سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: درشن ڌارو ڌار

صفحو :10

وائي

دريءَ دريءَ مان ديپ اجهائي، آئي آهي ڏياري،

هي ڪهڙي ڏياري؟

 

هر گهر گهر جي هر در در تي، ڇانئي رات انڌاري،

هي ڪهڙي ڏياري؟

 

”سيتا“ تنها تنها بن ۾، روئي رات گذاري،

هي ڪهڙي ڏياري؟

 

رام اڄوڪي شام به گهائل، پنڇيءَ جيئن گذاري،

هي ڪهڙي ڏياري؟

 

راوڻ ساڻ اصول جي آهي، جنگ اڃان جاري،

هي ڪهڙي ڏياري؟

 

”لنڪا“ جڏهن رک ٿي ويندي، پنهنجي پوءِ ڏياري،

هي ڪهڙي ڏياري؟

 

سنڌيءَ جي هن چوڻي وانگر، گهر ٻاري ڪبي ڏياري،

هي ڪهڙي ڏياري؟

هي ڪهڙي ڏياري؟

هي ڪهڙي ڏياري؟

***

وائي

ٽٽڻا ناهن رشتا، کٽڻا ناهن کوهه،

سنڌ سدائين رهندي،

 

ڪيئي جڳ لنگهيا پر، ساڳيا سنجهه صبوح،

سنڌ سدائين رهندي،

 

ساڳيا مٺا انب ۽ ساڳيا ڪؤڙا ٽوهه،

سنڌ سدائين رهندي،

 

ڌارين جا هن ڌوڙ ۾، رلي ويندا روح

سنڌ سدائين رهندي،

 

ساڳيو شور سنڌوءَ ۾، ساڳي ڇولين ڇوهه،

سنڌ سدائين رهندي،

 

”سوز“ انهيءَ جي سوچ جا، روز ڦٽن ٿا ڦوهه،

سنڌ سدائين رهندي،

سنڌ سدائين رهندي،

سنڌ سدائين رهندي،

***

وائي

مون جي پالي هنج، وڌا پنهنجي هنج،

پوءِ به توکي رنج!

 

منهنجي دل ڌرتيءَ تي، روز رهين شطرنج،

پوءِ به توکي رنج!

 

مون وٽ سنڌو هڪڙو، تو وٽ پورا پنج،

پوءِ به توکي رنج،

 

ويٺو پائين اڄ تي، صبحاڻي جا سنج،

پوءِ به توکي رنج!

 

منهنجو شاهه لطيف ئي، آهي مون لاءِ گنج،

پوءِ به توکي رنج!

 

”سوز“ اڃان ساڻيهه مان، ڏور نه ٿيا ڏنج،

پوءِ به توکي رنج!

پوءِ به توکي رنج!

پوءِ به توکي رنج!

***

وائي

سچ چوي ٿو ڪو، سچ ٻڌي ڪو ڪو، هيڏي ساري لوڪ ۾،

هيڏي ساري لوڪ ۾،

 

ڳولڻ سان به نه لڀجي، سچل هڪڙو ڪو،

هيڏي ساري لوڪ ۾،

 

ڪيڏو  طاقتور ٿي، ڪوڙ ويو لوڪو!

هيڏي ساري لوڪ ۾،

 

هر ڪو پنهنجي هٽ جو، هڻي ٿو هوڪو،

هيڏي ساري لوڪ ۾،

 

دين ڌرم جي ويس ۾، ڪيڏو ٿيو ڌوڪو،

هيڏي ساري لوڪ ۾،

 

ويو وسري اڄ کي، وچن ڪالهوڪو،

هيڏي ساري لوڪ ۾،

 

سڀاڻي جو ”سوز“ چئي ناهي پتو ڪو،

هيڏي ساري لوڪ ۾،

هيڏي ساري لوڪ ۾،

هيڏي ساري لوڪ ۾،

***

وائي

ڪڏهن دل اُداس آ، ڪڏهن نيڻ اداس،

پوءِ به نه ٽٽي آس.

 

توڙي من اتاولو، توڙي روح نه راس،

پوءِ به نه ٽٽي آس.

 

ڪيڏي اڃان ڪٽڻي، آهي، رات اماس،

پوءِ به نه ٽٽي آس.

 

نه ڪي نينهن سَنِينَهڙا، نڪي پرين پاس،

پوءِ به نه ٽٽي آس.

 

ناهي جيون رُتِ ۾، ساڳيو وَنُ ۽ واس،

پوءِ به نه ٽٽي آس.

 

سيني اندر ”سوز“ چئي، اڻ ڄاتو احساس،

پوءِ به نه ٽٽي آس،

پوءِ به نه ٽٽي آس،

پوءِ به نه ٽٽي آس.

***

وائي

هر شيءِ اچڻي وڃڻي آ پر، ڌرتي قائم رهڻي آهي،

ڌرتي قائم رهڻي آهي.

 

هر ڪو ماڻهو مرڻو آ پر، ڳالهه نه ڪڏهن مرڻي آهي،

نيڪي زندهه رهڻي آهي.

 

”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“، سنڌيءَ جي ايءَ چوڻي آهي،

پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آهي.

 

دوکي جي ديوار به آخر، ڦهڪو ڏيئي ڊهڻي آهي،

ڪيستائين رهڻي آهي.

 

هي جا ڪاري رات آ، تنهنجي، باک به آخر ٿيڻي آهي،

تنهن کي لاک به لڳڻي آهي.

 

ڌرتيءَ جيڪي خواب ڏٺا ها، تن کي ساڀيان ملڻي آهي،

هر هنڌ آجيان ٿيڻي آهي.

 

هر شيءِ اچڻي وڃڻي آ پر، ڌرتي قائم رهڻي آهي،

ڌرتي قائم رهڻي آهي.

***

وائي

اڃان ڪين لٿيون، پيل پابنديون،

ڪو به نه ڪڇي سگهيو.

 

ڌرتيءَ جي سيني تي، هيڏيون حدبنديون،

ڪو به نه ڪڍي سگهيو.

 

وهن واهڙ وانگيان، اکيون آس ونديون،

ڪو به نه اگهي سگهيو.

 

ڌڙڪن ڪنهنجي ڪاڻ ٿيون، دليون درد منديون،

ڪو به نه پڇي سگهيو.

 

هي ”جي ڏوريون ڏاڍ جون، پرزا ٿي پونديون“

ڪو به نه چئي سگهيو.

 

اڃان ڪين لٿيون، پيل پابنديون،

ڪو به نه ڪڇي سگهيو.

ڪو به نه ڪڇي سگهيو.

***

وائي

اچو! هاڻ پراڻيون سوچون مٽايون،

ڪانهي ويل وهڻ جي.

 

اچو! شاهه لطيف جو، ڪيڏارو ڳايون،

ڪانهي ويل وهڻ جي.

 

مهٽي پنهنجون اکيون، جاڳون جاڳايون،

ڪانهي ويل وهڻ جي.

 

ٻيهر تندون تاءَ مان، ٻيجل ٻرايون،

ڪانهي ويل وهڻ جي.

 

وري شيخ اياز جون، وايون ورجايون،

ڪانهي ويل وهڻ جي.

 

آيون اوچي ڳاٽ سان، ڌرتيءَ جون ڄايون،

ڪانهي ويل وهڻ جي.

 

سڀئي سوچون ”سوز“ چئي آرڻ ڏي آيون،

ڪانهي ويل وهڻ جي.

ڪانهي ويل وهڻ جي.

ڪانهي ويل وهڻ جي.

***

وائي

هي جي آلا نيڻ، ڪڏهن اگهبا نيڻ،

آئون انهيءَ سوچ ۾.

 

پٿر جهڙا ٿي پيا، ماڻهو ها جي ميڻ،

آئون انهيءَ سوچ ۾.

 

ويا وسري لوڪ کي، وقت ڏنا جي ويڻ،

آئون انهيءَ سوچ ۾.

 

شال مَ ٿين ڪنهنجا، سسئيءَ جهڙا سيڻ،

آئون انهيءَ سوچ ۾.

 

روٽيءَ لاءِ رڙي پئي، ڀائرن هوندي ڀيڻ،

آئون انهيءَ سوچ ۾.

 

ماڻهو مرن بک ۾، ڪتا کائن کيڻ،

آئون انهيءَ سوچ ۾.

 

ڪڏهن ويندا ڏيهه جا، ڏڪي سارا ڏيڻ،

آئون انهيءَ سوچ ۾.

آئون انهيءَ سوچ ۾.

***

وائي

سنڌؤ جو پاڻي، پوتر هي پاڻي،

ڪين ڏينداسين ڪڏهن.

سنڌوءَ جو پاڻي.

 

امرت آهي اسان لاءِ، تون ڇا ٿو ڄاڻي؟

ڪين ڏينداسين ڪڏهن.

سنڌوءَ جو پاڻي.

 

بند نه ٿيندو بند ۾، ماڻهو جيئن پاڻي،

ڪين ڏينداسين ڪڏهن.

سنڌوءَ جو پاڻي.

 

توڙي ٿين ڪيترا، پاڻيءَ تي پاڻي،

ڪين ڏينداسين ڪڏهن.

سنڌوءَ جو پاڻي.

 

سنڌوءَ ڌاران سنڌڙي، ڄڻ آهي آکاڻي،

ڪين ڏينداسين ڪڏهن.

سنڌوءَ جو پاڻي.

***

وائي

دل ۾ درد دکن، اکيون رت روئن،

ڏسي ڌوڙ درياءَ ۾.

 

ڪنڌيون سنڌوءَ سنديون، پاڻي پاڻي ڪن،

ڏسي ڌوڙ درياءَ ۾.

 

مڪڙيون ملاحن جون، ڪهڙي پار وڃن،

ڏسي ڌوڙ درياءَ ۾.

 

مرڪون مهاڻين جي، مک تي ڪيئن ملن،

ڏسي ڌوڙ درياءَ ۾.

 

ڪهڙي ليکي ملنديون، سهڻيون ميهارن،

ڏسي ڌوڙ درياءَ ۾.

 

ساري جوڀن ڏينهڙا، اڌما ڇو نه اچن،

ڏسي ڌوڙ درياءَ ۾.

 

دل ۾ درد دکن، اکيون رت روئن،

ڏسي ڌوڙ درياءَ ۾.

ڏسي ڌوڙ درياءَ ۾.

**

وائي

ڪالهه تنهنجي لاءِ او! سنڌو ها، گيت جنين ڳاتا،

سي تو به نه سڃاتا.

 

جنين توکي مڃئو، آهي ڪري ماتا،

سي تو به نه سڃاتا.

 

جنين توکي پوڄئو، ڪري ان داتا،

سي تو به نه سڃاتا.

 

لهرن منجهه لڙهي ويا، پکا پيڙهياتا،

سي تو به نه سڃاتا.

 

او! سنڌو! تنهنجي سير ۾ ٻڏا ٻيڙ ياتا،

سي تو به نه سڃاتا.

 

او! ماتا تنهنجي هنج ۾، جنم جن پاتا،

سي تو به نه سڃاتا.

 

هو جي لٽيل لوڪ جا، ڳل نه ڪنهن لاتا،

سي تو به نه سڃاتا.

سي تو به نه سڃاتا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org