سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: درشن ڌارو ڌار

صفحو :12

وائي

ساگر ڌارا جيئن رهون ٿا، دور ڪنارن کان،

ساجن تون ۽ مان.

 

ايئن ملي وڇڙن ٿا وڃون، جيئن رستا رستن کان،

ساجن تون ۽ مان.

 

پاڻ اڪيلا، جيئن اڪيلا، تارا تارن کان،

ساجن تون ۽ مان.

 

ويجها آهيون. پوءِ به آهيون، او جهل اکڙين کان،

ساجن تون ۽ مان.

 

ڪيڏا ٿي اڻڄاڻ وياسين، جوڀن جذبن کان،

ساجن تون ۽ مان.

 

پوءِ به نااميد نه آهيون، ايندڙ لمحن کان،

ساجن تون ۽ مان.

***

وائي

اڃان به ارغونن جو، آ ”مڪليءَ“ تي مارو،

ڏسي جيءُ جهري پيو.

 

ٺٽي جي بازار ۾، گولين وسڪارو،

ڏسي جيءُ جهري پيو.

 

پيڙائن ۾ پيڙهيل، ”گجو“ ۽ ”گهارو.“

ڏسي جيءُ جهري پيو.

 

وياڪل وياڪل ٿو لڳي، ڪينجهر ڪنارو،

ڏسي جيءُ جهري پيو.

 

”سجاول“ جي پل جو، ڌنڌلو نظارو،

ڏسي جيءُ جهري پيو.

 

”بٺوري“ جو شهر آ، سوچن ۾ سارو،

ڏسي جيءُ جهري پيو.

 

وري وقت اچي ويو، ”ترخانن“ وارو،

ڏسي جيءُ جهري پيو.

 

”سوز“ سموريءَ سنڌ تي، کڙيو آ تارو،

ڏسي جيءُ جهري پيو.

ڏسي جيءُ جهري پيو.

***

وائي

(عرفان مهديءَ جي ياد ۾)

 

تو سان پويان پل، جيڪي گهاريم ڪلهه،

منظر وسري ئي نٿو.

 

دوريءَ جو احساس ويو هو، پورو ٿي تنهن پل،

منظر وسري ئي نٿو.

 

چميا چانڊوڪيءَ پئي، تنهنجا ڳاڙها ڳل،

منظر وسري ئي نٿو.

 

محبت جي مهراڻ ۾، آئي ڄڻ اٿل،

منظر وسري ئي نٿو.

 

لفظن جا گلاب پيا، ٽڙي ان مهل،

منظر وسري ئي نٿو.

 

ڳاتاسين، ”اياز“ جا، دوها، گيت، غزل،

منظر وسري ئي نٿو.

 

وڇوڙي جي ويل ۽، پنهنجا نيڻ ڀنل،

منظر وسري ئي نٿو.

 

پويان ٿيندا پل هي، ڪنهن کي هئي ڪل،

منظر وسري ئي نٿو.

 

تو سان پويان، پل جيڪي گهاريم ڪلهه،

منظر وسري ئي نٿو.

منظر وسري ئي نٿو.

***

وائي

سونهن رهي ناهي، سرهاڻ رهي ناهي،

هيڏي ساري شهر ۾.

 

رونق رتيءَ جيتري، ڪانه بچي آهي،

هيڏي ساري شهر ۾.

 

اوندهه جو راڪاس پيو، رستن تي ڪاهي،

هيڏي ساري شهر ۾.

 

تو وانگيان ”عرفي“ مٺا! ڪو به نٿو چاهي،

هيڏي ساري شهر ۾.

 

جيڏو تو اتساهه ڏنو هو، ايڏو وئين ويساهي،

هيڏي ساري شهر ۾.

 

تو بن منهنجا سهڻا سپرين. هاڻ رکيو ڇاهي،

هيڏي ساري شهر ۾.

 

ڪي جي اهنج اندر جا، ڪونه ڏسيا ڏاهي،

هيڏي ساري شهر ۾.

 

”سوز“ بنا ”عرفان“ جي، اڪيلو آهي،

هيڏي ساري شهر ۾.

 

سونهن رهي ناهي، سرهاڻ رهي ناهي،

هيڏي ساري شهر ۾.

هيڏي ساري شهر ۾.

***

درشن ڌارو ڌار

 

گيت

 

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو، ياد جا گل گلاب کڻي وڃ،

پرين کي پهچائي ڏج.

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

*

روشن اجرا ۽ تو جهڙا، منهنجا سارا خواب کڻي وڃ

ساهن منجهه سمائي ڏج

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

 

خط هوائن ڪونه پڄايا، هاڻي هٿ جواب کڻي وڃ

سپرين کي سرچائي ڏج

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

 

مون وٽ ڪجهه رهيوئي ڪونهي، اکڙين جائي آب کڻي وڃ

لوڪ سڄي کان لڪائي ڏج.

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

 

منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي ڇڏ، نيڻن منجهه حجاب کڻي وڃ

وڃ مگر شرمائي ڏج

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

 

نينهن سَنِينهن جا ”سوز“ سنيها، بي حد بي حساب کڻي وڃ

جهوليءَ کي ڦهلائيءَ ڏج

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

***

گيت

بادل برسي پَوُ، بادل ترسي پَوُ،

من جي اڱڻ مٿي،

دل جي ڌرتيءَ تي،

بادل ترسي پَوُ.

 

آئون اڪيلي ڪِيئَن گذاريان،

توبن ڄڻ پرديس ۾ آهيان،

چَوُ پرينءَ کي چَوُ،

ڪانگل بنجي پَوُ،

بادل ترسي پَوُ.

 

جيسين آهي آس اکين ۾،

جيسين آهي ديد درين ۾،

تيسين ترسي پَوُ،

ڪاجل بنجي پَوُ،

بادل ترسي پَوُ.

 

اسيئڙي جي آلا پن ۾،

ساروڻين جي وساڪرن ۾،

هاڻ لڳي ٿو ڀَوُ،

سانول بنجي پَوُ،

بادل ترسي پَوُ.

 

ساري هينئڙو هير ٿڌيءَ کي،

ساڙي ”سوز“ سرير دکيءَ کي،

تنهائين جو تَوُ،

ٿاڌل بنجي پَوُ،

بادل برسي پَوُ.

بادل ترسي پَوُ.

***

گيت

ڪوڪي آهي ڪوئل،

ڄاڻ ته برسيو بادل.

 

آيو آگم آيو،

ڳايو سارنگ ڳايو،

ڌرتي ٿيندي جل ٿل،

ڄاڻ ته برسيو بادل.

 

سانوڻ جهاتي پاتي،

موسم مرڪي لاٿي،

مک تان ميري مل مل،

ڄاڻ ته برسيو بادل.

 

ماڻڪ موتين جهڙا،

مڙندا مينهن وساڙا،

ٿر بر ٿيندو ٿاڌل،

ڄاڻ ته برسيو بادل.

 

ڄاڻ ته بوندون برسيون،

سارون ٿينديون سرسيون،

سرهو ٿيندو پل پل،

ڄاڻ ته برسيو بادل.

 

مينهن جا ڏينهن به آيا،

نينهن جا ڏينهن به آيا،

رات رهي پئه راڻل،

ڄاڻ ته برسيو بادل،

ڪوڪي آهي ڪوئل.

ڄاڻ ته برسيو بادل...

***

گيت

سانوڻ آيو ٿيون سرهايو،

بادل بوندون برسايون،

سانوڻ آيو ٿيون سرهايو.

 

من جي اڱڻ تي نينهن نچي ٿو،

سانوڻ ساجن سنگ اچي ٿو،

مينگهه ملاريءَ موجون لايون.

سانوڻ آيو ٿيون سرهايو.

 

هيراٺي جي خوشبوءِ اوتي،

موسم مرڪي، مرڪي، مرڪي،

اکڙيون اکڙين ساڻ ملايون.

سانوڻ آيو ٿيون سرهايو.

 

سانجهه هٿن ۾ جهانجهر جرڪي،

رات جي پير ۾ پايل ڇمڪي،

مند ملهاريءَ جهمريون پايون،

سانوڻ آيو ٿيون سرهايو.

 

وييون وييون دک جون گهڙيون،

آيون آيون سک جون گهڙيون،

مرڪون مک تي موٽي آيون،

سانوڻ آيو ٿيون سرهايو.

سانوڻ آيو ٿيون سرهايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org