سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: گيتانجلي

ٽئگور

صفحو :1

گيتانجلي

ڊاڪٽر گل بليدي

ارپنا

 

پنھنجي حياتيءَ جي ساٿي

صفيھ گل

جي نانءِ

جيڪا بھ، مون جيان

ڪتابي ۽ آدرشي آھي

جنھن کي بھ مون وانگر

اھا خبر ڪونھ ھئي

تھ زندگي-

گيتانجلي جو نظم نھ پر

ھومر جي اوڊيسي آھي.

سسيفس جي سزا آھي.

۽

پنھنجي ڌيئڙي

نتاشا گل

جي نانءِ

جيڪا رات جي پيٽ ۾ ڄائي،

۽ ماءُ جي پيٽ کان

قبر جي پيٽ ۾ ھلي وئي.

ھن، ھن نام نھاد روشن دنيا ۾

ھڪ پل بھ رھڻ ڪونھ چاھيو

جنھن ۾ ھر رشتو

پاڻ سان پيار کان شروع ٿي

پاڻ سان پيار تي ختم ٿئي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org