سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: چنڊ رهين ٿو دور

باب --

صفحو :7

 

سنڌو وهندي رهندي آ

 

(1)

سنڌو ديس دليرن جو،

شهميرن جو، شهزورن جو.

 

هت ڌرتي سونا سنگ ڪري،

هت سانوڻ سَوَ سَوَ رنگ ڪري،

هت چانڊوڪي ڄڻ چاندي آ،

هت محبت سڀجي باندي آ،

هت مهمانن کي مان ملي،

هت دردوندن کي دان ملي،

هت دولهه دريا خان هئو،

هت شهبازن جو شان هئو،

هن ديس جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان،

هن ديس ۾ ڪيئي لعل مڻيان!

 

هت هوشوءَ جي هوڪار هئي،

هت لالڻ جي للڪار هئي،

هت سورهيه ها، سردار هئا،

هت واسينگن تي وار هئا،

هت سهڻيءَ جا سينگار هئا،

هت هوت مٺا حبدار هئا،

سنگيت هئا، ۽ ساز هئا،

هت نينهن وارن جا ناز هئا،

هت سچل جهڙا سالڪ ها،

جي ملڪ سڄي جا مالڪ هئا،

هت هيموءَ جهڙا گهوٽ هئا،

جي ارڏا ها، اڻموٽ هئا.

 

سنڌو ديس دليرن جو،

شهميرن جو شهزورن جو

 

(2)

صدين کان هيءَ سهڻي ڌارا،

ڏُک سک سهندي رهندي آ،

سنڌو وهندي رهندي آ!

 

ڏٻرا گهوڙا ڏيساور جا،

ڪوٽ ڪڙا ڪنهن زوراور جا،

ڳاڙها ڳوڙها ڪنهن شاعر جا.

 

ماروئڙن جون اکڙيون آليون،

ننگيون نياڻيون غربت پاليون،

پوءِ به مٺڙيون پيار جون ڳالهيون.

 

ڏينهن ڏکن جا، راتيون رولا،

هاءِ حياتي ڳڀي ڳولا،

چڳون چِيڙهيون، چيهُون چولا.

 

گند ۾ گوهر جيئن جواني،

خواب انهن جا اڻڀي ماني،

کنهنبي چٽڪو ۽ پوءِ فاني.

 

پيِرن جو هيءُ ڏيهه پراڻو،

گهوٽن لاءِ هيءَ ڌرتي گهاڻو،

مارئي ماڻي انڌو ڪاڻو.

 

مومل جي ماڻي جا سودا،

راڻي بدران غنڊا شودا،

ٽُپي ٽِنڊ تي واڇون گودا،

 

ڪونڌر ڪُسندا رهندا آهن،

سچا سختيون سهندا آهن،

مَندا سڀ جا مهندا آهن.

 

جنهن کي آڌر ڀاءُ ملي ٿو،

تنهن کان توکي گهاءُ ملي ٿو،

اوندهه ۽ انياءُ ملي ٿو.

 

سهڻي مهڻي سنڌي ٻولي،

جنهن ۾ لال ڏني آ لولي،

ان جي بدلي ڀالا گولي.

 

صدين کان هي سنڌو ڌارا،

خواب خوشين جا لهندي آ:

 

سنڌو وهندي رهندي آ،

سنڌو وهندي رهندي آ.

 

 

سجاڳي

 

وري رات جا ڪات ڪڙڪي اُٿيا،

وري خون خوابن جو هر سُو ٿيو،

وري خشڪ ڌرتيءَ جي صدين کان سانڍيل

انڌيري تَهن جي سحر جي ستايل،

ڪا ديرينه خواهش،

ڪنهن اپڇڙا جيئن پرڙا پٿاري،

اُڏامي اُٿي آ.

 

وري روح راڻي جو ساڻو ٿيو آ،

وري ڪاڪ ماڻڻ لئه

چانگي تي ڪوئي،

ڪَتين جي سهاري

انڌيرا اُجاري،

پرينءَ کي پڪاري،

هليو آ، هليو آ:

 

۽ مومل جي ماڙيءَ جا

ديپڪ اجهاڻل

وري وقت جي واڳ واري به آيا.

 

انڌيري ۽ سنسان کنڊر ۾ سايا،

گهڻي دير هڪٻئي کي ڇهندا ئي رهندا:

ڄاڻڻ، سڃاڻڻ ۽ ماڻڻ جي خواهش

دلين ۾ ئي سانڍي،

گهڙي پل لئه جاڳي

مگر پوءِ ساڳي

اوندهه ۾ گم ٿي

اُجهامي، اُجهامي، اُجهامي ئي ويندا.

 

(تڏهن ڪوئي سايو،

ڪينجهر جي ڪپ تي

هوري هوري آيو.)

 

ڪينجهر ۾ پر اڄ ڪا ڪشتي نه آهي،

لهرن جي لُرَ ۾ ڪا مستي نه آهي:

نه ڪا لاٽ سُرَ جي نه رقصان جواني،

نه راڻيون، نه واڻيون، نه رنگين ڪهاڻيون،

نه گندري نه گندريءَ جو ورلاپ آهي:

نه راڻو نه مومل، نه سهڻي نه ميهر،

نه ليلان نه ڪونئرو، نه راجا چنيسر،

نه داڻو، نه داڻي جو چمڪو ئي آهي،

نه ٻيجل، نه ٻيجل جي سر جي صدا آ.

 

(فقط خاموشي آ،

الا، خاموشي آ!

ڪوئي ناهي، ڪوئي ناهي،

منهنجو هتڙي ڪوئي ناهي،

هتڙي ڪنهن جو ڪوئي ناهي،

ڪوئي ناهي!)

 

تڏهن اوچتو، دل جي تاريڪ تَهه مان

ڪو احساس آ جو پڪاري پڪاري،

بغاوت جو پرچم اُڏاري اُڏاري،

 

چوي ٿو:

مان ڄام آهيان، مان ڄام آهيان،

۽ منهنجي نوري سُوري آهي؛

منهنجي ڪينجهر ڪپ تي ڪائي

گندري اڄ ڀي پُوري آهي!

 

مان ڄام آهيان، مان ڄام آهيان،

مون جهڙو ڪوئي ڄام نه آ!

 

ٻڌ، اي ڄام تماچي،

تنهنجا جام سمورا ڀوريان ٿو؛

سمان، تنهنجي ڪينجهر ڪارڻ

پنهنجو سڀڪجهه گهوريان ٿو.

 

ڌرتيءَ جون ڪوماڻيل مکڙيون،

پنهنجي دامن ۾ پائي مان

چپي چپي تي قنديلون ٻاري ٻاري

آيو آهيان؛

هوشوءَ واري هوڏ وري اڄ جياري جياري

آيو آهيان؛

متوالن کي ميري مَٽ مان ڪا شي ٻيهر

پياري پياري آيو آهيان!

 

تو ڌرتيءَ کي آڪاس ڏنو،

مون پستيءَ کي وشواس ڏنو؛

تو اوندهه کي اتهاس ڏنو،

مون جنم جنم جي اونداهين کي

قربانيءَ جو واس ڏنو:

تو پريت ڏني،

مون ريت ڏني،

تو چاهه ڏنو،

مون ساهه ڏنو:

ڪلهه توسان نوريءَ نياز ڪيو،

اڄ مون تي سُوري ناز ڪندي!

 

هوشو شيدي

 

رات جي انڌياري ۾

ڪارا بادل هر طرف ڦهلي ويا –

ڪو به سايو ڪونه ٿو ڏسجي ڪٿي،

خاموشين جو راڄ آ!

 

سانت جي آواز ۾

ڌرتيءَ جي مڌم چال ڄڻ گم ٿي وئي –

زندگي گم ٿي وئي، روشني گم ٿي وئي!

زندگي ڪاڏي وئي؟

روشني ڪاڏي وئي؟

 

اوچتو ئي اوچتو ڄڻ آسمان ڦاٽي پيو –

گوڙ جي ڪڙڪاٽ ۾،

کنوڻ ڀي تڙپي اُٿي.

ڌيري ڌيري، هوري هوري،

گرد جو طوفان ڄڻ جاڳي اُٿيو.

پن چُريا، شاخون چُريون ۽ پوءِ آخر

وڻ لڏيا.

 

هر ڏار تان مرده پکي

خشڪ پتن جيئن

سخت ڌرتيءَ جي مٿان ڪرندا رهيا.

طوفان جي رفتار ڀي وڌندي رهي،

ڇَرَ مٿان ڇَرَ ٻوڏ جي ايندي رهي.

گهر لڙهيا، ماڙيون لڙهيون، محلات ويا،

ڄڻ ته ڪوئي ديوُ ڌُوڪيو ٿي ويو.

 

ايتري ۾ دور ڪا جوتي جلي،

ٻن هٿن جي ڇانوَ ۾ ڪو ديپ هو،

جو ٿي ٻريو.

 

ڪارڙو ۽ ڪوجهڙو

هُو سورمو اڳتي وڌيو،

هر انڌيري راه کي روشن ڪندو

اڳتي وڌيو.

 

هن جي زخمن مان جتي ڀي

خون جو ٽيپو ڪريو،

ات زندگي جاڳي اٿي!

 

هن جتي ڀي پنهنجو گهائل پڳُ رکيو،

روشني جهلڪي اُٿي

 

ڦول کلندا ئي رهيا ۽ روشني وڌندي رهي،

هر طرف کان زندگي جهومي اُٿي

 

ڪنهن پڇيو، ”هيءُ ڪير آ؟“

سنڌڙيءَ مُرڪي چيو،

”منهنجو ٻچڙو، منهنجو هوشو، منهنجو لال!“

 

 

 

 

سورهيه ساٿي

 

 

جي ڪوڏيا ڪاڪ ڪڪوري ويا،

۽ چنگُ چاههَ جو چوري ويا،

سي پيارا جيءَ جيارا ها،

جي ساڻيهه تان سر گهوري ويا.

 

هو سنڌڙيءَ جا ديوانا ها،

۽ محبت جا ميخانا ها،

هُو ٻيجل ها، ٻاروچل ها،

جي خاڪ خون سان توري ويا.

 

هُو ڪنهن نه جهليا ۽ ڪنهن نه پليا،

جي سوريءَ تي سنجهي ئي هليا،

هُو گهوٽ هئا، اڻموٽ هئا،

جي بَرَ ۾ بڙڇي ڀوري ويا.

 

هُو ڏاڍ اڳيان ڏهڪاءُ هُئا،

هُو پاپيءَ لئه پڇتاءُ هئا،

هُو مست هئا، سرمست هئا،

جي اُڀ تي نانءُ اُڪوري ويا.

 

هُو چانڊوڪيءَ جو چهڪ هئا،

هُو اونداهيءَ ۾ ٽهڪ هئا،

هُو سورهيه منهنجا ساٿي ها،

جي قاتل جو ڪنڌ ڪوري ويا.

 

 

ديپن ۾ جو خون ٻريو

مون توکي ساههُ ڏنو آ، سنڌو،
تون مون کي وههِ وٽو ته نه ڏي!

 

هي رَتَ ڦُڙا مينديءَ رتا،
هي سِرَ وڍيل سرويچن جا،
هي ڌرتيءَ تي جي ڌڱ ڪِريا،
سي موت پڄاڻا مات نه ٿيا:

 

تون مون کي وههِ وٽو ته نه ڏي!

 

هيءُ ڪاتيءَ هيٺان ڪَنڌ ته ڏس،
هيءُ پانڌيئڙي جو پَنڌ ته ڏس،
جت هِير گهُلِي سو هَنڌ ته ڏس،
اڄ ساهن منجهه سڳنڌ ته ڏس:

 

تون مون کي وههِ وٽو ته نه ڏي!

 

مون گيتن سان گونجار ڪئي،
مون سُر لُٽائي سار ڪئي،
مون هوشوءَ جيئن هوڪار ڪئي،
مون هيمونءَ جيئن هُٻڪار ڪئي:


 

تون مون کي وههِ وٽو ته نه ڏي!

 

اڄ پڄرڻ جو پهه يار ڪيو،
سَؤ ساٺ ڪيو، سينگار ڪيو،
اڄ ڌاريا ڌوڪي ڌار ڪيو،
اڄ واسينگن تي وار ڪيو:

 

تون مون کي وههِ وٽو ته نه ڏي!

 

جي بَر ۾ بازي هاري ويا،
سي پنهنجو وعدو پاري ويا،
هُو توتان سڀڪجهه واري ويا،
جي خون سان ڌرتي ٺاري ويا:

 

تون مون کي وههِ وٽو ته نه ڏي!

 

اڄ زنجيرن تان زنگ لٿا،
اڄ ويڙهيچن جا ونگ لٿا،
اڄ رنگيلن جا رنگ لٿا،
اڄ ڏيهه سڄي تان ڏنگ لٿا:

 

تون مون کي وههِ وٽو ته نه ڏي!

 

جا جوت جلِي، جو نُور ڍريو،
سو منهنجي واڪي سان ئي وريو،
اڄ ديپن ۾ جو خون ٻريو،
مون پنهنجي سيني مان ئي ڀريو:

 

تون مون کي وههِ وٽو ته نه ڏي!
تون مون کي وههِ وٽو ته نه ڏي!

 

 

 

هو ۽ مان

هو ڪير آهي - ؟

هو،

جنهن جڳ جي جاڳرتيءَ خاطر

پنهنجو پاڻ وڃايو،

جنهن تَنَ، مَنَ، ڌن جو دانُ ڏنو،

۽ چاهَ جي راهَ ٻڌائي:

 

جنهن لڙڪ وهائي مُرڪ ڏني.

۽ نفرت جي ماري، انڌياري

هن دنيا کي،

پيار جي پياري سُرڪ ڏني.

 

هُو ڪير آهي – ؟

جو سيني ۾ صدين جا سوداءَ ڇپائي،

 

طوفانن ۾ لاٽ جلائي،

ميري ڌرتيءَ جي آڳنڌ تي،

آيو پيرُ پيرَ ۾ پائي.

 

جنهن پيار جي بدلي،

سر تي پاتو تاج ڪَنڊن جو!

جنهن پنهنجو لاش ڪلهن تي نيئي

گليءَ گليءَ ۽ چوراهن تي،

جوڙيون پريم جون گرجائون.

 

هر بار جڏهن ڀي نياءَ انياءَ جي

جنگ ڇڙي،

هر بار جڏهن ڀي ڏاڍَ ڏکويو

دنيا کي،

هر بار جڏهن ڀي ڪوٽن ۾

ڪا ڪُوڪ اٿي،

تڏهن اتي هُو آيو آ.

 

واريءَ جي ميدانن ۾

۽ دهشتناڪ سمونڊن پار،

ڌرتيءَ جي هر ڪُنڊ ڪڙڇ ۾،

رام، گوتم ۽ عيسيَ بنجي،

زنجيرن کي ٽوڙيندو،

طوفانن جا رخ موڙيندو،

هُو ايندو آ سوراج کڻي.

 

هُو ڪير آهي، سو هُو ئي ڄاڻي،

پر مامَ ڀَري ڪا مهما آ!

 

مان

ڪنهن مون کان پڇيو، مان ڇا آهيان؟

مون ڪِي نه چيو، مان چپ ئي رهيس،

مان چپ ئي رهيس جو ڄاڻان ٿو،

جو ڄاڻان ٿو مان ڇا آهيان.

مان ديس ديس جي ڀُون آهيان،

مان تارن جي پرڇائين،

مان جنم جنم جي جاڳرتي،

 

مان بَنَ بَنَ جو بنواري.

مون ئي مٿرا ۾ ويهي

پنهنجا گهنڊ وڄايا،

مندر مندر مچلي مون

پنهنجا سَنکَ سجايا:

 

گوتم بنجي در در تان مون دان مڱيو،

گانڌي بنجي، گوليون کائي،

ڌرتيءَ کي مون گيان ڏنو.

 

مان مارئيءَ جو ورلاپ آهيان،

مان قرباني مان آهوتي،

مان آزاديءَ جي آسَ آهيان:

مان مورڙئي جو ماڳ!

سچ جي خاطر

جو سوريءَ کي سينگار مڃي،

مان سو عيسيٰ، مان سو هوشو،

مان ئي راءِ ڏياچ !

 

 

مون گيت اُهي ئي ڳاتا ها

 

تو پنهنجا سيڻ نه بدليا ها،
مون تنهنجا سُرَ سڃاتا ها:

 

جي تنهنجي من ۾ تڙپيا ها،
مون گيت اُهي ئي ڳاتا ها.

 

تون تاڙو بڻجي ترسيو هئين،
مون ڪوئل بنجي ڪُوڪيوهو:

 

تون گهايل دل جي گهُور هئين،
مون ڳوڙها ڳل سان لاتا ها.

 

هِن جهانءِ ته جڳ کي جهوريو هو،
هي گيت ته گهاتن جهڙا ها:


 

جو جوڳي بنجي روڳ سهي،
مون ويس اُهي ئي پاتا ها.

 

جيئن موتئي مان مَهڪار هُلي،
جيئن پورب کان پرڀات ڇُلي،

 

مون اهڙا ڪيئي گيت گهڙيا،
جي اُڌما اُڌما آتا ها.

 

تو اهڙا ڪيئي پُٽ ڄڻيا،
جي تنهنجيءَ ڪُک جو ڪانُ بڻيا:

 

جي توکي ڌُوڙ ۾ ڌوڪي ويا،
سي تنهنجا پنهنجا ماتا ها.

 

 

 

زندگي

 

او زندگي

مرڪ تنهنجي ابتدا،

۽ لڙڪ تنهنجي انتها:

ڪا گهڙي تنهنجي سلوڻي ساز کي ٻڌندو رهيس،

ڪا گهڙي ويران دل، آليون اکيون اگهندو رهيس:

ڪير آهي، جنهن جي اکڙين ۾ نراشا ناهه، چئه،

ڪير آهي؟

هر مسافر جي اڃايل ۽ ستايل سيني ۾

ڇا تنهنجوئي نيشان ناهه؟

 

تون ماءُ ڀي آن، موت ڀي،

تنهنجي اونداهي انڌاري روح ۾

ٽمٽمائي ٿي ڪا جهيڻي جوت ڀي،

هڪ هٿيليءَ تي رکي امرت نچين –

ڇنن ڇن ڇن، ڇنن ڇن ڇن –

 

مرڪ سان پر زهر ڦهلايو ڇڏين،

خاموشيون – خاموشيون – خاموشيون!

 

هر ڦول ۾ توکي ڏٺم،

هر ڪراڙي، بي سهاري جي بکايل گهور ۾

توکي ڏٺم،

هر پڄاريءَ جي پراڻي پاپ ۾،

هر بِکاريءَ جي وڇايل جهول ۾ توکي ڏٺم:

ساز ۾، آواز ۾،

آلاپ ۽ ورلاپ ۾ توکي ڏٺم،

او زندگي،

سچ ٿو چوان، توکي ڏٺم!

 

 

ڪارو بادل

 

عرصي کان هي ڪارو بادل

روز اچي ٿو، روز وڃي ٿو،

بيهي بيهي روز گجي ٿو،

ليڪن برسيو ناهه ڪڏهن ڀي.

 

هيٺ زمين تي ڍورَ اُڃايل،

ڌرتي کاميل، ماڻهو تايل،

وڻ ٽڻ ٻوٽا،

ڳاڙها پِيلا،

ڪومايل ۽ مرجهايل،

روز تڪِن ٿا آس – اکين سان:

ليڪن ڪڪ ٿي اميدن کان،

رڳ رڳ ۾ ڪو روڳ لڪائي،

آس جي ڌيمي لاٽ اُجهائي،

خاموشيءَ سان بيٺا آهن،

ڪنڌ جهڪائي.

 

ڪانگ اُڏي ٿو – ڪانگ اُڏي ٿو،

پياسو پياسو ڪانگ اُڏي ٿو،

پاڻيءَ ڪارڻ ڪانگ اُڏي ٿو:

 

هيڏي هوڏي ڦيرا پائي،

وات پٽي، پرڙا ڦڙڪائي،

بوند بوند جي لئه واجهائي،

نيٺ زمين تي آيو آهي،

ڦٿڪي ٿو، ڄڻ گهايو آهي،

هاءِ، ڪانگ اُڃايو آهي!

 

نٽهڻ اُس ۾ پوڙهو مالهي،

خالي ڦوهاري سان بيٺو،

ڪلراٺيءَ ۾ پاڻي هاري،

ليڪن پاڻي ڪاٿي آهي؟

ڪاٿي آهي – ڪاٿي آهي؟

 

ڌرتيءَ مان اڄ تيل ڳڙيو آ،

شاخ شاخ ۾ تيل جي بُو آ:

نديون نارا، ٻنيون ٻارا،

نهر نيسارا تيل ٿا ڳاڙن،

پاڻي جي ڪا بوند نه آهي!

 

ڪارو بادل اڄ به نه برسيو،

ايڏو عرصو ڇا لئه ترسيو –

ڪارو بادل اڄ به نه برسيو!

 

ٻيڙيءَ وارا، ونجهه هلاءِ،

زور زور سان ونجهه هلاءِ!

 

ريتيءَ جي رڻ پٽ ۾ ٻيڙي

بيٺي آهي صدين کان:

سڙهه سمورا ڇيهون ڇيهون

رڻ پٽ سارو ريهون ريهون!

ڪنهن جو ماتم ڪير ڪري ٿو؟

ڌرتي آ، يا اُڀ ڏري ٿو؟

سج سوا نيزي تي آيو،

پاڻي بڻجي پهڻ ڳري ٿو:

ٻيڙيءَ وارا، ونجهه هلاءِ،

زور زور سان ونجهه هلاءِ!

 

رُڃ سان اُڃ لهي ته نه سگهندي،

ڌرتي ڌاڙ سهي ته نه سگهندي،

ڏاڍَ سان ڏات رهي ته نه سگهندي:

ونجهه هلاءِ، تون ونجهه هلاءِ،

ٻيڙيءَ وارا، ونجهه هلاءِ،

تڪڙو تڪڙو ونجهه هلاءِ!

 

ڪڙڪي سان هو ڪارو بادل

وڏ – ڦڙي وسڪاري سان

برسي پيو برپٽ مٿان.

وڄ وراڪا ڏيندي اُڀري،

اوهيڙي سان برکا اُتري:

اُڀ منجهان اڄ خون وُٺو آ،

آڪاسن تي ڪير ڪُٺو آ؟

ڪارو بادل ڦاٽي پيو آ!

 

ٻيڙيءَ وارا ونجهه هلاءِ،

ونجهه هلاءِ، تون ونجهه هلاءِ!

ڪانگ اُڏي ٿو ڪانگ اُڏي ٿو،

بود ۾ ڀرجي ڪانگ اُڏي ٿو!

 

چؤواٽو

 

هن شهر جي هر چوواٽي تي

مان ڳاٽن جا فانوس ڏسي،

ڪا پلڪ ته بيهي سوچيان ٿو:

 

هيءُ ڪنهن جو ڪنهن جو سِرُ آهي،

هيءُ ڪنهن جو ڪنهن جو خون آهي؟

هر لاش ته هڪٻئي جهڙو آ،

۽ خون به ساڳيو ساڳيو آ،

پوءِ ڪنهن کي ڪنهن کي نانءُ ڏيان،

۽ ڪنهن کي ڪنهن کي ڌار ڪيان،

 

هر لاش ته هڪٻئي جهڙو آ.

هن شهر جي هر چؤواٽي تي،

نيزن جي هر نوڪ مٿان،

مان پنهنجي پاڻ کي پايان ٿو:

هر ٽيپو منهنجو پنهنجو آ،

هر سِير سِريءَ تي ڀانيان ٿو.

 

هن شهر جي هر چؤواٽي تي،

مان لاٽن جيئن لالاڻ ڪري،

ٻرندس، ٻرندس، ٻرندو رهندس –

تيسين،

جيسين اُڀ ۾ ڪائي وڄ تَري،

۽ بَر ۾ ڪائي باهه ٻري!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org