سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ڀونر ڀوري آڪاس

صفحو :10

سانجھي، سانت اتر جي واءُ،

ڪونج افق ۾ ڪرڪي، آءُ!

تون بڻجي پڙلاءُ.

پر جي تون پڙلاءُ نھ آھين،

پوءِ تون ڇاھين؟ آخر ڇاھين؟

. . . شايد ناھين!

 

مان مندر، تون ناد،

مان گرجا، تون گھنڊ،

ڇو تون منھنجي ننڊ،

روز ڦٽائين ٿي؟

ڇو جاڳائين ٿي؟

منھنجي آد جڳاد! منھنجي آد جڳاد!

. . . مان مندر تون ناد!

                                       

سئن ھنئي آ ڪيئي سال. . .

تو نھ ڏني پر بوند،

ڇو ايڏي اڻ ھوند!

جر جي جلندي جوت،

منھنجي من ۾ اوت!

¬

ائين نھ مون کي رول،

تون ئي مون کي ڳول!

توکي ڳولي، آنءُ،

ڪڏھين نھ پاتو ٿانءُ. . .

آءُ نھ منھنجا ڍول!

تون ئي مون کي ڳول!

 

ڪٿي تھ آھين شيام!

ڄڻ جمنا جي لھر لھر ۾، تنھنجي آھھ لڙاٽ،

گھمي ڏٺم سڀ گھاٽ،

ڪٿي تھ آھين شيام!

ڄڻ پنڇيءَ جي گيت گيت ۾، آھي تنھنجي تان،

ڪٿي لڪو آن ڪان!

ڪٿيتھ آھين شيام!

چور چور ٿي پئي ھان، تنھنجو وٺي وٺي مان نانءُ،

ھڄي پيو آ ھانءُ،

ڪٿي تھ آھين شيام!

ڪٿي تھ آھين شيام!

 

ننڍڙو ٽِڪلو

ڪانگڙ تي ڪڏڪي. . .

شڪرو تاڙي،

جھڙپ ڏئي، ان کي

چيري ڦاڙي!

آخر ڇو نھ سدا،

اوءِ ادا،

ننڍڙو ٽِڪلو،

ڪانگڙ تي ڪڏڪي!. . .

پاڻيءَ ۾ مينھون،

دور وڃي پھتيون-

نياريون نياريون، ڪاريون ڪاريون،

لھواريون ليڪون،

پاڻيءَ ۾ مينھون!

ھي سانجھيءَ جا سانگ، ھوا ۾

آھي ’تون ئي تون‘،

ايندي ھاڻي بانگ، فضا ۾

غائب ٿي وينديون

لھواريون ليڪون،

پاڻيءَ ۾ مينھون!

                              

او پرديسي! او پرديسي!

ڪھڙو تنھنجو ديس؟

تنھنجو ڪوبھ سڃاڻو ناھي،

تنھنجيءَ ڌن جو ڄاڻو ناھي،

ڪنھن لاءِ ھي يڪتارو ٺاھي،

ڳائين ٿو تون گاھي گاھي!

ھي ماڻھو ڪيئن تنھنجا ٿيندا!

تنھنجيءَ رت ۾ نيٺ رڱيندا!

تنھنجو گيڙو ويس-

ڪھڙو تنھنجو ديس؟

او پرديسي! او پرديسي!

                                     

پاتڻي!

ڪاش! مان سڙھھ ھجان!

ھير مون کي چمي، نير کي مان چمان!

منھنجي آغوش ۾، موجِ آبِ روان

مضطرب ٿي وڃي، ۽ مٿان آسمان

ھيءَ اسان جي محبت ڏسي پيار سان.

ھوءَ بھ ڀڄندي وڃي، مان بھ ڀڄندو وڃان،

دور ھن گھاٽ کان، دور ھن گھاٽ کان!

ناھھ مھر و وفا جو جتي ڪو نشان،

ناھھ جور وستم کان جتي ڪا امان!

دور ڳولي لھان ساحل بيڪران،

دور، آزاد، مثل ھوا ٿي، ڦران!

ڪاش مان سڙھھ ھجان!

پاتڻي!

               

رات اسان جي ميخاني ۾، آيو خِرقھ پوش:

ڳوليو ھر ڪنھن ديواني ۾ ھن جو صبر و ھوش:

ھن چيو، ”حافظ آھيان، يارو! شھر اٿم شيراز،

منھنجي مينوشي ميخوارو! آھي عين نماز!“

مون چيو، ”حافظ! اچ، اچ، مون سان خِرقو لاھي ويھھ!

پھريون ٿيءُ اسان جئن عريان، پوءِ چانئٺ مان پيھھ!

توکي ھي ملا جو خِرقو، ڪنھن پاتو آ يار!

پيءُ اسان سان ويھي نانگو، جي آھين ميخوار!“

لالھ و گل کان سوا،

اي مٺا!

لاش تنھنجي کان جدا

ٿو ٿيان مان. . . الوداع، او الوداع!

 

سرمست ھان!

سرمست ھان!

مان ساغر مھتاب مان

مي پي وڃان، ھڪ ڳيت سان،

ڪاريءَ گھٽا جي پينگھھ تي

جھولان جھلان، جھولان جھلان،

آغوش ۾ منھنجي رھي

ھيءَ ڪائناتِ بيڪران،

ھيءَ حسن جي جوي روان،

ھيءُ ماه و انجم جو جھان،

ھي ڪھڪشان،

ھي آسمان!

سرمست ھان!

سرمست ھان!

جنھن وقت مرد ڪوھڪن،

تيشھ- فگن، اڳتي وڌن،

تن سان ره تقدير ۾،

گڏجي ٿيان مان گامزن،

مان زندگيءَ جي سير ۾

تن سان وڌان، اي ھموطن!

شمشير ھٿ ۾، نعره زن،

شعلھ فشان سارو بدن،

اڳتي وڌان!

ماريان مران!

سرمست ھان!

سرمست ھان!

                             

ٿو گھمان مان ڌار تي تلوار جي،

اِن ڌار کان ٿورو پري،

آھي پرينءَ جي کوءِ، او!

آسمان مان چنڊ مون کي ٿو چئي،

’وڃ وڃ ڀلي، ان لوءِ ڏي،

’ويندو نھ ڪوئي پوءِ، او!

’غم نھ آھي، پير جي ڇلجي پيا،

’ھي وقت آ، ھي وقت آ،

’موٽي نھ ايندو ووءِ، او!‘

ٿو وڃان خنجر بھ ڪف،

چيري انھن جي صف بھ صف،

اي پرين! تنھنجي طرف، تنھنجي طرف!

 

مان اھو پنجھ شڪن،

جنھن کان ڀڄي سڀ ھموطن،

دور تان ھن کي ڏسن، ٿِي طعنھ زن.

 

اي پرين! تولاءِ مان،

جيسين مران، وڙھندو رھان،

ڪاش، توکي موت کان اڳ ۾ ڏسان!

 

سلسله ڪوه ۾ چشمه آبِ روان. . .

سيب جي وڻ مان مٿان

سيب ڪري ناگھان،

آيو ٿي لڙھندو پريان، ٿو وڃي لڙھندو اڃان. . .

ڪيستائين؟ ڪيئن چوان!

ھيءَ شفق آلود شام، سلسله ڪوھسار،

خامشيءَ برگ و بار. . .

اوچتو ڪنھن جاندار

سلسله ڪوه مان، جو ڪئي چيخ و پڪار!

آئي صدا آرپار!

                           

اڄ تھ چئي ڏي، اڄ تھ چئي ڏي، اڄ تھ علي الاعلان،

”منھنجو ڪوئي ديس نھ آھي، منھنجو ديس جھان،

”منھنجو ڪوئي نانءُ نھ آھي، مان آھيان انسان،

”منھنجو ھي انجيل، نھ منھنجي گيتا يا قرآن،

”ڌرتي منھنجي ماءُ، انھيءَ تي آ منھنجو ايمان!“

پگھري ويا زنجير صدين جا، رھھ نھ اڃا نادان،

اڄ تھ ڀڃي ڇڏي، اڄ تھ ڀڃي ڇڏي، زور ڏئي زندان،

اڄ تھ چئي ڏي، اڄ تھ چئي ڏي، اڄ تھ علي الاعلان!

 

اي ھم- وطنو! آءٌ اوھان تي ڪئن نھ کلان!

روز و شب ڪھسار!

اوھان رھوار

جھلي ھن پار،

رکي ھٿيار،

ڏسو ٿا طوفان جا آثار!

مگر ٻي پار اوھان مان ڪوبھ نھ ويندو خوف وچان!

اي ھم- وطنو! آءٌ اوھان تي ڪئن نھ کلان!

روز و شب جي جان،

نوان انسان،

ڏئي جولان،

لنگھي طوفان،

وڃي ٻي پار ٿيا مھمان!

انھن جو شان فقط اڄ آءٌ پيو منظوم ڪيان!

اي ھم- وطنو! آءٌ اوھان تي ڪئن نھ کلان!

 

انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب! ڳاءِ!

جئن زمين آسمان

جي کلي پئي زبان،

ڪنڊ ڪنڊ، چونڪ چونڪ،

شھر شھر، ڳوٺ ڳوٺ،

جئن ڏئي اٿي جواب،- انقلاب!

انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب! ڳاءِ!

ھي بھ ڪو نياءُ آ،

جو مزور ڀاءُ آ،

سو لھو پيئي پيئو،

جنھن سبب جيئي پيو

سو پيئي پيو شراب! انقلاب!

انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب! ڳاءِ!

ڏوڏ ھن سماج کي،

لوڏ سامراج کي،

ٺاھھ سو نئون نظام،

جو چڱو چئي عوام-

ھي نظام آ خراب- انقلاب!

انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب! ڳاءِ!

ڳاءِ، ڳاءِ نوجوان!

جئن زمين آسمان

جي زبان کلي پئي،

زندگي اٿي چئي،

انقلاب! انقلاب! انقلاب!

انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب! ڳاءِ!

 

تو تان واريان جند،

منھنجي مٺڙي سنڌ!

تون آن منھنجو چنڊ، تھ آھيان تنھنجو آءٌ چڪور،

تون بادل جئن برسين مون تي، مان ھان تنھنجو مور،

تو تان واريان جند،

منھنجي مٺڙي سنڌ!

تنھنجي ڌرتي، مون کي پرتي، منھنجو تو ۾ ساھھ،

تنھنجيءَ کيتيءَ، تنھنجي ريتيءَ سان آ منھنجو چاھھ،

تو تان واريان جند،

منھنجي مٺڙي سنڌ!

تنھنجو پاڻي منھنجو ساڻي، جنھن سان منھنجو جيءُ،

تون سنڌوءَ جي ساھيڙي آن، او ڌرتيءَ جي ڌيءُ،

تو تان واريان جند،

منھنجي مٺڙي سنڌ!

منھنجي من ۾ آھن تنھنجون چانڊوڪيون ۽ چيٽ،

منھنجون لاتيون منھنجون باتيون، آھن تنھنجي ڀيٽ،

تو تان واريان جند،

منھنجي مٺڙي سنڌ!

تنھنجيءَ ٻوليءَ جو مان ٻيلي، واريان تنھن تان پاڻ،

ڳالھيون تنھنجون ڳايان، منھنجو سر آھي تو ساڻ،

تو تان واريان جند،

منھنجي مٺڙي سنڌ!

مٺڙو آھي ھر ماڻھوءَ ليءِ پنھنجو پنھنجو ديس،

پيارو آھي ساري جڳ کي، پنھنجو ون ۽ ويس،

تو تان واريان جند،

منھنجي مٺڙي سنڌ!

منھنجي سھڻي، منھنجي سسئي، منھنجي مومل آءُ!

روئي روئي آءٌ سبان اڄ، تنھنجو گھرو گھاءُ!

تو تان واريان جند،

منھنجي مٺڙي سنڌ!

تنھنجا ويري ٿيندا ڪيري، تن جي منھن ۾ ڌوڙ،

ساٿي آ سچ، تون بيٺي نچ، ڪيسين ڪڏندو ڪوڙ!

تو تان واريان جند،

منھنجي مٺڙي سنڌ!

                       

منھنجا مٺڙا پٽ!

جھوني ڪوڙ سان منھنجو جھيڙو، ھلندو آخر تائين،

نئون نئون سچ تون ڳوليندين، جيئن شال سدائين!

ڌرتيءَ جي دک ۾ آ منھنجو، چاھھ اِنھيءَ ليءِ لال!

نئون نئون سک جئن تون ماڻين، جيئين سدائين شال!

ممڪن آھھ تھ ڌرتيءَ جو دک، پورو ڪونھ ٿئي،

ممڪن آھھ تھ تنھنجو بابا، وڙھندي جان ڏئي!

ممڪن آھھ تو مون کان پوءِ ڀي، ڏکيو بکيو انسان،

ڳڀي ڳڀي ليءِ ڳاٽ جھڪائي، ھجي اڃا حيران!

ان صورت ۾ منھنجا مٺڙا! جيئين شال سدائين!

تون بھ ائين ئي وڙھندو رھجانءِ، پنھنجي آخر تائين.

نيٺ تھ ڊھندو ڪوڙ، سدائين جنھن کي ناھھ ثبات،

نيٺ تھ ڦٽندو سچ جو سورج، نيٺ تھ کٽندي رات!

¬

قطعا

 

اسان لاءِ سيد تھ ڪا شيءِ نھ آ،

اسان لاءِ شاعر وڏي بات آ.

وسامي نھ سگھندو انھيءَ جو ڏيئو،

مڃان ٿو تھ ھن وٽ اھا ڏات آ.

مليو آھھ ھو ميڪدي ۾ سدا،

مڃان ٿو تھ پير خرابات آ.

پياريو اسان کي بھ حسن ازل،

برھھ جي اسان تي بھ برسات آ:

پنھون ليءِ پريشان آھي ڪڏھن،

ڪڏھن ڏس تھ ڪونروءَ ڪيو مات آ،

اسان جي بھ ساڳي وفا ۽ جفا،

اسان جي بھ ساڳي حڪايت آ.

ڏٺي ناھھ ڪنھن بيت جي دلبري،

سڄيءَ سنڌ کي فڪر آيات آ:

نھ شاعر نھ انسان، ھتي اي ”اياز“،

ڀٽائي فقط ذات ئي ذات آ.

²

ڪنھن نئين ڪفر جي ڀني خوشبو

شعر منھنجو لڳائي آيو آھھ.

زندگيءَ جي شراب سان سرشار

مون نئون گيت روز ڳايو آھھ.

اڪثر اوقات عقل جي دڳ تي

عشق آنڌيءَ مثال آيو آھھ.

واڳ وس ۾ رکي ھميشه مون

ھر نئون موڙ آزمايو آھھ.

ديرو ڪعبھ ڇڏي ڏنم ھاڻي

مون مٿان ميڪدي جو سايو آھھ.

²

نھ ڇڏيو آھھ ماڻھپو ۽ مرڪ،

گرچھ ھھڙا تباه حال آھيون:

ھر زماني جي ناشناسيءَ جي

چوٽ کائي بھ باڪمال آھيون.

²

ڪٿي آھھ پروردگار محبت!

خزان پوش آ ھر بھار محبت:

اڙي آدمي! ڪيستائين نھ ٿيندو

شعور محبت، شعار محبت؟

²

ساز تي ناز آ مون کي مٺا!

جنھن بنا ھر چيز ٻي بيڪار آ:

گيت منھنجي جيت آھن، جن بنان

منھنجي ساري زندگاني ھار آ.

²

منھنجي ھستي منھنجي مستيءَ سان ملي،

ڪنھن الستي حسن جي پٺ تان پئي،

دور پھتي، آسمانن تي ڇڏي،

راتڙين ۾ چنڊ تارن جي رئي،

۽ ڀونر جي ساس، گل جي واس ۾

ڄڻ پرھھ جي ھير جئن آئي وئي،

ڪو ھوس ناھيم، شاعر ھان ”اياز“،

منھنجي من کي آھھ دولت اڻ مئي.

 

ڪنھن چيو ٿي، آنءُ تنھنجو عڪس ھان،

ھيءَ ڳجھارت تون ئي سمجھائينم ھا:

عڪس سان ايڏي عداوت، ڇا سبب؟

رنج و غم ايڏا ڀلا ڇو ڏينم ھا!

 

رب جو ھانءُ ٿانءُ آھھ اھو،

پنھنجا ڳوڙھا ڳڙي ڳڙي جنھن ۾،

ٿا ڏين ڏيک ڄڻ تھ موتين جو.

 

 ٻھھ ٻھھ ڪئي ٻنڀي ۾ ڪلھھ،

مون جھليا پنھنجي جھول ۾ جگنو،

ٿي ٻريا ڄڻ ٽمي ٽمي آنسو.

 

جيئن ڏيئي مان ڏيئو ٻري پيارا!

تيئن اکين مان اکيون ٻري پونديون،

آءُ ويجھو تھ آءُ منھنجي تون!

منھنجون اکڙيون ٻھ ٿانوَ موتين جا،

جن کي ڇپرن سان مون ڍڪي آندو،

ڍڪ ھٽائي اگرچھ تو نھ ڏٺو!

کوھھ کنڀڙا نھ اي چڪور چريا،

چنڊ سان دوستي اجائي

آ:

چنڊ ھڪ رات مسافر آ،

ٻھ گھڙيون سونھن جي سُھائي

.

مينھن جي رات، چؤطرف گجگوڙ،

آسمانن جو ھانءُ ڦاٽي ٿو:

اي پرين! ڏس تھ تو سوا شاعر

ھيءَ ڪٺن رات ڪيئن ڪاٽي ٿو!

 

نھ سا زندگيءَ ۾ تپش آ نھ تاب،

ويو اوچتو پيار جو سج لھي:

مگر عمر جي تيز نئن تي پرين،

شفق جئن سندءِ ياد پوندي رھندي.

غزل

 

مونس ماھتاب آھيان مان

ڪنھن پرندي جو خواب آھيان مان

ٿي جلي آگ عشق جي مون ۾

حسن جو انتخاب آھيان مان

جو ورھائي مدام مستي سو

زندگيءَ جو شراب آھيان مان

خالق ڪائنات! ڏس، تنھنجي

جستجو جو جواب آھيان مان

جيستائين ھلين، ابد تائين

اي ازل! ھمرڪاب آھيان مان

ديرو ڪعبھ جو دڳ وسار ”اياز“

ڇڏ، گھڻو خراب آھيان مان

 

زندگي يا شراب جي نئن آ

جنھنجي مستي روان دوا آھي

ھر محبت اڃا حسين آھي

ھر تمنا اڃا جوان آھي

جنھن زمين تي قدم پيا پنھنجا

تنھن تي سجدي ۾ آسمان آھي

خار زار حيات ۾ رقصان

پنھنجي خوشبو جو ڪاروان آھي

آ انڌيرو تھ ڇا، زبان تي جي

تنھنجي زلفن جو داستان آھي

پنھنجي ڪوزي ۾ آفتاب آھي

رات تي ڏينھن جو گمان آھي

مون کي ميءِ جي ڪمي نھ آ ساقي

تنھنجي اکڙين جو امتحان آھي

جام آغاز، جام ئي انجام

صبح يا شام ھڪ گمان آھي

اي تصور سندم تڏي تي اڄ

ڪنھن پکيڙي ھي ڪھڪشان آھي

چنڊ ھر وقت ھمسفر آھي

رات ھروقت رازدان آھي

زندگي موت جي قريب آ پر

ڪوئي محبوب درميان آھي

چنڊ مون کي چمي رھيو آھي

رات ڪھڙي نھ مھربان آھي!

ٿي سڏي سير، تون ڪٿي آھين؟

ڪوئي ٻي پار نغمھ خوان آھي

دور آھين ”اياز“ کان ڪئن تون؟

جسم کان دور ڪيئن جان آھي!

 

اي اکيون، پياريون اکيون، اڄ بي حساب

منھنجي تشنھ روح تي اوتيو شراب!

ھر حقيقت کان مٿي آھي مجاز

ھر عبادت کان چڱو آھي شباب

عاشقيءَ ۾ روح کي آزاد رک

جسم جو زنجير آ دور شباب

 

ھاڻ کڻو، ساري خدائي پئي اٿو

مون کنيو آھي فقط چنگ و رباب

سؤ پيمبر راتڙيءَ جي خامشي

سؤ صحيفا آھھ مون ليءِ ماھتاب

زندگيءَ جي خواب جي تعبير خود

زندگيءَ جي آھھ بي تعبير خواب

 

رات توکي پئي پڪاري، آءُ!

ڪنھن نئين چنڊ جي سھاري آءُ!

بزم ھستي سياه و سرد آھي

داغ دل جو چراغ ٻاري آءُ

اچ تھ ٽوڙيون سڪوت ساحل جو

موج و طوفان کڻي ڪناري آءُ

زندگيءَ ۾ کپي ڏکن جي ڏاھھ

تون سکن جو سوال واري آءُ

شمع جو ڀاڳ آ جلڻ ۽ جاڳ

جي ڪرين نينھن، ننڊ کاري آءُ

ھيءُ  ڀني رات، ھيءُ ھوا، ھي چنڊ!

ھر گھڙيءَ ساه توکي ساري آءُ

جيت يا ھار، پريت ڪرڻي آ

آءُ تن من ”اياز“ واري آءُ

 

اوھانجي اکين جام ميءِ مان نھاريو

اسان چوٽ کائي کڻي جام ھاريو

ڪڏھن حسن گل مان ڏسو جھاتي پائي

ڪڏھن رات جو چنڊ جو روپ ڌاريو

اچو منھنجا سائين! اچو منھنجا سائين!

ڀني آھھ اڌ- رات، ٽاڻو نھ ٽاريو

اسانجون وفائون، نھ ساحل نھ ڪشتي

اوھان جون ادائون، نھ ٻوڙيو نھ تاريو

زمين جا ستارا ھئا لڙڪ پنھنجا

اسان رات روئي، پرھھ کي پڪاريو

ڪٿي آنھھ تون، اي نظام محبت

صديون ساھھ منھنجي، سڪي توکي ساريو

تون ڳوڙھن ۾ ڳوڙھو، وڃي ڏس تھ توکي

پتو پئي اسان کي آ، ڪنھن مرڪ ماريو

ھي اڻ ڄاڻ ڄاڻو، ھي بي سمجھھ سمجھو

ڀر بزم ۾ مون اڪيلو گذاريو

”اياز“ آھھ سجدي ۾ مثل صراحي

انھيءَ جي عبادت، پيئو ۽ پيئاريو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org