سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: چنڊ رهين ٿو دور

باب --

صفحو :3

وايون

*

 

لوڪ ڏٺي يَر ڪانه لٿي،
ازلي منهنجي اُڃ، الا!

 

هينئڙو گهائل هرڻيءَ جيئن،
روح مڙيوئي رڃ، الا...

 

تون جي هيڪر هام هڻين،
پاپ به ٿيندم پُڃ، الا...

 

توبن، مٺڙا موتيئڙا!
ساوڻ ڀانيان سُڃ، الا...

 

*

 

اُڏران ها هُن پار،

 

ڪاش، مان ڪائي ڪونج هجان ها!

 

وَلَر کان وڇڙي، تڙپي تڙپي، تُنهنجي ڏيهه پڄان ها...

 

تنهنجيون يادون دل ۾ سانڍي، تنهنجي لات لنوان ها...

 

اُڀ جي آڳنڌ تي پَرَ سوئي، تنهنجا پنڌ پڇان ها...

 

بن بن ڍونڍي توکي، مٺرا، نيٺ ڪٿي ته لهان ها...

 

ڪاش مان، ڪائي ڪونج هجان ها!

 

*

 

مَڌ جهڙي ڪا مُنڌ، اسان جو
جيئڙو جهوري وئي ڙي يار!

 

ڇيلن جهڙا ڇال جنهين جا، واسينگن جان وار...

 

موتئي جهڙي مُرڪ جنهين جي، مکڙو ميگهه ملار...

 

اکڙين ۾ ڇولين جو ڇلڪو، ساوڻ جهڙا پار...

 

نيڻن ۾ سيڻن جا سپنا، خوابن منجهه خمار...

 

دور گهڻو ئي گهاري ليڪن، دل کان ڪهڙي ڌار...

 

*

 

منهنجي مَن جو ميرو پاڻي، اُجلو تنهنجو تن!

 

پلڪون پنڇي بنجي مون کان اڏريو هاءِ وڃن...

 

گهائل بادل، ڇا لئه پاڳل، تنهنجا نيڻ ٽمن؟...

 

تنهنجون يادون، جهوُنجهڪڙي ۾، جڳنو ٿي جرڪن...

 

جاڳي جاڳي، وياڪل راڳي، تنهنجا گيت روئن...

 

وارَ وارَ سان هار اسان ئي ماڻي آهي سجن...

 

 

*

 

مان راتين جهڙي رڃ، تون سڄڻن جهڙي سار، الا!

 

ڪيسين رهندين ڌار؟

 

تون ساوڻ جي بوند، مان تاڙي جي تنوار، الا!

 

ڪيسين رهندين ڌار؟

 

مان چڪوريءَ جو چاهه، تون چانڊوڪيءَ جي لار، الا!

 

ڪيسين رهندين ڌار؟

 

مان ڌرتيءَ جي ڌُوڙ، تون گلن جي گونجار، الا!

 

ڪيسين رهندين ڌار؟

 

تون کنوڻين جو چمڪاٽ، مان ڪڪر ڪارونڀار، الا!

 

ڪيسين رهندين ڌار

*

 

تنهنجو منهنجو ساٿ ائين جيئن خاموشين جو خواب،

 

الا، هيءُ خاموشين جو خواب.

 

پل پل پرکي ڄاتم سائين، دم دم آ دولاب...

 

مُرڪ اوهان جي مَهڪي، مٺڙا، جهڙوڪوئي گلاب...

 

سُرهو سُرهو هو ساهه سندوءِ، جنهن جو ناهه جواب.........

 

نينهن نچيو آ نس نس اندر، رڳ رڳ آهه رباب...

 

منهنجي سونهن بنا، او ساجن، ساوڻ آهي سراب...

 

منهنجي جيون کي ٿو جهاتي، حيرت منجهه حباب...

 

*

 

تنهنجي چپڙن جي چُپات، ڪيئي افسانا پرين..!

 

هاءِ، هوريان ماٺ جي منهن مان وئي نڪري هي لات،

 

تنهنجي چپڙن جي چپات.

 

ڪنهن جي مُرڪڻ تي ڏنو مشڪي سموري ڪائنات،

 

تنهنجي چپڙن جي چپات.

 

چنڊ کي جيئن داغ پيارو، مون کي پياري تنهنجي تات،

 

تنهنجي چپڙن جي چپات.

 

رات تارن سان ڇُريل پوتي ڍَڪي پاتِي آ جهات،

 

تنهنجي چپڙن جي چپات.

 

منهنجي اکڙين ۾ اداسي، تنهنجي گهورن ۾ آگهات،

 

تنهنجي چپڙن جي چپات.

 

تنهنجي چپڙن جي چپات، ڪي ئي افسانا پرين-!

 

 

 

*

 

آءُ، اسان جي ويراني ۾،
ويهه گهڙي پَلَ ويهه، الا!

 

يادين جي وادين جو ڪوئي ڇيڙو ناهي ڇيهه، الا!...

 

ڏات اسان جي ڏيئڙي جهڙي، ڏائڻ جهڙو ڏيهه الا!...

 

ساوڻَ، منهنجي سيني ۾ آ سورن جو ساڻيهه، الا!...

 

سُوريءَ تي ئي منصورن سان سرچيو آهه سنيهه، الا!...

 

 

*

توکي ياد ڪري، او مٺڙا، اکڙيون ڀرجي آيون،

 

منهنجون اکڙيون ڀرجي آيون.

 

رات پُني آ، ڀيڄ ڀني آ، تو لئه آس لڳايون-

 

اکڙيون ڀرجي آيون.

 

سي ڪينءَ سپناڏسنديون، جي تنهنجي گهورن گهايون-

 

اکڙيون ڀرجي آيون.

 

يادون منهنجون يادون ناهن، تو جيئن ٿيون پرايون-

 

اکڙيون ڀرجي آيون.

 

صدين جو آ ساٿ، مٺا، سو پل ۾ ڪينءَ ڀلايون-

 

اکڙيون ڀرجي آيون.

 

پل پل ڀٽڪن منهنجي من ۾ يادن جون پرڇايون-

 

اکڙيون ڀرجي آيون.

 

آءُ، پرين، اڄ انڌيارين ۾ آشا – ديپ جلايون-

 

اکڙيون ڀرجي آيون.

 

 

 

*

ڇُلندي ڇُلندي ڇير ڇِڳي،

 

روئندي رئندي رات ڀِڳي،

 

چُرندي چُرندي چپ چريا،

 

ٻُرندي ٻُرندي ٻول ٻُريا.

 

بيڪل تون ۽ وياڪل مان،

 

ڪاٿي آن تون، ڪاٿي آن؟

 

ڪاٿي آن تارن جا گمان؟

 

ڪاٿي آن تون، ڪاٿي آن؟

 

تاڙو بنجي مان ترسان،

 

بادل بنجي يا برسان،

 

خار هجان خوشبو ئي هجان،

 

توسان مٺڙا ساڻ رهان!
توسان مٺڙا ساڻ رهان!

 

 

 

 

 

 

*

 

رات چانڊوڪيءَ رَتلَ، ڪا پَلڪَ ترسين ته ها!

 

چنڊ جي چانڊاڻ ۾ ها مَچَ چاهت جا مَتَل،

 

ڪا پلڪ ترسين ته ها.

 

گهُورَ جي گهراءَ ۾ ها ساهه سالن کان سُتَل،

 

ڪا پلڪ ترسين ته ها.

 

ڪنهن جي اکڙين ۾ ڏٺو مون توکي روئيندو او اجل،

 

ڪا پلڪ ترسين ته ها.

 

مون چُميو ڪنهن چنڊ کي هو، سي پيارا هاءِ پَل،

 

ڪا پلڪ ترسين ته ها.

 

منهنجي جهولي ۾ جهُليو هو چنڊ، ڪنهنکي ڪهڙي ڪل،

 

ڪا پلڪ ترسين ته ها.

 

*

 

هيرن مٺ تي هوت وڃايئي،
هَئه ڙي ڀوري، تنهنجا ڀاڳ!

 

جنهن جنهن سَچَ تي سِير وهائِي،

 

تنهن جا ڪهڙا ماڳ؟...

 

جيڪي ٻيجل ٻيهر ڳائي، سي ئي منهنجا راڳ...

 

ڌرتيءَ جي دل دونهاٽيل آ، اُڀ وَسائي آڳ...

 

ڪانئر! تنهنجا ڪوٽ ڪڙا سڀ، ڊَههَ ڊَههَ

 

ٿيندا ڊاڳ...

 

تيسين باندي باغي ٿيندا، جيسين ٿيندئي جاڳ...

 

*

روپو راند وڃائي ويٺو، سوئي دلڙيءَ داءُ کٽيو.

 

تون ڇا ڄاڻين، تنهنجي آئي، من تان غم جو بار گهٽيو-

 

سوئي دلڙيءَ داءُ کٽيو...

 

محفل ۾ مانڌاڻ متو آ، ڪير بچيو ۽ ڪير ڦَٽيو-

 

سوئي دلڙيءَ داءُ کٽيو...

 

سوڍيءَ ريءَ سنسار سُڃو آ، لوڪو هاڻي لوڙهو لٽيو-

 

سوئي دلڙيءَ داءُ کٽيو...

 

هر سُو موتيو مهڪي پيو آ، شايد ڪِي منٺار مَٽيو-

 

سوئي دلڙيءَ داءُ کٽيو...

 

*

ڪو ته هجي جو اکڙيون ڌو.ئي، آنسو ميڙي، مالا پوئي،
ڪو ته هجي جو پريم سموئي، دل جو درد ڇُپائي روئي،

 

ڪو ته هجي، يَرَ ڪو ته هجي!

 

ڪو ته هجي مون ديواني سان، هن ويرانيءَ بستيءَ ۾،

 

ڪو ته هجي!

 

سنگيتن جا سهڻا ساٿي، مون ته وڃايا مستيءَ ۾،

 

ڪو ته هجي!

 

نگر نگر جو ننگو ماڻهو، هوڏَ ڪري ٿو هستيءَ ۾،

 

ڪو ته هجي!

 

پئسي ڪارڻ پوڄارڻ ڀي پيار وڃايو پستيءَ ۾،

 

ڪو ته هجي!

- يَرَ، ڪوته هجي!

 

*

 

آس نه آئي، راس، الا، مان موٽي ماڳ وڃان!

 

جوش نه روڪي، هوش ئي ٽوڪي، ڪنهن جي

 

ڳالهه مڃان؟...

 

منهنجا ميهر، توسان هيڪر، ڀيرو ڪينءَ ڀڃان؟...

 

تارن کان ڀي دور گهڻو ئي، منزل دور اڃان...

 

*

پَلَ ڀَرَ جي پهچاڻ، جيون گذريو جهونگاريندي.

 

پريت نڀايون پاڇولن سان، هاءِ، اسان اڻ ڄاڻ،

 

جيون گذريو جهونگاريندي.

 

ڦٿڪي ڦٿڪي نيٺ اجهاڻا، پڃري منجهه پراڻ،

 

جيون گذريو جهونگاريندي.

 

لَهَر لَهَر ۾ لڙڪ اسانجا، من ڀانيان مهراڻ،

 

جيون گذريو جهونگاريندي.

 

وقت اسانجو ويري ناهي، جيسين ساجن ساڻ،

 

جيون گذريو جهونگاريندي.

 

دور نه وڃ تون ديوانن کان، پرين ڀري ڏي پاڻ،

 

جيون گذريو جهونگاريندي.

 

لاٽَ کان واٽَ ڀلا ڇا ڇُپندي، ڄمندي آخر ڄاڻ،

 

جيون گذريو جهونگاريندي.

 

 

*

 

ڪهڙو ڪَنڌُ لڪايان توکان – مڱڻا موٽي آءُ!

 

هينئڙو هر هر اوڪانڍي ٿو، ٻيهر ٻول ٻڌاءِ،

 

مڱڻا، موٽي آءُ.

 

رات وهاڻي، ڏات اُڏاڻي، ڪونهي سُڌ سماءُ،

 

مڱڻا، موٽي آءُ.

 

تارَ تارَ مان، پارَ پارَ جو، پهچي ٿو پڙلاءُ،

 

مڱڻا، موٽي آءُ.

 

تنهنجي ڌرتي، توکي پَرتِي، مونکي منهنجو گهاءُ،

 

مڱڻا موٽي آءُ.

 

موت اسانکي مات نه ڏيندو، پريت ناهي پڇتاءُ،

 

مڱڻا، موٽي آءُ.

الا! تون مڱڻا موٽي آءُ.

 

 

 

*

چئني پاسي ڄَر جو ڄارُ، آءٌ اڪيلو ٻارُ،
ڪهڙيءَ واهَ وڃان – مان ڪهڙيءَ واهَ وڃان؟

 

ڪوهن تائين ڪِيهاٽن جو آهي ڪارونڀار،

 

مان ڪهڙيءَ واه وڃان؟

 

بم جي باهُڙ گهر گهر ۾ آ، سوريءَ تي سنسار،

 

مان ڪهڙيءَ واه وڃان؟

 

انسانن ۾ زهر ڀريل آ، تارونءَ تائين تار،

 

مان ڪهڙيءَ واه وڃان؟

 

ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين، اونده انڌوڪار،

 

مان ڪهڙيءَ واه وڃان؟

 

ڀِڀَ وڏا ۽ ڄڀ تکي، سي ڌرتيءَ تي ئي بار،

 

مان ڪهڙيءَ واه وڃان؟

 

جنهنجو سينو گهائل ناهي، سو ڪيئن منهنجو يار،

 

مان ڪهڙيءَ واه وڃان؟

 

چئني پاسي ڄر جو ڄارُ، آءٌ اڪيلو ٻارُ،
الا، آءٌ اڪيلو ٻارُ !

 

 

*

 

ڪوئي آيو سنڌڙيءَ ڪارڻ سينگاري سنگيت – الا

 

جيجل ٻيجل آيو آهي.

 

ڪيسين ڏڪندي ڏاٺ ڏمَرَجي، ڪيسين گهُٽبا گيت – الا

 

جيجل ٻيجل آيو آهي.

 

ڄاڻ ڀڳاسين ڪوٽَ پراڻا، ماندو ٿيءُ نه ميت – الا

 

جيجل ٻيجل آيو آهي.

 

ڪَليءَ ڪَليءَ ۾ ڪَرٽُ ڇُپيو آ، آخر ٿيندي جيت – الا

 

جيجل ٻيجل آيو آهي.

 

باندي بڙڇي بڻبا تو لئه، ڌرتيءَ جا او دَئيتَ – الا

 

جيجل ٻيجل آيو آهي.

 

*

 

ڪين رڪياسين، ڪين جهُڪياسين، توڙي اوکو پنڌ-

 

سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ!

 

پيار کي پڃري ۾ جو پالي، تنهن جو ڪوريو ڪنڌ-

 

سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ!

 

سهسين سورٺ جهڙيون پوءِ ڀي، سورٺ سورٺ سَنڌ-

 

سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ!

 

هڪڙو هوشو ماريو ليڪن، هوشو آ هر هنڌ-

 

سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ!

 

*

 

اڄ آڳ لڳي آکيري کي، يَرَ آڳ لڳي آکيري کي!

 

ڪک پَنَ ڪانا، رک ٿي ويندا،

دوست بچايو ديري کي....

 

 

ڏائڻ بنجي، کائڻ آيو،

بکيو باشو ڳيري کي...

 

زوراور سان زور لڙائي،

ٽوڙيو هيڪر گهيري کي...

 

جَلُ جَلُ جوتي، جيتي وٺ تون،

اوندهه ڪار انڌيري کي...

 

سنڌڙي جي هڪوار سڙي وئي،

سِڪندين پوءِ سويري کي...

 

آڳ لڳي آکيري کي،

يَرَ آڳ لڳي آکيري!

 

*

 

گولي ڇوليءَ جهڙي ڇوهِي،
ڄاڻ ڪهاڙي ڪڙڪي ڙي.

 

گيدي تو وٽ ڀالا گوليون،
لڱ اسان جا لوهي ڙي-

 

ٺوڳي توسان ٺاههُ نه ٿيندو،
ڏاڏاڻن جا ڏوهي ڙي-

 

تنهنجي ميري پاڻيءَ، سنڌو،
منهنجي دلڙي موهي ڙي-

 

ساهن جي جا سرحد ڀاسي،
دل جي سائِي ڊوهي ڙي-

 

نيٺ ته منهنجي آور ايندين،
وسري ويندئي گوهِي ڙي-

 

 

 

 

*

 

مچ مٿان ڪي سچ جا ساکي، آيا ميڙو ٺاهي،

 

ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

 

ڪاريءَ ڪڪريءَ مان برسي، ڪالاٽ لهوءَ جي آهي،

 

ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

 

پنڌ پري آ، پنڌ پري آ، آءُ لاڳاپا لاهي،

 

ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

 

جيسين دم آ، غم ئي غم آ، سانت سکن جي ناهي،

 

ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

 

تنهنجي منهنجي اک جو اُلڪو، بيٺو سينو ساهي،

 

ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

 

اڄ جا سپنا ڪلهه جون يادون، کلندي چڙهنديون ڦاهي،

 

ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

 

مَڇ ته ڏاڍو مڇريو آهي، بَڇ تي بيٺو باهي،

 

ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

 

*

پير پٿون هر پانڌيئڙي جا، منزل جو ڪو اير نه ڀير!

 

وک وک تي واسينگ وراڪا، سمجهي رکجان پنهنجو پير-

 

پير پٿون هر پانڌيئڙي جا.

 

منهنجو جيءُ جوالا آهي، واچوڙن سان منهنجو وير،

 

پير پٿون هر پانڌيئڙي جا.

 

سورٺ کي سمجهائڻ ڪهڙو، راءِ بنان سِر ڏيندو ڪير،

 

پير پٿون هر پانڌيئڙي جا.

 

جنهن جي ويڻي جڳ کان ٻيڻي، ڳڀرو سوئي آهه ڳهير،

 

پير پٿون هر پانڌيئڙي جا.

 

 

*

چانڊوڪيءَ جا چارا چائي، نيٺ ته ڪوئي ايندو!

 

پريت جي ريت نرالي آ پر، ريٽ ڪُريت نڀائي،

 

نيٺ ته ڪوئي ايندو.

 

منهنجي انڌياري هردي ۾، جيون جوت جلائي،

 

نيٺ ته ڪوئي ايندو.

 

ڪنهن لئه ڪانگُ لنوي ٿو جيڏي، ڪاته کڻي سمجهاڻي،

 

 

نيٺ ته ڪوئي ايندو.

 

من جو پياسو پنڇي ڳائي، جهومي جهومر پائي،

 

نيٺ ته ڪوئاي ايندو.

 

شام سويري جنهن کي ڳوليان، گهير گهٽيون واجهائي،

 

نيٺ ته ڪوئي ايندو.

 

مِنهوڳيءَ جي هِيرَ ڀني لا! هِيرَ ٿي آڳ لڳائي،

 

نيٺ ته ڪوئي ايندو.

 

چانڊوڪيءَ جا چارا چائي، نيٺ ته ڪوئي ايندو!

 

 

*

ڦٿڪي ڦٿڪي ٿڪجي پيو آ، هارايل انسان الا
موت منهنجو مهمان الا، اڄ موت منهنجو مهمان!

 

اونداهيءَ جي انت تري ۾ گهائل من جو گيان الا،

 

موت منهنجو مهمان!

 

تِرَ جو تِڙڪو ڪونه سُجهي ٿو، اونداهو ايوان الا

 

موت منهنجو مهمان!

 

پَل جي پاڇي ڪارڻ ماڻيم، سُوري سيج سمان الا،

 

موت منهنجو مهمان!

 

جيون جوالا بڻجي جرڪيو شعلن جو شمشان الا،

 

موت منهنجو مهمان!

 

هاءِ حياتي ڏنگُ ڏکن جو، سورن جو سامان الا،

 

موت منهنجو مهمان!

 

پريم امر آ، پريم ته آهي ماڻهوءَ کان به مَهان الا،

 

موت منهنجو مهمان!

اڄ موت منهنجو مهمان!

*

تنهنجي اوسيڙي ۾ آهيان، آءُ کڻي اجل،

 

آءُ ڀي، او اجل!

 

جهوليءَ پاتم يادن جا، ڪي ڪومايل ڪنول،

 

آءُ ڀي او اجل.

 

پَنَ پَنَ جي پرڇائين جاڳي، جاڳيا پياسا پَل،

 

آءُ ڀي او اجل.

 

پيڙُ پيرَ ۾ پائي آئي، تنهنجي ياد مٺل،

 

آءُ ڀي او اجل.

 

اکڙيون جاڳن، اکڙيون روئن، اکڙيون هاءِ اَجهل،
 

آءُ ڀي او اجل.


 

خاڪ جا ٽيڙا بنجي اُڏريا، من جا ڪاڪ – محل،
 

آءُ ڀي او اجل.

 

تنهنجي اوسيڙي ۾ آهيان، آءُ کڻي اَجَلَ.
 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org