سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: گيتانجلي

ٽئگور

صفحو :6

 

 (11)

 

ڇڏي ڏي اھي ڀڄن ڳائڻ، منتر آلاپڻ ۽ تسبيح سورڻ!

سڀ در بند ڪري، مندر جي ان اڪيلي ۽ اونداھين ڪنڊ ۾،

تون ڪنھن کي پوڄين پيو؟

پنھنجون اکيون کول ۽ ڏس،

تنھنجو خدا تنھنجي سامھون آھي ئي ڪونھ!

ھو اتي آھي جتي ھاري سخت زمين کي کيڙي رھيو آھي

۽ جتي سڙڪ ٺاھيندڙ پورھيت پٿرن کي ڪٽي رھيو آھي.

ھو انھن سان ساڻ آھي اس ۾ بھ مينھن ۾ بھ،

۽ سندس لٽا بھ مٽيءَ سان ڀڀوت آھن.

پنھنجي اھا پوڄا واري پاڪ الفي لاھھ

۽ بلڪل ھن وانگيان ڌڌڙ ۾ لھي اچ!

مڪتي؟ ڪٿي ملندي آھي اھا مڪتي؟

اسان جي ڀتار پنھنجي خوشيءَ وچان پاڻ،

تخليق جا ٻنڌڻ پنھنجي مٿان مڙھيا آھن.

ھو اسان سڀني سان ھميشھ ھميشھ لاءِ جڪڙيل آھي.

پنھنجي ذڪر ۽ عبادت کان ٻاھر نڪري آءُ،

۽ پنھنجي گلن ۽ واس کي پاسي ڪر.

ڀلا ڪھڙو ھرج ٿيندو جيڪڏھن تنھنجا،

لٽا ليڙون ٿيا ۽ داغ لڳي پين

ھن سان مل ۽ ھن سان گڏجي

پورھيو ڪر ۽ پگھر ڳاڙ.

±

 

 (12)

 

منھنجي مسافري ۾ جيڪو وقت لڳندو سو بھ گھڻو آھي

۽ منھنجي سفر جو رستو بھ ڊگھو آھي.

مان روشنيءَ جي پھرين ڪرڻي جي رٿ تي ٻاھر نڪري آيس

۽ سنسارن جي ويرانين مان گذرندي، ڪيترن ئي ستارن ۽ سيارن تي

پنھنجو پيرو ڇڏيندي، پنھنجو سفر جاري رکيو.

پنھنجي قريب تر پھچڻ جو اھو دڳ ڏاڍو ڏورانھون آھي

۽ اھا سکيا بيحد پيچيده ھوندي آھي

جيڪا سادي کان سادي سر سکڻ لاءِ حاصل ڪرڻي پوندي آھي.

مسافر کي ھر اجنبي دروازو کڙڪائڻو پوندو آھي،

خود پنھنجي در تائين پھچڻ لاءِ،

۽ ماڻھو کي ٻاھرين سمورن سنسارن ۾ ڀٽڪڻو پوندو آھي

آخر ۾ پنھنجي اندرين اندرين مندر تائين پھچڻ لاءِ.

منھنجون اکيون چؤطرف پري پري تائين ڀٽڪنديون رھيون

تان جو مون اھي کڻي ٻوٽيون ۽ چيو ”اجھو ھتي آھين تون!“

”ڪٿي آھين“ اھو سوال ۽ تلاش رجي، ڳري، ڳوڙھن

جون ھزارين نھرون بڻجي پون ٿيون

۽ دنيا کي ان، ”اجھو مان ھي آھيان“

جي ويساھھ

جي ٻوڏ سان

ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏين ٿيون.

±

 

 (13)

 

گيت جيڪو مان ڳائڻ آيو ھيس، اھو اڄ ڏينھن تائين

اڻ ڳاتل ئي رھجي ويو آھي.

مان پنھنجا سارا ڏھاڙا، پنھنجي ساز جون تارون،

چاڙھيندي ۽ لاھيندي گذاري ڇڏيا.

اڃا صحيح وقت نھ آيو آھي،

اڃا لفظن جو جڙاءُ ٺيڪ ٿي نھ سگھيو آھي؛

رڳو منھنجي دل ۾ تمنا جي پيڙا آھي. مکڙي اڃا ڪونھ ٽڙي آھي.

اڃا تھ رڳو ڀرسان گھلندڙ ھير ٿڌا ساھھ ڀريندي پئي وڃي.

نھ مان ھن جو مکڙو ڏٺو آھي، نھ ئي مان ھن جو آواز ٻڌو آھي؛

مان تھ صرف سندس ڪومل قدمن جي آھٽ،

پنھنجي گھر اڳيان گذرندڙ راھھ تان ٻڌي آھي.

زندگيءَ جيڏو ڊگھو ڏھاڙو،

فرش تي ھن جو آسڻ وڇائڻ ۾ گذري ويو آھي.

پر مون اڃا تائين ڏيئو ڪونھ ٻاريو آھي ۽

مان ھن کي پنھنجي گھر سڏائي نھ ٿو سگھان.

مان ساڻس ملڻ جي آس ۾ پيو جيئان،

پر ميڙي جي گھڙي، اڃا تائين ڪونھ آئي آھي.

±

 

 (14)

 

منھنجون خواھشون کوڙ آھن ۽ منھنجي صدا رحم جوڳي آھي.

پر تون سدائين صاف انڪار ڪري مون کي بچائي وڌو آھي.

۽ تنھنجو اھو ڪٺور رحم منھنجي حياتيءَ جي

رڳ رڳ ۾ رچي ويو آھي.

ڏينھون ڏينھن تون مون کي انھن سادين سودين ۽ اوچين

بخششن جي قابل بڻائيندو وڃين ٿو،

جيڪي تون مون کي اڻ گھريي عطا ڪرين ٿو.

ھي آسمان، ھي روشني، ھي سرير، ھي ساھھ ۽ ذھن-

۽ ائين لوڀي خواھشن جي خطري کان مون کي بچائي وجھين ٿو.

ڪي اھڙيون بھ گھڙيون اينديون آھن؛

جڏھن مان جِھڄِي، جھڪو ۽ جھيڻو ٿي پوندو آھيان

۽ اھڙو وقت بھ ايندو آھي جو مان سجاڳ ۽ سچيت ٿي

پنھنجي منزل جي ڳولا ۾ تڪڙو نڪري پوندو آھيان.

پر تون مون تي ڪوبھ قياس ڪونھ ڪندي،

پنھنجو پاڻ مون کان لڪائي ڇڏين ٿو.

ڏينھون ڏينھن تون مون کي ھميشھ ۽ ھڪدم

ھر گھڙيءَ، ھر ڀيري،

انڪار ڪري

پنھنجي پوري قبوليت جي قابل بڻائي رھيو آھين.

۽ ائين مون کي بيڪار، بي يقين ۽ بي سود سڌن جي

جوکم کان بچائي وٺين ٿو.

±

 

 (15)

 

اجھو مان اچي پھتو آھيان توکي پنھنجو گيت ٻڌائڻ لاءِ،

تنھن ھن صحن ۾ مون کي بھ ھڪڙي ڪنڊ ۾ جڳھھ ملي آھي.

تنھنجي ھن سنسار ۾ مون کي ڪرڻ لاءِ ڪو ڪم ڪار ڪونھي.

منھنجي بيڪار زندگيءَ منجھان رڳو

بي مقصد سر آلاپ ئي ڦٽي نڪري سگھن ٿا.

جڏھن آڌيءَ رات جي اونداھين مندر ۾

تنھنجي خاموش پوڄا جي گھڙي اچي

تھ منھنجا مالڪ مون کي حڪم ڪج

تھ تنھنجي سامھون گيت ڳائڻ لاءِ اٿي بيھان.

جڏھن صبح جي ھير ۾ سونھري سرندو وڄي

تھ مون کي حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏئي منھنجو مان وڌائج.

±

 

 (16)

 

مون کي ھن دنيا جي ميلي جي ڪوٺ ملي چڪي ھئي

۽ ائين منھنجي زندگي بابرڪت بڻجي وئي.

منھنجي نيڻن ڏٺو آھي ۽ منھنجي ڪنن ٻڌو آھي.

ان جشن تي مون کي پنھنجو ساز وڄائڻو ھيو

۽ مان پنھنجي وس ۽ وت آھر سڀ ڪجھھ ڪيو.

مان اھو ٿو مڱان تھ ڇا ھينئر، آخرڪار اھو وقت اچي ويو آھي

تھ مان اندر وڃي سگھان ۽ تنھنجو چھرو پسان

۽ پنھنجو چپ چاپ سجدو ۽ سلام توکي پيش ڪيان.

±

 

 (17)

 

مان صرف ترسيل آھيان

ان پيار لاءِ تھ پاڻ کي انھيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيان.

اھوئي تھ سبب آھي جو ايڏي اوير ٿي وئي آھي

۽ مان ھھڙين غفلتن جو ڏوھدار بڻيو آھيان.

ماڻھو پنھنجن قاعدن قانونن سان مون کي سوگھو ٻڌڻ لاءِ اچن ٿا

پر ھر ڀيري مان کين ٽاري ڇڏيندو آھيان،

ڇو تھ مان رڳو ان پيار لاءِ ئي ترسيل آھيان

جنھن جي ھٿن ۾ آخرڪار پاڻ ارپي ڇڏيان.

ماڻھو مون تي الزام ھڻن ٿا ۽ مون کي لاپرواھھ سڏين ٿا.

۽ بيشڪ ھو پنھنجي الزام ۾ درست بھ آھن.

ڏيتي ليتي جو ڏھاڙو پورو ٿي چڪو

۽ ڪاروباري ماڻھن سڀ ڪم پورا ڪيا.

اھي جيڪي اجايو مون کي سڏڻ آيا،

سي مايوس ٿيا ۽ ڪاوڙ ۾ موٽي ويا.

مان تھ بس منتظر آھيان ان پيار جو،

جنھن جي ھٿن ۾ آخرڪار پاڻ ارپي ڇڏيان.

±

 

 (18)

 

ڪڪر ڪارونڀار ٿيندا پيا وڃن ۽ اونداھي وڇائبي وڃي پئي.

آه! منھنجا پيار! تون ڇو مون کي در ٻاھران اڪيلو ترسائين ٿو؟

ٻن پھرين جي ڪم ڪار وارين مصروف گھڙين ۾

مان انبوه سان گڏ ھوندو آھيان،

پر ھن اڄوڪي اونداھي ۽ اڪيلي ڏينھن تي

مون کي رڳو تنھنجو ئي آس آھي.

جيڪڏھن تون مون کي پنھنجو ديدار نھ ٿو ڪرائين،

جيڪڏھن تون مون کي بنھھ پاسي تي ڪري ٿو ڇڏين

تھ مون کي سمجھھ ۾ نھ ٿو اچي تھ

مان ھي ڊگھيون مينھوڳيون گھڙيون ڪيئن ڪاٽي سگھندس.

مان آڪاش جي ڏوراھين ڌنڌ کي پيو تڪيان

۽ منھنجو من بي چين ھوا سان گڏ آھون ڪندو رلندو رھي ٿو.

±


 

 

 (19)

 

جيڪڏھن تون مون سان ڪجھھ بھ نٿو ڪڇين

تھ پوءِ مان پنھنجيءَ دل کي، تنھنجي چپ سان

پر ڪري وٺندس ۽ ان کي سھندس.

مان پِنڊ پاھڻ ٿي ويھندس

۽ ان چوڪس تارن ڀري رات جيان انتظار ڪندس،

جنھنجو ڪنڌ صبر سان جھڪيل ھوندو آھي.

صبح اوس اچڻو آھي، اونداھي گم ٿيڻي آھي

۽ تنھنجو آواز آڪاش کي ڦاڙي نڪرندڙ

سونھري نھرون بڻجي ھيٺ اوتجي پوندو.

تنھن گھڙيءَ تنھنجا لفظ منھنجي ھرھڪ پکيءَ جي آکيري مان

گيتن جا پر بڻجي اڏري نڪرندا

۽ تنھنجا مڌر سر منھنجي جھنگل جي سمورن جھڳٽن ۾

گل بڻجي ٽڙي پوندا.

±


 

 

 (20)

 

ان ڏھاڙي جڏھن ڪنول ٽڙيو ھو،

افسوس جو منھنجا خيال، الائي ڪٿي پئي ڀٽڪيا

۽ مون کي اھا خبر ئي ڪونھ رھي؛

منھنجي کاري بھ خالي ھئي ۽ گل ڏي بھ ڌيان ئي نھ ويو،

بس ائين پئي ٿيو جو ھرھر مون کي مايوسي پئي اچي ورايو

۽ مان پنھنجي ان ُداسي جي سپني مان ڇرڪ ڀري پئي اٿيم،

جڏھن ڏکڻ جي ھير جي انوکي سڳنڌ ۾

ھڪ مڌر ھڳاءُ محسوس ڪيم.

انھيءَ مبھم ميٺاج سبب منھنجي دل

آس جي پيڙا سان ڏکڻ لڳي ھئي،

۽ مون کي ائين ڀاسيو تھ اھو اونھاري جو بي تاب ساھھ ھيو

جيڪو پنھنجي تڪميل جي تلاش ۾ ھيو.

تڏھن مون کي اھا سڌ ئي نھ ھئي

تھ اھا ڪا ايڏو ويجھي ھئي،

تھ اھا ڪا منھنجي ئي ھئي،

۽ اِھو ڪامل ميٺاج منھنجي پنھنجي ئي من جي

اونھاين منجھان ڦٽي ڦولاريو ھيو.

±

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org