اڀري، نيٺ ڇپي ويو، جن ۾ منھنجو ساھھ.

ڪيسين ماٺو رھندي، پنھنجيءَ ھستيءَ کان اڻڄاڻ،

مستيءَ ۾ آ، مستيءَ ۾ آ، موجون ھڻ مھراڻ.

سدا نھ رھندو ڪوبھ سڪندر، ٿيندو نيٺ تباھھ،

ايندا ويندا ڪيئي، وھندو رھندو درياھھ شاھھ.

پڄري پڄري، نيٺ تھ تنھنجو، جيءُ ڪندو جاکوڙ،

وسندا مينھن مٽيءَ تي تنھنجي، اٿندين نيٺ اروڙ.

اچو، اچو، اي ڄر جا ڄاڻو! لڇي پئي اڄ لاٽ،

کوليو، کوليو ھي کنڀڙاٽيون، ڳڻيو نھ پنھنجا ڳاٽ.

وٽ ۾ وچڙي ويون کنڀڙاٽيون، آيا نينھن- نسنگ!

ڪير چوي، ڇو ڄاڻي واڻي، پڄريا پاڻ پتنگ!

ڀيڄ ڀني آ، ماڪ وسي ٿي، ڪوٺي کول ڪلال،

آڻ تھ پيئان، آڻ تھ جيئان، جيئين سدائين شال!

من آ مالامال اسان جو، ڪوٺي کول ڪلال،

اٿئي گھڻيئي گھٽيءَ گھٽيءَ ۾، قرب سوا ڪنگال.

ڀري ڀري پيءُ جيسين جيئين، گھڙيءَ گھڙيءَ جو جام،

وري نھ ھي ميخانو ملندو، ھيءَ ميءِ ناھھ مدام.

اڃ اسان جي اورانگھي، ڇو آئي آ ھو ھٽ،

نگر نگر ۾ ناھي جنھن جي، مڌ جو ڪوئي مٽ!

’پيءُ پيارا، او متوارا،‘ آکيو ڪنھن جي اک،

’ملي نھ ٿو ھي مڌ ڪنھن ھٽ ۾، چڪي انھيءَ مان چک.‘

’پيءُ پراڻو مڌ ھن مٽ مان، اوري آءُ ادل!

’ھن مان ساميءَ پياس ٻجھائي، پيتي سرڪ سچل.‘

ميءِ تي ناھھ ميار، اديون ڙي، ميءِ تي ناھھ ميار،

سيج اسان جيءَ جا سوريءَ سان، اڳ ئي ھا اقرار.

’منھنجي من کي چيري ڦاڙي، کلين پيو انسان،

’آءٌ تھ تنھنجو امرت آھيان، اڇليئھ ڪيئن نادان!‘

منھنجيءَ پياليءَ تي ٿو پسرين، پرجھيئھ ڪونھ پياڪ،

رسي وڃين ٿو منھنجي رس سان، تکي رکين ٿو تاڪ!

منھنجي مڌ کي ميرو سمجھي، ٿڏي ڇڏين ٿو ٿانءُ،

تنھنجي من کان ميرو ناھي، ھٿ رکي ڏس ھانءُ.

چڻنگ چڪيءَ مان نڪتي جنھن مان، نڪتا ڪيئي نکٽ،

ڪھڙو مڌ ھو، جنھن ھيئين من ۾، ڀڙڪايا ڀنڀٽ!

پيئو جيئو اي متوارؤ! مڌ جو ناھي مٽ،

دور وڃي ٿو چندرما کي، ڇھندو ڇايا نٽ.

پيئو جيئو، رچي وڃي جئن ججونتيءَ ۾ جاڳ،

مڌ جي مام ملي جو  تن ۾، راڳ ٿيا ويراڳ.

ڪوي ’جسم الدين‘، اسان جون دليون کسيون ھن ديس،

چوٽي چوٽي جنھن جي چمپا، ون ون جنھن جا ويس.

نينھن لڳايو ڪنھن نچڻيءَ سان، اسان وڃي چٽگام،

گھڙيءَ گھڙيءَ ۾ جنھن جا گھنگھرو، ڪن ٿا ڇم- ڇم- ڇام.

گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ گھاو اسان جا، نگر نگر ۾ نينھن،

ڪھڙيون ڪھڙيون راتيون ساريون، ڪھڙا ڪھڙا ڏينھن!

پياليءَ پياليءَ مان رس پيتي، منھنجي پريت پياڪ،

ڪھڙي ڪھڙي مومل ساريان، ڪھڙي ڪھڙي ڪاڪ!

پورنماسي، ’پوري گنگا‘، ٿڌڙو ٿڌڙو واءُ،

ٽلي پيو ٽئگور ڪنڌيءَ تي، اچي پيو پڙلاءُ.

ڪوي، اسان پرنام ڪيوسي، چميا اوھان جا پير،

ڪوي، ڏسين ٿو ڪلجڳ آڻي، ڪيڏا ٿو انڌير!

ڪوي، ڏٺا آھن تو کان پوءِ، ڪيڏا اسان ڪلور!

سچ کي سوريءَ تي چاڙھيو ويو، ماٺ رھيا منصور!

من مندر جا ديپ وساڻا، آھي واس نھ ڌوپ،

گھڙيءَ گھڙيءَ کي سيتا جو ست، راتيون راوڻ روپ.

ھي ماڻھوءَ جو ٻچڙو، مٺڙو، ڪري ٿو ڪيڏا ڪيس!

پوءِ بھ اسان جي ڳوڙھن آندي، اکڙين ۾ آسيس.

مندر جا در کول، پڄاري! مندر جا در کول،

اھي ورتيون وري نھ ملنديون، ھيئن نھ رئيءَ ۾ رول.

ويا پنھونءَ جا پيرا لٽجي، ڀري پيو ڀنڀور،

سڻيا نھ سڏ ڪنھن تنھنجا سسئي، ھيو ھوا جو شور.

ٻري پئي ڌرتيءَ جي ڇاتي، مري پئي مخلوق،

پِرين پري ٿي، ڇڏ تھ کڻان مان، ڀري اھا بندوق.

مڙين نھ ٿو اي مڱڻا! اڄ ڪلھھ رھيو نھ آ ھو راءِ،

چورين ٿو جي چنگ تھ چارڻ، پنھنجو ڪنڌ ڪپاءِ.

تون ھوندين تون ھوندين، منھنجو توسان ناھي وير،

پر ھي ماڻھو، جن آ تنھنجي اوٽ ڪيو انڌير!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org