سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: چنڊ رهين ٿو دور

باب --

صفحو :4

گيت

 

چنڊ رهين ٿو دور

 

چنڊ رهين ٿو دور، تون ڌرتيءَ جا درد نه ڄاڻين!

 

هِت هر آشا باندي آهي، بيوس ۽ مجبور،

 

چنڊ رهين ٿو دور.

 

هر مکڙي ڄڻ گهائل گهائل، هر گل ۾ ناسور،

 

چنڊ رهين ٿو دور.

 

صدين کان ڪو ساهُ سڪايل، چاهت ۾ آ چور،

 

چنڊ رهين ٿو دور.

 

ساعت ساعت سوري ڀانئي، منهنجو من منصور،

 

چنڊ رهين ٿو دور.

 

هاءِ! نه ماڻيئه چنڊ اڀاڳا، ڪنهن جو پيارو پُور،

 

چنڊ رهين ٿو دور.

 

چنڊ رهين ٿو دور، تون ڌرتيءَ جا درد نه ڄاڻين !

 

 

هي پل پنهنجو آهي

 

هيُ پل، مٺرا، پنهنجو آهي،
ايندو، تنهن جي ڪهڙي ڪل؟

 

ايڏو عرصو، ڇو ٿا ترسو،
گرجو، برسو، اي بادل!

 

هي پل، مٺڙا، پنهنجو آهي!

 

هوري هوري، ويڻا چوري،
سُوريِ سوري، آءُ سانول!

 

هي پل، مٺرا، پنهنجو آهي!

 

رات نِڀائي، ڏات نه آئي،
لات اسان جي ٿي گهائل:

 

هي پل، مٺڙا، پنهنجو آهي!

 

جوت جلي آ، هوت هلي آ،
موت جهلي آهي منزل:

 

هي پل، مٺڙا، پنهنجو آهي !
ايندو، تنهن جي ڪهڙي ڪل؟

 

 

منهنجو پيار

 

منهنجو پيار پکيئڙي جهڙو،
رڻ ۾ راتيون ڳولي ڳائي-

 

جيءَ ۾ ڏس تون جهاتي پائي.

 

منهنجو پيار سمونڊن جهڙو،
موجن ۾ مچلي، مسڪائي-

 

جيءَ ۾ ڏس تون جهاتي پائي.

 

منهنجو پيار بادل جهڙو،
ساوڻ سهجي جل برسائي-

 

جيءَ ۾ ڏس تون جهاتي پائي.

 

منهنجو پيار آ ماڪ جا ٽيڙا،
گونچن کي جو گلي لڳائي-

 

جيءَ ۾ ڏس تون جهاتي پائي.

 

منهنجو پيار ٻاٻُري ڪَنڊِ آ،
جو ڀي پائي، گهاءَ پرائي-

 

جيءَ ۾ ڏس تون جهاتي پائي.

 

 

 

هاءِ، پرانهون پَنڌُ،

پکيئڙا ڪهڙي پار اڏاڻا – وو!

 

ڌرتيءَ جي دل ڄاڻ ته دهلِي،

اُڀ جا ديپ اجهاڻا – وو!

 

هاءِ، پرانهون پنڌ.

 

اک اک آلي، من من ماندو،

جاڳيا گهاءَ پراڻا – وو!

 

هاءِ پرانهون پنڌ.

 

ڏاههَ کسي جن ڏنڀ ڏنا ها،

سي ئي ساه سيباڻا – وو!

 

هاءِ، پرانهون پنڌ.

 

نيٺ ته منزل ڳولي لهبي،

سَنڌ گهڻوئي ساڻا – وو!

 

هاءِ، پرانهون پنڌ.

 

پکيئڙا ڪهڙي پار اڏاڻا – وو!

 

 

 

 

 

 

هاريو پنڇي

 

کنڀ کِنڊيڙي، پرڙا کولي،
هاريو پنڇي، ڪنهن کي ڳولي

 

پاڳل، جنهن لئه آس لڳائي،
چنڊُ وسي سو ديس پَرائي.

 

پوءِ به تڙڦي، پوءِ به ڳائي،
پاپيءَ سان ٿو پريت نڀائي.

 

جيڪو گهائي، جيڪو رولي،
هاريو پنڇي، تنهن کي ڳولي.

 

ڪونج اڪيلي

 

ڏينهن تتي جو نٽهڻ اس ۾، ڪونج اڪيلي، هاءِ ڳهيلي،

 

ڪهڙي پار اُڏاڻي آ؟

 

هن ڌرتيءَ جو سينو ساڻو،
زخم به گهرا، گهاءُ پراڻو،
وک وک تي واچوڙو وچڙي،
پل پل اک ۾ پاڻي آ –

 

ڪهڙي پار اُڏاڻي آ؟

 

ساري جڳ جو سُور به دوکو،
ويجهو دوکو، ڏور به دوکو،
جنهن جنهن ڪاڪ محل تي ڪاهيو،
تنهن جي ويل وهاڻي آ –

 

ڪهڙي پار اُڏاڻي آ؟
ڪهڙي پار اڏاڻي آ؟

 

 

او پنڇي!

 

نيليءَ نيليءَ گهرائيءَ ۾،


جهومي جهومي گيت سڻائين:

 

پنهنجو من – پنڇي آ گهايل

 

گهايل کي ڇو ٿو تڙپائين.

 

ڪنهن جي آشا من ۾ اوتي،

 

پيار ڪڏهن توڀي ته ڪيو هو:

ڪنهن جو پريم پيالو پي، تو،

 

ڏيهه ڇڏي پرڏيهه مَيو هو.

 

آشائن جا ديپ جلائي،

 

مان ڀي ڪنهن جو آسي آهيان:

 

جيون کي جنجال بنائي،

 

او پنڇي مان پياسي آهيان.

 

لڙڪ لڪائي، آهَ دٻائي،

 

ڪنهن کي مٺڙا گيت سڻايان؟

 

سيني ۾ سَوَ گهاءَ ڇپائي،

 

ڪنهن سان ويهي مُنهن مرڪايان؟

 

 

سڏڪي سڏڪي رو!

 

ماري ماري هليا، هيءَ ڪونج ڀلا ڇو؟
رو رو منهنجا روح، سُڏڪي سُڏڪي رو!

 

جنهن کي موت نه ماري سگهيو،

مان سوئي پاڇو!...

 

سُڏڪي سُڏڪي رو!

 

هاءِ نه ڄاتم، جنهن کي پاتم

وڇڙي ويندو سو!...

 

ساوڻ، منهنجي آنسن کي،

تو ڇو نه سڃاتو!...

 

مينهن وُٺا، او نينهن مُٺا،

مان توکي ڳوليان ٿو!...

 

مومل! تنهنجي ماڻي کي،

راڻي ئي نه ڄاتو!...

 

گهائل هرڻي، تو جيئن منهنجو

من ڀي آ پياسو!...

 

 

منهنجي جيءَ کان ته پُڇ

 

چنڊ رات!

چنڊ رات!

 

اڄ کڻي تون ئي پاءِ،
منهنجي جيءَ ۾ به جهات.

 

چنڊ رات!

 

منهنجي پيار جي پناهه،
تنهنجي لازوال لات.

 

چنڊ رات!

 

تنهنجي روپ مان رڱي،
منهنجي بي پناهه ڏات.

 

چنڊ رات!

 

تنهنجي مرڪ کي ڏسي،
موتئي مڃي آ مات.

 

چنڊ رات!

 

منهنجي جيءَ کان ته پڇ،
ڇا نه آهي تنهنجي تات!

 

چنڊ رات!

چنڊ رات!

 

 

وس او يار!

 

وَسُ وَسُ منهنجي ويراني تي،
اڄ ته کڻي تون وَسُ او يار!

 

ڪنهن نه رنو، او ڪنهن نه رنو،
آنسن جي افساني تي!

 

اڄ ته کڻي تون وس او يار.

 

ڪينَ سري، تون آءُ وري،
مهر ڪري مستاني تي:

 

اڄ ته کڻي تون وس او يار!

 

رات پُني، پر ڪانه رُني،
پل ڀر لئه پرواني تي:

 

وس وس منهنجي ويراني تي،
اڄ ته کڻي تون وس او يار!

 

 

اُڀ جي اک ڇو آلي

 

اُڀ جي اکِ ڇو آلي آهي-
وڄ ڀلا ڇو هَر هَر تڙپي ؟


 

ڪڪرن جي ڪيهُن ۾ ڪهڙي
اڄ ڪا بات نرالي آهي-
وڄ ڀلا ڇو هَر هَر تڙپي ؟

 

پلُ پلُ سوريءَ وانگر سمجهي
رات اسان ڀي جالِي آهي-
وڄ ڀلا ڇو هَر تڙپي ؟


 

مَنَ جي بَنَ ۾ مور اڪيلو
ساٿيءَ لاءِ سوالي آهي-
وڄ ڀلا ڇو هَر هَر تڙپي ؟

 

سوچيان ٿو، مون ڪنهنجي ڪارڻ
ڏاتِ جي ڏائڻ پالِي آهي-
وڄ ڀلا ڇو هَر هَر تڙپي ؟

 

 

ورهن جا ويراڳ

 

ڪهڙي راند رچايئي رانول،
ڀاڳ کسي تون جاڳ ڏئي وئين!

 

منهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي،
دک جا دُهرا داڳَ ڏئي وئين:

 

ڪهڙي راند رچايئي رانول!

 

بِرهه جون باتيون، روڳي راتيون،
اوسيئڙي جي آڳ ڏئي وئين:

 

ڪهڙي راند رچايئي رانول!

 

اکڙين آڏو اوجهل ٿي وئين،
مشڪل منزل ماڳَ ڏئي وئين:

 

ڪهڙي راند رچايئي رانول!

 

مورن جهڙي منهنجي مَنَ کي،
ورهَن جا ويراڳ ڏئي وئين:

 

ڪهڙي راند رچايئي رانول!

 

پَل پَل اکڙيون جَلُ برسائن،
روح کي روڳي راڳ ڏئي وئين:

 

ڪهڙي راند رچايئي رانول!

 

توريءَ مونکي موت به مِهڻو،
وارث ڪنهنکي واڳ ڏئي وئين:

 

ڪهڙي راند رچايئي رانول!
ڪهڙي راند رچايئي رانول!

 

دلڙي ڏئي مون درد پرايو

واٽ تڪيندي لاٽ اجهاڻي،
موٽي ميت نه آيو -

 

دلڙي ڏئي مون درد پرايو.

 

من جا مٺڙا ڦول ڪوماڻا،
پل پل جاڳيا گهاءَ پراڻا،
ڳليءَ ڳليءَ ۾ تنهنجي ڳولا،
گهٽيءَ گهٽيءَ آ گهايو-

 

دلڙي ڏئي مون درد پرايو.

 

جاڳي جاڳي نيٺ ته برسيون،
هاءِ، نماڻيون ڪيڏو ترسيون،
نينهن بنا هي مينهن جي ورکا،
نيڻن نير وهايو-

 

دلڙي ڏئي مون درد پرايو.

 

ڪوئل ڪوڪي، ڪونج اڏاڻي،
ٻيهر جاڳي پيڙ پراڻي،
بڙڇي بنجي ڪڻڇيءَ گهائي،
تن من آ تڙپايو-

 

دلڙي ڏئي مون درد پرايو.

 

رات اوهان جي تات ۾ گذري،
بادل بن برسات ۾ گذري،
آسَ نه ڄاڻين، پياس نه ڄاڻين،
پريتم ٿئين پرايو!


 

دلڙي ڏئي مون درد پرايو.
موٽي ميت نه آيو-
لا! موٽي ميت نه آيو.

 

دل تي ڪهڙو وس

دل تي ڪنهن جو وس ڙي، جيڏا!

 

دل تي ڪهڙو وس؟

 

گاهن ۾، گلزارين ۾،

 

مون تنهنجو ڳوليو گس، ڙي جيڏا،

 

دل تي ڪنهن جو وس؟

 

ڏيهن کان هي نينهن پڇي ٿو،

 

ڏهه ڏهه ڀيرا ڏَس، ڙي جيڏا،

 

دل تي ڪنهن جو وس؟

 

چاهه بنا ڪو چانڊوڪيءَ ۾

 

جانب ناهي چس، ڙي جيڏا،

 

دل تي ڪنهن وس؟

 

هاءِ حياتي، رڻ جو راڙو،

 

جيون ڪهڙو جس، ڙي جيڏا،

 

دل تي ڪنهن جو وس؟

 

دم تي ڪهڙو بانور، مٺڙا،

 

ساجن سِگهڙو رس، ڙي جيڏا،

 

دل تي ڪنهن جو وس؟

 

پيار ته ناهي پاڇولو

جي پيار هُجي هاپاڇولو، مان ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳوليان ها،
مان نيڻن نير وهايان ها، مان دل جا موتي روليان ها.


 

جي پيار هجي ها پاڇولو !

 

جي پيار هجي ها پاڇولو، مان راتيون جاڳي روئان ها،
مان تارن کي ترسايان ها، مان ڳوڙهن سان ڳل ڌوئان ها.

 

جي پيار هجي ها پاڇولو !

 

جي پيار هجي ها پاڇولو، مان سَکين کي سمجهايان ها،
اندر جي اوساٽ الا! مان آنسن سان ئي ٻجهايان ها.

 

جي پيار هجي ها پاڇولو !

 

پر پيار ته ناهي پاڇولو، هيءَ جيون ڀرجي جهوري آ،
پنهنجي سيني کي چيري مون پنهنجي دل ئي ڪوري آ،
هن دل جي بستي اُجڙي آ، مون ساري دنيا گهوري آ !

 

پر پيار ته ناهي پاڇولو_!

پر پيار ته ناهي پاڇولو !

 

 

جي تون منهنجا گهاءَ ڏسين ها

جي تون چؤپڙ راند رهين ها،
ماتِ مٿان تون ماتِ سهين ها،
پوءِ تون منهنجو ڀيدُ لهين ها!

 

پوءِ تون منهنجو ڀيد لهين ها!

 

پَلُ پَلُ جت پڇتاءُ ۾ گذري،
ان ڌرتيءَ تي ڪينءَ رهين ها؟

 

پوءِ تون منهنجو ڀيدُ لهين ها!

 

دَرَ دَرَ تي جو دارُ اَڏائي،
تنهن ٺوڳيءَ سان ڪينءَ ٺهين ها؟

 

پوءِ تون منهنجو ڀيدُ لهين ها!

 

جي تون منهنجا گهاءَ ڏسين ها،
ڳل تي ڳوڙهو ٿي نه وهين ها؟

 

پوءِ تون منهنجو ڀيدُ لهين ها!

 

جي تون قهري ڪوٽُ هجين ها،
ڊوهين سان گڏ تون به ڊهين ها:

 

پوءِ تون منهنجو ڀيدُ لهين ها!

 

 

 

ڀل ڪوئل ڪوئي قيد ڪري

 

جي هوت هلين تون پير ڀري،
مان پيرين پيادي هلنديسانءِ.

 

ڪو ڀؤ ناهي ڀر وارن جو،
جي ڇم-ڇم ڇمڪا ڇير ڪري-

 

مان پيرين پيادي هلنديسانءِ.

 

اڄ بادل بيهي برسيو آ،
اچ، سرتا! توريءَ ڪين سري-

 

مان پيرين پيادي هلنديسانءِ.

 

جي جاڳ اسان جي واڳ وٺي،
پوءِ ڇا ٿيو جي آ پنڌ پري-

 

مان پيرين پيادي هلنديسانءِ.

 

هيءَ ڪُوڪ ته ڪُسڻي ناهه ڪڏهن،
ڀل ڪويل ڪوئي قيد ڪري-

 

مان پيرين پيادي هلنديسانءِ.

 

 

پوءِ جڳمڳ جڳمڳ ڌرتي آ،
جنهن وقت لهوءَ جي لاٽ ٻري-

 

مان پيرين پيادي هلنديسانءِ.

 

سؤ کيپ چڙهن سرواڻن تي،
جي طوفانن ۾ تيرُ تري-

 

مان پيرين پيادي هلنديسانءِ.

 

هيءُ ٻيجل تَنهنجو ٻانهو آ،
جو راءِ جيان سر ڌار ڌري-


 

مان پيرين پيادي هلنديسانءِ.

 

مون منزل اهڙي ماڻي آ،
جت ڏينهن تپي، جت رات ٺري-

 

مان پيرين پيادي هلنديسانءِ.
مان پيرين پيادي هلنديسانءِ.

 

 

پنڌ پرانهون ناهي

 

ڏسندي وڃ تون

ڏک جا رشتا،

لهندڙ سِجَ جي لامَ-

 

تنهنجو پنڌ پرانهون ناهي.

 

جهونجهڪڙي جو جهُوپي ٻاهر،

نيڻ وهائي، ويڻ ڪري ٿي

گوري ڪا گگدام-

 

پنهنجو پنڌ پرانهون ناهي.

 

سنهڙا سيپڪ، سهڻا ماڻهو،

پنڌُ پڇائي، ڪَنڌُ ڪپائي،

مستو مست مدام-

 

پنهنجو پنڌ پرانهون ناهي.

 

جهرڻن جيئن سي مرڻا ناهن،

ڌرتيءَ کان ڄڻ ارٿيءَ تائين

اوچي ڪئي اُڏام-

 

پنهنجو پنڌ پرانهون ناهي.

 

 

 

جن جي دم سان سُوري سونهي،

دودا بنجي جوڌا پنهنجا

سنڌڙيءَ ڏيندا سام-

 

پنهنجو پنڌ پرانهون ناهي.

 

آگهه کان پوءِ اوندهه ڪهڙي؟

سوچي لوچي، سرتا جيڏا،

مانجهي لهندا مامَ-

 

پنهنجو پنڌ پرانهون ناهي.

 

ڪاتي جيئن ٿِي ڇاتِي ڇيهي،

تنهنجي منهنجي سِرَ تي اهڙا

الفت جا الزام-

 

پنهنجو پنڌ پرانهون ناهي.

 

ڏسندي وڃ تون

ڏک جا رشتا،

لهندڙ سج جي لام-

 

پنهنجو پنڌ پرانهون ناهي.

ٻيهر ڪاٿي ملندين

 

کن پل ۾ تون وڇڙي ويندين،
چئه، ٻيهر پوءِ ڪاٿي ملندين؟

 

ڄاڻان ٿو تون منهنجو ناهين،
ڪنهن جي ٻانُهنِ ۾ ئي کِلندين:
چئه، ٻيهر پوءِ ڪاٿي ملندين؟

 

شام جڏهن شمشان ٿي ويندي،
جيءَ ۾ جوالا بنجي جلندين:
چئه، ٻيهر پوءِ ڪاٿي ملندين؟

 

اکڙين جي آڳنڌ تي مُرڪي،
خوابن جي خوشبو ٿي گهلندين
چئه، ٻيهر پوءِ ڪاٿي ملندين؟

 

يادن جي وادين ۾ پيهي،
موهه منجهاران مرڪي ٽلندين
چئه، ٻيهر پوءِ ڪاٿي ملندين؟

 

التجا

 

جڏهن تنهنجي رنگين محفل ۾ سائين،
اداسيءَ جي تصوير بنجي مان آيس،
ڌڪاري ڇڏين ها – ڌڪاري ڇڏين ها!

 

خاموش راتين ۾ هڪ سوال بنجي،

خوابن ۾ تنهنجي، ٽپي جي مان آيس،

تون ماري ڇڏين ها – تون ماري ڇڏين ها!

 

يادن کان منهنجي جي ڇرڪي اٿين ٿو،

تصور جي تهه ۾، لڪي جي مان آيس،

وساري ڇڏين ها – وساري ڇڏين ها!

 

جوان تنهنجي محفل سدائين آ سائين،

فقط سُرڪڙيءَ لئه، سِڪي جي مان آيس،

پياري ڇڏين ها – پياري ڇڏين ها!

 

وري ياد آئين

 

وري ياد آئين، وري نيڻ نايا!
واٽن تي ويهي مون جوت جلائي،
لکين لُڙڪَ پوئي مون مالها بنائي،

مون تولاءِ ساجن ڪيا سهج سايا:
وري ياد آئين، وري نيڻ نايا!

 

اهو گيت ڳاتئه جو ڳائي نه ڄاڻين،
ڏکيو پيچ پاتئه، نباهي نه ڄاڻين،
نه ڄاتئي ته ڇو لڙڪ مون ٿي لڪايا:
وري ياد آئين، وري نيڻ نايا!

 

ٽُڙي گل ٿيا مکڙيون، مون توکي پڪاريو،
کڙيا ڪئي ستارا، مون ڇرڪي نهاريو،
اميدن جا ڏيئڙا مون ٻاريا وسايا:

وري ياد آئين، وري نيڻ نايا!

 

مون کي ياد آهن مسرت جون پلڪون،
ڪنهين جي اکين ۾ ڏنيون چنڊ جهلڪون،
مگر اڄ خزان آ، اُداسيءَ جا سايا:
وري ياد آئين، وري نيڻ نايا!


 

اسان جون بهارون ڪنهين ريءَ نماڻيون،
اميدن جون مکڙيون، بي موسم ڪُماڻيون،
جي پنهنجا پرايا، پرايا – پرايا:

وري ياد آئين، وري نيڻ نايا!

 

رات کي ڳولي ڏينهن

 

رات کي ڳولي ڏينهن،

الا، او ڏينهن، ته جنهن جو نينهن نماڻو آ.

 

تو بن مٺڙا ميت،

الا، او ميت، مڌر سنگيت اُڏاڻو آ.

 

بادلَ منهنجا ڀاءَ،

الا، او ڀاءَ، ٻنهي جو گهاءُ پراڻو آ.

 

راتين جا رولاڪ،

الا، رولاڪ، نه ڪوئي ٿاڪ ٺڪاڻو آ.

 

چانڊوڪيءَ جو چاهه،

الا، او چاهه، اسان جي ساهه سيباڻو آ.

 

 

ڪو نه ٿيو تو جهڙو اڳ

 

تون ڪنهن جو ويٺو جاچين دڳ، او سانولڙا!

 

ڪاٿي ڄائين، ڪاٿان آئين، ڪو نه ٿيو تو جهڙو اڳ،

 

اي سانولڙا!

 

ڪنهن جو اونو، ڪنهن لئه آتو، ڪنهن لئه مٺڙا آهين مَڳ،

 

اي سانولڙا!

 

تنهنجي آئي، تنهنجي سائي، جرڪي پيو هيءُ جهوريل جڳ،

 

اي سانولڙا!

 

جنهن جنهن ڄاتو، تنهن ئي پاتو، سنڌوءَ مان سوڀيا جو سڳ،

 

اي سانولڙا!

 

سنڌڙيءَ جي، هاسنڌڙيءَ جي، سيني تي آ سچو سچ سرڳ،

 

اي سانولڙا!

 

تون ڪنهن جو ويٺو جاچين دڳ؟

تون ڪنهن جو ويٺو جاچين دڳ؟

اي سانولڙا!

 

 

ڄاڻ اُڏاڻا ٻاڻ اسان جا

تنهنجي چاهت چِکيا آهي،

سورٺ آءُ سينگار ڪري،

ڀنڀٽ ڀنڀٽ باهه ٻري !

 

سُرڪ بنان ڪينءَ سَرمد رهندا،

پيئڻ وارا مُرڪي پيئندا،

منصورن کي، متوالن کي،

زهر به ڏين جي ڀَري ڀَري:

ڀنڀٽ ڀنڀٽ باهه ٻري،

سورٺ آءُ سينگار ڪري !

 

ڪانڌن کي ڇا ڪرٽ جهليندا،

ڪُونڌر ايندا، ڪُسندا رهندا،

پروانن جي، مستانن جي،

سوريءَ ريءَ ڪينءَ سَري سَري:

ڀنڀٽ ڀنڀٽ باهه ٻري،

سورٺ آءُ سينگار ڪري!

 

مانجهي ڪهڙا ماڳ پڇين ٿو،

پنهنجي منزل دور گهڻو ئي،

ڄاڻ اڏاڻا، ٻاڻ اسان جا،

تارن کان ڀي پري پري:

ڀنڀٽ ڀنڀٽ باهه ٻري،

سورٺ آءُ سينگار ڪري!

 

اسان ريءَ سنڌ اڌوري

 

سنڌڙي تنهنجي سِينڌ نه اُجڙي،
توتان جندڙي گهوري ڙي!

 

اسين اُهي ئي مارو تنهنجا-
اسان ئي صديون جاڳي تو لئه،

 

تارن جي وَٽ سوري ڙي...

 

اسين اُهي ئي چارڻ تنهنجا-
اسان ئي سِر جي سين هنئي،

 

اسان ئي ويڻا چوري ڙي...

 

اسين اُهي ئي راڻا تنهنجا-
اسان ئي مومل ماڻي، لا!

 

اسان ئي ڪاڪ ڪڪوري ڙي...

 

اسين اُهي ئي سانگي تنهنجا-
اسين ئي سنڌو تنهنجي ڌارا،

 

اسان ري سنڌ اڌوري ڙي...

 

اسين ئي ڄام تماچي تنهنجا-
اسين ئي مارئيءَ جا رکوالا،

 

اسان جي سورٺ، نوري ڙي...

 

اسين اُهي ئي هوشو تنهنجا-
اسان ئي تنهنجي مِٽي، ماءُ،

 

پنهنجي رت ۾ توري ڙي...

 

سنڌڙي تنهنجي سِينڌ نه اُجڙي،
توتان جندڙي گهوري ڙي!

 

عزم

 

جا چڻنگ آ منهنجي جهوليءَ ۾،
سا ڀنڀٽ جيئن ڀڙڪائيندس،

 

مان گهائل سُر ئي ڳائيندس.

 

جا تند ڪٽارو ڪنڌ گهري،
مان وائي سا ورجائيندس،

 

مان گهائل سُر ئي ڳائيندس.

 

ڪي ڪوٽ اُڏوهيءَ کاڌا ها،
ڪي ڪوٽ اڃا ڪيرائيندس،

 

مان گهائل سُر ئي ڳائيندس.

 

جيئن ڪوئل کي ڪو ڪانُ هڻي،
ڪا ڪوڪ اهڙي ڪُرلائيندس،

 

مان گهائل سُر ئي ڳائيندس.

 

جنهن سونهن ڏني هئي سوريءَ کي،
تنهن سوڍي کي سرچائيندس،

 

مان گهائل سُر ئي ڳائيندس

 

اڄ ماڪ ڪِري آ موتئي تي،
مان رت ڦڙا جرڪائيندس،

 

مان گهائل سُر ئي ڳائيندس.

 

هيلوڪي ساوڻ

چارڻ او چارڻ،

تنهنجي چنگ هيلوڪي ساوڻ

منهنجو روح رَمايو آ - !

 

سُر، سُر، سُر سُر، سُر جو جادو، سيني منجهه سمايو آ-

 

منهنجو روح رمايو آ.

 

ٻَههَ ٻَههَ، ٻَههَ ٻَههَ، ٻاڻ اُڏاڻو آٿت هاڻ اجايو آ-

 

منهنجو روح رمايو آ.

 

ٿَڙَ ٿَڙَ، ٿَڙَ ٿَڙَ، ٿَڙڪي هينئڙو، راڳيءَ روڳ لڳايو آ-

 

منهنجو روح رمايو آ.

 

ٽِم ٽِم، ٽِم ٽِم، ٽانڊاڻي جيئن، لُونءَ لُونءَ مچ مچايو آ.

 

منهنجو روح رمايو آيو.

 

نَس نَس، مَس مَس مرڪي آهي، پريتم پاڻ پُسايو آ-

 

منهنجو روح رمايو آ.

 

چارڻ، او چارڻ،

تنهنجي چنگ هيلوڪي ساوڻ

منهنجو روح رمايو آ.

 

 

ڪي ماڻهو

 

منهنجي ڌرتيءَ جا ڪي ماڻهو چنڊ ستارن جو سوچن،
ڌرتيءَ تي پئي ڌوڙ اُڏامي، هو آڪاسن ۾ اُڏرن.

 

منهنجي ڌرتيءَ جا ڪي ماڻهو...

 

منهنجي ڌرتيءَ جا ڪي ماڻهو دولت کي ديوي ڪوٺن،
غيرت ۽ غربت جا سودا، بازارن ۾ بيهي ڪن.

 

منهنجي ڌرتيءَ جا ڪي ماڻهو...

 

منهنجي ڌرتيءَ جا ڪي ماڻهو پڃري منجهه پراڻ گُهٽن،
ماروئين کي محلاتن ۾، قيد ڪري ست ساءُ لٽن.

 

منهنجي ڌرتيءَ جا ڪي ماڻهو...

 

منهنجي ڌرتيءَ جا ڪي ماڻهو، شيشي جا محلات اڏن،
ڪمزورن جا ننگ نماڻا، تن ڪوٽن ۾ قيد ڪن.

 

منهنجي ڌرتي جا ڪي ماڻهو...

 

منهنجي ڌرتي جا ڪي ماڻهو، پيار کي پئسي سان پرکن،
ڪوئل جهڙي ڪوڪ ڪويءَ جي، ڏکندڙ سيني مان نه سهن.

 

منهنجي ڌرتيءَ جا ڪي ماڻهو...

 

منهنجي ڌرتي جا ڪي ماڻهو، سچ کي سوريءَ تي چاڙهن،
موتيءَ جهڙا ڪي ڪي ماڻهو، کلندي ڪڏندي جان ڏين.


 

منهنجي ڌرتيءَ جا ڪي ماڻهو...

 

منهنجي ڌرتيءَ جا ڪي ماڻهو، ڳڀي ڳولا منجهه ڳرن،
نٽهڻ اُس ۾ پيرين ننگا، ڌرتيءَ جو سينو چيرن.

 

منهنجي ڌرتيءَ جا ڪي ماڻهو...

 

منهنجي ڌرتيءَ جا ڪي ماڻهو، اونداهين کي روشن ڪن،
اوکين ۽ اڻ سونهين راهن ۾ شعلو بڻجي پاڻ جلن.


 

منهنجي ڌرتي جا ڪي ماڻهو.

 

 

 

هيرن منجهه هڳاءُ

 

اڄ ڏيئڙو ڏيئڙو ڏاهُه، ميان!
اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!

 

جا واٽ سڄي مون ورجائي،
سا سِٽ بني سوداءُ ، ميان!

 

اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!

 

جي جاڳ اسان جي واڳ وٺي،
پوءِ گهوريو سُڌ سماءُ، ميان!


 

اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!

 

مون پيار ڏنو، پرڀاءُ ڏنو،
تو پِيڙا ۽ پڇتاءُ، ميان!

 

اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!

 

مون موت کي جوت بنايو آ،
ڇا تِک هجي ڇا تاءُ، ميان!

 

اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!

 

هي درد مليو دل وارن کان،
مون در در لاتو داءُ، ميان!

 

اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!

 

هي نيڻ اُڃايل آسوَندا،
ڄڻ ساوڻ جو سوداءُ، ميان!

 

اڄ هيرن منجهه هڳاءُ ميان!

 

هي سمنڊ مٿان ڪي سونهن – پکي،
هُو ڦيڻ ڀريو ڦهلاءُ، ميان!


 

اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!

 

هن چنگ جو ڏنگ ڏهوڻو هو،
جيئن گهُورن جو گهراءُ، ميان!

 

اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!
اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!

 

 

جي ڇير اڃا ڀي دير ڪئي

 

جي ڇير اڃا ڀي دير ڪئي،
پوءِ ڏوهه نه ڏج ديوانن تي!

 

جي مرڪ نه پياري سرڪ سڄڻ،

پوءِ مهڙ ناهي ميخانن تي.

 

تون مرڪ ته جَرڪي جوت ڀلي،

جا اِيندي، سا پروانن تي.

 

هن ڏيهه گهڻائي ڏاڍ ڪيا،

مجبورن تي، مستانن تي.

 

هي ڪوٽَ ڪَڙا زنجير ذَرا،

ڪو عيب ناهن انسانن تي.

 

مون گيت چيا جي گونجي اُٿيا،

ڄڻ آهَ اُڏِي ايوانن تي.

 

 

ڪير ته آهي

 

سانجهيءَ ٽاڻي، دريا ڪپ تي، مٺڙا گيت بنايان ويٺو،
ڪير ته آهي، جنهن جي خاطر نيڻن نير وهايان ويٺو.

 

ڪير ته آهي، جنهن جي آشا جيون جو سنگيت بني،
ڪير ته آهي، جنهن جي ڳولا پريت جي آهي ريت بني.

 

سنڌوءَ جي ساحل تي پنهنجي غم جا ديپ جلايان ويٺو،
لهر لهر ۾ توکي پائي، من ئي من مُسڪايان ويٺو.


 

تنهنجي آنچل ۾ ئي منهنجي چنچل من جو ماڳ، مٺا!
منهنجن چپڙن ۾ جو ٿَڙڪي، تون ئي آن سو راڳ، مٺا!

 

هن ڌرتيءَ سان منهنجي آهي جنمن کان پهچاڻ،
جنم جنم ۾ تو لئه مٺڙا، ڄرڪي منهنجي ڄاڻ.

 

منهنجي ڏاهَ مَ ڏنگِ تون، نه ڪي جهُوپو جهور،
نه ڪِي کوٽ کِريبَ سان، ويهي سُوري سور،
پهرين پنهنجي تور، پوءِ ڏارج ڏيههَ کي!

 

جلدي پار اُڪار

 

آواز:    ناکئا، منهنجو نينهن، بيٺو پَرئين پار،

 

جلدي پار اُڪار.

 

دير نه ڪر تون دادلا، پنهنجو سَر تو سار،
                اکڙيون هُو آسائتيون، ڏيندم هاءِ ميار،

 

جلدي پار اُڪار.

 

ڪورس:        لهرن کي للڪار، ميان،
               
سائينءَ کي سنڀار، ميان،
                جلدي پار اُڪار، ميان!


 

ناکئو:  ٻيڙي وڌ م ٻار ۾، الههَ جي آڌار،
               
ميلو آ محبوب سان، مٺڙا، ڌيرج ڌار.

 

ڪورس:        لهرن کي للڪار، ميان،
       
        سائينءَ کي سنڀار، ميان،
               
جلدي پار اُڪار، ميان!

 

آواز:    ناکئا، منهنجو نِينهن، بيٺو پَرئين پار،

 

جلدي پار اُڪار!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org