سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ديوان قاسم

باب --

صفحو :9

 

ديوان قاسم جي شرح

رديف الف

***

 

(غزل 1)

(بحر رمل سالم مثمن وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن)

(1/1) عربي مصرع_اي عالمن جا خدا مونکي سئين رستي هدايت ڪر. (2/1) ماڙ - واهر (1/2) فرض عين= [ع] خاص يا ضروري فرض (2/2) ان کي = انهن کي يعني جنن ۽ انسانن کي (1/3) مرسل= [ع] خدا جو موڪليل رسول، پيغمبر. عاصمين= [ع] گهنگارن (2/3) مُقتَدا= [ع] مهندار سردار، اڳواڻ. (1/4) اصحاب  افضل= [ع] ڀلارا دوست يا يار. چست= پهلوان بهادر. چوکا= چڱا ڀلا. (1/5) ڪمي = ]ف[ گهٽتائي (2/5) مڻين = گهڻا، مڻن جا مڻ.

***

 

(غزل 2)

(بحر رجز سالم وزن - مستفعلن مستفعلن مستفعلن مستفعلن)

(1/1) روزمحشر= [-] وري اٿڻ جو ڏينهن يعني قيامت مصطفا [ع] چونڊيل، خدا جو، حضرت محمّد. (3/1) عاصي = گهنگار، مٿي به آيو آهي (1/2) ناقص = [ع] ندورو، نقصان پهچائيندڙ. نانئيو نوايو، مغلوب يا زيردست ڪيو، مفعول اٿس من. شنع [ع] بڇڙائي، نيچائي. شر= خرابي (2/2) پارس= پارس پهڻ جهڙو ڇٽائيندڙ يا ٽامي مان سون ڪندڙ حالت ندا ۾. خطرا = خوف. لڳه خدا= خدا جي واسطي (1/3) سارهه= ساراهه تعريف(2/3) ثنا = [ع] تعريف (1/4) عربي بيت - جڏهن منهنجا گناهه گهڻا آهن تڏهن منهنجي شفاعت ۽ منهنجو پوش يا ڍڪ ٿي (2/4) هميشہ منهنجي دل پريشان آهي خوف ۽ اُميد جي وچ۾. (1/6) عربي بيت پنهنجي ڪمال عزّت جي صدقي، ۽ پنهنجن چڱن خصلتن جي صدقي ۽ پنهنجن دوستن ۽ پنهنجي اؤلاد جي محابي منهنجا سڀ ڪم آسان ڪر(1/7) يوم الحشر = [ع] روز محشر، قيامت جو ڏينهن. اَينَالمفر= قرآن مان - ڀڄڻ يا لڪڻ جي جاءِ ڪٿي آهي؟ (2/7) دانهي فريادي. سام= پناهه ڏيندڙ بچائيندڙ (1/8) سفارش ڇوٽڪارو. گس لاءِ = هن گمراهه کي رستي تي آڻ (2/8) ڪارڻي= وسيلو، سام، شفاعت حمايت ڪندڙ(1/9) والي= خدا. وڙ= ڀلايون، مهربانيون (2/9) اوٽ ۽ اڙ= روڪ، بچاءُ (1/10)= دادلو= لاڏلو، پيارو. ڏڍ= واهر، مدد. ڏاهه= ٻانهو (2/10) نعم الملتجا= [ع] عرض ڪرڻ جو تمام چڱو هنڌ (1/11) عربي بيَت - جنهن جو بيان وڏو يا ڏکيو آهي ۽ جنهنجي زبان شعر ۾ ڊگهي آهي (2/11) انهي جو سمورو حال توکي اهڙو معلوم آهي جهڙو سمنڊ ۾ موتي (2/12) اتي= تي، مٿي. ڀرجهل= پاسو جهليندڙ، ٽيڪ ڏيندڙ، مدد ڪندڙ (1/12) شر= [ع] خرابي، شرارت. خير جو ضِد. سيّدا اي سردار.

(اشارو هن غزل ۾ هيءَ صنعت رکيل آهي ته هر هڪ بيت جا پهريان ٽي اڌيا تڪون ساڳئي قافئ واريون آهن. هن غزل ۾ جي ٻارهن کان وڌيڪ بيت آڻي ها ته اهو قصيدو ٿي پوي ها - نه غزل)

***

 

(غزل 3)

(بحر رجز مشمن مطوي وزن مفتعلن فع، مفتعلن فع، مفتعلن فع، مفتعلن فع.)

اشارو (هي هڪڙو ڊگهو بحر آهي، منجهس هيءَ صنعت آهي ته هر ڪو مصراع ۾ چار ٽڪر بارڪن آهن جي سڀ هڪڙي قافئ تي آهن، بلڪ ٻي مصراع جا ٽي رڪن به اهڙائي آهن.) (1/1) همارا= اردو، اسانجا، قلب قرار= دل کي قرار ڏيندڙ (2/1) عشق اجارا= عشق کي روشن ڪندڙ يا وڌائيندڙ (1/2) مان مفخّر= عزت تي فخر ڪرڻ وارا. (2/2) اَڙِيَن= ڦاٿلن مصيبتن ۾ گرفتار. وانجها= ضعيف، ڏٻرا، مسڪين. داڙو= شفيع، مددگار، فرياد رس. ڪرم گهڙي گهٽ- هڪ گهڙي به دير نه ڪر، جَلد آءُ. مهر مڇڻ مٽ= پنهنجي محبت هرگز متان مٽين، يا ڇڏين. سٽ= لاهه اڇلاءِ. (1/3) چش= لذت، فرحت (1/5) اجائي= اجائي ڪار. روءِ ريائي= پاسداري ڏيک (2/5) مهر مدارا - ]ف[ توتي محبت جومدار يا ڀروسو آهي.

***

 

)غزل 4(

(وزن - فعلن، فعولن، فعلن، فعولن)

(2/1) مون_مونکان يا منهنجي (2/2) غمخوار= ]ف[ غم کائيندڙ يا ونڊيندڙ، همدرد. (2/3) مون= منهنجي (2/4) سالم - [ع] ڪامل حسن وارا (1/5) سوز - ]ف[ عشق جو درد يا ساڙو. صيقل= [ع] ڪٽ کرڙي لاهڻ، يعني سوز جي صيقل سان دل جي ڪٽ يا ڪس لاهه (2/5) قلب [ع] دل. ڪردار= ]ف[ افعال، ڪم.

***

 

)غزل 5(

(بَحر= رمل مسدّس وزن فاعلاتن فاعلاتن، فاعلات)

(1/1) مرحبا - [ع] ڀلي آئين، خوش آمدي، مُحبّ= [ع] اصل محب، دوست، محبوب. مخلص= [ع] سچو (2/2) چيٺي سنڀالي، يا ڌيان سان. مدّعا [ع] مطلب. (2/3) منجهه= لڳي ٿو اخبارن سان. انهي طرح حرف جّر فقط ٻي مصراع ۾ ڪم نه ايندو آهي. هي غزل اَسلم جي غزل جي جواب ۾ آهي جو انهي وقت سنڌ سڌار اخبار ۾ ڇپيو هو. محمد قاسم اُنجي تعريف به ڪري ٿو ۽ شڪايت به هيٺين بيتن ۾. (2/5) مغز= حقيقي يا باطني معنيٰ. رنگين= ]ف[ پسندئ  جهڙي وڻندڙ. (1/7) عنايت اوج لاءِ [ع] نهايت مهرباني جي نظر يا خيال سان. (1/8) عربي بيت تحقيق منهنجي دل ۾ هنجي محبت جاءُ وٺي ٿي (2/8) غير حاضريءَ ۾ يعني پس غايبانه جڏهن هنجي دوستي زور رکي ٿي يا غلبو ڪري ٿي (1/9) عربي بيت - اسين جيڪي چئون ٿا سو تحقيق سچ ٿا چئون (2/5) انهي ۾ ڪوبه ريا يا ڏنگه ۽ ڪوڙ ڪونهي(1/11) سان فضيلت فن= فضيلت جي فن سان (2/11) معرڪا [ع] جهيڙا جهڳڙا (1/12) اَت= انت، اندر جو حال، حقيقت. (رسالي ۾ به اهو لفظ اچي ٿو) (2/12) ماجرا [ع] حقيقت، احوال (1/13) گنجه ]ف[ خزانو، دٻلو (1/14) عربي بيت - جنهن منهنجو شعر ڏٺو تنهنجو عقل حيران ٿي ويو (2/14) ڪيترائي ڀيرا مون اها ڳالهه آزمائي آهي. (2/15) سُرڪيان - اَسلم پنهنجي غزل ۾ هي لفظ آندو آهي هن معنيٰ سان ته سُرڪيون ڀريان شراب پاڻي وغيره جون پر سُرڪڻ انهي معنيٰ سان سنڌئ ۾ ڪم نه ايندو آهي. اها چوڪ ٿو ڄاڻائي (2/15) نامصطح= جو اصطلاح يا رواج ۾ به هجي ناروا. (1/16) سوغات= سوکڙي تحفو. سرت - خبرداري، هشياري، قابليت (2/16) عليه اَلانتها - انهي ڳالهه تي آءٌ هيءُ غزل پورو ٿو ڪريان.

اشارو هن غزل ۾ 16 بيت آهن تنهنڪري انهي کي قصيدو چئبو نه غزل جو 4 يا 5 بيتن کان وٺي 12 تائين ٿئي ٿو.

***

 

 

)غزل 6(

(بحر رجز سالم وزن مستفعل مستفعلن مستفعلن مستفعلن)

اشارو (هن غزل ۾ ٻئي غزل واري صنعت ڪم آيل آهي ۽ بحر ۽ وزن به ساڳيو آهي.)

(2/1) ساعت= [ع] هڪ گهڙي (1/2) هوت= اي هوت هڻي= ماري ڪٽي. پامال= ]ف[ پائمال پيرن هيٺ لتاڙيل. پڻي= مٽي، خاڪ (2/2) سيباڻيم= مونکي وڻي، پسند آئي (2/3) ڳالهه= ڳالهه جي ڪري. جل= جلڻ، سوز ساڙو (1/4) نائيا= نوائيا، نوڙائيا ڪيرائيا (2/4) ڪامڻ - جادو (1/5) قاسم اُتي= قاسم تي، يا مٿانس. لڳه خدا= خدا جي واسطي.

***

 

)غزل 7(

(بحر - تقارب اثرم - وزن فعول فعلن، فعول فعلن، فعول فعلن، فعول فعلن)

(1/1) م پَؤ= نه پئو (1/2) اُداس= سڪ، انتظار. (2/2) سٽي= رٿي(2/2) مدارا= [ع] مهرباني، مروّت (1/3) عربي بيت= منهنجو تنهنجي پاسي اچڻ ڏاڍو شوق آهي ۽ تنهنجي منهن جي سونهن آءٌ نٿو ڏسان. (2/3) انهيڪري تو کان سواءِ محبت جي ڪري منهنجو حال نَشيئَن يا بيهوش جهڙو آهي (1/4) فارسي بيت= جڏهن منهنجي خراب حال جي توکي خبر آهي تڏهن ڀلائي ڪري مون وٽ آءُ (2/4) مگر خدا جي واسطي جيترو ٿي سگهيئي ايئن ڪرڻ ۾ دير بلڪل نه ڪر. (1/5) دري= دلاسي جي دري يا در کول، يعني مونکي دلاسو ڏي (2/5) نوبنو بت= تندرست بدن سان (1/6) وَٽِمِ وهيان ور= اي وهيان يعني تونگر دوست مون وٽ موٽي آءُ (2/6) مون ڀر= مون وٽ، منهنجي پاسي ۾ (1/7) بنا بنائڻ= بنياد وجهڻ. شعر جي عمارت ٺاهڻ (2/7) سخن سڌار= شعر سڌارڻ وارا، شاعر.

***

 

رديف ب

 

)غزل 8(

(بحر - رمل مسدس. وزن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)

(1/1) برهه باب= برهه جا باب يعني الف بي، يا سبق (2/1) نڪتو= [ع] باريڪ ڳالهه. اِنتخاب= [ع] چونڊيل (2/2) حشر= [ع] محشر قيامت(1/3) هون= هجن ذرو= [ع] سج جِو ترورو، ذرڙو. زبون= [ع] خسيس، ڪي ڪيِنَ. (2/3) معنيٰ= [ع] باطن، حقيقت، ضد ظاهر جو. آفتاب= ]ف[ سچ، يعني انهنجي اندر ۾ خود سچ آهي (1/4) رمز= [ع] ڳجهه، يادگيري. (2/4) خجلت= [ع] شرمندگي (1/5) مام= حقيقت مطلب، معنيٰ (2/5) عَفوُ= [ع] معاف، بخشِ. (2/6) جنّات= [ع] جمع جنت جو يعني باغ بهشت جا. شتاب= ]ف[ جلد (1/7) خانقه = [ع] خانقاه، مڙهي، مدرسو.

***

 

)غزل 9(

(بحر - تقارب. وزن - فعولن فعولن فعولن فعولن)

(1/1) مجيب= [ع] قبول ڪندڙ، يا قبول. ڀل (1/2) هئين جو هار. هموار= ]ف[ هميشه هاتڪ= [ع] ڏاهو، هشيار بهادر. حبيب= [ع] دوست يعني خدا جو دوست. هي سارو غزل حضرت محّمدﷺ بابت آهي. (2/2) عزِّ= [ع] عزت. افديت ملڪي عليکه= آءٌ پَنهنجو سارو ملڪ تو تان قربان ٿو ڪريان (2/3) شايان ]ف[ لائق، شائسته. سيدالمُرسلين= [ع] رسولن جو سردار. (2/4) نرمل= روشن، صاف، پاڪ. نجيبِ= [ع] شريف (1/5) جوت جنسار= سونهن. زينَتِ زيب. (2/5) افضل= [ع] ڀلارو، گهڻي فضيلت وارو (1/6) قاب قوسين= معراج. اصل يعني ٻن ڪمانن جو ويڇو. قرآن ۾ آهي ته معراج وقت نبي خدا کي ٻن ڪمانن جي ويڇي تائين مٿي ويو. (1/6) ارشد= [ع] گهڻو رشيِد يا سڳورو. اديب= [ع] ادب وارو. اخلاق وارو، ادب سيکارڻ وارو.

***

 

)غزل 10(

(بحر - خفيف. وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)

(1/1) مهتاب= اصل چانڊوڪي پوءِ چنڊ. (2/1) وٽ الاهه= الله وٽ. آب=  ]ف[ عزت، آبرو. (2/2) ارباب سردار (1/3) يڪرنگه ]ف[ ڪجهڙا، برابر (2/3) نخل بن= ]ف[ کجين جا وڻِ. سيراب = ]ف[ ڍاول يا پاڻي ڏنل. هن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاعر سني آهي ته شيعو جو سبني يارن کي هڪجهڙو ٿو چوي. ڌئل= ڌئيل چونڊيل. دُرّناب= ]ف[ ڳاڙهو موتي، نج. هن بيت ۾ حضرت جا چارئي يار ڏنا اٿس. (1/5) عربي بيت= اي ربّ منهنجا انهي تي صلواة يا برڪت موڪل ڇا لاءِ جو انهي جي چڱائي سڀني دروازن کي کولڻ واري آهي. (1/7) اداڪر= ]ف[ بجا آڻ، پورا ڪر. احڪام= [ع] حڪم. (2/7) سڀان = سڀاڻي، هن جهان يا آخرت ۾. عتاب= [ع] ڏوراپو، اوڀالو، الزام (1/8) شوم= بدبخت. محڪوم= [ع] مغلوب. (2/8) ته= ڇا لاءِ جو، نه ته. هولناڪ= ]ف[ خوف جهڙو. هيبت ناڪ (1/9) زهد= [ع] پرهيزگاري (1/9) ناڪام= ]ف[ نامراد.

***

 

رديف ٻ

 

(غزل 11)

(بحر - رمل. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

(1/1) روهن ۾= جبلن ۾. پير پٻ= پيرن جي پٻن جا نشان. (2/1) پٿون= پرزا. کاٻ کٻ - ٻئي لفظ هڪڙي معنيٰ وارا، يعني وڍ، زخم (1/3) مَرڪي= فخر ڪري، خوشيءَ مان. سڪارو= نيڪ، ڪمائتو. (2/3) دزد دٻ= دزد کي يعني اهڙي بدمعاش کي دٻ ڪڍ، يا ڌمڪاءِ، عتاب يا مار ڏي (2/4) اَهکه= اوکه، مشڪلاتون. گهاءُ گهٻَ= ٻئي لفظ قريب هڪ معنيٰ وارا يعني زخم. لڦون، ڦرڙيون. گهٻ به چون (2/5) توءِ= ته به، انهيءَ هوندي به. ڊؤل ڍٻ= ٻئي لفظ قريب هڪڙي معنيٰ جا يعني ڏيکه، مڪر، تجويزون، هنر. (2/6) چَٻَ= ڪوُڙي اڙتي، ڪوُڙي دعوا.

***

 

رديف ڀ

 

(غزل 16)

(بحر - رمل. وزن-  فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

(2/1) صداقت= [ع] صدق، سچائي، صفا= صلح، دل جي صفائي (1/2) فتوّت= ] ع[ مردانگي، جوانمردي. فنون= [ع] جمع فن جو، هُنر، انهي ڪري جو جي بدران جا بهترهو. (2/2) جور= جيڪي (2/3) جا محبت مقتضا= [ع] جيڪي محبت جي ضروري يا گهربل يا درڪار آهي. (2/5) چاهه چس= الفت، محّبت، خوش خُلقي. جا چون ٿا = جنهنکي چئجي ٿو (1/6) حذئ= ]ف[ عادت، خلق. خنده روئي= ]ف[ کِلُ مکه رهڻ(1/7) دولاب=  دغا ٺڳي (1/8) عِزّ= [ع] عِزت. آب= ]ف[ آبروُءَ (2/8) ايءَ پَر=  رسم، ريت (2/9) جيءَ= خوشئ سان سڏَ جو جواب ڏيڻ (1/10) اندازسين= [ع] پوري انداز ۾، مناسب درجي ۾2/10] ابتدا= [ع] شروع. اِنتها= [ع] پڇاڙي ٻئي ضد لفظ.

***

 

رديف ت

 

(غزل 13)

(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)

(1/2) پارين= پورو ڪن. مفعول اٿس انگه ٻيءُ مصراع ۾ (2/2) الست= ازل، اوّل. اشارو اَلست بربکم قالوابليٰ جو قرآن ۾ آهن. (2/3) هون= هجن (1/4) [ع] عزم= قصد، لاڙو (2/4) ڪڌائي= بُرائي، ڏنگائي، ضد الفت جو. ڪست= قَصدُ، شعر جي ڪري رواجي سنڌئ ۾ غلط لفظ ڪم آندو اٿس، جو ٻئي بيت ۾ ٿو اچي. (2/5) خدابين= ]ف[ خدا پرست ضد خودبين يا خودپرست جو.

***

(غزل 14)

(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)

(1/1) ڪوهه= ڇو، ڇالاءِ (2/1) سَرسري= ]ف[ رواجي، غير ضروري، خسيس. ڀورا= اي ڀورڙا يا نادان. نِڀائين= نه ڀائج (2/3) وَه= واهه، واهواهه. واري= وري، موٽائي (2/6) ڪُهه= ڪوهه، ڇو نه. ڪمائين= ڪم ۾ آڻين، انهنجي استعمال ڪرين.

***

 

غزل 15

(بحر خفيف - وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)

اشارو= هن غزل ۾ هر هڪ بيت جي پوئين سٽ يا مصراع عربي آهي.

(1/1) اي ربّ اسانجا کي آفتن ۽ بلائن کان بچاءِ (1/2) ڊاءُ= ڊپ (2/2) اسانکي آفتن ۽ مصيبتن جي سختيءَ کان ڇڏائج (2/3) برڪتن جو ڪو حصو مونکي ڏيار (2/4) پوءِ انهيءَ کي وڏا درجا حاصل ٿيندا. (1/5) غير= [ع] خدا کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه، يا ڪدورت، ڪوڙ وغيره (2/5) تحقيق اُهو زمانن جي تڪليف يا خرابيءَ کان آزاد ٿيو.

***

 

رديف ٿ

 

)غزل 16(

(بحررمل - وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

(1/1) دورنگي= ٻيائي، ٻه چاپڙائي، ٺگي (1/2) محبت مقتضا= [ع] محبت لاءِ جيڪي ضروري آهي سو ماڻ يا حاصل ڪر (2/4) حّق طاعت= فرمانبرداري يا بندگيءَ جا حق ۽ فرض بجا آڻ. (2/5) سِيرسَٽ= سِڌوَ وچان، سنئون ئي سَنئون. (1/6) ناڪر= نهڪر، نافرماني (1/7) ڪُلفت= ڪينو، ڪارنهن. (2/7) آشنا= ]ف[ واقف.

***

 

)غزل 17(

(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

(1/1) لُڇڻ= ڦٿڪڻ بي آرام ٿيڻ. ڪَٿ= ڪَٿِ ڪٿان، دل هڻڻ، (2/1) صبر سِٽِ= صبر جي سِٽ يا رٿ يا ارادو ڪر. رضا = [ع] جيڪي ٿئي تنهن تي راضي رهڻ (1/2) ضبط ڪر= پاڻ تي حڪم يا زور هلاءِ، پنهنجي نفس کي ملريا فرمابنردار ڪر (2/2) حَلّ= [ع] پوري ٿئي. (1/3) جو ديانت درس= اهو ڪم ڪر جو دينداريءَ جي نظر تي درست ۽ برابر هي (2/4) برون= ]ف[ ٻاهر. (1/5) حسن حڪمت= [ع] حسن جي حڪمت يا حسن ۽ حڪمت يا چڱي حڪمت يا ڏاهپ ۽ تجويز سان. خورم= ]ف[ خوش (2/6) يا نبي المصطفا= [ع] اَي خدا جا پسند ڪيل نبي (1/7) حاجت روا= مراد يا ڪم پورو ڪر (2/7) يا عليّ المجتبا= [ع] اَي خدا جا قبول پيل علي المُجتَبا جي بدران علي مرتضا لکي ها ته بهتر هو، جو اهو اصطلاح عام آهي.

***

 

رديف ٽ

 

(غزل 18)

(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلن)

(2/2) مرغ جان کي= جان جي مرغ يا پَکئ کي  (2/3) ڪارو ڪٽ= نڀوُر ڪارو، ڪٽ جهڙو ڪارو ڪَٽيل (1/4) گونا گون= ]ف[ قسم قسم جو. (2/4) گرم بازار= مَتَل، گهڻو هلندڙ. (2/5) وَلولو= ]ف[ گڙ ٻڙ، ڦڙڦوٽ. ونگه وٽ= ٻئي لفظ قريب هڪ معنيٰ وارا. وڪڙ، پيچ. (2/6) ڦچ ڦٽ= ٻئي لفظ هڪڙي معنيٰ وارا وڍ، چير، زخم. (2/7) نازڪن نال= نازڪ بدنن ۽ محبوبن سان نال پنجابي لفظ آهي. نٽُ= ناٽ نخرو، ناز. (1/8) ڪاڻ= لڳي ٿو قريب سان نه قاسم سان. (2/8) گهيڙ= تڙ، لنگهڻ جون جايون. گَسُ گهٽ= ٻئي لفظ هَمُ معنيٰ واٽ، پيچرو.

***

 

(غزل 19)

(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)

(1/1) کوٽ= ٺڳي، دغابازي. (2/1) بوڇ= بڇ، بڇڙائي جيئن بڇُو بڇڙو. ڀل= غلطي، قصور. آنءِ= هائو، بيشڪ، سچ. (1/2) ساري کڻين= چوپڻ جي راند جو اشارو - گوءِ کڻين، ڪثر کڻين. (2/2) ڪيئن= استفهام انڪاري يعني ڪين، هرگز نه(1/3) کينئندينءَ= اي دل کائيندينءَ، يعني جهليندينءَ. ڏانو ڏائڻ= حرڪتون يا فريب ڪرڻ، مڪر هلائڻ. ڏانءِ اچڻ= ڪري سگهڻ، عمل ۾ اچڻ. (2/4) کَپُ مَ= هلاڪ نه ٿي، پاڻ کي نه کپاءِ، بلڪ کوٽ کي باهه ۾ وجهي ساڙي ڇڏ. (2/5) ڏنگه= ڏنگاني. روڳي= اي گدلا، ڪِنا. رانءَ= رانئڻ مان ڪم نه آڻ، ورزش نه ڪر، پسند نه ڪر. (2/6) ڇاپڻ= ڇپائڻ، لڪائڻ، ڍڪڻ. ڇانءَ= ڍڪ، لڪاءِ (ڇائنڻ مان).

***

 

(غزل 20)

(بحر رمل مسدس. وزن- فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)

اشارو - هن غزل ۾ 12 کان وڌيڪ بيت آهن تنهنڪري قصيدو چئبو نه غزل.

(1/1) هيج= خوشئ. يگانو= لاثاني. (2/2) ساءُ= سواد، لذت. هج وارو= گهرو، گائل مائل. (1/3) غيرت= [ع] ريس، رشڪ. (2/3) اغيار= [ع] جمع غير جو، ٻين يا ڌارين وٽ. (1/4) واجهه وَجهه= ٻئي لفظ هڪڙي معنيٰ وارا (2/4) جنسار= سونهن، زيور، حسن جو سامان (1/5) سرواهه= قربان، سرواهي چون ترار کي(1/6) عربي مصراع= چيائين يعني يار فرمايو ته تون وڃي جتين واري پونئين قطار ۾ ويهه جيئن ٻي مصراع ۾ ٿو چوي (2/6) پيراز= جتي (1/7) عربي مصراع = اي رسول خدا جا تحقيق آءٌ پريشان آهيان (2/7) ڏکن ڏهڪار وٽ= ڏهڪار يعني خوف. انهنجي سنڀار لهه جن کي ڏکن جو خوف آهي. وٽ جي منعيٰ هتي ”جي“ آهي. يا انهن وٽ اچي انهنجي ساراهه (2/8) تڙ ڀيڙ= سختي، تڪليف. وٽ= منجهه جي معنيٰ ٿو ڏئي (1/9) عربي مصراع= اي واءَ صبا جا دير ڪرڻ يا ترسڻ کان سواءِ وڃ (2/9) هرگونه دان= ]ف[ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ (1/10) ڪمال الدين جي غزل جو هي جواب آهي (2/10) احسن الاشعار= شاعر، جنهنجا شعر چڱا هجن. (2/11) عربي مصراع= اوهان جو شعر جڏهن منهنجي نظر ۾ آيو (2/11) اُولوالا بصار= [ع] ڏاهو ۽ سمجهو ماڻهو، لفظي معنيٰ اکين وارو]1/12[ ملاحت= [ع] خوبي، ]2/12[ ردا راسخ= مخالف جي بحث ۽ تڪرار ڪن ۽ اعتراض اٿارين تنجي لاءِ پورو رد آهي ڪمال الدين جي شعر جي تعريف ٿو ڪري ]1/13[ جوڙ جڳمڳه= ٺاهه ٺوهه، تحّمل ]2/13[ غرض= [ع] مطلب، مدعّا ]1/14[ مست= ڪمال الدين کي ٿو چوي. موزون= [ع] وزندار، وڻندڙ. (2/14) مجُ= موڪل. مَجمعُ الا سرار= [ع] جنهن ۾ گهڻا اسرار اچي گڏيا آهن. اها به صفت ڪمال الدين مست جي آهي.

***


 

 

رديف ٺ

 

(غزل 21)

(بحر - رمل. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

(1/1) ڦٺ= حيف، ڦٺڪار. هزارين= گهڻي، ڦٺ سان هزارين ڪم اچي نٿو سگهي. يا ته هزارين ڦٺيون چئجن. (2/) پهه پارن= شرط بجا آڻڻ. (1/2) پڇائي= پڪو ڪري. (1/3) سال= سالم، چڱي (2/3) ناڪارو= نڪمو، نجس. (2/4) پاهون= پوءِ تي ]1/5[ غير غفلت= غير ۽ غفلت. غير يعني خدا کان سواءِ ٻيا دنيا تي ڪم. آٽ اُلفت= الفت يا محبت جي سڪ يا بخار يا ساڙو، باهه.

***

 

(غزل 22)

(بحر هزج مسدس وزن مفاعلين مفاعيلن مفاعيل)

(1/1) دل= اي دل. ڌئي= ڌڻيل، چونڊيل (2/2) مٺو مختار= يعني حضرت محمدﷺ (1/3) ملي منهن اچ= وڃي خاڪ تي سجدو ڪري اچ. اَسرع الفيض= [ع] جلد فيض پهچائڻ واري (2/3) مطلع اَلانوار= نوُر جي ظاهر ٿيڻ جي جاءِ (1/4) پيشاني گهڻ= سجدو ڪرڻ. وهم غم= [ع] ٻئي هڪ معنيٰ وارا لفظ. غمخوار= ]ف[ غم کائيندر يا لاهيندڙ يا ٽاريندڙ. (1/5) مبارڪ= [ع] گهڻو برڪت واري مشتاقن لاءِ (2/5) سڌر سرور= وڏو سردار، زور ۽ طاقت وارو (1/6) پر= هل. اِنّ خيرالزاد تقوى= حديث تحقيق پرهيز گاري تمام چڱو سمر آهي (1/7) لڳي لالا نگهري= آسري لڳي. (1/8) ٻڌي احرام= [ع] احرام اڻ سبيل ڪپڙو آهي جو ڍڪي حاجي حج ڪندا آهن (2/8) سعادت= [ع] نيڪبختي، مفعول آهي ڏيڻ فعل جو، جنهنجو فاعل آهي چانٺ. سيّد البرار= [ع] خلق جو سردار يا مهندار يعني حضرت محّمدﷺ (2/9) ڪوهيار= ياڪوهيارو،. دوست سڄڻ، يعني پنهون.

***

 

رديف ث

 

(غزل 23)

(بحر - تقارب. وزن - فعولن فعولن فعولن فعولن فعول)

(1/2) قول= انجام. دورنگي= ٻِيائي، بيوفائي، (مٿي به آيو آهي) (2/3) سندي= جي بدران سندا گهربو هو، يعني قرب جا ڪم نه ڪارڻ. ڪارڻ= ڪرائڻ. (1/4) دزد= ]ف[ چور. اکين جي چوري آهي دل کسڻ يا چورائڻ. (2/4) په= پر، مگر. ڌارڻ= رکڻ. سبب= لاءِ. (2/5) پيالو= شراب محبت جي جو. (1/6). جڏي= بيمار. (1/7) ساؤ= سُڃن جو ضد، يعني دولتمند پنهنجئ وارا. (2/7) ته= تڏهن پوءِ. ڪُنو= رڌڻ جو، ديڳڙو ٺڪر جو. اُٻارڻ= باهه تي چاڙهڻ، رڌڻ. (1/8) ڪذب= [ع] ڪوڙ. (2/8) ڌتارڻ= ٺڳارڻ، گمراهه ڪرڻ.

***

 

(غزل 24)

(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)

(1/1) الغياث= [ع] فرياد (2/1) نظاري= [ع] نظر، نگاهه، اکه ڏيکارڻ. (1/2) چشم= ]ف[ اکيون. مذڪر ڪم آندا اٿس. چورڪن= چورت يا چرت ڪن، چورين، حرڪت ڪن ناز ڪرڻ سان. (1/4) ووءِ ووءِ= واءِ واءِ، هاءِ هاءِ، افسوس. (2/4) قطاري= [ع] هڪ ٻين سان اٽڪائي قطار ڪري هليا ويا (1/5) مان اندر= اندر مان، (2/5) سان= لڳي ٿو اشاري سان (1/6) زُهد وارا= زاهد، پرهيزگار. (1/6) ويسلو= غافلم بي خيال، مونکي وساري. جئين= شال جيئرو هجين. (2/6) ساهه مون= منهنجو ساهه. تولاءِ= توکي. ساري= تانگهي، ياد ڪري. (1/7) جهِڄي= روئي رڙي، عذاب کائي، (2/7) گوندر= غم، ڏکه.

***

 

رديف پ

 

(غزل 25)

(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)

]1/2[ چکي ماڻي= ٻئي ماضي معطوفيءَ ۾ آهن وسارڻ سان لاڳو (1/3) عجز= [ع] عاجزي= نياز. (2/3) پرين= اي پرين. (1/4) واعدو= [ع] اصل صحيح لفظ وعدو. وفا ڪرڻ= پورو ڪرڻ. ]2/4[ نڪارڻ= نه پورو ڪرڻ، انڪار ڪرڻ. (2/5) غير= دوست کانسواءِ ٻئي ڌارئين ڏي.

***

 

رديف ڦ

 

(غزل 26)

(بحر - رمل مثمن. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

(1/1) سرت= خبردار، هشياري، سهڻل= پياريا لاڏ ڪري ”لام“ گڏيل آهي جيئن پنهون= پنهل، مٺو= مٺل. ڪڏائي= ڏنگائي، بڇڙائي (مٿي به آيو آهي) ٿڦڻ= زور ڪري هڪڙي شئ تي ٻي لڳائڻ. (1/2) اڄ اوهان مونکي اهو ارشاد يا حڪم ڪيو يا فرمايو ته ڀَلن کان ڀَلائي ٿيندي آهي (2/2) اها ڳالهه تمام چڱي آهي پر ڀلائي سان گڏيا پٺيانس زور ڪري برائي ته نه ڪر. (1/3) تهمت= مفعول آهن ٿڦ جو ٻي مصراع ۾. (2/3) محرم= حال جو واقف، حال ڀائي. (1/4) نامور= ]ف[ هتي معنيٰ مشهور، پر اهو غلط اصطلاح آهي ماڻهو نامور ٿيندو پر نه نالو يا ڪا ٻي شئ، جا فقط مشهور ٿي سگهي ٿي. (1/5) واڌو= سڀکان زياده ضروري. حيثيت= [ع] لياقت، گڻ. (1/6) تو ري= توکان سواءِ (2/6) نثر هئڻ آهي= جنهنجو تو ساڻ اهڙو رس آهي. ۽ تو کان سواءِ ٻين سان واسطو نٿو رکي تنهن تي اٽلندو ٻيائي نه ٿڦ، يعني اهو الزام نه لڳائينس ته ٻين سان واسطو ٿو رکي. پاڻ= اٽلندو.

***

 

(غزل 27)

(بحر - رمل مثمن. وزن. فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)

(اشارو هن غزل جي بحر ۾ غلطي آهي پهرين مصراع ۽ سڀ ٻيون مصراعون مٿين وزن جون آهن مگر ٻين ستن جون پهريون مصراعون ٻئي وزن جون آهن. يعني فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن - يعني انهن ۾ پونيون رڪن فاعلاتن آهي ۽ هنن ٻين ۾ فاعلاتن.)

(1/1) ٻاڦ= اُٻ يعني دانهن، فرياد. (2/1) آڙاهه= آڙاهه، باهه جا مچ. (1/2) ٻاڻ= تير (1/3) لوڇ= لڇڻ، ڦٿڪڻ، لوساٽ= کامڻ، پچڻ (2/3) پرتڪي= پريت جي، محبت جي. پَرِ= رسم، دستور. (1/5) جل= جلڻ، ساڙو. جهوري = ڳڻتي، فڪر. (1/6) قاسم= اي قاسم، (2/6) اُلا= شعلا باهه جا.

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org