سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ڀونر ڀوري آڪاس

صفحو :1

ڀونر ڀوري آڪاس

شيخ اياز

پيش لفظ

 

منھنجو 1947ع کان اڳ جو لکيل اڻ- ڇپيل ڪلام ضايع ٿي چڪو آھي. ھن مجموعي ۾ منھنجو ڪجھھ 1947ع کان اڳ جو ڇپيل ڪلام، ۽ ان کان پوءِ لکيل، ڇپيل ۽ اڻ- ڇپيل، ڪلام شامل آھي.

1947ع کان اڳ جو اڻ- ڇپيل ڪلام منھنجي زھر آلود تبسم جي آڳ ۾ جلي ويو. ان لاءِ ذميوار اھا بي انتھا مايوسيءَ جي ’اکر اڳيان اڀري، واڳو ٿي وريام‘ واري ڪيفيت ھئي، جنھن جو تفصيل فقط منھنجي زندگيءَ جي ڪنھن زخم پنھان کي تازو ڪندو، باقي ڪنھن خاص دلچسپيءَ جو باعث نھ ٿيندو.

منھنجي بيت جي ھيئت قديم شاعريءَ جي بيت جھڙي آھي، باقي ان جي موضوع ۾ جدت آھي. بيتن ۾ ڪم آندل ٻولي ٺيٺ سنڌي آھي، ڇو تھ بيت جي ٻوليءَ ۾ فارسي آميزيءَ جي گنجائش بلڪل نھ آھي ۽ ھندي آميزيءَ جي گنجائش بھ گھٽ آھي. بيت سنڌي زبان جي منفرد صنف سخن آھن. شايد ئي دنيا جي ڪنھن ٻوليءَ جي مقفى شعر ۾، ھم- قافيھ لفظ ائين سٽ جي وچ ۾ ملندا، جيئن بيت ۾ آھن. اِھو سنڌي بيت جو ڪمال آھي تھ ان جي پھرينءَ ۽ پوئينءَ سٽ جي آخر ۾ نھ قافيو آھي نھ رديف، پر ان جي باوجود بيت ۾ ترنم ۽ ھم آھنگي، ٻيءَ ھر صنف سخن کان زياده آھي. اھو خيال غلط آھي تھ سنڌي بيت ناموزون شعر آھي، جيتوڻيڪ ان جو فارسي بحر وزن سان ڪوئي بھ تعلق نھ آھي. بيت جي تقطيع بھ ايتري پختگيءَ ۽ گرفت سان ٿي سگھي ٿي، جيتريءَ سان ٻيءَ ڪنھن صنف سخن جي ڪئي وڃي. دراصل سٺي سنڌي بيت جي تخليق نھايت مشڪل آھي، ۽ سٺو بيت اھو ئي لکي ٿو سگھي جنھن کي روح ۾ رواني ۽ ٻوليءَ تي بي انتھا قدرت ھجي. سنڌي بيت الھامي شعر آھي، آيت آھي.

مون سنڌي بيت کي تصوف ۽ رواياتي شاعريءَ جي ڍير مان ڪڍي، اڇو اجرو ڪري، نئين رنگ ۽ روپ ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اھا ڪوشش ڪيستائين ڪامياب آھي، ان جو منصف مان نھ آھيان.

منھنجي واين جي ھيئت ۽ موضوع ٻيئي جداگانھ ۽ جديد آھن. وايون فارسي بحر ۾ آھن، پر انھن ۾ قديم وائيءَ جو تسلسل آھي، جو درحقيقت وائيءَ جي صنف سخن جي جان آھي. وائيءَ ۾ اڌ سٽ يا پوريءَ سٽ جو مسلسل تڪرار، ان جي مرڪزي ڪيفيت نمايان ڪري ٿو. ھن مجموعي ۾ دوھي ۽ گيت جو موضوع بھ ڪلاسيڪي دوھي ۽ گيت کان زياده وسيع آھي. ڪوئي بھ دوھو يا گيت ڪنھن بھ ھندي يا اردو دوھي يا گيت جي تقليد نھ آھي، جيتوڻيڪ مون انھن جي مخصوص مزاج برقرار رکڻ ۽ ھندي آميز زبان سان انھن جي مخصوص ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آھي.

نظم ۽ آزاد نظم ۾ بھ مون ترنم ۽ نغمگي برقرار رکڻ چاھي آھي. ترنم جي تخليق لاءِ نھ قافيو لازمي آھي ۽ نھ نظم جي ڪائي خاص ھيئت. آزاد نظم شعري ڪيفيت جو آزادانھ جولان آھي ۽ نھ بي راھروي، جيئن عام طرح سمجھيو ويندو آھي. دراصل آزاد نظم ۽ مقفى نظم کان زياده ترنم ۽ فني صلاحيت جي اظھار جي گنجائش آھي.

مان وائي، نظم، آزاد نظم، قطع ۽ غزل ۾ زير اضافت ھمزء اضافت، واو عطفي ۽ فارسي لفظن ۽ ترڪيبن جو محدود استعمال اعتراض جوڳو نھ ٿو سمجھان، ڇو تھ گذريل ٻن سؤ سالن ۾ فارسي ۽ اردو زبان ۽ شعر جو سنڌي زبان ۽ شعر تي ڪافي اثر پيو آھي، ۽ ان کان منحرف ٿيڻ اسان جي ٻوليءَ ۽ شعر لاءِ مضر ثابت ٿيندو. ساڳيءَ ريت، مان ھر مستعمل ھندي لفظ جو استعمال سنڌي ٻوليءَ جي وسعت، حسن ۽ ترقيءَ جو حامل ٿو سمجھان. پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڪنھن ڌاري ٻوليءَ، خصوصا ھنديءَ، جي موزون الفاظ سان تعصب، مان ڪج- فھميءَ جي نشاني سمجھندو آھيان. ھنديءَ جو ھندستان پاڪستان جي زياده تر ٻولين سان قريبي تعلق آھي، جنھن کان متعصب اردو دان بھ انڪار نھ ڪري سگھندا، ۽ ان جي مروج ۽ مانوس لفظن ۾ اھا شيريني ۽ لطافت آھي، جا شايد ئي ٻيءَ ڪنھن اھڙيءَ زبان ۾ ھجي، جنھن جا لفظ اسان پنھنجي ٻوليءَ ۾ بي ساختگيءَ سان جذب ڪري سگھون.

غزل جي فارسي ۽ اردو روايات کان ڪڏھن ڪڏھن ھٽي، مون ان کي سڌي روايات ۾ رڱيو آھي. اِھا ساڳي ڪيفيت اردوءَ جي ھندي آميز غزل ۾ بھ ملي ٿي.

فن شاعريءَ جي معيار تي سوچيندي، مون کي شاھھ جي سٽ، ’ڪنول پاڙون پاتار ۾، ڀونر ڀري آڪاس‘، ياد پوندي آھي. ھر عظيم شاعر جي روح ۾ سندس پوري ماضيءَ، ۽ ان فني تخليقات، روايات ۽ فلسفھ حيات جون جڙون آھن، جي ھن جي شاعريءَ جي نشونما ڪري، ان کي شگفتھ ڪنول جو رنگ روپ ڏين ٿيون، ۽ ھن جي فن ۽ فڪر جي انفراديت ڀونر جئن ڀرندي، آڪاش ۾ اڏامندي ٿي رھي. جڏھن ’ٻنھي سندي ڳالھڙي‘ راس ٿي اچي، تڏھن ھڪ فني شھپارو تخليق ٿئي ٿو. منھنجو ڪلام انھيءَ معيار تي ڪيستائين پورو آھي، ان جو منصف مان تھ يقينا نھ آھيان، پر شايد اوھان بھ نھ ٿي سگھو. منھنجي انانيت ۽ حد کان زياده خود اعتمادي (جا گھڻو ڪري ھر فنڪار ۾ ھوندي آھي) ۽ پنھنجيءَ تخليق لاءِ بي انتھا محبت منھنجي صحيح اندازي جي راھھ ۾ ضرور حائل ٿيندي، ۽ شايد اوھان جي دور جا توھمات، فن ۽ زندگيءَ جو مانوس تخيل ۽ پنھنجي ھمعصر جي فن کي تسليم ڪرڻ ۽ ان لاءِ تحسين جي اظھار ڪرڻ کان فطري گھٻراھٽ، اوھان جي صحيح جائزي ۽ نتيجي تي اثر انداز ٿين. نھ فقط منھنجي تخليق جو پر ھر فنڪار جي تخليق جو منصف فقط وقت آھي. مان فقط ايترو يقين سان لکان ٿو تھ منھنجو فن ۽ فڪر ڪنھن بھ تقليد يا مصلحت آميزيءَ کان ڪوھين دور آھي، ۽ مون اھڙي ھڪ سٽ بھ نھ لکي آھي، جا منھنجي روح جي گھراين مان چيرجي نھ نڪتي ھجي.

ھي ڪتاب نھ برگ سبز آھي نھ تحفئھ درويش ۽ نھ ھر بينوا لاءِ آھي. ھيءَ ڪويل جي ڪوڪ آھي. ڏسجي تھ اھا رات جي انڌاري ۾ گم ٿي وڃي يا وقت جي ھانو ۾ بڙڇي ٿي لڳي ٿي.

- ش. ا.

بيت

 

اچي اوت شراب، اٿم اڃ ازل جي،

سندم روح رباب، سڪي پيو ڪنھن سر لاءِ.

سڄڻ جو ساريوم، تھ آيون ھيرون ھنج ۾،

جيڏانھن نھاريوم، چوڏھينءَ جي چانڊاڻ ھئي.

ستارن جي سيج تي، ستس ساري رات،

پڌري ٿي پرڀات، چميندي ڪنھن چنڊ کي.

چوسيون چانڊوڪيون، تنھنجي مٺڙي منھن مان،

راتين جو روڪيون، واڳون اسان وقت جون.

چئي سگھندين چنڊ، توڏي مان ڇو تڪيان!

ڏئي سگھندين چنڊ، مون کي پار پرينءَ جا!

چؤ، مان ڪنھن جي ڪاڻ، رلان پيو راتڙيون!

چؤ، ڪنھن جي چانڊاڻ، ھرکايو منھنجو ھيئون!

آيو آڌيءَ رات جو، پرينءَ جو پڙلاءُ،

چڪڻ لڳو چنڊ جو، گھرو گھرو گھاءُ،

صدين جو سوداءُ، جاڳي اٿيو جيءَ ۾.

چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، ستو رات سڄڻ،

چمڪيو چوڏھينءَ چنڊ سان، آڌيءَ ويل اڱڻ،

الا اسر جو سندس، منھنڙي جو مھڪڻ

ھيرن ۾ ٿي ڄڻ، ھن جون ھٻڪارون مليون.

چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، نور ڀري نيراڻ،

آيو پرين پاڻ، چمڪيا چنڊ زمين تي.

تون چانڊوڪي چيٽ جي، منھنجو من چڪور،

اچي ڪڏھن اور، مون سان ڳالھيون ڳجھھ جون.

منھنجي نيڻان ننڊڙي، تو تائين پھتي،

تنھنجي تن سان چاندني، ساري رات ستي،

مٺڙيون منھنڙي تان وتيون، اتر ھير اچي،

سڄڻ سيراندي، ميڙو مڙني جو ھيو.

ڪوڪي ٿي ڪويل، چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي،

ڄڻ ساري سنسار کي ٿي ڏاري ڏکويل،

پرينءَ سان پويل، شل رھي ساھھ سڀن جو.

چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، رنگ رليل آڪاس،

رتين رتيون راتڙيون، اڏاڻا احساس،

چت ۾ چوڏھينءَ چنڊ جئن، اڀري ڪائي آس،

پريان پريان پاس، آيون ڳالھيون ڳجھھ جون.

چنڊ لڙھي لس ليٽ ۾، جھاڳي جھڙ جي جھاڳ،

مينھوڳيءَ جي مند آ، وسن پيا ويراڳ،

ڪٿي آن، ڪنھن جاءِ آن، واري اچ تون واڳ،

مٺڙا، منھنجا ماڳ، سڄڻ منھنجي ساھھ جا.

چوڏھينءَ چانڊوڪي، ويجھي آئي وس ۾

اڄ تنھن سان ترسي، ٿيو سيني ۾ سوجھرو.

ڏکائي ويو ڏور، مون کي چنڊ چريو ڪري،

دل کان ناھي دور، دوري آھي ديد جي.

نئين نھ منھنجي ننڊڙي، چانڊوڪيءَ کي چوءِ،

جاڳي جلندي جندڙي، تن من ايندو توءِ،

سور اسان لاءِ سوءِ، آندا جاڳ جھان ۾.

نھاريم نيراڻ ۾، تڪيندي تارا،

ڪٿي آن، ڪنھن جاءِ تون، پرھھ کان پيارا!

چنڊ پٺيان چارا، رليم ڪيئي راتڙيون.

ڇڻي پيئي ڇاٽ، ستارن جي سونھن جي،

ڪرڻن ڪئي چنڊ جي، وڻن منجھان واٽ،

لڇڻ لڳي لاٽ، ڪائي منھنجي روح  ۾.

سڻيم تنھنجو سڏ، پھتس پھتس او پرين،

ھيڻون اٿم ھڏ، پر سھگھ ڏسين ٿو ساھھ جي.

سھڙي آ سانجھي، اوندھھ لٿي آب تي،

او منھنجا مانجھي، ساٿ نھ ڇڏج سير ۾!

سيڻھھ کنئي ساھھ، پيا پور پرينءَ جا،

دکن جا درياھھ، پار ڪياسي پل ۾.

ساوڻ سندا مينھن، آيو آھين ان بنا!

الا، ڪھڙي ڏينھن، ٻجھندي پياس پرينءَ مان!

اڃا آکيرو، تنھنجو آھھ اکين ۾،

صبح سويرو، اڏري آءُ اسان ڳري.

آ ريتيءَ تي رڃ، الا پيار پرينءَ جو،

اکڙين سنديءَ اڃ، ڀٽڪايوم ڀٽن ۾.

گھرا گھرا نيڻ، ڪارا ڪارا ڀونر جئن،

ڀِرندا رھيا ڀيڻ، مکڙيءَ مٿان من جي.

ٿي سڄڻ سار، ڳاتم ان جون ڳالھڙيون،

ڇيڙيا من ملھار، اکين آب وسائيا.

ويڙھي ويا واس، ون کي محبوبن جا،

آندا من ۾ آس، خزانا خوشبوءِ جا.

ڇٻيون آھن ڄڻ، سموري سنسار ۾،

ويجھن کان وڇڙڻ، جلائي ٿو جيءَ کي.

تارن کي ترساءِ، پرين پوئين پھر جو،

سڀان تو سواءِ، ناھي جس جيئڻ ۾.

جدائي جانڊه، پينھين ڇڏي پيار کي،

سڄڻ مون سانده، سوگھو رھج ساھھ ۾.

ڪڏھن آءُ قريب، ڪريانءِ ڳالھيون ڳجھھ جون،

اندر جا عجيب، اوريانءِ امنگ سپرين.

کڻي نماڻا نيڻ، مٺڙي ڏٺو ڏک مان،

واسينگن جئن ويڻ، ڏنگيون منھنجي ڏاھھ کي.

دلين جا درياھھ، اٿلي پيا اوچتو،

سالن کان پوءِ ساھھ، ساعت ۾ سرچي ويا.

مينھوڳيءَ جي مند آ، اٺا اڄ اتر،

وڍيو واءَ وجود کي، ڪي ڪيس ڪڪر،

جيڪر پايان پر، پھچان پنھنجي پرينءَ کي.

گھلي ڏکڻ ھير، پيا پور پرينءَ جا،

سيرون ڪيون ساھھ ۾، اندر جي اڪير،

ڪڏھن کنڊون کير، ڪڏھن وھھ جئن واسطا.

آئي رت رابيل جي، دل ۾ دود دکيو،

ناھي ساھھ سکيو، تو بن پل ليءِ اي پرين!

آئي رت رابيل جي، پيا پرينءَ جا پور،

نينھن سندا ناسور، اندر ۾ اکلي پيا.

اکڙيون اڃايل، سڄڻ تنھنجي سونھن جون،

سدا سڪايل، پرين پنھنجي پيار جون.

ورھين کان پوءِ ٿو وسين، برھھ جا بادل!

ترس تھ ٻھ ٽي پل، پياسو آھيان پيار جو.

اڄ اکڙن جي اڃ، پوري ٿي پرينءَ مان،

روح اندر ھئي رڃ، وسي بوند برھھ جي.

ويا اڄ اڏي، مون کي منھنجا سپرين،

آيا گھڙي اوچتو، جن کي ساھھ سڏي،

تن کان پوءِ تڏي، آھي بوءِ بھار جي.

سدائين ساوڻ، سڄڻ لاتو ساھھ ۾،

گھٽائن ۾ ڄڻ، گذريون گھڙيون عمر جون.

آئي ننڊ نيڻن کي، اڏاڻا ارواح،

سڄڻ، منھنجو ساھھ، پھتو تو وٽ پل ۾.

گھڙي جا گھاري، تنھن لاٿي سڪ صدين جي،

وڃان مان واري، سھڻا تنھنجي سونھن تان.

رھي منھنجو روح ۾، سدا تنھنجي سونھن،

ورھين لاءِ ورونھن، پلڪ تنھنجي پيار جي.

ورھين کان واسو، سڄڻ تنھنجو ساھھ ۾،

پنھنجن کان پاسو، مناسب ناھي مٺا.

وينديسانءِ مري، ڳائي تنھنجون ڳالھڙيون،

چوندين ’ھاءِ چري، سچي ھئي سڪ جي.‘

جيئين! تنھنجي جند جي، مٺڙي موسيقي،

ورھين ليءِ وڄندي، رھندي منھنجي روح ۾.

جيئين! تنھنجي جندڙي، ساري آ سرھاڻ،

تن مکڙين جو ميڙ آ، من خوبين جي کاڻ،

آڻي توکي اوچتو، قدرت منھنجي ڪاڻ،

مون کي چيو ’ماڻ، وٺ ھي گل گلاب جو.‘

چھڪي پيو چاه، مھڪي پئي مجبوبڙي،

سرھو ھن جو ساھھ، آھي بوءِ بسنت جي.

سوچي ڪجھھ سڄڻ جو، منھنڙو مرجھايو،

سرءُ جو سايو، ٽھليو ٽانگر جي مٿان.

نگاھن مان نينھن، ڇڻي پيا ڇاٽون ڪري،

ڏٺي ٿيا ھئا ڏينھن، محب ملي ويو اوچتو.

پرھھ کان پيارو، منھنڙو منھنجي يار جو،

مٺڙو موچارو، سڄڻ منھنجي ساھھ جو.

ڳوڙھن ڳالھايو،. الا وقت وداع جي،

اکين ۾ آيو، سارو ساھھ سڄڻ جو.

اسان ڪيئن ڪاٽيون، رسي ريجھڻ جون گھڙيون،

ڳوڙھا ڳراٽيون، چميون چپ چپن تي.

جھليم ھن کي جھول ۾، وجھي ڳچيءَ ڳٽ،

لھي ويس لڄ- ڀري، لبن مٿان لٽ،

پرين سارو پٽ، ڇھي ڇھان ڪيترو.

شل منھنجا محبوب، حرف نھ اچي حب تي،

او منھنجا مطلوب، طلبيان توکي نت نئون.

اکڙين اڄ اڦٽ، ماريو آھھ ميار سان،

پنبڻيون جھڪيون پٽ، ھي جون ڏوراپا ڏئي.

چئو منھنجي چنڊ کي، رھي وڃي رات،

ڏئي وڃي ڏات، سرچي منھنجي ساھھ کي.

پکيئڙو پرڏيھھ جو، لنوي ويندو لات،

رھي ويندو رات، سڄڻ تنھنجيءَ سيج تي.

سدا سيلاني، آھي ساھھ ’اياز‘ جو،

ڳچيءَ ۾ ڳاني، پرين وجھھ نھ پيار جي.

چانڊوڪي ۽ چنڊ، رھڻو آھي راتـڙي،

گھڙيءَ لاءِ گھمنڊ، چڱو ناھھ چڪور سان.

صديون سڪائين، گھارين گھڙي ھڪڙي،

سٻاجھا سائين، ويجھو آءُ وجود کان.

کنڀڙاٽيون نھ کوھھ، پڄندين ڪونھ پکيئڙا،

من کي ٻئي ھنڌ موھھ، چانڊوڪي چت مان ڪڍي.

وھي توريءَ وھھ لڳي، سائين آءُ ستت،

اکڙين مان امرت، پيئان تنھنجي اي پرين.

ساريم تنھنجي سڪ، سک وساريم ساھھ جا،

تن من جا مالڪ، واريم توتان جندڙي.

نھارن پيا نيڻ، سڄڻ جا سنسار مان،

ڀلندس ڪيئن مان ڀيڻ، گھاو انھن جي گھور جا!

اوڙھي آڌيءَ رات جي، شال سموري شھر،

سارو عالم پيو سمھي، اڏاڻا پل پھر،

سيرون ڪيون ساھھ ۾، لڳي تنھنجي لھر،

نيڻين وھي نھر، ڳاتم تنھنجون ڳالھڙيون.

تنھا راتيون تو بنا، سياري جون سرد،

مٺڙو مٺڙو درد، دکندو رھيو دل ۾.

دکندو رھيو درد، وري رک ۾ روح جي،

سالن کان ھو سرد، مچ اسان جي من جو.

ڪارا ڪڪر اڀ تي، وسڪارا ۽ وڄ،

منھنجا مٺڙا، ھن گھڙيءَ، ڇاتيءَ کان نھ ڇڄ،

مون سان پيھي ڀڄ، برساتين ۾ برھھ جي.

اصل يار اکين جي، ٻي آھي ٻولي،

سڄڻ ليءِ سولي، ڏکي ساري ڏيھھ لاءِ.

پيارا پيارا پل، وسري وسرن ڪينڪي،

سوگھي جھليم ساھھ سان، ڪا مٺڙي مومل،

چميم جنھن جا چاھھ مان، ڳوڙھن ڀريا ڳل،

الا وقت اجھل، لتاڙيءَ لک عاشقيون.

الا، چوڏھينءَ چنڊ جيئن، محبوبن جا ميل،

وھامي وئي ويل، رسي ويڙيم راتڙيون.

تنھائيءَ جا تير، کتا منھنجي کيپ ۾،

چڪي پھتي چت تي، آيا نيڻين نير،

تڙڦي وئي تقدير، گھوري منھنجي گھاو کي.

الا ڏس تھ الا، جا ٻاريا عشق اندر ۾،

برھھ ھيئين ڀلا، جلايو ڇو جيءَ کي!

مان بڙڇي مان گھاءُ، مان ئي وار وجود تي،

مان ئي ھان پڇتاءُ، مان ئي پيار پرينءَ جو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org