سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ديوان قاسم

باب --

صفحو :1

ديوان قاسم

(شرح سميت)

مرحوم آخوند محمد قاسم صاحب هالائي

 

 

 

 

* اهداءِ الکتاب *

هي ڪتاب ديوان قاسم گهڻي حب ۽ اَدب وچان سنڌ جي سڀني نامور شاعرن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو. خاص سنڌي شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف صاحب ڀٽائيءَ کي.

بنده – ميرزا اسد بيگ

 

ديباچو

 

سنڌ جي مشهور شاعرن جا شعر خواهه ديوان گهڻو ڪري اڳئي شايع ٿيل آهن. ان هوندي به اُنهن شيرين ڪلام شاعرن جي غنچه جي هڪ سرهي گل جي خوشبوءِ حاصل ڪرڻ لاءِ مونکي گهڻن ڏينهن کان آرزو هئي جا گهڻي ڪوشش سان بفضل خدا جل شانہُ پوري ٿي ۽ ديوان قاسم جي صورت وٺي سنڌ جي شاعري گلدستي ۾ اچي پنهنجي خوشبوءِ ۽ رنگت سان سنڌ جي علم ادب کي سرفراز ڪيو.

جيتوڻيڪ آخوند محمد قاسم جو ديوان لٿو ٽائيپ ۾ جهوني زماني جو ڇپيل آهي مگر انجي صورتخطي ۽ ٻولي وغيره اهڙي صاف نه هئي اها ضرورت محسوس ڪري مرحوم شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ صاحب ڪوشش وٺي مٿئين شاعر شيرين مقال جو ديوان نئين سر سنڌيءَ ۾ درست ڪري لکيو اُن بعد اهو به واجب ڏسڻ ۾ آيو ته اهڙي شاعر جي ديوان ۾ سندس حياتيءَ جو ذڪر پڻ ڏيڻ گهرجي. ان لاءِ پڻ گهڻي ڪوشش ورتي ويئي. ڇاڪاڻ ته آخوند محمد قاسم جي حياتيءَ جو احوال هٿ ڪري موجوده صورت ۾ آندو ويو. اهو پڻ خيال ڪيو ويو ته ڀل هي تحفو نوجوان طالب العلمن جي ڪم اچي ۽ هو به هن ڪتاب مان فاعدو حاصل ڪن تنهن لاءِ ضروري شرح ۽ معنيٰ به شامل ڪئي ويئي.

جڏهين سڀ مطلب دلي مراد موجب بر ثواب ٿيا ته خواهش ٿي ته هي بي بها تحفي کي سٺي پني ۽ چڱي ڇاپي ۾ ڇپائي پڌرو ڪجي. مطلب ته هر وجه ڪوشش ڪئي ويئي ته اهو ديوان بمع سوانح ۽ شرح جي بي بها ۽ بي عيب ثابت ٿئي پر بي عيب فقط الله جل شانه آهي ۽ سندس پاڪ ذات کانسواءِ ٻي شيءِ بي عيب ٿي نه ٿي سگهي. ان هوندي به ناظرين ڪرام جيڪڏهن هن ڪتاب ۾ ڪا ڪمي پيشي ڏسن ته برائي نوازش پنهنجي قلم سان درست ڪري ڇڏين ۽ هن بندي تي خندو نه وٺن بلڪ دعائي خير سان ياد فرمائين.

هي ڪتاب ڇپجڻ کان اڳ ڪيترن مشفق دوستن اهل علم ۽ اهل قلم بزرگن کي ڏيکاريو ويو. اهڙي هڪ مشفق دوست خان بهادر حاجي محمد صديق صاحب ميمڻ بي اي پرنسيپال ٽرينگ ڪاليج فارمين حيدرآباد سنڌ جو رايو ۽ ڪن ٻين سڄڻن جي ڪيل تعريف جنسي هن ڪتاب ۾ درج ڪجي ٿي. اُميد آهي ته هي سنڌي عجيب تحفو سنڌ جي اهل قلم بزرگن، نوجوانن ۽ طالب العلمن لاءِ ڪارائتو رهبر ۽ دل وندرائيندڙ خزانو ثابت ٿيندو.

بنده ميرزا اسد بيگ ميرزا قليچ بيگ.

(ٽنڊو ٺوڙهو حيدرآباد سنڌ)

مرحوم خان بهادر شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ صاحب

سنڌ جو شيڪسپيئر

 

 

(مختصر سوانح عمري شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ جي)

 

ميرزا فريدون بيگ جنهنجو اصلي نالو سڊني هو سو عيسائي مذهب جو اميرزادو هو مير ڪرم علي خان جو ايلچي هتان سوغاتون ۽ تحفه کڻي ايران جي شاهه ۽ اميرن ڏي ويندو هو اُتان وري شاهاڻي دستور موجب تحفه وٺي ايندا هئا. اهڙو هڪڙو ايلچي ايران جي هڪ سّيد درباريءَ سان مليو، جنهن وٽ اُنهيءَ وقت ۾ ننڍڙو سڊني رهندو هو ڇوڪري جي چالاڪي، علم ۽ فضيلت ڏسي، سّيد کان اُهو نينگر وٺي ايلچي مير صاحب وٽ سنڌ ۾ وٺي آيو، جتي سڊني تمام سکيو پٽن جيان پلبو هو.

ميرزا خسرو بيگ جو جيارجيا جو اميرزادو هو ۽ مير صاحبن وٽ درباري امير ۽ حڪيم به هو، تنهن کيس مسلمان ڪري پنهنجي نياڻي ڏئي، پاڻ سان گڏي ڇڏيو.

ميرزا فريدون بيگ کي مڙيئي 7 پٽ ۽ ٻه نياڻيون هيون ٽيون نمبر ميرزا قليچ بيگ صاحب شمس العلماءُ هو ميرزا فريدون بيگ جا ستئي فرزند علم ۽ فضليت ۾ يڪتا هوا، ليڪن شمس العلماءُ ميرزا صاحب مڙني ڀائرن کان افضل هو ميرزا قليچ بيگ، پڙهڻ ننڍي هوندي کان گهر ۾ شروع ڪيو سنڌي چار درجا پاس ڪري آخوند علي محمد صاحب وٽ فارسي ۽ عربي پڙهڻ ويٺو پوءِ حيدرآباد هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو، اُتان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. پوءِ سنه 1872ع ۾ بمبئيءَ جي ايليفنسٽن ڪاليج ۾ داخل ٿيو اُتي اوچي تعليم حاصل ڪيائين. سنه 1876ع ۾ بيمار ٿي پيو آخر سنڌ ۾ موٽي آيو ٿوري عرصي کان پوءِ جڊيشل امتحان پاس ڪيائين ۽ شڪارپور ضلع ۾ مختيارڪار مقرر ٿيو رفته رفته وڌندو نيٺ وڃي ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. جنهن عهدي تان سنه 1910ع ۾ پينشن ورتائين ميرزا صاحب مرحوم علم ادب جي خذمت ننڍي هوندي کان شروع ڪئي ۽ آخر 78 ورهين جي عمر تاءِ به علم ادب کي ورسائيندو رهيو جنهنجو نتيجو سندس هيڏي تصنيف آهي.

ميرزا صاحب مرحوم هر ڪنهن علم وفن ۾ قابل هو. سندس جمله تصنيف 350 ڪتاب آهي، جنهن مان 200 ڪتاب شايع ٿي عام شهرت حاصل ڪري چڪا آهن، باقي 100 ڪتاب قلمي رکيل آهن، جي به آهستي آهستي اُميد ته شايع ٿيندا ويندا.

سندس قابليت ۽ ايمانداريءَ سان نوڪري ڪرڻ جي لحاظ کان پينشن وٺڻ تي سرڪار نامدار نوابشاهه ضلع ۾ هڪ هزار ايڪڙ زمين بنا مالڪاڻي ڏني. سندس علمي اعليٰ خذمت ڪري سرڪار سنه 1924ع ۾ ”شمس العلماءُ“ جو لقب ۽ ”قيصر هند“ جو تمغو عطا ڪيو ميرزا صاحب وقت جو تمام پابند هو پڇاڙيءَ تائين پنهنجا روزمره جا ڪم مقرر ڪيل وقتن تي ڪندو رهيو عبادت ۾ به ميرزا صاحب مرحوم گهڻو پابند هو، ڪابه نماز وسئون قضا ڪونه ڪندو هو، بلڪ بيماريءَ جي حالت ۾ به جڏهين اُٿڻ ويهڻ جي طاقت نه هيس تڏهين ليٽي اشارن سان نماز ادا ڪندو هو. اونهاري ۾ پنهنجي باغيچي ۾ هڪڙي املداس جي وڻ تي وڃي پيهي تي آرام ڪندو هو، جنهن پيهي کي پاڻ ميرزا صاحب مرحوم پنهنجو ”آکيرو“ سڏيندو هو لکڻ پڙهڻ جو ڪم به اُتي ڪندو هو اُتي باغ ۾ پنهنجي آکيري تي پکين سان گڏ خالق اکبر جي يادگيري ڪندو هو موت جي به سدائين ڳڻتي رکندو هو هر سال موت جي تازي يادگيري رکڻ لاءِ هڪ پارسي ۾ رباعي چوندو هو، اُهي رباعيون گڏ ڪري هڪ ڪتاب ٺاهيائين جنهنجو نالو رکيائين ”ذڪر الموت“. هينئر به جيڪا تاريخ شعر ۾، سندس تربت جي اڳيان پٿر تي اُڪريل آهي سا به ميرزا صاحب جي خود ٺاهيل آهي. ميرزا مرحوم اڪثر جمع ڏينهن قبرستان ڏي ويندو هو. ميرزا صاحب جا عزيز سڀ اهل شيعه مذهب جا هوا، ليڪن ميرزا صاحب پنهنجو مذهب هن ريت ڄاڻايو آهي ته:

”آءٌ الله جل شانہ جو خلقيو آهيان. اؤلاد حضرت آدم عليه السلام جو  آهيان، حضرت محمد رسول الله صلي الله عليه والہ وسلم جو امتي آهيان، سندس اهلبيت سان گهڻي محبت رکان ٿو. اصحابن، اوليائين فقيرن درويشن ۽ صوفين سان به گهڻي محبت اٿم. ڪنهن به مذهب کي برو ڪين چوندو آهيان“ بس اهو آهي ميرزا صاحب جو مذهب.

هن مان ثابت آهي ته ميرزا صاحب مرحوم پڪو مسلمان هو ۽ پوري ريت قرآن عزيز ۽ حديث شريف جي حڪمن جي تعميل ڪندو هو. ميرزا صاحب مرحوم کي خدا تعاليٰ جل شانہ گهڻيون ئي خوبيون ڏنيون هيون. اُن مان هڪ هيءَ به هئي ته هو صلح پسند بزرگ هو. ميرزا صاحب جي گهرُو زندگي نهايت اعليٰ هئي. سڀڪو ڪم ڪار ٽائيم ٽيبل تي ڪندو هو. ڪڏهين به بي وقتو ڪم نه ڪيو هوندائون. وقت جو قدر ڪو ميرزا صاحب مرحوم کان سکي ها. ميرزا صاحب مرحوم جا سڄي عمر سنڌ ملڪ تي ۽ سنڌي ٻوليءَ تي بيشمار اَحسان آهي، جي اڃان سنڌ لاهي نه سگهندي.

ميرزا صاحب ڪنهن به بيماريءَ کانسواءِ 3 جولاءِ سنه 1929ع رات جو 11 بجه مهل پنهنجي موليٰ سان واصل ٿيو. شمس العلماءُ ميرزا صاحب مرحوم گهڻن خوبين جو مالڪ هو. الله پاڪ جل شانہ هن بزرگ تي رحم ڪري. (آمين) سندس وڌيڪ ۽ سچو مڪمل احوال پڙهو ”حيات قليچ“ مان، عنقريب شايع ويندو. هي ڪتاب سندس خلف الرشيد ميرزا همايون بيگ صاحب ”فائق“ تصنيف ڪيو آهي.

هي احوال هت ختم ڪندي آءٌ خدا تعاليٰ جل شانہ کان پنهنجي محترم والد بزرگوار حضرت مرشدنا و مولانا شمس العلماءُ ميرزا صاحب لاءِ مغفرت جي دعا عاجزيءَ سان گهران ٿو. شل رب پاڪ جل شانہ مرحوم کي جنت نصيب ڪري ۽ اسان کي سندس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. 

(آمين)

(اَفضل بيگ ميرزا عفي عنه)

 

(مرحوم محمد قاسم جي سوانح عمري)

 

(1) وڏو ماڻهو ڪنهن چئجي.

ڪي چوندا ته ساري دنيا ماڻهن سان ڀري پئي آهي ۽ ماڻهو اڳيئي آدم جو اولاد آهن، ٻيو وري ٿيندا ڪيئن؟ شايد ڪن جي خيال ۾ اهو به اچي ته وڏو ماڻهو اُهو آهي جنهنکي مال ملڪيت، ڌن ۽ ٻيو سڀ سک ۽ آرام جهڙو اسباب مسير هجي. پر ائين نه آهي، جنهنکي به ڪي چڱا اخلاق يا گڻ هجن سوئي وڏو ماڻهو ٿي سگهي ٿو، ڀلي اُهو غريب يا ڪنگال هجي، پر اُنکي خدا جي قدرت ڪي چڱيون نعمتون بخشيون آهن جنهن جي ڪري هو دنيا ۾ خوش گذاري ٿو ۽ انهي ڪري هن کي وڏو ماڻهو چئي سگهجي ٿو. جنهن ماڻهوءَ ۾ ماڻهپو ڪونهي، تنهنکي ماڻهو سڏڻ به غلط آهي.

هيٺئين احوال مان معلوم ٿيندو ته ماڻهو يا انسان ڪنهن کي چئي سگهجي ٿو ۽ ڪيئن ٿجي اُنهي  کانپوءِ اسان مرحوم محمد قاسم جي سوانح عمريءَ بابت لکنداسين.

اِها به هڪڙي اهڙي پرولي آهي، جهڙو وڏن ماڻهن جو هي قول ته ”دنيا ۾ ماڻهو ننڊ ۾ آهن ۽ جڏهن مرن ٿا تڏهن ٿا جاڳن.“ يعني دنيا ۾ جيڪي ڪن ٿا، سو سڀ ڄڻ ته خواب ۾ ٿا ڪن. يا وري ڏاهن جو هي قول ته ”جيڪي اَولياءَ يا خدا جا نيڪ ۽ صالح بندا گذري ويا آهن، سي مئل ناهن، پر جيئرا آهن ۽ جيڪي ماڻهو خدا کي هتي نٿا سڃاڻن ۽ خدا وارن جي هدايت نٿا وٺن سي انڌا گُنگا ۽ ٻوڙا آهن ۽ حيوانن کان به زياده گمراه آهن؛ بلڪ مئل آهن پر جيئرا نه آهن.“ شاه صاحب يا ٻئي ڪنهن جو قول آهي ته:

(بيت)

”ماڻهو نه مڙئي ماڻهو، پکي نه مڙئي هنج،

ڪن، ماڻهن منجهه، آهي بوءِ بهار جي.“

قلندر شهباز سيوهڻ واري جي سوانح عمري يا احوال ۾ لکيل آهي ته جڏهن پريندي سيوهڻ ۾ آيو ۽ اُنهيءَ هنڌ وهڻ جو ارادو ڪيائين، جتي هينئر سندس قبعو آهي، تڏهن اُتي مهاڻيون ويٺل هيون، ۽ اُتي جي هڪڙي وڏيري کيس اُنهيءَ هنڌ رهڻ نٿي ڏنو ۽ ساڻس ڏاڍي کؤنس ڪيائين. هڪڙي ڀيري جهيڙو ٿي پيو ۽ قلندر جي طرف وارن جي هنکي لٺ لڳي ويئي ۽ هو مري پيو، وڏيري کي وڃي پوريائون. جڏهن حاڪم وٽ دانهن وئي ۽ کانئس پڇا ٿي تڏهن چيائين ته ”اسان ماڻهو ته ڪو به ڪونه ماريو آهي، باقي هڪڙي ڇتي ڪتي اسانکي ڏاڙهيو ٿي تنهنکي ڌڪ هڻي پنهنجي جند ڇڏائي اٿئون وڃي ڏسوس.“ کوٽي کڻي ڏسن ته برابر ڪتو پوريو پيو آهي. جي ظاهري صورت ۾ ڪتو نه هوندو ته باطني صورت يعني سيرت يا اخلاق ڪري ته ضرور ڪتو هوندو. ڪتو ماڻهو به ٿي سگهي ٿو، جئين ڏاهن جو قول آهي ته ”انهن نيڪين سان گڏ رهي، ڪتو به ماڻهو ٿي پيو. ته انهيءَ طرح بيشڪ ڪتو به ماڻهو ٿي سگهي ٿو. هڪڙي اولياءَ جو ذڪر آهي ته ڪنهن هنڌ ٻه ٽي ڏينهن وڃي رهيو. پوءِ پڇڻ تي چيائين ته ”مونکي هتي ڪو به ماڻهو نڪو گڏيو نڪو ڏسڻ ۾ آيو.“ انهيءَ ڄو مطلب هيءُ ته جيڪي ڏٺم يا مليم سي ماڻهو ڪين هئا، گهوڙن گڏهن ڍورن ۽ ٻين ماڻهن جهڙا هئا، هُو چؤپيرا هي ٻه پيرا. ماڻهو ساه وارا هئڻ ڪري حيوان يا جانور ته اڳيئي آهي. ڪي ڏاها اُنهنکي ڳالهائيندڙ جانور به چوندا آهن پر ٿوري گهڻي سمجهه حيوانن کي به آهي ۽ ڪي پکي ڳالهائيندا به آهن، نه ته به پنهنجي پنهنجي ٻولي ته هر قسم جي حيوان کي به آهي. قرآن ۾ آهي ته ”جانور ۽ پکي به اوهان جهڙي اُمت آهن، اُهي به خدا تعاليٰ جي پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ تعريف ڪن ٿا ۽ تسبيح پڙهن ٿا.“ هڪ ڏاهي جو قول آهي ته ”آدميت نه جان رکڻ تي آهي نه ڳالهائڻ تي آهي، نه ڏاڙهي رکڻ تي آهي، ڇا لاءِ جو جان ته گڏهن، گهوڙن ۽ ٻين سڀني جانورن کي به آهي ۽ ڳالهائي چتون ۽ ڪي ٻيا پکي به سگهن ٿا ۽ ڏاڙهي ٻڪرن کي به آهي.“ تڏهن ماڻهوءَ جي ذاتي خاصيت يا وصف ڪا ٻِي شي آهي جا هنجو ٻين جانورن کان فرق ڏيکاري ٿي ۽ هنکي اشرف المخلوقات جي نالي هيٺ آڻي ٿي.

حياتيءَ جي سڀڪنهن ڏينهن خوش رهڻ جو آسان رستو اِجهو هيءُ آهي. جڏهن ماڻهو صبوح جو سوير اُٿي تڏهن دل ۾ پڪو ارادو ڪري ته اڄوڪي ڏينهن ڪنهن هڪڙي نه ٻئي پاڻ جهڙي انسان سان ڪانه ڪا ڀلائي ضرور ڪندس، ائين ڪرڻ، ڪهڙي به قسم يا درجي واري ماڻهوءَ لاءِ تمام آسان رستو آهي ڪنهن گهرج واري کي ڪاشي ڏيڻ، ڪنهن درد مند کي دلاسو ڏيڻ، انڌي کي رستي لائڻ، رستي تان ٻين جي نقصان جهڙيون شيون پاسي ڪرڻ. اهي ئي ننڍڙا ننڍڙا ڪم آهن جي اڳواٽ وڃيو اسانجي بهشت جو اسباب ٿا ٺاهين. عالمن جو قول آهي ته ”ماڻهو جڏهن دنيا ۾ اچي ٿو، يعني ڄمي ٿو ته پاڻ روئندو اچي ۽ ٻيا سندس مائٽ ۽ عزيز اُنهيءَ مهل خوشيءَ کان پيا کلن. ماڻهوءَ کي گهرجي ته دنيا ۾ اهڙي طرح ٻين سان گذاري ۽ پنهنجا سڀ حق اهڙي طرح ادا ڪري  جو مرڻ مهل پاڻ کلندو وڃي ۽ ٻيا سندس لاءِ پيا روئن.

نوٽ: مٿئين مضمون جي لکڻ جو مطلب اهو ته پڙهندڙ سمجهي سگهن ته وڏو ماڻهو ڪنهن کي چئجي ۽ ڪيئن ٿِجي.

(2) مرحوم محمد قاسم جو اباڻو وطن

مرحوم محمد قاسم نعمت الله جو پٽ هو، ۽ سندس ذات آخوند هئي. هن جو اباڻو وطن پراڻن هالن جي شهر ۾ حيدرآباد ضلع منجهه هو. پر سندس حياتيءَ جو گهڻو عرصو حيدرآباد شهر ۾ گذريو. پهرين پهرين شهر جي ٻين حصن ۾ رهندو هو. جنهنڪري اتي جي ماڻهن سان ڏيٺ ٿيس. پر جڏهن مرحوم فاضل شاه سان گڏيو ۽ سندس ڏيٺ ٿي، تڏهن انهيءَ حصي مان لڏي اچي سندس ڀر واري جاءِ ۾ مسواڙ وٺي ويٺو هتي شاعري تي تمام وڏا بحث مباحثا ڪندا هئا ۽ پاڻ ۾ بيت بازي ڪندا ايندا هئا. هنن جي پاڻ ۾ گهري دوستي ٿي ويئي جنهنجا نيشان سندن ديوانن ۾ ڪٿ ڪٿ لڀندا. ”ديوان قاسم“ ۾ به ڏسبو ته مقابل جا شعر گهڻائي آهن.

(3) ڌنڌو

مرحوم محمد قاسم ڪو خاص ڌنڌو ڪونه ڪندو هو. مسواڙي جاين ۾ ڪن طالب العلمين کي پارسي، عربي، سنڌي وغيرهه ٻولين جا درس ڏيندو هو.

اکر تمام سهڻا هوندا هئس جنهنجي ڪري دڪاندار ۽ ٻيا ماڻهو هنکان بورڊ يا تختيون لکائيندا هئا ۽ هن کي اُنهيءَ لاءِ اجورو ڏيندا هئا، جنهن مان هيءُ پيٽ قوت ڪندو هو. هو سنه 1872ع ۾ آيو ۽ مرحوم مير حسن علي خان جو ملازم ٿيو، ۽ اتي هنکي چاليهه رپيا پگهار ملندو هو پاڻ مير صاحب جي شعر ۽ ٻي تصنيف ۾ اصلاح ڪندو هو. ڪن ورهين کانپوءِ انهيءَ ڪم کان به هن کي معافي ملي؛ گهر ويٺي ويهه رپيا پينشن وانگي اُتان ملندا هئس.

(4) ولادت، وفات ۽ تربت

سندس ولادت جي پوري خبر ڪٿان به پئجي نٿي سگهي. مگر ايتري خبر پئجي سگهي ٿي ته حضرت فاضل شاهه (مرحوم) کان ڏهه يا يارهن سالن کن اڳي وفات ڪئي هئائين. تڏهن شايد 1309هجري ڌاري سندس وفات ٿي هوندي. مرڻ وقت سندس عمر 75 ورهين جي هئي، تنهنڪري سندس ولادت تخمينه روءِ 1234 هجريءَ ڌاري ٿي هوندي سندس تربت حيدرآباد جي نئي مقام ۾ آهي.

(5) عادتون ۽ اخلاق

(1) مرحوم محمد قاسم تمام نيڪ ماڻهو هوندو هو. ٻين کي نصيحتون ڪرڻ پاڻ تي فرض سمجهندو هو. ڪنهن به مسئلي ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ سان بحث مباحثو يا مباظرو ڪونه ڪندو هو. ڇا لاءِ جو سمجهندو هو ته انهيءَ مان گهڻائي دنيائي ۽ ديني نقصان ٿين ٿا، ۽ ان مناظري ڪري ايڏا ته گناه پيدا ٿين ٿا جو ماڻهو جا ڪيل ثواب جا ڪم انهيءَ ڪري ريٽجي وڃن ٿا. مناظري ڪرڻ مان بڇڙيون عادتون پيدا ٿين ٿيون. پر ائين سمجهڻ نه گهرجي مرحوم محمد قاسم ڪنهن به مناظري  کان وئون ويندو هو. جيڪڏهن سچ پچ خدا ڪارڻ حق جي ظاهري ڪرڻ جو ارادو هوندو هوس ته سچي نيت سان مناظرو ڪندو هو، ڇا ڪاڻ جو هو سمجهندو هو ته اِهو ثواب ۾ داخل آهي.

(2) عالم، جي رسمن موجب مجلسن ۾ ويهي وعظ ڪندا آهن تنهن کان بلڪل گوشو ڪندو هو، ڇا لاءِ جو اُن مان سمجهندو هو ته انسان تي آفتون اچن ٿيون ۽ گهڻا نقصان پيدا ٿين ٿا. پاڻ قرآن جي حڪمن موجب پيروي ڪندو هو. فذکرِفَان اَلذکرالمؤمنين (يعني نصيحيت ڪر تون ماڻهن کي، جو تحقيق نصيحت مومنن کي فائدو ٿي رسائي) ۽ حضرت رسول الله عليہ وسلم جو قول آهي ته ”الذين کلہ النصيحة“ (يعني سچو دين آهي ٻين کي نصيحت ڪرڻ) مرحوم محمد قاسم گهڻو ڪري حق جي ظاهر ڪرڻ لاءِ مجلسن ۾ وڃي بحث مباحثا ڪندو هو ۽ اِهو پاڻ تي خدائي فرض سمجهندو هو. پر خدا تعاليٰ پنهنجي قرآن ۾ فرمايو آهي ته ”لِمَ تقولون مالا تفعلون“ (يعني ڇا لاءِ اوهين ٻين کي چئو ٿا ۽ پاڻ نٿا ڪريو.) کبر مقتاً عندالله ان تقولوامالا تفعلون (يعني خدا وٽ اها وڏي بيزاريءَ جي ڳالهه آهي ته اوهين ٻين کي چئو ٿا ۽ پاڻ ائين نٿا ڪريو.) يعني جو شخص ٻين کي نصيحت ڪري ٿو ۽ پاڻ انهيءَ تي عمل نٿو ڪري انهيءَ تي الله تعاليٰ ڏمرجي ٿو. هيئن به قرآن ۾ آهي ”ته اَتا مرون الناس بالبرو تنسون انفسکم“ (يعني اوهين ڪيئن ماڻهن کي چڱائي ڪرڻ لاءِ امر ٿا ڪريو ۽ پاڻ کي وساري ٿا ڇڏيو) ڄاڻڻ گهرجي ته عالم، مثل طبيب جي آهي ۽ علم ماڻهو مثل مريض جي. پوءِ جي طبيب پاڻ مريض هوندو ته ٻين جي دوا ڪيئن ڪري سگهندو؟ روايت آهي ته الله تعاليٰ حضرت عيسيٰ کي فرمايو ته ”يا بن مريم عظ تفسک فان العظت فعِظ الماس ولا فاستحي ربک“ (يعني اي پٽ مريم جا وعظ ڪرتون نفس کي، پوءِ جي اُنهيءَ تنهنجي نصحيت قبول ڪئي ته پوءِ ڀلي تون وعظ ڪر ٻين کي پر جي انهيءِ قبول نه ڪئي ته پوءِ پنهنجي رب کان تون شرم ڪر.) يعني وعظ ڪرڻ جو شرط هيءُ آهي ته پهرين پاڻ کي نصيحت ڪري، پنهنجا اخلاق سڌارجن پوءِ ٻين کي نصيحت ڪجي. پر جي ٻيا مومن توکي وعظ ڪرڻ لاءِ اچي زور ڪن ته ڪيئن به اٿي وعظ ڪر ته پوءِ لاچار اُهو ڳرو بار سمجهي اُٿي وعظ ڪر.

(3) مرحوم محمد قاسم دنيا سان گهڻو واسطو نه رکندو هو ڇا ڪاڻ جو سمجهندو هو ته دنيائي فائدو حاصل ڪرڻ ۽ مرتبي ۽ عزت کي هٿ ڪرڻ ڪري وڏي افسوس ۽ وَيل ۾ اچي وڃجي ٿو، تنهنڪري هڪڙي شعر ۾ ٻين کي نصيحت ڏيندي چوي ٿو ته:

دنيا سان مَ رک يار ياري ڪڏهن،

ته ڪنهن ساڻ اُن پت نه پاري ڪڏهن

طلب اُن سندي محض تاوان آهه،

مَ ڪر لاءِ تنهن، تات تاري ڪڏهن.

دنيا ڪوڙ سان ڪوڙ جان گڏ ٿئي،

نه ڪنهن عارفن ري وساري ڪڏهن،

ڪري غير جي ترڪ قاسم طلب،

ڪجي ڪاڻ طاعت تياري ڪڏهن.

پاڻ گهڻو ڪري گوشه نشيني پسند ڪندو هو، سمجهندو هو ته اخلاق سڌارڻ ۽ رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شريعت قائم رکڻ جي ڪري وڏي خوشي ۽ سرهائي انسان کي حاصل ٿئي ٿي. ۽ خدا تعاليٰ جا ملائڪ انهيءَ ڪري خدا کان اهڙي انسان لاءِ بخشيش گهرن ٿا.

(4) مرحوم محمد قاسم وقت جو گهڻو پابند هوندو هو، ڪنهن مهل به وقت ضايع نه ڪندو هو. پاڻ سمجهندو هو ته جنهن ماڻهوءَ جو وقت بيفائدن ڪمن ۽ اجاين ڳالهين ۾ ضايع ٿئي ٿو سو يقين ڄاڻجي ته خدا تعاليٰ جي رحمت کان محروم آهي ۽ سندس درگاهه شريف ۾ مقبول ناهي. مطلب ته هو پنهنجو وقت ڪنهن مهل به اجايو وڃائڻ نه ڏيندو هو. پاڻ ٻين کي نصيحت ڏيندي چوندو هو ته حضرت رسول ڪريمﷺ جن جو قول آهي ته ”جنهن ماڻهوءَ جي هڪڙي گهڙي ضايع ٿي ٿئي تنهنکي گهرجي ته انهيءَ جو گهڻو افسوس ۽ ارمان ڪري ۽ ائين ڄاڻي ته منهنجي عمر جو ڀاڱو، جو هڪڙو قيمتي جوهر آهي، سو مفت اجايو ويو“.

(5) پاڻ چوندو هوته جنهن ماڻهوءَ علم پڙهي ۽ ان تي عمل نه ڪيو تنهنکي قيامت جي ڏينهن سخت عذاب ڏنا ويندا.

(6) جيڪڏهن کيس ڳري بيماري ٿيندي هئي ۽ ان ۾ بچڻ جي اُميد ڪانه هوندي هئي تنهن هوندي به اُن بيماريءَ مان چڱو ڀلو ٿي اُٿندو هو. ماڻهو پڇندا هئس ته تو ڪيئن شفا پاتي؟ پاڻ تنکي جواب ڏيندو هو ته، ”رڳو نماز جي ٻن رڪعتن مان مونکي فائدو ٿيو آهي. آءٌ بيماريءَ هوندي به اشارن سان نماز پڙهندو هوس ۽ وس پڄندي نماز قضا نه ڪندو هوس. نماز خدا جو انسان تي رکيل فرض آهي، جنهنڪري مونکي ان مان گهڻي شفا ملي پئي ۽ اُميد ته اڃا به ملندي رهندي.

(7) ڪڏهن ڪنهن مذهب واسطي گلا ڪانه ڪيائين ۽ نڪو تنکي ڪو خراب نگاهه سان ڏسندو هو. پاڻ چوندو هو ته جيڪي به پنهنجي لاءِ خدا کان دعا گهرجي سو ٻين ماڻهن لاءِ به گهرڻ واجب آهي. يعني سڀني انسان ڀائرن جي به خيرخواهي ڪرڻ گهرجي، جهڙي هوند پنهنجي لاءِ ڪجي. ڪنهن به مومن جي ڏک يا ايذاءَ يا مصيبت جي وقت خوش ٿيڻ نه گهرجي، انسان کي گهرجي ته اُن کي ڀاءُ سمجهي نصيحت ۽ دلداري ڏجي.

(8) مرحوم محمد قاسم هميشه ماڻهن کي چوندو هو ته حاڪمن ۽ اميرن وٽ هرگز متان وڃون، ڇا لاءِ جو انهيءَ مجلس ۾ وهڻ ۽ اُنهن سان صحبت ڪرڻ مان وڏيون آفتون پيدا ٿين ٿيون. پر جي اوچتو ڪنهن حاڪم يا امير جي صحبت ۾ اچي ڦاسجي ۽ هو عزت ۽ تعظيم ڏئي ته به هنجي تعريف ڪڏهن به نه ڪرڻ گهرجي ڇا لاءِ جو هن زماني جا حاڪم اڪثر ظالم آهن.

(9) مرحوم محمد قاسم تمام نهٺو ماڻهو هوندو هو پاڻ غريب هو جنهنجي ڪري ٻين غريبن کي ڀائيندو هو. پنهنجي غريبيءَ کي گلزار ڪري سڏيندو هو. ٻين کي چوندو هو ته نفس کي توهان قابو ڪريو، ڇاڪاڻ جو نفس شيطان جو دوست آهي، نفس کسي ڇڙواڳ ڇڏڻ ڪري گهڻائي نقصان پيدا ٿين ٿا.

(10) مرحوم محمد قاسم جي طبيعت تمام سادي، نرم، ۽ ٻاجهاري هوندي هئي، تمام رحمدل هوندو هو جيتوڻيڪ پاڻ غريب هو تنهن هوندي به ٻين کي ڪين وساريندو هو ۽ انهن تي رحم جي نگاهه رکندو ايندو هو، سڀ ڪنهن کي هڪ جهڙو پيار ڪندو هو.

(11) مرحوم محمد قاسم کي شاعريءَ جو خيال ننڍي هوندي کان هوندو هو. اڪثر ڪري ڪي ننڍا شعر جو سندس ديوان ۾ لڳل آهن سي ننڍي هوندي جا ٺهيل آهن. انهي جو نتيجو اهو ٿيو جو وڏي هوندي ٻين شاعرن جي صحبت ۾ رهي ۽ قاعدي موجب شعر چوڻ لڳو. سندس شعر پختو ۽ چيدن لفظن ۾ چيل آهي. ديوان مان سندس ساري قابليت ظاهر آهي.

(12) سندس گهُرجون تمام ٿوريون هونديون هيون، ٻين ماڻهن وانگي گهڻو نه طلبيندو هو سادو کائيندو هو، سادو هنڊائيندو هو ۽ سادو ڍڪيندو هو. علم سان گهڻي دوستي هوندي هيس علم سندس پوشاڪ، علم سندس خوراڪ، علم سندس ملڪيت ۽ علم سندس شاهوڪاري هوندو هو. جيتوڻيڪ پاڻ غريب هوندو هو پر تنهن هوندي به پنهنجي علم تي هنکي فخر هوندو هو. چوندو هو ته ”جنهن کي دنيا ۾ علم ناهي سو اونڌاهيءَ مثل آهي ۽ اُنهي پکيءَ جي مثل آهي جو بي پر (بال) آهي ۽ اُڏامي نٿو سگهي. جيئن بي پر پکي اُڏامي نٿو سگهي تيئن بي علم حياتيءَ ۾ اُسري نٿو سگهي.“ پنهنجي طالب العلمن کي هر وقت چوندو هو ته ”بابا سادگي سِکو، سادگي انسان لاءِ هڪ زيور آهي. اوهان علم هر وقت سکو، جنهن مان اوهان کي گهڻو ئي فائدو ٿيو آهي ۽ اُميد ته اڃا به وڌيڪ ٿيندو. علم انسان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪم اچي ٿو جنهنکي علم آهي سوئي انسان دنيا ۾ سکيو رهي سگهي ٿو ڇاڪاڻ جو علم نصيحت ۽ عقل جو باعث آهي. انسان کي حياتيءَ ۾ عقل ئي ڪم اچي ٿو. جنهن کي عقل آهي سو انسان آخر اعليٰ درجي تي رسي ٿو.

نوٽ: ديوان قاسم ۾ ڪيتريون ئي نصيحتون ڏنل آهن، جن مان ڪي، هتي ڏنيو ويئون آهن ۽ ڪي غير واجبي سمجهي ڇڏي ڏنيون اٿئون.

(6) مذهب

مرحوم محمد قاسم جي مذهب جي پوري خبر ڪٿان به پئجي نٿي سگهي. سندس ديوان ۾ ڪن ڪن هنڌ سندس جي مذهب جا لڪل اشارا به ڏنل آهن. ڪٿي پاڻ کي شيعو ٿو سڏائي ته ڪٿي سني. ديوان ۾ حضرت علي ته ٻين اصحابن کان افضل ڪيو اٿس. (جيتوڻيڪ پاڻ پڪو ۽ پختو مسلمان هو تنهن هوندي به هو هر ڪنهن مذهب کي عزت ڏيندو هو ۽ عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو) ۽ ڪٿي هنن کي هڪ جهڙو سمجهي ٿو. سني هئڻ لاءِ مرحوم محمد قاسم پنهنجي ديوان ۾ هيئن ٿو لکي:-

1. مير مرسل مڪي سندو مهتابُ،

جنهن ججهو وٽ الاهه عزت آبُ.

 

2. ڏڍ ڏهارين سندو، آڙين آڌار،

جڳ اندر جوت، عالمن اربابُ.

 

3. چار يَڪرنگه يار سروَر جا،

نينهن جا نُخلبن سدا سيرابُ.

 

4. ڏس ابا بڪر پڻ عمر، عثمان،

پڻ  علي دادلو ڌئل درناب.

 

(غزل 10 مان فقط چار پهريان بيت)

حضرت علي کرم الله وجہ جي فضيلت بابت هڪ شعر ۾ هيئن ٿو چوي:

 

1. آهي حضرت علي سپہ سالار،

قاتل المشرڪين والڪفار.

 

2. مرتضا مٽ نه ڪو مراتب ۾،

هو مڙن مقتدا، مڙن مهندار.

 

3. جو رکي اُن سندي محبت من،

من سندس هوئي منبع الاسرارُ.

 

4. ڏهه ڏيو ۽ ڏَڏن ڏهارين ڏَڍُ،

عالمن آسرو اڙين آڌار.

 

5. فَهُو کالبدر کي الدّجى لطلع،

منهن مٺو مير، مطلع الانوارُ.

 

6. سڀُ سَڌر، پر علي، منجهن افضل،

ڪونڌ ڪامل قريب قلب قرار.

 

7. منقبت مرتضا سندو قاسم،

ورد ڪر، بخت تا ٿئي بيدار.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org