سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: گيتانجلي

ٽئگور

صفحو :8

 

 (34)

 

جيڪو آءٌ آھيان ان جو

سسي صرف ايترو

باقي بچان ذرڙو

جنھن سان توکي چئي سگھان

سڄو سارو پنھنجو

بس منھنجي خواھش گھٽجي،

باقي بچي ذرڙي ايتري

جنھن سان ھر طرف توکي محسوس ڪري سگھان

۽ ھرھڪ ڳالھھ ۾ تو تائين اچي پھچان،

۽ ھر پل پنھنجي پيار جي توکي ڀيٽا ڏئي سگھان.

بس مان ڳري ڳري باقي ايترو وڃي بچان

جو مان پوءِ توکي مورؤن لڪائي ڪونھ سگھان.

بس منھنجا نيئر رڳو، باقي ايترا ٿورا بچن

جو مان بس تنھنجي رضا سان ٻڌل رھان

تھ جيئن پنھنجي جيون ۾

تنھنجي مقصد جو پورائو ڪري سگھان-

۽ اھو نيئر آھي تنھنجي پيار جو نيئر.

±

 

 (35)

 

جتي ذھن خوف کان آزاد ۽ ڳاٽ اوچو جھليل آھي؛

جتي علم تي پھرو نھ آھي؛

جتي دنيا کي، سوڙھين مقامي ديوارن ٽڪرا ٽڪرا ڪونھ ڪيو آھي؛

جتي لفظ سچائيءَ جي اونھائيءَ مان نڪرن ٿا؛

جتي اڻٿڪ جدوجھد تڪميل طرف پنھنجون ٻانھون پکيڙي ٿي؛

جتي عقل جو صاف شفاف وھڪرو، مئل رسمن جي ويران

ريگستان جي واريءَ ۾ وڃائجي ڪونھ ويو آھي؛

جتي ذھن تنھنجي ئي رھبريءَ ۾

مسلسل ڦھلجندڙ سوچ ۽ عمل ڏانھن اڳتي وڌندو رھي ٿو؛

اھڙي آزاديءَ جي جنت ۾ منھنجا پيءُ

منھنجي ملڪ کي جاڳاءِ.

±

 

 (36)

 

منھنجا مالڪ! تو در منھنجي اھا وينتي آھي-

اکوڙ، منھنجي دل جي اڻ ھوند جي پاڙ اکوڙ.

مونکي سگھھ ڏي پنھنجي ڏکن ۽ سکن کي

سھنجائي سان سھڻ جي؛

مون کي سگھھ ڏي پنھنجي پيار کي

خدمت جي صورت ۾ سجائي ڪرڻ جي؛

مون کي سگھھ ڏي غريبن کان ھرگز رشتو نھ ٽوڙڻ

۽ آڪڙيل طاقت آڏو گوڏا نھ کوڙڻ جي؛

مون کي سگھھ ڏي پنھنجي من کي

روزاني جي تڇ جھنجھٽن کان مٿانھون رکڻ جي؛

۽ مون کي سگھھ ڏي، پنھنجي شڪتي کي

تنھنجي رضا آڏو پيار سان پيش پوڻ جي.

±

 

 (37)

 

مون ائين سمجھيو تھ منھنجي قوت جي آخري حد تي

منھنجي مسافري بھ پوري ٿي چڪي ھئي-

تھ منھنجي اڳيان رستو بند ھيو،

تھ سفر جو ثمر ختم ٿي چڪو ھيو،

۽ وقت اچي ويو ھيو تھ ھڪ خاموش گمناميءَ ۾ پناھھ وٺان.

پر مان ڏسان ٿو تھ تنھنجي رضا،

منھنجي ڪابھ پڄاڻي ڄاڻي ئي نھ ٿي.

جو جڏھن پراڻا لفظ زبان تي مري وڃن ٿا.

تھ دل مان نوان مڌر سر آلاپ ڦٽي نڪرن ٿا؛

۽ جتي بھ پراڻا پيچرا گم ٿي وڃن ٿا،

تھ ھڪ نئون ديس پنھنجي حيرت انگيزين سان ظاھر ٿئي ٿو.

±

 

 (38)

 

مون کي بس تون ئي گھرجين، رڳو تون-

منھنجي دل چپ نھ ڪري،

رڳو ائين ئي ويٺي ورجائي.

اھي سموريون سڌون جن راتو ڏينھان مونکي پريشان ڪري رکيو آھي،

سي سموريون ڪوڙيون ۽ اندر ۾ کوکليون آھن.

جيئن رات پنھنجي انڌيري ۾ روشنيءَ لاءِ التجا لڪائي رکي ٿي،

بلڪل ائين ئي منھنجي لاشعور جي اونداھيءَ ۾

اِن ئي پڪار جو پڙاڏو آھي-

مون کي بس تون ئي گھرجين، رڳو تون.

جيئن طوفان بھ آخرڪار پنھنجي پڄاڻي سانت سڪون ۾ چاھي ٿو.

جيتوڻيڪ اھو پنھنجي پوري پوري قوت سان،

سانت ۽ سڪون سان ٽڪرائجي ٿو.

بلڪل ائين ئي منھنجي بغاوت بھ

تنھنجي پيار سان ٽڪرائجي ٿي.

۽ پوءِ بھ ان جي اھائي پڪار آھي-

مون کي بس تون ئي گھرجين، رڳو تون.

±

 

 (39)

 

جڏھن دل سڪي سخت ٿي،

ٺوٺ ۽ ڪٺور ٿي،

تڏھن منھنجي مٿان مھر جو مينھن وسائج.

جڏھن جيون مان رنگت ختم ٿي وڃي،

تھ گيت سنگيت جي ڌم ڌڙام سان اچي پھچ.

جڏھن ڪم ڪار جو گوڙ گھمسان ھر طرف ھل ۽ ڌمچر مچائي

۽ مون کي ھن پار کان وانجھو ڪري ڇڏي،

تھ اي منھنجا خاموشيءَ جا خدا!

پنھنجي شانتي ۽ سڪون سان مون وٽ اچي پھچ.

جڏھن منھنجي ڪنگال دل،

ڪرونڊڙي ٿي ھڪڙي ڪنڊ ۾ لڪي وڃي ويھي،

تڏھن منھنجا راجا، در کي ڀڃي کولي،

شاھاڻي شان شوڪت سان مون ڏانھن پير ڀري پھچ.

جڏھن خواھش، عقل کي، مايا ۽ ٺڳيءَ جي،

ڌڌڙ ۽ مٽيءَ سان انڌو ڪري ڇڏي،

تڏھن تون اي پاڪ ذات، اي سدا سجاڳ،

پنھنجي روشني ۽ گجگوڙ سان اچي پھچ.

±

 

 (40)

 

منھنجا خدا، ڪيترن ئي ڏينھن کان منھنجي بنجر دل تي،

مينھن جي ڪا ھڪ ڪڻي بھ ڪونھ وٺي آھي.

آسمان بھ خوفناڪ طور تي صفا صاف ۽ ٻسو آھي-

ڪنھن نفيس ڪڪر جو ڪو صفا سنھڙو تھھ بھ ڪونھي،

اڳ يا پوءِ ڪنھن ٿڌي، وسڪاري جي وسڻ جو

بلڪل ڌنڌلو ئي سھي، آثار بھ ڪونھي.

ڀلا، جي اھائي تنھنجي مرضي آھي،

تھ پوءِ اجل جي اونداھيءَ وارو، پنھنجو مڇريل طوفان موڪل،

۽ وڄ جي ڦٽڪن سان آڪاش کي،

ھڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي تائين ڌوڏي ۽ ڇرڪائي ڇڏ.

پر واپس سڏائي وٺ، منھنجا مالڪ، واپس سڏائي وٺ.

ھن چوڦير ڦھليل، سرايت ڪندڙ خاموش آتش کي،

جيڪا ساڪن، شديد، ۽ بي رحم آھي.

جيڪا خطرناڪ نراس سان دل کي ساڙي رھي آھي.

رحمت جي ڪنھن ڪڪر کي تون،

مٿان کان ھيٺ لھي اچڻ ڏي.

ائين ئي جيئن پيءُ جي ڏمر واري ڏينھن تي،

ماءُ وٽ اولاد لاءِ لڙڪ ڀريل نھار ھوندي آھي.

±

 

 (41)

 

منھنجا پريتم، پاڇولن ۾ پاڻ لڪايون،

انھن سڀني جي پويان تون ڪٿي بيٺو آھين،

توکي ڪجھھ بھ نھ ليکيندي، ۽ ڌڪا ڏيندي،

ھو ڌڌڙ واري دڳ تان گذرنداوڃن ٿا.

مان انتظار جون ٿڪائي وجھندڙ گھڙيون گذاريندي،

تنھنجي لاءِ پنھنجون ڀيٽائون وڇايون ويٺي آھيان.

۽ ان وچ ۾ واٽھڙو گذرندا رھن ٿا

۽ ھڪ ھڪ ڪري منھنجا گل کڻندا وڃن ٿا،

تان جو منھنجي کاري ذري گھٽ خالي ٿي وئي آھي.

صبح جو ٽاڻو ٽري ويو آھي ۽ منجھند بھ.

شام جي پاڇن ۾ منھنجا نيڻ ننڊ سان ڀرجي ويا آھن.

ماڳ موٽندڙ ماڻھو مونڏي اک ٽيٽ ڪري ڏسن ٿا، مشڪن ٿا؛

۽ ائين مون کي شڪي ڪري شرم ۾ ٻوڙي ڇڏين ٿا.

پنھنجي پلو سان منھن ڍڪيون مان پينو ڇوڪريءَ وانگر ويٺي آھيان

۽ پوءِ جڏھن ھو پڇن ٿا تھ مون کي ڇا گھرجي؟

تھ بنا ڪڇئي پنھنجون اکيون کڻي ھيٺ ڪيان ٿي.

ڪجھھ بھ ڪين چوان ٿي

آه، سچ تھ اھا حقيقت آخر انھن کي ڪيئن ٻڌايان،

تھ مان تھ اصل ۾ تنھنجي ئي اوسيئڙي ۾ ويٺي آھيان؛

۽ اھو تھ تون اچڻ جو انجام ڏنو آ.

مان پنھنجي مرم ۾ ائين ڪيئن ڪڇي سگھندس،

تھ پنھنجي ڏاج لاءِ مون، ھيءَ مفلسي ميڙي رکي آ.

مان تھ پنھنجي دل جي راز جي انھيءَ غرور کي،

ڀاڪر پايون، ڇاتيءَ لايون ويٺي آھيان.

مان گاه تي ويٺي آھيان ۽ آسمان ڏي پئي تڪيان،

۽ تنھنجي اچڻ جي اوچتي جلوي جو سپنو پئي ڏسان-

ساريون بتيون ٻري رھيون آھن،

تنھنجي رٿ جي مٿان سونھري جھنڊا ڦڙڪي رھيا آھن.

رستي ويندڙ راھگيرن کي ڏندين آڱريون اچي ويون آھن،

جڏھن ھو ڏسن ٿا تھ پنھنجي رٿ تان ھيٺ لھي تون

مون کي مٽيءَ مان مٿي کڻين ٿو،

۽ اونھاري جي ھوا ۾ ڪنھن لڏندڙ ول جيان،

شرم ۽ فخر وچان ڏڪڻي ورتل،

ھن چولي چيھون ٿيل، پينون ڇوڪريءَ کي،

پنھنجي پاسي ۾ رٿ تي ويھارين ٿو.

پر وقت ڄڻ وھندو پيو وڃي،

۽ اڃا تائين تھ تنھنجي رٿ جي ڦيٿن جو آواز ئي ڪونھي.

ڪيتريون ڄڃون ھل ھنگامي، ڌام ڌوم ۽ شان مان سان گذري ويون آھن.

ڇا رڳو تون ئي ھوندي جيڪو چپ چاپ، اوندھھ ۾،

انھن جي پويان لڪو رھندين؟

۽ ڇا رڳو مان ئي ھونديس جيڪا رڳو روئندي،

۽ انتظار ڪندي رھندس؟

۽ ائين پنھنجي ھيانؤ کي، اجائي اڪير

۽ جھوري ۾ ڳاري ڇڏيندس؟

±

 

 (42)

 

پره ڦٽيءَ جي ويل ئي اھا سس پس شروع ٿي وئي

تھ رڳو تون ۽ مان، ٻيڙيءَ ۾ سير تي نڪرون ٿا.

۽ دنيا جي ٻي ڪنھن بھ، بني بشر کي قطعي

اھا ڪل ڪونھ پوي اسان جي ھن سفر جي

جيڪو ڪنھن بھ ڏيھھ ڏانھن ڪونھي

۽ جنھن جي ڪابھ پڄاڻي ڪونھي.

ان بي ڪنار بحر ۾، سانت سانت ۾

تنھنجو مسڪرائي ٻڌڻ ۾،

منھنجا گيت، مڌر سنگيت بڻجي پوندا،

ڇولين جيان ڇڙواڳ ٿي ويندا،

۽ لفظن جي ٻنڌڻن کان آزاد بھ ھوندا.

ڀلا اڃان اھا ويل آئي نھ آھي ڇا؟

اڃان ڪي ڪم ڪار ڪرڻا آھن ڇا؟

ھوڏانھن ڏس، ھو سانجھي بھ

سمنڊ ڪناري لھي، اچي پھتي آھي.

۽ ڍرڪندڙ روشني ۾ سامونڊي پکيئڙا بھ،

پنھنجن آکيرن ڏانھن اڏامندا موٽن ٿا.

ڪنھن کي ڪل، تھ ڪڏھن ٿو لنگر کڄي

۽ ٻيڙي سج جي آخري شعاع جيان،

رات ۾ گم ٿي وڃي.

±

 

 (43)

 

اھو بھ ھڪڙو ڏينھن ھيو

جو تنھنجي لاءِ مان پاڻ کي ٺاھيو سينگاريو ڪونھ ھيو.

۽ تون انبوه جي ڪنھن عام ماڻھوءَ وانگيان،

منھنجي لاءِ ھڪڙي اجنبيءَ جيان،

منھنجا راجا منھنجي دل ۾ بنا پڇي داخل ٿيندي،

منھنجي جيون جي کوڙ سارن تيز گذرندڙ لمحن تي،

تون ھميشگي جي مھر لڳائي ڇڏي.

۽ اڄ جڏھن مون اتفاقا، انھن تي روشني وڌي

تھ تنھنجي صحيح ٿيل ڏسان ٿو.

۽ انھن ئي لمحن کي پنھنجي خسيس وساريل ڏھاڙن جي

ڏکن ۽ سکن وانگيان،

ڌڌڙ ۾ ڀڀوت ۽ ٽڙيل پکڙيل ڏسان ٿو.

مٽي ۾ منھنجي ٻاراڻي راند روند ڪري

تون بُڇان ڪري مون کان منھن ڪونھ موڙيو.

پنھنجي راند روند واري ڪمري ۾ تنھنجي قدمن جا آواز

جيڪي مون ٻڌا ھئا، سي اھي ئي ساڳيا آھن،

جيڪي ھڪ ستاري کان ٻي ستاري تائين گونجي رھيا آھن.

±

 

 (44)

 

بس منھنجي خوشي ان ۾ آھي

تھ رستي جي پاسي ۾ ويٺو انتظار ڪيان ۽ تڪيان،

تھ ڪيئن پاڇا روشنيءَ جو پيڇو ڪن ٿا

۽ سانوڻ جي اچڻ سان چؤماسو پڻ اچي ٿو.

اڻڄاتل آڪاش کان خبرون کڻي ايندڙ پيامبر

مون کي کيڪاريندا تيزيءَ سان رستي تان گذريو وڃن ٿا.

منھنجي دل اندر ئي اندر ۾ گد گد ٿي ٿئي

۽ گلھندڙ ھير جو ھڳاءُ مڌر ٿو محسوس ٿئي.

سويري کان سنجھا تائين مان پنھنجي گھر در تي ويٺي رھان ٿي

ڄاڻان ٿي تھ اوچتو خوشيءَ جي اھا گھڙي اچي نڪرندي

جڏھن مان درشن ڪندس.

تيستائين مان مرڪندي

۽ اڪيلي ئي اڪيلي جھونگاريندي رھان ٿي

تيستائين ھير بھ، وعدي جي خوشبوءِ سان واسجندي رھي ٿي.

±

 

 (45)

 

ڇا تون ھن جو ٻليءَ پير پائي ھلڻ ٻڌو نھ آھي؟

ھو اچي ٿو، اچي ٿو، پل پل اچي ٿو.

ھر ويلي، ھر جڳ، ھر ڏينھن، ھر رات،

ھو اچي ٿو، اچي ٿو، پل پل اچي ٿو.

من جي ڪيترن ئي ڪيفيتن ۾، مون ڪيئي گيت ڳاتا آھن

پر انھن جي سارن سرن ۾ بس اھوئي اعلان آ،

ھو اچي ٿو، اچي ٿو، پل پل اچي ٿو.

روشن اپريل جي سڳنڌ واري مند ۾،

جھنگل جي پيچرن تان،

ھو اچي ٿو، اچي ٿو، پل پل اچي ٿو.

جولاءِ جي چؤماسي ۾ اٻاڻڪين راتين جو

ڪڪرن جي گجندڙ رٿ تي،

ھو اچي ٿو، اچي ٿو، پل پل اچي ٿو.

ڏک جي ڪڍ ڏک ۾ اھي قدم ھن جا ھوندا آھن

جيڪي منھنجي دل تي پوندا آھن

۽ اھو ھن جي قدمن جو سون ورنو ڇھاءُ ھوندو آ

جيڪو منھنجي خوشيءَ کي ٻھڪائي ڇڏيندو آ.

±

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org