سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: درشن ڌارو ڌار

صفحو :7

غزل

ڌرتيءَ تي انباءُ، اچي ٿو،

پيڙا جو پڙلاءُ، اچي ٿو.

 

درد دلين ۾ ائين اچي ٿو،

ڄڻ سنڌو درياءُ، اچي ٿو.

 

گوندر ۾ جي گونج ڦٽن ٿا،

تن مان سرهو جا ساءُ، اچي ٿو.

 

ويڙهه وڳهه جي ياد پوي ٿي،

ڀاءُ جي سامهون ڀاءُ، اچي ٿو.

 

سوچ کي نئين ڪا لوچ ملي ٿي،

جڏهين به ڪو ڏهڪاءُ، اچي ٿو.

 

او! ٻيڙ ياتا سڙهه سنڀاليو،

”ڪامهه“ وارو واءُ، اچي ٿو.

 

تاريخ جي اهڙي منشا آهي،

انياءُ جي پويان نياءُ، اچي ٿو.

***

غزل

ڀنيءَ هي ويل ٿي، آهي،

هوا ٿڌڙي گهلي، آهي.

 

پنهون چوري نه ٿي سگهندو،

سسئي جاڳي پئي، آهي.

 

وري ساڻيهه جون ساکون،

ڏيڻ مارئي هلي، آهي.

 

وري آزاد سورج جي،

خبر خاصي ملي، آهي.

 

او منهنجي ديس جا، لوڪو!

اٿو! ٿي روشني، آهي.

 

هوا گجرا جهلي بيٺي،

سوا گت جي گهڙي، آهي.

 

اجهو! سورج مکي نکريون،

ڪڍي سورج ڪني، آهي.

***

غزل

سچ ڪؤڙو آ مرچن کان،

ڪوڙ مٺو آ مصريءَ کان.

 

سچ چوڻ تي مچ مچي جت،

ڀينگ ڀلي ان ڀيڻيءَ کان.

 

ديس نه ڪوئي ويس نه ڪوئي،

سهڻو منهنجي سنڌڙيءَ کان.

 

ڪيئن ٿي گهاري ڪوٽ ڪڙن ۾،

ڪاش! پڇي ڪو مارئيءَ کان.

 

ڪنهن نه پڇيون کامڻ جون خبرون،

ٿرجي ٿڌڙيءَ واريءَ کان.

 

ڪو به نه اڄ انڪاري آهي،

شاهه لطيف جي وائيءَ کان.

***

غزل

نيڻ ڀنل، هئاسين،

چپ سبيل، هئاسين.

 

مک لٿل، هئاسين،

سک ڦٽل، هئاسين.

 

ذهن ٿڪل، ويا ڪل،

روح رٺل، هئاسين.

 

سوچن لوچن تي،

پهرا به پيل، هئاسين.

 

وکري، وکريل، وکريل،

ڄڻ ڪي بادل، هئاسين.

 

شام جي لام سندا،

ڪي پل، اپل هئاسين.

 

اڻ ڄاتل احساس جي،

ڊاو ڊنل، هئاسين.

***

اڏرڻ چاهيوسين پر،

کنڀ ڪٽيل، هئاسين.

 

سوريءَ جي سيني تي،

روز چڙهيل، هئاسين.

 

ڪنڌ ڪپيل هئاسين،

پر نه جهڪيل هئاسين.

 

وقت سڏيو ورنه،

”سوز“ ستل، هئاسين.

***

غزل

ائين نه چپ چپات ٿيو،

ڪجهه ڪن ٿيو، ڪجهه وات ٿيو.

 

ڪيستائين ڪنڌ ٿيو!

هاڻ ڪٽارا ڪات، ٿيو.

 

ڏينهن اجالو جيڪر ناهي،

روشن روشن رات ٿيو.

 

باک لاک جي ساک بچائي،

پاڻ ئي ڪا پرڀات، ٿيو.

 

شيشي جهڙا هانءَ نه ڌاريو،

پٿر جا جذبات ٿيو.

 

وقت اچي ويو آهي هاڻي،

مات ڏيو يا مات، ٿيو.

***

غزل

ستارن سندي ڇاٽ آهي ڇڻي،

هوائون به آيون کٿوريون کڻي.

 

سهائي اهائي ستارن ۾ سرجي،

نه ڪنهن چنڊ جي گهرج آهي گهڻي.

 

سفيديءَ جو سُرمو سجاڳيءَ آ پاتو،

ٿي اک اک لڳي هاڻ هيري ڪڻي.

 

ڪئي رات جي چيڙهه ڀريل چڳن ۾،

پرهه پيار جي آڱرين سان ڦڻي.

 

نه ٻيجل نه ڪينر، نه سورٺ نه سڏڪا،

صدائن ڪيو هنڌ آخر هڻي.

 

وهائوءَ جي ويلي پپيهي پڪارئو،

لڳي ٿو ته ڄڻ بات آهي بڻي.

 

اُجهامي نه سگهندا، ٿڌا ڪين ٿيندا،

ڪڏهن ”سوز“ ڪي ڌرتتيءَ جا ڌڻي.

***

غزل

سپنا نه رهيا، آهيون،

ساڀيان ٿي ويا، آهيون.

 

ڪنهن دل جي ديس سندا،

شهزادا بڻيا، آهيون.

 

ڪي سهڻا ماڻهو ڏسي،

سهڻا ٿي پيا، آهيون.

 

اڳ پٿر جيئنءَ هئاسين،

 اڄ هيرا ٿي پيا، آهيون.

 

ٿا پاڻ ۾ پاڻ پسون،

ڄڻ آئينا، آهيون.

 

پاڻ ئي پنهنجي پيار جا،

سڏ پڙاڏا ٿيا، آهيون.

 

ها! حق موجود سدائين،

نينهن جا نعرا، آهيون.

***

نظماڻو غزل

ماٺي جرجي سيني تي ڪو،

چنڊ کڙي پيو چوڏينهنءَ جو.

 

ڄڻ ڪو ننڍڙو ٻالڪ هو، جو،

ماءُ جي هنج ۾ ليٽي پيو.

 

يا ڪوري ڪاڳر تي ڪوئي،

سنڌ جو اڪريل نقشو هو.

 

منهنجي نيڻن ڪونه پسيو هو،

اهڙو سندرتا جو نقشو.

 

پريم سندرتا جو هي سنگم،

ڪامهه واءُ کي راس نه آيو.

 

لهر لهر سان ٽڪرائي،

۽ پرزا پرزا چنڊ ٿئو.

 

ڄڻ سپنن جو شهر هئو جو،

کن پل ۾ ٿي کنڊروئو.

 

تاريخ جو پويون ورق ورئو،

۽ ڪوئي مدد خان ياد پئو.

***

غزل

جنهن کي ڪائي ڌرتي ڪانهي،

تنهن کي ڪائي هستي، ڪانهي.

 

ديس بنا ۽ ويس بنا ڄڻ،

ماڻهوءَ جي ڪا هستي، ڪانهي.

 

ڪير چئي ٿو سنڌوءَ جي هر،

لهر لهر ۾ مستي ڪانهي.

 

ڪير چوي ٿو يار اسان ۾،

سچل جي سرمستي، ڪانهي.

 

سنڌڙيءَ سان جو سينو ساهي،

ماءُ ڄڻي سَا هستي، ڪانهي.

 

ڌرتي ڪعبو قبلو ڀانئيون،

ڇا! ايءَ حق پرستي ڪانهي.

***

غزل

منصف چون ٿا هاڻي، ڪوئي بي چين ڪونهي،

ائين لڳي ٿو شايد، ڪو علم کين ڪونهي.

 

دراصل ڪنهن کي حاصل ڪوئي سڪون ڪونهي،

ڪاٿي به امن ڪونهي، ڪاٿي به چين ڪونهي.

 

ڌرتي پياس ماري، ڪرب وبلا جي بن جيان،

آڏو يزيديت جي ڪوئي حسين ڪونهي.

 

هر من دکي دکي آ، هر روح آهي روڳي،

هر نيڻ آهي پرنم، ڪو نازنين ڪونهي.

 

شاه ڪربلا هي نقطو واضح ڪري ويو آ،

انسان جي اطاعت ڪو فرض عين، ڪونهي.

 

جنهن کي ورائي سگهجي ۽ جنهن کي روڪي سگهجي،

سنڌوءَ جي واڳ ڪائي، گهوڙي جي رين ڪونهي.

***

غزل

جنهن بڙ گهاٽي ڇانءَ ڏني هئي، ان جاتو سڀ ڏار، وڍيا،

تو ويري بنجي وار ڪري ها، چوڏس ۽ چوڌار، وڍيا.

 

جنهن گلشن ۾ سرهائي هئي، گلڪاري هئي، گلزار هئي،

تنهن گلشن جا تو سڀ جا سڀ ها، رنگ رتا گلزار، وڍيا.

 

بسنت رت ۾ جي نکريا سي، کڙيل کٽڻهار، وڍيا،

تو ماکيءَ مصريءَ کان ڀي مٺڙا، آهن لال ليار، وڍيا.

 

تو ملڪ ملير جي مينديءَ جا سڀ، موڙي موڙي ڏار، وڍيا،

۽ منهنجي چاهه چمنن مان چونڊي، انب، انجير، انار، وڍيا.

 

تو سرنهن جا سرها گلڙا ڦلڙا، کهنبا خوشبوءَ دار، وڍيا،

تو موتيو مگرو ۽ چنبيلي، سوسن لالا زار، وڍيا.

 

تو سهڻا سهڻا گل گلابي، رنگي رونقدار، وڍيا،

۽ نرمل نرمل نازڪ نازڪ، نرگس نيڻن ٺار، وڍيا.

 

تو سورج جهڙا سورج مکي، هر هر ۽ هر وار وڍيا،

تو رات جي راڻيءَ وارا سڀيئي، جوت ڀريا جنسار، وڍيا.

 

جن سونهن ڏني سرهاڻ ڏني، سي درخت نج نبار، وڍيا،

تو ڪارائيءَ جي ڪار ڪري، سي ٿڙ به آخر ڪار، وڍيا.

 

پر ڦوٽهڙي ۾ سڀ ڦٽي ويا، جيڪي تو گلزار، وڍيا،

تون به ائين ئي وڍجي ويندين، جيئن تو باغ بهار، وڍيا.

***

غزل

ڪوڙيون سڀ پرچارون، آهن،

حيرت ۾ اخبارون، آهن.

 

ڪنهن قديمي جنگ جو منظر،

گهوڙن جون هڻڪارون، آهن.

 

شڪست کاڌل حاڪم جي اڄ،

گردن تي تلوارون، آهن.

 

شهزاديءَ جي خواب گاهه جي،

ديوارن ۾ ڏارون، آهن.

 

شاهي قلعي جون ديوارون،

ڪاڳر جون ديوارون، آهن.

 

مرڪن هاڻن نيڻن ۾ اڄ،

لڙڪن ڀريون لارون، آهن.

 

ديس ديس ۽ ننگر ننگر ۾،

پوءِ به ان جون سارون، آهن.

 

ڪوئي چوي ٿو جيتون آهن،

ڪوئي چوي ٿو هارون، آهن.

***

غزل

وحشتون ۽ وير، تنهن جي شهر ۾،

دهشتون چو ڦير، تنهنجي شهر ۾.

 

نفرتن جي آڳ تنهن جي شهر ۾،

محبتن ۾ مير، تنهنجي شهر ۾.

 

بوءِ آ بارود جي ماحول ۾،

لاش پيا هن ڍير، تنهنجي شهر ۾.

 

شهر تنهنجي تي انهن قبضو ڪيو،

جن جو ايرنه ڀير، تنهنجي شهر ۾.

 

بزدلن وانگر لڪي ٿا وار ڪن،

هٿ ٺوڪيا شير، تنهنجي شهر ۾.

 

شهر آهي يا ڪو مقتل گاهه آ،

ڪير پائيندو پير، تنهنجي شهر ۾.

 

جو به آيو شهر تنهنجي ۾ مٺا،

تنهن جو ناهي خير، تنهنجي شهر ۾.

 

ايترو انڌير ٻيو ناهي ڪٿي،

جيترو انڌير، تنهنجي شهر ۾.

 

اوپرين! تون آءٌ منهنجي شهر ۾،

هاڻ ايندو ڪير، تنهنجي شهر ۾.

***

غزل

چون ٿا هر ڪنهن ڌرتيءَ جي مٿان هڪ آسمان آهي،

مڃيوسين منهنجي ڌرتي کي به ڪوئي آسمان آهي.

 

مگر ان آسمان هيٺان دکي جيون گذاريون پيا،

الاجي ڇو اسانتي آسمان ايڏو گران آهي.

 

اچڻ لئه روشني ڪانهي، وڃڻ لئه ڪوبه در ڪونهي،

ڪڇڻ جو جت امر ڪونهي، اهو گهر جيل جيان آهي.

 

اسان جي لوچ جي لهرن جي آڏو بند ڇا بيهندا،

اسان جي سوچ جو سنڌو روان آهي دوان آهي.

 

ڪڏهن ڪنهن طرف ڏي تاڙن، ڪڏهن ڪنهن طرف ڏي گهورن،

انهن جي دل به ڪنهن بازاري ”وئشيا“ وانگيان آهي.

 

ڀٽائي! تنهنجي بيتن کي به پيا تبديل ڪن ماڻهو،

اهو ڄاڻي به تنهنجو بيت ڪنهن آيت جيان آهي.

 

اڃان تائين ”وڳهه“ مان ويڙهه جا آواز اڀرن پيا،

لڳي ٿو اڄ به دودو دشمنن جي درميان آهي.

 

اسان تاريڪ حالت ۾ به آ تاريخ سازي ڪئي،

اسان لئه روز لکبو ”سوز“ ڪوئي داستان آهي.

***

غزل

پيار جي ديس جون سڀ سرحدون محفوظ رکو،

جيئن نه داخل ٿئي ارغون ۽ تاتاري ڪو.

 

دل جي ڌرتيءَ کي لٽڻ لئه ڪو لٽيرو نه اچي،

نينهن جي ننگر کي بڻجڻ نه هاڻي مڪلي ڏجو.

 

دل جي دروازي تي دستڪ نه ڪو پرمار ڏئي،

سڀ دريچا هٿن سان پاڻ بند ڪري ڇڏيو.

 

”محبتن جي شهر ۾ ڪو منافق نه رهي“

پوئين نقصان کي هرگز نه آهي ياد ڪبو.

 

سڀ حسين خواب، احساس، خاص تحريرون،

من جي شوڪيس ۾ سجائي ۽ سنڀالي رکجو.

 

وقت ڦرندي ۾ ويرم ئي ڪانهي،

محبتون پنهنجون ”سوز“ هاڻ برقرار ڪجو.

غزل

منهنجو گهر جلائڻ وارا، منهنجو ڪجهه نه جلائي سگهندين،

منهنجي گهر تي گيت وسن ڇا! تن کي آڳ لڳائي سگهندين؟

 

شاعر ۽ فنڪار آهيان مان، وقت سندو آواز آهيان مان،

منهنجا گيت گلين ۾ گونجن، تن کي تون تڙپائي سگهندين؟

 

هي جيڪي تون گيت ٻڌين ٿو، سي منهنجو سرمايو آهن،

منهنجي ٻاهن ٻل اٿيئي، تن سان تون ٽڪرائي سگهندين؟

 

ارغون ۽ ترخان فرنگي، مون کي ڪين مٽائي سگهيا،

تون ڪا ايڏي وٿ ته ناهين، جو تون مون کي مٽائي سگهندين.

 

جڏهين به منهنجي سامهون ايندين، تنهنجو ڪنڌ جهڪيل ئي رهندو،

لوڪ لڄاءِ کان او! ڙي لوسي، ڪيسين پاڻ بچائي سگهندين.

 

منهنجي لاءِ سو ڪافي آهي، جيڪر تو پڇتايو آهي،

پنهنجي نادانيءَ تي مورک، پوءِ نه تون پڇتائي سگهندين.

 

تنهنجي دل آ دانگيءَ جهڙي، ڪارنهن سان تو منهن مليو،

ساهه کي باهه لڳي جي، ان کي ڪيئن اجهائي سگهندين؟

 

تو جا آڳ لڳائي آهي، لهس انهيءَ ۾ لڇندو رهندين،

ڦٿڪي ڦٿڪي ماندو ٿيندين، ڪنهن کي ڪين ٻڌائي سگهندين.

 

سڙيا ساوا ٿيڻا آهن، پر توکي ليکا ڏيڻا آهن،

ايءُ دنيا جو دستور اٿيئي، تنهن کان ڪين لنوائي سگهدين.

”22 سيپٽمبر 1988ع تي گهر کي باهه لڳڻ جي موقعي تي چيل“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org