سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ديوان قاسم

باب --

صفحو :11

 

رديف ک

 

(غزل 81)

(بحر - هزج، مسدس وزن - مفاعيلن مفاعيلن، فعولن.)

بهِ= پڻ، ۽ (2/2) تڪرار= [ع] تاڪيد، سعيو. (2/3) سچو سردار= يعني حضرت پيغمبر ﷺ. (1/4) وڳاڻو= ويڳاڻو، بيگانو، مست، ملول (2/4) جميعت= [ع] خاطر تسليٰ. جنسار= سينگار. (2/6) غرض= مطلب (1/7) نزاڪت= ع نازڪائي، نازڪ خيالي (2/7) اشعار= [ع] شعر (جمع شعر جو).

***

 

رديف گ

 

(غزل 82)

(بحر منسرح. وزن - مفتعلن مفاعلن، مفتعلن مفاعلن)

(1/1) سنداءِ= تو سندا، تنهنجا. نسنگه= بي پرواهيءَ سان (2/1) رس= صحبت، طرز. رنگه= طرز، رستو، دستور (2/2) شعاع= [ع] روشني (2/3) نهارننگ= ننگ ڏي نهار، نهارڻ متعدي فعل ٺاهي ڏسڻ وانگي جيئن هتي ڪم آندو اٿس (1/4) ساقي= [ع] پاڻي يا شراب پيارڻ وارو. سرڪ= چُڪو، ڍڪ. سري سندي= شراب جي. (2/4) مطرب= [ع] ڳائڻو، وڄائڻ وارو. چنگ= ]ف[ وڄائڻ جو هڪڙو ساز (2/5) وڌو= فاعل اٿس زلف ۽ مفعول اٿس وڪوڙ ونگ، جي ٻئي هم معنيٰ لفظ آهن يعني پيچ وڪڙ.

***

 

رديف ڳ

 

(غزل 83)

]بحر رمل مثمن وزن= فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن[

(1/1) اَسائتن= آس اميد وارا سڪندڙ. ]2/1[ دڳ= رستو. (1/3) عربي قول يا حديث آهي ته من طلب شيئاً جدوجد يعني جنهن ڪنهن شئ جي ڳولا ڪئي ۽ انهيءَ لاءِ ڪوشش ڪيائين تنهن اها شئ نيٺ لڌي. (2/3) جيئن سسئي= سسئيءَ جيئن. پير ۽ پڳ= ساڳي معنيٰ وارا لفظ. منهنجي نظر ۾ هي غلط آهي ۽ صحيح آهي وٺ پنهل جو پير پڳ يعني سر صدقو ڀلي ڪر پر انهنجا پيرا کڻي جڏهن هلندين تڏهن سسئي وانگي انهنکي ملندين. (1/4) اندوهه= ]ف[ ڏکه. (2/4) هوس= مونث ڪري آندو اٿس جئين مٿي به آندو اٿس پر آهي مذڪر لڙهه لام= ٻئي لفظ هڪڙي معنيٰ وارا ڏار ٽار يعني آسرو، ڀروسو (1/5) حديث جا مٿي به هڪڙي هنڌ آئي آهي. يعني جنهنکي ڪنهن شئ سان محبت هوندي آهي اُهو انهنکي اڪثر ياد ڪندو رهندو آهي. (2/1) مخمور= [ع] مست، نشي جي خمار ۾ مڳ= مست (1/6) صيقل= [ع] ڪٽ لاهڻ جو اوزار. مڇڻ= ڪڏهن به نه. وڳڻ= بڪڻ،  اجائي بڪ ۽ تڪرار ڪرڻ، بد چوڻ.

***

 

(غزل 84)

(1/1) لاڳ= لاڳاپو. (2/1) رند= رستو واٽ. ماڳ= جاءِ، هنڌ. (1/2) ٿئي= هن جي بدران ٿيو هئڻ گهربو هو ۽ پراهون ٿيڻ گهربو هو پراهين يعني محبوب پراهين پنڌ تي آهي. (2/2) وکه وڌاءِ = وڌي هل، تکو هل. جرپٽ= پاڻي ۽ سڪي اڪثر بر پٽ يا جهر جهنگ چوندا آهن نه جرپٽ جاڳ= يعني رات جو به جاڳي پنڌ ڪندو هل ته جلد پهچين. منهنجي نظر ۾ جاڳ غلط آهي جهاڳ صحيح آهي يعني جر جهنگ جهاڳيندو هل (1/3) جا ۽ سا= اشارو آهن دل ڏي. ڇوهه= شوخي، تڪڙ. (2/3) تار= ڌاڳو تند. ورائي= وري، موٽي. تاڳڻ= ڌاڳي سان ڳنڍڻ. هندستانيءَ ۾ ڌاڳي کي تاگا چوندا آهن. (1/4) يار پٺيان جي لڪل ۽ قرب سان به جي لڪل. ڪهگل= ]ف[ ڪهه يا ڪاهه يعني ڪکه ۽ گل يعني مٽي معنيٰ گارو ]2/4[ صحن= [ع] اڱڻ، اَيوان. راڳڻ= لنبڻ، پوچو ڏيڻ. انهمان اسم راڳو آهي يعني گارو ]2/5[ واڳڻ= ڳنڍڻ، اٽڪائڻ، رسي سان ٻڌڻ. نثر هيئن آهي سڄڻ سان پنهنجو ساهه توري پنهنجو خيال موٽي ڳنڍي ڇڏ.

اشارو= وسڻ ۾ ايندو ته قافيه جو پويون حرف ڳ آهن انهي تي سڀني مصراعن ساڳي حرڪت اچڻ گهرجي پر هتي لاڳ ۽ ماڳ ۾ ڳ تي زبر آهي پر جاڳ ۾ هن ڳ هيٺ زير آهي.

***

 


 

رديف گهه

 

(غزل 85)

]بحر - هزج مسدس. وزن= مفاعيلن مفاعيلن مفاعيل[

(2/1) گوندر گمائي= ڏکه گم ڪري يا وساري، غم غلط ڪري. گهار= گذار (1/3) آزرده دل= ]ف[ رنجايل، دردمند. (2/3) پرين= اي پرين. (1/4) غير= [ع] دوست کان سواءِ ٻيا، ڌاريان. (2/4) لڙي= زور ڪري به. آر= آرو، ميل، قرب، شوق، خواهش (1/5) ڪسون= قلب يا دل جي ڪس.

***

 

رديف ڱ

 

(غزل 86)

(بحر - هزج مسدس وزن - مفاعيلن، مفاعيلن فعولن)

(1/1) ڌر= ڪر. ڌئل جي ويجهڙائي ڪري ڌر چيو اٿس. (1/2) کوءِ ۾= کهه هڻي، کڏ ۾ وجهي. (1/4) مخفي مام= ڳجهو ارادو، حقيقي مطلب.

***

 

رديف ل

 

(غزل 87)

(بحر رمل مسدس. وزن فاعلاتن، فاعلاتن فاعلات)

اشارو - هي سارو غزل حضرت پيغمبر ﷺ صاحب بابت آهي.

خليل= [ع] دوست يعني خدا جو. اصل لقب حضرت ابراهيم نبيءَ جو ۽ حضرت جن جو به. (2/1) جبرئيل= [ع] سڀني ملائڪن مان وڏو جو حضرت جن کي معراج تي وٺي ويو. رحمةالعالمين= سڀني عالمن جي لاءِ، رحمت، لقب حضرت رسول ﷺ جو. (2/2) رضا= [ع] مرضي، خواهش. رب الجليل= وڏي وڏائي وارو ڌڻي. (1/3) درست= يقين، سچ آهي ته. (1/4) سيد المدني مڪي= يعني مدينه ۽ مڪي وارو يا اتي جو رهندڙ سردار. مڪي مڪين= [ع] مڪي جو رهندڙ تبه ڪار= ]ف[ تباهه ڪار بڇڙا ڪم ڪندڙ، گناهگار، ڏوهي. ڪفيل= [ع] ضامن. (1/5) عربي بيت= هنجي ڳالهائڻ ۾ مرض وارن جي لاءِ دوا آهي. (2/5) عربي بيت= اُهو جنهنجا بيشڪ وڏا وڏا درجا آهن (2/6) جڏهن ڌڻيءَ هنکي وڏيون ۽ چڱيون نعمتون عطا ڪيون آهن. (1/7) نظير= [ع] جهڙس، ثاني، مٽ، برابر. (2/7) عديل= [ع] مٽ (1/8) اولوالعزم= [ع] وڏائيءَ جو صاحب، وڏن نبين جو لقب. (2/8) اصيل= شريف، اعليٰ اصل يا بنياد وارو. (1/9) معراج= حضرت نبيءَ ﷺ جو رات جي وقت مٿي عرش تي وڃڻ خدا جي ملاقات لاءِ. (2/9) عربي= اوچتو ۽ هڪدم ويو. انهي ۾ ٻيو شڪ شبهو، يا بحث تڪرار جو سبب ڪونهي. (1/10) عربي بيت= اي رسول خدا جا مونکي اچي پهچ جهڙي طرح ڪ. (2/10) تنهنجون وڏيون ۽ گهڻيون مهربانيون گهنگارن سان ڪيون ويون. (1/11) مضطرب= [ع] پشيمان، پريشان. (2/11) عربي= خدا تعاليٰ، جو تمام چڱو وڪيل يا طرفدار آهي، سو اسانجي لاءِ ڪافي آهي. (1/12) مَٺائي= بڇڙائي، گناهه. (2/12) عربي= منهنجي ڳالهه يا صلاح وٺ ۽ چڱي رستي منهن موڙ. پونيون ڀاڱو قرآن مان آهي.

***

 

(غزل 88)

(بحر رمل مسدس وزن - فاعلاتن، فاعلاتن فاعلات)

(1/1) وهه= زهر. وبال= [ع] مصيبت. چٽي (2/1) سال= صحيح سالم، عمدي (1/2) زندگاني= ]ف[ حياتي. (2/2) مال= [ع] چڱي پڇاڙي، نتيجو. (2/3) عسرت= [ع] ڏک ضد مسرت جو. اتصال= [ع] پيوند، ڳنڍ. ساڻ= لڳي ٿو عسرت سان. (2/4) ترڪتال= تال پخال، بهانا، ڪوڙ. (2/5) مون= مونکي. خاطر= [ع] دل. ]1/6[ جي توڪل محو= جي توڪل ۾ محو آهي، يعني جنهنجو توڪل تي پورو ڀروسو آهي.

***

 

(غزل 89)

(1/1) پارسي= ڪيترو نئي چند تي تون حيران ۽ پريشان هوندين. (1/2) الصّحبت مؤثر= عربي پهاڪو يعني صحبت ۾ اثر ٿيندو آهي. (2/2) چڱي ۽ چست= صفت حال جي ۽ چست يعني پوري، مناسب. (1/3) فارسي= جيترو ٿي سگهئي اوترو ماڻهن کي طعنه نه هڻ.

اشارو= طعنه زدن چوندا آهن نه طعنه گرفتن يا ته طعنه جي بدران عيب هجي ها ته پوءِ مگير برابر اصطلاح هو. (1/4) پارسي= ڪڏهن ڪڏهن عيش عشرت يا خوشيءَ ۾ گذار ۽ ڪڏهن ڪڏهن. (1/5) پارسي= جهان سالڪن کان خالي ناهي. (2/5) توءِ= ته به، تڏهن به. قحط الرجال= سچن پچن مردن يا ماڻهن جو ڏڪار.

***

 

(غزل 90)

(بحر - خفيف. وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلن)

(1/1) عربي پهاڪو آهي ته اَحسن الّڪلام ماقلّ ودّل يعني چڱو گفتو اُهو آهي جو مختصر آهي لفظن ۾ ۽ پڪو ۽ مضبوط آهي يا حُجّت دليل ۾. (2/1) اَل= ڪوتاهي عيب. (1/2) طوالت= [ع] ڊگهائي، گهڻو شعر چوڻ. کان عُلّو= [ع] وڏائي يا مٿانهين درجي ڪري. اَوت= پاڻيءَ اوتجڻ گهڻائي کان. اُڇل= پاڻي جو اُڇلجڻ گهڻائي کان، جيئن درياهه ڪندو آهي. منهنجي نظر ۾ اوت اُڇل جي بدران اوت اُٿل چوي ها ته بهتر هو. (1/3) دستگه= ]ف[ دستگاهه، طاقت، قوت. (2/3) عزوجل= وڏي وڏائي وارو خدا. (1/4) عربي= شعر ۾ آءٌ فصيح يا قابل ماڻهن لاءِ فخر جو سبب آهيان. (2/4) سخن= شعر. ونگه وّل= ور وڪڙ اصل ۾ ٿيا جي بدران ته آهي پر اُهو غلط آهي. (2/6) هوئي جو جاءِ تي اصل ۾ هول آهن پر اُهو غلط آهي.

***

 

(غزل91)

(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

(1/1) جنجال جَلّ= جنجال جو جل، مصيبت جو درد يا ساڙو. (1/2) وهم واري= غم يا وهم ۽ وسوسو ڇڏي يا وساري يا لاهي. (2/2) حال= [ع] في الحال، هنوقت هڪدم. حَل= [ع] گم نابود. (2/3) سکپال= سک سان پاليندڙ يا پليل سکيال ۽ سهڻي صفت آهن سڄڻ جي - نثر ٿيندو- سهڻي سکيال سڄڻ کان پل به ڏور ڪيم هو. (1/4) داستان= ]ف[ بيان، احوال، دفتر، قصو. (2/4) ڳوڙهي= مشڪل، ڳُجهي. ]2/5[ دوستڪي دل= دوستاڻي دل. اهو هندي اصطلاح سنڌي شعر ۾ ڪم ايندو آهي. رسالي ۾ به آهي. تال= طرز، رستو، دستور. تَل= تر، هَلُ، چَلُ. (1/6) ناقص= [ع] ڪامل جو ضّد ڪمقدر، گهٺ - مٿي نفس سان ناڪس ڪم آندو اٿس ۽ هتي ناقص. (2/6) مل= هشيار، بهادر، پڪو. (1/7) ته ناهه= جو ناهه، ڇا لاءِ جو ناهي. (2/7) لاءِ سوڙي سود= واپار جي فائدي لاءِ لل= حال، سوجهرو، هشياري. (1/8) م پڻ هڪ وار جو= هڪ وار جو به نه. (2/8) وار= وارو وجهه، وقت، ڪنهن وير. ول= ڦير ور. (1/9) حماقت= [ع]  احمقائي، بيعقلي. (2/9) شرارت= [ع] خرابي بدي حرف کان انهي سان لاڳو. شل= ]ف[ ساڻا، بيحواس، صفت هٿن جي. (1/10) جهاّل= [ع] سخت جاهل يا نادان حالت جري ۾ حرف وٽ جي ڪري.

***

 

(غزل 92)

(بحر - تقارب. وزن - فعولن فعولن فعول)

(1/1) ديانت= [ع] دينداري. سچائي جو پٺياس لڪل. دليل= [ع] سونهو، حمت. (2/1) ضلالت= [ع] گمراهي. ذليل= [ع] خوار خراب. (2/2) قرآن مان . پوءِ چؤ ته خدا تعاليٰ سڀ کان چڱو وڪيل يا ڪار ساز آهي. (2/3) عربي= پوءِ نبّين مان جيڪو سڀکان زياده شريف آهي تنهن تي صلوات چؤ. (2/4) خادم= [ع] خذمت ڪندڙ، نوڪر. (1/5) عربي= ۽ صلوات چؤ پڻ اُنجي اولاد تي ۽ انجي يارن تي. (2/6) دخيل= [ع] داخل، گهڙندڙ - يعني ڪوڙي دعوا يا ڳالهه ڪرڻ وارو نه ٿي. ڪنهين= کي پٺيان لڪل. (2/7) عربي= ۽ انهي بابت يعني قيامت بابت ماڻهنکي ڪا ٿوري خبر حاصل آهي.

***

 

رديف هه

 

(غزل 93)

(بحر خفيف وزن فاعلاتن مفاعلن فعلات)

***

 

(غزل 94)

(2/3) هاتف= [ع] غيب مان آواز ڪندڙ ملائڪ. 1 = [ع] خدا جي طرفان دل ۾ ايندڙ ڳالهه. اڪرام= آبرو، مان يا انعام.

***


 

رديف م

 

(غزل 95)

(بحر - رمل مثمن وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

هِت= هِن دنيا ۾. هُت= هُن جهان يا آخرت ۾. (2/2) کان= لڳي ٿو خدا سان. (1/3) طاعت= [ع] فرمانبرداري، عبادت. عزم= [ع] قصد، ارادو. (1/4) ضلالت= [ع] گمراهي مٿي به آيو آهي. (1/5) جا چڱي= لڳي ٿي ڪار سان. (1/6) ڪن ڪري= ٻڌي مفعول اٿس ندا ٻي مصراع. ڪم= آءٌ ڀانيان ٿو ته هي غلط آهي. اتي هئڻ گهرجي. ڪر يعني ڪر ڪوت ڪر اهڙا. ته= جي (2/6) اَرجعي= قرآن مان ارجعي اليٰ ربّکه........ يعني تون پنهنجي رب ڏي موٽ. ندا= [ع] سڏ، آواز، منادي انهي مان. ندا مونث آهي ته مذڪر - تنهنڪري جي هئڻ گهرجي. (2/7) ليا= جهاتيون. ]2/8[ کا= کاءُ، همزو قافيه جي ڪري ڇڏي ڏنو اٿس. ]2/9[ سڀا= سڀاڻي يعني قيامت ۾، تون قافيه جي ڪري ڦيريو اٿس.

***

 

(غزل 96)

(بحر - رمل مثمن وزن - فاعلاتن، فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

(2/1) عنوان= [ع] منڍ، رستو، طرز. ]2/3[ وچ وچان= پاڻکي مئل ڄاڻ، جيئري مر، نيست ٿي. ڪِرڻ= فنا ٿيڻ. فنا في الله ٿيڻ سان ماڻهوءَ کي بقا با الله حاصل ٿئي ٿو. (اشارو= هن بيت جي پهرين مصراع اصل ۾ غلط ٿي ڏسجي).

***

 

(غزل 97)

(بحر - هزج مسدس. وزن - مفاعيلن مفاعيلن مفاعيل)

آغاز انجام= ]ف[ منڍي ۽ پڇاڙي. (1/4) لؤن لاڳه لوري= ٽئي لفظ قريب هم معنيٰ لاڙو، ميل، ڳڻتي، بي آرام. (2/4) ۽ عشق جي مصيبت ۾ ڏينهن گذري ويا. (1/5) محّصل= [ع] حاصل. (2/5) مڱر= باهه.

***

 

(غزل 98)

(بحر - تقارب. وزن - فعولن فعولن فعولن فعول)

(1/1) دونيم= ]ف[ ٻه اڌ. (2/2) فجاؤالسحرِ= قرآن مان. پوءِ هو (يعني جادوگر وڏو جادو کڻي آيا) (1/5) ڏاڻ= ڏاتيون، انعام، بخششون. (2/5) عربي= پوءِ مون ايمان آندو الله تي، جو رحم وارو ڌڻي آهي. (1/6) شر= [ع] خرابي، شرارت. منهن مٺي= صفت شيطان جي، مُٺِل منهن وارو. (2/6) قرآن مان - پوءِ لِللہ ربّ رَحيم ڏي موٽو ۽ توبهه ڪريو، يا پناههَ وٺو.

***

 

(غزل 99)

(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن، فاعلاتن فاعلات)

(1/1) مشتغل= [ع] مشغول. مستدام= مدام هميشه. (2/3) ازدهام= ]ف[ انبوه گوڙ. (2/4) پهه= پور. (2/5) هن مصراع جو مضمون پهرين سان موافق نٿو اچي. شڪ ناهي ته ڪنهن ٻئي بيت جي آهي جنهنجي پهرين مصراع گم ۽ هن جي وري ٻي مصراع گم آهي. والسلام= [ع] بس، وڌيڪ مونکي چوڻو ناهي. (2/7) قُج= عيب، خرابي. مستغني= خالي، آزاد، بي پرواهه.

***

 

رديف ن

 

(غزل 100)

(بحر - تقارب. وزن - فعولن فعولن فعولن فعول)

(2/1) قرآن مان= انهنکي ملي ٿو جيڪي چاهين ٿا ۽ جيڪي خواهش ڪن ٿا. (2/3) عربي= چڱي زماني ۾. يعني جنهن ۾ حضرت ﷺ جن پاڻ هوندا هئا. شريعت جي خذمت ڪرڻ وارا چڱا ماڻهو هوندا هئا، اها هڪڙي حديث آهي. (2/4) سراسيمه دل= ]ف[ پريشان دل وارا، بي سڪون= ]ف[ بي آرامي. (2/5) عربي= قرآن مان، ڊپ کان اُهي پنهنجي پروردگار ڏانهن رغبت رکن ٿا. (2/6) عربي اُهي سندس پيرن تي هلندڙ آهن. تيرگون= ]ف[ ڪاري رنگه جا، گدلا، سادا، خراب حال وارا.

***

 

(غزل 101)

(بحر - تقارب. وزن - فعولن فعولن فعولن فعول)

(2/1) سَرنگون= ]ف[ اونڌا. (1/2) عربي= پوءِ تحقيق اسانجي رب ڏي رغبت رکڻ وارا آهن. دَت= بيوقوف، سست. (2/4) ڪسالت= [ع] ڍرائي، سستي. قشون= [ع] لشڪر. (2/5) رهنمون= ]ف[ رهنما، واٽ ڏيکاريندڙ. ]2/6[ هن مصراع ۾ سڀ لفظ نفس جون صفتون آهن. نٽر= اڻ ٽر. (1/7) اهل عرفان= [ع] عارف، معرفت وارا. (2/7) عربي= اُنهي ڳالهه ڏي هو رغبت نٿا ڪن. تناول= [ع] کاڌو. يعني عبادت کان سواءِ کاڌو اجايو آهي. ]2/8[ هن مصراع ۾ هڪڙي پرولي آهي جنهنجو جواب آهي ”نان“ يعني ماني - مطلب ته اُهو لفظ جنهنجي وچ ۾ الف جو اکر آهي ۽ انهيءَ جي ٻنهي پاسن کان نُون ۽ ماني مفعول آهي. تناول طلب جو. يسفڪون الدّماءِ= قرآن مان معنيٰ اٿس ته اُهي رت هاريندا يعني خون ڪندا. ]2/9[ فسق= [ع] گناهه، بدڪاري. ڪشت خون= ]ف[ قتل ڪرڻ، رت وهائڻ. (2/10) عربي= خراب پڇاڙيءَ وارن ڪمن جي لاءِ هو ائين ٿا ڪن. شقاوت شگون= ]ع ف[ بدبختي وارو، نڀاڳو يعني خراب ڪمن يا ماڻهن کي چڱو ٿا ڄاڻن. (1/12) مخفي= [ع] ڳجهي. (2/12) عربي= جنهن ڏينهن جو هنن کي واعدو ڏنو ويو آهي يعني قيامت جو. (2/14) قرآن مان ۽ جيڪا روزي هنن کي ڏني ويئي آهي تنهن مان هو خرچين کائين ٿا. (1/15) قبائح= [ع] جمع قبح جو، خراب ڪم. (2/15) عربي= پوءِ هو چڱن ڪمن ۾ مشغول ٿا رهن. (2/16) عربي - قرآن مان - ۽ اهي اجاين ڳالهين کان منهن موڙيندڙ آهن. (1/17) هويّت= خدائي، وحدت. (2/17) بيچگون=  ]ف[ بيمثل، جنجي پوري حقيقيت معلوم ناهي. (2/18) قران مان - اسانجي لاءِ خدا تعاليٰ چڱو وڪيل يا ڪار ساز آهي. (2/19) صرف ڪيم= لڳايم، ڪم آندم. فصاحت فنون= قابليت يا فصاحت جا هنر، اشارو= هي غزل ناهي قصيدو آهي جو منجهس ٻارهن کان زياده بيت آهي.

***

 

(غزل 102)

]بحر - سريع وزن - مفتعلن مفتعلن فاعلن[

(1/5) پارسي= ڪهڙي سبب تون منهنجي دل شوخئ سان کسي وئين. ]2/5[ اي ظالم چنڊ اهڙو شوخ نه ٿي.

***

 

(غزل 103)

]بحر - تقارب. وزن - فعولن فعولن فعولن فعول[

صنم= [ع] بت، معشوق. منعدم= [ع] نيست نابود. (1/2) فال فيروز= (ع ف) سڀاڳي فال. (2/3) يڪقلم= ]ف[ هڪدم. قلم= ]ف[ وڍيل. (2/4) رم= ]ف[ گم. (2/6) والاهمم= [ع] وڏي همّت وارو. (2/7) معزز ۽ محترم= [ع] ٻئي هم معنيٰ لفظ، عزت آبروءَ وارا، منظور نظر. (2/8) بهم= گڏ. (1/9) عربي= دوستن ۽ طالبن جي پناهه جي جاءِ. (2/9) جس= آفرين، تعريف. جميل الشيم= [ع] چڱين عادتن وارو. (1/11) ستمگار عيار= ظالم ۽ مڪار. (1/12) پيمان شڪن= ]ف[ انجام ڀڃندڙ. (2/12) ڪاذب - [ع] ڪوُڙو. (1/13) عربي= جڏهن منهنجو حال پريشان آهي تڏهن مون وٽ هلي آءٌ. (2/13) غمخوار= اي غمٽار يار. ته= جو، ڇا لاءِ جو. (1/14) فارسي - جڏهن اُهو يار ساقي ٿيو تڏهن مونکي شراب ڏنائين. (2/14) بدل - [ع] بدليل، مٽيل. (1/17) خاطي وري ٿيو شاعر آهي. لفظ جي معنيٰ خطا ڪندڙ.، (2/17) مهتم - [ع] تهمت لڳل، يعني انسان خطا جو گهر آهي. (2/18) خيالي چوٿون شاعر آهي جنهن پڻ اهڙو غزل چيو. (2/18) مغتنم [ع] ڀرپور، ججهي. ملاحت [ع] سلوڻائي، لذت. (1/21) عربي پوءِ اسين تنهنجي فضل ۾ اميد ٿا رکون ۽ توڏي ڊوڙون ٿا. (2/21) اي خدا اسين تنهنجي مدد وٺون ٿا.

اشارو= هي به غزل ناهي قصيدو آهي جو 12 بيتن کان مٿي آهي.

***

 

(غزل 104)

(بحر - منسرح. وزن - مفتعلن مفاعلن مفتعلن مفاعلن)

(1/4) زدو ذليل - ٻئي لفظ قريب هڪ معنيٰ جا، بد حال، خوار خراب. (2/4) عربي - وڏائي وارو تَنهنجو ڌڻي تَنهنجي لاءِ ڪافي آهي. (1/5) دوفنون - [ع] هنرن وارو. فصيح - [ع] فصاحت وارو. فزون - ]ف[ زياده وڌندڙ. چڱون - فنون ۽ فزون سان برابر قافيه ۾ ناهي تنهنڪري هن بيت ۾ اهو عيب آهي. (1/6) بليغ - [ع] بلاغت وارو، چٽو.

***

 

(غزل 105)

(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)

(2/4) سيِر= سيل، سچائي، ستيا= کرکجڻ لاءِ= رقيب يا دشمن جي خفي ٿيڻ  ۽ سڙڻ پوسرڻ لاءِ.

***

 

(غزل 106)

(بحر - تقارب. وزن - فعولن فعولن فعولن فعل)

(1/3) محض= [ع] خلاصو، خاص، نجه. تاوان= ]ف[ نقصان (1/5) غير= [ع] خدا کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه ترڪ= [ع] ڇڏڻ مؤنث ڪري آندو اٿس پر هئڻ گهرجي مذڪر تنهنڪري غير ترڪ (2/5) طاعت= عبادت، فرمانبرداري.

***

 

رديف ڻ

 

(غزل 107)

(بحر - خفيف. وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)

(1/1) عجيب= [ع] محبوب. (1/2) آئين= ]ف[ رسم، دستور، فائدو. ]1/3[ هَمه= ]ف[ سڀ ماڻهو. ڳڀور= ننڍڙا ٻار= طفل ]ع [معصوم ٻار. (2/5) هِجي= [ع] هجا يعني اکر ملائي پڙهڻ. ڏَسِ= سيکار، سمجهاءِ.

***

 

رديف و

 

(غزل 108)

(بحر - خفيف. وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)

(2/2) سان= جي بدران کي هجي ها ته بهتر. (1/10) عشقباز= عاشق عشق ڪمائيندڙ. (1/11) چشم چورڻ= اکيين جا ناز ڪرڻ، اشارا ڪرڻ. (2/11) نوٽ لائڻ= لٽڻ، ڦرڻ، ڦرون ڪرڻ. اشارو= هي غزل 12 بيتن کان وڌيڪ آهي تنهنڪري قصيدو چئبو.

***

 

(غزل 109)

(بحر - خفيف. وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)

(1/1) اوُهه= افسوس، حيف. (2/2) پير شيخ= (ف ع) ٻئي لفظ هم معنيٰ. يُخادعون الله= قرآن مان - يعني جي خدا سان ٺڳي ڪن ٿا. (2/5) لائين ٿو= ملائين ٿو، ميري يا پيلت ڪرين ٿو. عارف= اي عارف.

***

 

(غزل 110)

(بحر - هزج مسدس. وزن - مفاعيلن مفاعيلن فعولن)

(1/7) نفي اثبات= [ع] ٻه مخالف لفظ، نه ۽ هائو، نابود ۽ بود، لا الله ۽ الا الله. (2/7) پنٿ= مذهب، فرقو. (1/8) قرآن مان= خدا جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو. حسبي الله= قرآن مان - منهنجي لاءِ خدا ڪافي آهي.

***

 

(غزل 111)

(بحر - رمل مثمن. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)

(1/2) بي حس حرڪت= [ع] حواس ۽ چرڻ جي طاقت کان سواءِ، بيهوش ساڻو ٿيل. مهجور= [ع] فراق وارو، وڇڙيل ]2/2[ موسيٰ ڪليم الله= حضرت موسيٰ نبيءَ جو لقب ڪليم الله آهي، جو خدا ساڻس ڳالهايو طور جبل وٽ، جتي خدا جي نور جو تجلو ڏسي بيهوش ٿي ڪري پيو يعني بي حواس ۽ بي حرڪت. (1/3) ڪتّان= [ع] - سڻي. ]2/3[ ماه فلڪ= ]ف[ آسمان جو چنڊ. اهڙو اعتقاد آهي ته چانڊوڪيءَ ۾ چنڊ جي روشنائي جو اثر سڻيءَ تي ٿيندو هو يا انهي کي ساڙيندو آهي. (1/4) حلقو= [ع] زنجير جي ڪڙي. محڪ= [ع] پرکڻ جو اوزار،. مجذوب= [ع] ديوانو، مست. بيخود= ]ف[ مست. ]2/4[ ذوق= [ع] يعني عشق، شوق. چرين کي زنجير وجهي ٻڌي ڇڏيندا آهن. ]1/5[ الحق= سچ آهي، محقق. عندالعارفين= [ع] عارفن جي نظر ۾. مستور= [ع] ستر وارو، جنهنکي پنهنجي ستر يا اوگهڙ جو سماءُ هجي. ضد مست جو، جنهنکي اهڙو سماءُ نه ٿو پوي، ]1/6[ مسخر= [ع] تابع هي مصراع ۾ آهي فعل لڪل آهي. ]2/6[ خاقان= ]ف[ ايران ترڪ ۽ ڪن ٻين ملڪن جي بادشاهه جو لقب. فغفور= چين جي بادشاهه جو لقب ]1/7[ لِللہ دُرّ قائلہ= قسم خدا جو جنهن ائين چيو آهي تنهن سچه چيو آهي. يعني جيڪو منهنجو هي غزل پڙهندو سو ائين چوندو. مٽ مجازي موُر جو= يعني منهنجي غزل جو مضمون حقيقي آهي ۽ مست جو غزل مجازي مضمون جو آهي. انهي سان برابر آهن معيوب= [ع] عيبدار. مستعار= [ع] اُڌارا ورتل. مست جي غزل تي ٽوڪ ٿو ڪري. ]2/8[ مضامين محدّد= نوان مضمون نه اڌارا وٺ مقدور= [ع] طاقت اختيار يعني اي مرد نَوَنِ مضمونن آڻڻ لاءِ وڏي طاقت گهرجي.

***

 

رديف هه

 

(غزل 112)

]بحر رمل مسدس وزن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن[

***

 

(غزل 113)

]بحر - تقارب. وزن - فعولن فعولن فعولن فعول[

]2/3[ ڇيهه= شگاف، چير= جيئن طبيب يا ڊاڪٽر نشتر سان ڦرڙيءَ کي شگاف ڏئي گند ڪڍندا آهن. ]1/5[ ففروّا الي الله= قرآن مان - پوءِ ڀڄو خدا ڏانهن.

***

 

(غزل 114)

(بحر - خفيف. وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)

]1/3[ بسمل= [ع] ڪهڻ، رنجه ڪرڻ، ڇا لاءِ جو ڪهڻ مهل بسم الله - الله اڪبر چوندا آهن جنهنکي تڪبير وجهڻ به چوندا آهن. ]2/3[ سان بسم الله= يعني بسم الله چوڻ سان جواب ڏين، يعني حاضر آهيان، مونکي قبول آهي، خوشيءَ سان.

***

 

(غزل 115)

(بحر - رمل، مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)

]1/4[ رعونت= [ع] دشمني - مٿي به آيو آهي.

***

 

(غزل 116)

(بحر - خفيف. وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)

(1/1) عربي بيت= خلق جو سردار، يعني حضرت نبيﷺ، جنهن تي صلواة هجي. (2/1) اجهو اسانجو جسم ۽ دل انهي وٽ آهن. (1/2) عربي بيت= اسين انهي ڏي اميد ٿا رکون، ڇا لاءِ جو. (2/2) شفاعت جي لاءِ اسانجي پناهه جي جاءِ انهي ڏي آهي. ]2/5[ ساڻ= لڳي ٿو ڦيرن. ڦيرن= ڦيرا ڏيڻ، گشت. آءٌ ڀانيان ٿو ته ڦيرن جي بدران پيرن بهتر هو. (1/6) عربي= چيائين يعني محبوب چيو ته اي قاسم توکي آفرين آهي. (2/6) جڏهن اسانجي تعريف هن جي ڪنن تائين پهتي.

***

 

رديف همزه

 

(غزل 117)

(بحر - مسنرح مطوي. وزن - مفتعلن فاعلن مفتعلن فاعلن)

ڪيفيت= [ع] حقيقت (1/5) هر دو سوُ= ]ف[ ٻنهي طرفان يعني عاشق توڙي معشوق جي طرفان (2/8) حيدر= [ع] حضرت عليؓ. حامي حشر= [ع] قيامت ۾ حمايت ڪندڙ. (2/9) دلدل هسوار= حضرت عليؓ. هنن ٽن بيتن ۾ شعار جو مذهبي خيال شيعن وارو ٿو ڏسجي اگر پاڻ سني گهراڻي جو آخوند هو. ]2/11[ صنعت هن غزل ۾ شاعر اها صنعت ڪم آندي آهي جو هر هڪ بيت ۾ پهريان ٽي اڌيا فقرا هم قافيه آهن ۽ پونيان سڀني بيتن جا پاڻ ۾ هم قافيه آهن، اگرچ ڪن بيتن ۾ اها صنعت بهاري نه سگهيو آهي. ]2/11[ ڇند= ڦند، تجويز هنر. مجوز= [ع] جائز. جئن مٿي چيو ويو صنعت ۾ گهڻا قافيه وري وري ٿو آڻي، پنهنجي نسبت ۾ چوي ٿو ته هنر يا تجويز جائز آهي. مستمل= [ع] شامل، گڏيل.

***

 

(غزل 118)

]بحر - هزج اخرب وزن - مفعول مفاعلن مفاعيل[

]1/4[ عربي - تحقيق فراق مونکي ساڙي ڇڏيو آهي تنهنڪري مونکي اچي مدد ڪر، جو باهه کي پاڻي اجهائيندو آهي. ]1/6[ وٺم= آءٌ ڀانيان ٿو ته هي غلط آهي. واءُ وسندو نه آهي پر مينهن وسندو آهي. هتي وريم بهتر هو.

***

 

(غزل 119)

]بحر - تقارب. وزن - فعولن فعولن فعولن فعول[

]2/1[ رانجهن= محبوب. ]2/2[ قرآن مان - تحقيق انجو گمان ڪرڻ خراب يا اجايو آهي. ]2/4[ يعني محبت جي باغ ۾ آءٌ شوق مان گهمڻ ويس ته اتي عشق جي بانس سنگهڻ ڪري منهنجو جسم بهي رهيو. ]1/5[ عربي - چؤ ته خدا جي نعمتن ڪري سندس تعريف يا شڪر گذاري لازم آهي. ]2/5[ خلق خود= ]ع ف[ ٻئي لفظ هم معنيٰ عادت، خصلت، اخلاق ]2/7[ نثر هيئن آهي. جنهن سندي رمز روءِ ڏسي ڏک وڃي.

***

 

(غزل 120)

(بحر - خفيف. وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)

(1/2) عربي - تحقيق ڪوڙ خراب شئي آهي انهي کي ڇڏي ڏي. (1/4) عربي بيت - سڀني  ماڻهن جو چڱائيءَ سان ذڪر ڪر ]2/4[ قسم خدا جو آءٌ هجو يا شڪايت ڪرڻ وارن مان ناهيان. ]1/5[ فاعرض عنہ= انهن کان منهن موڙ (2/5) نشر - ڪنهين سندو قلب يعني دل نه رنجاءِ.

***

 

(غزل 121)

(بحر - تقارب. وزن - فعولن فعولن فعولن فعول)

اشارو= هن غزل ۾ هيءَ صنعت آهي ته سڀ اکر مهمله يا ٽٻڪن کان سواءِ ڪم آندا اٿس جيئن بيت ۾ اشارو ڏنو اٿس. (2/3) معدوم= [ع] ناس، نيست نابود (1/5) عربي - اي خدا هميشه ۽ هر حال ۾ (2/5) تنهنجا گهڻا شڪرانا آهن. ايترا گهڻا جيتريون پهڻيون آهن. (1/6) محّمد ﷺ ۽ احمد، ساڳيو نالو آهي اعم العطاءَ= عام خلق جي لاءِ هڪڙي بخشش آهي. (1/7) عربي= عزت وارو مهندار ۽ سڀني ڪمن جو بندوبست ڪندڙ. (2/7) اسد اسم اعليٰ= [ع] شينهن هڪڙو وڏو نالو آهي. اشارو حضرت عليؑ ڏي جنهن کي اسدالله يا خدا جو شير سڏيندا آهن. اهم الولاءِ= جنهنجي محبت يا دوستي گهڻو ضروري آهي. (1/8) سمورا سکر= سڀ چڱا ۽ عمدا موتي اشارو هن غزل ۾ ڪم آيلن اکرن ڏي. (2/8) مهملا= [ع] نقطن کان سواءِ. (2/9) سکر سال= نيڪ سالم، صعنت سالڪن جي.

***

 

(غزل 122)

(اشارو - هي غزل مستزاد آهي يعني هر هڪ مصراع جي پٺيان ٻه رڪن واڌو اچن ٿا.)

(1/4) هڻن= مفعول اٿس ڏنگ ۽ فاعل اٿس وارَ. (2/4) واري= ورائي، اٿلائي. (2/5) لهه= اشارو، لاڙو. لهي دزدئ سندو داءُ= چوري يا ڦرمار جهڙ و مڪر يا فريب ڪري.

***

 

(غزل 123)

(بحر - رمل مثمن. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)

اشارو (هي به قصيدو آهي  جو 12 بيتن کان زياده آهي. ٻين ڪن شاعرن جي غزل جي جواب ۾ آهي.)

(1/1) اڪمل= شاعر جي غزل تي، هن جي غزل لکيو آهي ۽ انهي جي تعريف ٿو ڪري،

چوي ٿو ته جيڪي تو چيو آهي سو سڀ برابر آهن. (2/1) صلح حق ۽ فرض آهي جيئن قرآن ۾ به آهي ته صلح چڱو آهي ۽ تون جس ۽ آفرين جو لائق آهين. (2/2) بحسن الاحتواءِ= منجهس چڱي چڱي معنيٰ سمائي سگهجي ٿي (1/6)  ڪدورت جو ڪنايو= [ع] دشمنئ جو اشارو يا نشان (1/7) اڪمل= هتي وري به اڪمل کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته تنهنجو علم ڪامل آهي. نعم علم راسخ= عربي پهاڪو مضبوط علم چڱي شئ آهي. ]2/7[ جهڙو تنهنجو نالو اڪمل آهي تهڙو تنهن جو علم اڪمل يا ڪمال وارو آهي. (2/9) طراوت طبع جي= [ع] شاعرن جي تازگي، عيان= [ع] ظاهر. الجهل سوءِ الاد عاءِ = بيعلمي يا ناداني سڀکان خراب خواهش يا دعوا آهي يا مدعا آهي. (1/11) پارسي= شعر سازيءَ ۾ جيڪڏهن ٻيا شاعر پاڻ ۾ اکيون ڀڃن ۽ ڳجهي طرح ٺٺوليون ڪن. (2/11) ته هر هڪ تي اهو فرض آهي ته پنهنجو مدعا حڪمت جي رستي ظاهر ڪري. (1/12) شاعر جي اندر جو مطلب سو توکي معلوم آهي يا ته تنهنجي توکي خبر (2/12) حقيقت جي خبر انهي کي ئي پوندي جو عقل ۽ هوش وارو هوندو. (1/13) پارسي - هي نڪتو سمجهه ته جيڪي چوين سو سمجهي پوءِ چئو (2/13) نه ته ڏاهن وانگي ڏاهپ جي رستي پنهنجو مطلب ظاهر ڪر. دراءِ= اصل فارسئ ۾ درائ آهي تنهنڪري دراءِ قافيه جي لاءِ لکڻ غلط آهي. (2/14) رس رسيلو= پورو سلوڪ (2/15) سهاءِ= سهائي، جڳائي، ٺهي. ]/16[ عربي= هنجو يعني سيد فضل شاهه جو فضل سندس نالي جهڙو گهڻو آهي ۽ هر طرف فائدو رسائيندڙ آهي ]2/16[ جيئن گلن جي عطر جي خوشبوءِ ٿيندي  آهي جا صبح جي وقت جي هير آڻيندي آهي. (1/17) چوڻي آهي ته ماڻهوءَ جي علم سندس ڪلام مان ظاهر ٿيندو آهي. ]2/17[ مون هن جي تعريف ۾ اجهو هيءُ شعر ٺاهيو آهي. ]1/18[ اسانجو شعر ملاحت جي نظر تي وزن وارو ۽ وڻندڙ هو 2]/18[ تنهنڪري خوبيءَ ۽ صفائي جي ڪري خلق ۾ پکڙي ويو. ]1/19[ پارسي منهنجي مٺي ٻولي ٻئي سڀڪنهن شاعر کي سڏي ٿي، ڇا لاءِ جو آءٌ (2/19) خيال جي باغ ۾ مٺي ٻولئ واري بلبل جهڙو آهيان. (1/21) تحقيق جيڪو شعر تو چوريو آهي سو پريشان خواب وانگي واهيات آهي. (2/21) انهي کي ڇڏي ڏي ڇا لاءِ جو نفس حرص ۽ خواهش جي وسيلي ٻڪڙجي سگهي ٿو. (1/22) اجهو منهنجو جسم هتي آهي مگر منهنجي دل اوهانجي اڳيان آهي. (2/22) تون ڪوشش ڪر ۽ منهنجي غزل جو جواب لک.

اشارو - پونين ٻن بيتن ۾ ڪي لفظ اصل ڪتاب ۾ گم ٿيل آهن.

***

 

رديف ي

 

(غزل 124)

(بحر - هزج سالم. وزن - نفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن)

(2/2) رلائي=  انهيجي بدران وڃائي واٽ هجي ها ته بهتر هو. لوُنءَ= رونءَ، بت جي وار جي پاڙ. (1/4) ڀالڻ= ويچار ڪرڻ. (2/5) وريا= نثر آهي - واڳون واري يا ورائي مون وٽ وريا يا موٽيا.

***

 

(غزل 125)

(بحر  - تقارب سالم وزن - فعولن فعولن فعولن فعولن)

]1/5[ لطف= آخوند لطف الله جي غزل جي جواب ۾ هيءُ غزل لکيو اٿس پر هن کي مجرائي نٿو ڏئي. چيو فڪر فائق= اعليٰ قسم جي خيال سان چيو ]2/6[ ساڻ= لڳي ٿو قاسم سان. ساڻ جي بدران کان زياده صحيح هو.

***

 

(غزل 126)

(بحر - هزج اخرب. وزن - مفعول مفاعيلن فعلن، مفعول مفاعيلن فعلن)

]1/1[ ارو= اصل گاڏيءَ جي ڦيٿي جي ڪاٺي، اٽڪ، انگڙو. مهجور= وڇڙيل، فراق ۾ ڦٽيل. ]2/6[ وري= اچي پوي، ور ڪري اچي ]1/7[ ڪل= ]ف[ زدو، مات. اصل گنجو يا مٿي ڦٽيل. ڪلا، چنڊ جي قطر جي سورهين حصّي کي چون، يعني ٽڪر، پزرا. قمر= [ع] چنڊ ]2/7[ ڏوٺ ڏمر= ٻئي هم معنيٰ، مٿي به آيل آهي ٿوري= ٻانهو، غلام، نيچ، ڪمينو. يا ٿوري جي معنيٰ ٿورڙي به ٿي سگهي ٿي يعني هي مشتاق ٿورڙي ناز سان مري ٿو تنهن سان ڏاڍائي يا ڏمر نه ڪر.

***

 

(غزل 127)

]بحر - رمل مشڪول. وزن - فعلات فاعلاتن فعلات فاعلاتن[

]2/4[ بت بات بيقراري= يعني بدن به بيقرار ٿو رهي ۽ جيڪي ڳالهائجي تنهن ۾ بيقراري آهي. منهنجي خيال ۾ بت بات غلط آهي صحيح آهي تپ تاب بيقراري جيئن اڪثر فارسي شعر ۾ ايندو آهي يعني تپ ۽ ساڙو ۽ بي آرامي.

***

 

(غزل 128)

(بحر - رمل وزن - فاعلات فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)

(1/1 مڙئي موچاري= سڀ هلت چلت ڳالهه ٻولهه وغيرهه چڱي ڪئي.]1/2[ درماندي= ]ف[ عاجز، موڙهل، غمگين (1/5) بخت باري= زور، چڱو.

***

 

(غزل 129)

(بحر - مضارع سالم. وزن - مفعول فاعلاتن مفعول فاعلاتن)

]1/4[ شمس و قمر ڪواڪب= [ع] سجه چنڊ ۽ تارا. ثابت سيار ثاقب= [ع] بيٺل تارا، گهمندڙ تارا ۽ کڙندڙ تارا (2/4) رادف، رقيب راڪب= [ع] پٺيان لڳندڙ ۽ آمهون سامهون ٿيندڙ ۽ سوار ٿيندڙ اهي ٽيئي تارا ۽ انهنجي ميڙن يا برجن يا قسم آهن ]1/6[ لقمان ۽ لطف= آخوند محمد لقمان ۽ آخوند لطف الله جي شعر چوندا هئا انهنکي ٿو چوي ته ههڙو غزل بنائي ڏيکاريو.

***

 

(غزل 130)

(بحر - هزج سالم - وزن - مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن)

]2/3[ ڪانڌي= مئي جي جنازي کڻڻ وارو. قانون موجب واندي، آندي وغيره قافين سان ڪانڌي قافيه برابر ناهي، ڇا لاءِ جو ان ۾ دال جي بدران ڌال آهي. ]1/5[ پارسي بيت= جڏهن تون هليو وئين تڏهن آءٌ توکان ڏور رهڻ جي ڏکه ۾ فراق ۽ غمگين ٿيس. ]2/5[ منهنجي جان ۾ مچه ٻاري ڏنئ ۽ منهنجن اکين کان پاڻي جاري ٿيو. ]1/6[ پارسي بيت= جڏهن  تو مونکي فراق ۾ بيخود ڏٺو  ۽ غمگين، پريشان ۽ حيران ڏٺو. ]2/6[ تڏهن اي دل تو سوين بيان ۽ داستان پڙهيا  دانهون ڪوُڪون ۽ زاري نيزاري ڪئي. ]1/7[ سدانت نت= ٻئي هڪ معنيٰ وارا - ٻه ڀيرا خراب ٿا لڳن. ]2/7[ غم هم= [ع] ٻئي لفظ هم معنيٰ. هم جي بدران وهم چوي ها ته به خراب نه هو، جو اڪثر گڏ ايندا آهن ۽ مٿي آندا به اٿس.

اشارو- هن غزل ۾ ذوالقافيتن جي صنعت ڪم آيل آهي. يعني ٻه قافيا گڏ  آندا اٿس جو البت مشڪل ڪم آهي.

***

 

(غزل 131)

(بحر - تقارب سالم - وزن - فعولن فعولن فعولن فعولن)

اشارو= هي غزل ناهي قصيدو آهي جيئن پوئين بيت ۾ شاعر پاڻ ٿو چوي. انهيءَ ساڳئي غزل جي نتيجي تي گهڻن شاعرن شعر لکيا هئا جنجا نالا هن ۾ اچن ٿا. يعني آخوند محڪم الدين سيد فاضل شاهه، جن ٻنهي جي هو تعريف ڪري ٿو ۽ انهنجو پاڻ ۾ ۽ خود پاڻ سان به مقابلو ڪري ٿو ۽ ميرزا عباس خورشيد به غزل چيو هو جنهن تي ٽوڪ ڪري ٿو. هنکان هيٺ ٻه ٻيا قصيدا به انهئ وزن، بحر، رديف ۽ فاقيه تي آندا اٿس. انهن مان ظاهر آهي ته هن غزل تي گهڻن شاعرن جي جنگه لڳي هئي. مونکي ياد آهي ته مون به انهئ جي جواب ۾ هڪڙو غزل لکيو هو جو اخبار ۾ ڏنو ويو آهي.

(1/2) مراعات= شعر ۾ واسطي رکندڙ لفظ مضمون ۾ آڻڻ. انهي صنعت کي مراعات نظير ٿا چون. منع= [ع] صنعت، يعني شعر ۾ صنعت سالم ۽ پوري آڻڻ ۽ واسطي رکندڙ لفظ مضبوط آڻڻ اهو فاضلن ۽ قابل شاعرن جو ڪم آهي. ]1/5[ ملاحت= [ع] لذت، صلوڻائي. معرڪ= [ع] لڙائي، مجلس. مڪرر= [ع] وري وري. مدارات معنيٰ= معنيٰ جي پوري طرح نڪرڻ جا اپاءُ آهن. (2/9) لوح= [ع] پٽي، تختي يعني قسمت ۽ نصيب ]2/9[ اهلبيت= حضرت نبيءَ ﷺ جي گهر جا ڀاتي يعني سيد اشارو - سيد فاضل شاهه ڏي (1/13) وسع [ع] وسعت، ڪشادگي، طاقت. مقدور= طاقت. پخته ڪار= ]ف[ استاد شاعر. (2/16) خام = ]ف[ ڪچو. (2/18) اندر رخ= منهن ۾. (1/19) فاذکرو الناس بالخير= عربي پهاڪو - يعني ماڻهن جو ذڪر چڱائي سان ڪريو، ۽ نه گلا سان. مرسل= [ع] رسول، خدا جو موڪليل. افضل الانبيائي= [ع] سڀني نبين کان ڀلارو. (1/22) اعليٰ= [ع] وڏا، افضل. هن مان به شاعر جي شيعي هئڻ جو گمان ٿو گذري. (1/26) عباس خورشيد= شاعر جو نالو ۽ تخلص.

***

 

(غزل 132)

]بحر - تقارب سالم. وزن - فعولن فعولن فعولن فعولن[

(1/6) سادات جو سوُد سارهه= هئڻ گهرجي سادات جي معنيٰ سيدن جي ساراهه ڪرڻ مسلمانن جي لاءِ فائدو آهي. (2/8) ڪلان= ]ف[ وڏو. (1/10) مؤاخات= [ع] ڀائپائي. ]2/11[ ڪبريائي= وڏائي، بي پرواهي. ]1/15[ خورشيد = ميرزا خورشيد، جو فارسي شعر ۾ جواب ڏيندو هو سنڌي نه ڄاڻندو هو. سندس طرفان مون انهئ ساڳئي بحر ۾ جواب ڏنو هو، جيئن مٿي چيو ويو آهي - ميرزا عباس خورشيد لکنؤ جو ويٺل هو ۽ سنڌ ۾ صاحبلوڪن کي پارسي به پڙهائيندو هو.

***

 

(غزل 133)

(بحر تقارب سالم. وزن فعولن فعولن فعولن فعولن)

(1/3) ظن اَحسن= [ع] نيڪ گمان. ]1/4[ گردون ]ف[ آسمان، زمانو، دوُن= ]ف[ ڪمينو. دوُن نوازي= ڪمين جي نوازش ڪرڻ. ]2/4[  اِفترائي= [ع] ڪوڙو ٺاهيل. (1/7) هن بيت ۾ اشرافن جي وصف ڏنل آهي نه لچن لفنگن جي. ڌر= خود، سڌو. درهجي ها ته بهتر هو يعني ڌڻيءَ جي دران يا درگاهه مان. (1/10) عربي بيت - يا خدا تحقيق پروردگار ۽ رحم وارو آهين (2/10) منهنجي هي خواهش پوري ڪر ۽ منهنجي دعا ٻڌ. ]2/11[ عربي بيت - جڏهن خراب آفتن يا مصيبتن ڪڙڪڻ ڪري منهنجو حال اهڙو سخت آهي. (2/11) تڏهن منهنجي فرياد چڱي طرح ٻڌ يا ڪن ويجهو ڪر.

***

 

(غزل 134)

)بحر - رمل مسدس - وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات(

(2/1) معرفت مطلع= [ع] جو معرفت جو چڱو واقف آهي يا جنهنجي منهن مان معرقت پئي بَکي. منور ماهه= [ع] چمڪندڙ چنڊ ]1/4[ اسم بامسمي= [ع] نالو جنهنجي معنيٰ واري لياقت انهي ماڻهوءَ ۾ هجي. اهو عربي اصطلاح  آهي تنهن ڪري اصل ۾ يا غلط آهي يا صحيح آهي. (1/5) فقه= [ع] دين علم. (2/5) دسترس= ]ف[ طاقت، قابليت. راستِي= ]ف[ سچائي ڏاهه= ٻانهو، غلام.

(اشارو - هي سارو غزل سيد فاضل شاهه جي تعريف ۾ لکيو اٿس.)

***

 

(غزل 135)

)حر. هزج سالم. وزن - مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن(

(اشارو - هن غزل ۾ حضرت نبي ﷺ جي تعريف ڪيل آهي.)

(2/2) آري= آسري، خواهش، شوق، لاڙو ]1/3[ ات - اَنت ]1/4[ راسخ= هادي، سچا سنوان. (2/4) عجب اَحسن= [ع] تمام چڱو. ٺَلي ٺاري= برطرف ڪري، ڇڏي، وساري، ٺلڻ کي ٺلهڻ به چون. (1/5) بارگه= ]ف[ بارگاهه، درگاهه (2/6) في الفور= [ع] هڪدم، جلدي.

***

 

(غزل 136)

(بحر - رمل مخبون مثمن - وزن فاعلاتن فعلاتن، فعلاتن فعلات)

]1/2[ آبياري= ]ف[ ريجه ڏيڻ، پاڻي ڏيڻ. سندو= آبياري مونث آهي. تنهنڪري هئڻ گهرجي سندي (1/4) منصور= [ع] فتحمند. (1/5) پارسي مصراع - اکيون اٽڪائيندڙ عاشق سڀڪنهن ڪنڊ ۾ پشيمان آهن - جڏهن يار (پوءِ ٻي مصراع) (2/5) ڀرن ڀير ڪري= ڀرن ۾ گهنجه يا گهنڊ ياور وجهي. (1/7) متقي= [ع] تقوى يا پرهيزگاريءَ وارو. مجرد= ڇڙهو اڪيلو (2/7) زرسندو جمع بهم= پيسو گڏ ڪرڻ. جيفه سفت= [ع] ڍونڍ يا مردار وانگي. والله = قسم خدا جو.

(اشارو - جيئن مٿي به ڪنهن هنڌ چيو ويو آهي ته سَير، خَير ۽ غَير قافيا ڪير، ڦير، وغيره سان قانون موجب اچي نٿا سگهن ڇاڪاڻ جو اهو عيب آهي.

***

 

(غزل 137)

(بحر - رمل مخبون مثمن. وزن - فاعلاتن فعلاتن، فعلاتن، فعلات)

(2/1) عقبيٰ [ع] آخرت. (1/2) ديوث= اصل ڀڙوو پوءِ بيشرم يا بيحيا - همه گون= ]ف[ هر طرح. مهندان= اڳيان. ڀيت= عادت. (1/4) ذلت= [ع] خواري. چيره دلي، = ]ف[ همت، بهادري. سيرت= [ع] عادت، اخلاق. تل= هڪڙو تر. ذرو. تاويل= بيان، سمجهاڻي. آءٌ ڀانيان ٿو ته تاويل غلظ آهي. صحيح لفظ تاخير آهي يعني دير يا سستي. (1/9) پهريون مانُ= عزت ۽ ٻيو مانُ= من. (2/9) جڳ جڳ= هر زماني ۾. (2/13) بهه= ]ف[ چڱو ڀلو. فزون ]ف[ زياده. منصب باري=  وڏو درجو. ]2/13[ نجس= [ع]، ناپاڪ، پليت، نحس= [ع] نڀاڳو. بدبخت. نڌڪ= نڌڙڪ بي ڊپو. (2/15) خصم= [ع] دشمن. ]1/16[ تاڪ= جيسين ڪ. مشايان= ]ف[ جوڳا، لائق. يعني جيسين سڀئي شرعي يا مذهبي شرط پوري طرح بجا ٿين. (2/16) حافظ= [ع] بر زبان قرآن پڙهندڙ. قاري= [ع] قرآن پڙهندڙ (1/17) عربي - خدا جو شڪرانو ۽ اَحسان آهي ته هن وقت لنگهي وئي. ناز (2/17) شعاري= ناز يا فخر جي لائق. (1/18) عربي - اسان تنهنجن نعمتن جي واهر ٿا وٺون ۽ بخشش لاءِ مدد ٿا گهرون. (2/18) خدا ۾ دل جي مشغول رهڻ لاءِ گهنگار هئڻ ضرور آهي. (2/19) تڪ ۾= انتظار ۾. (1/20) سچ چيو اُنهيءَ جنهن اهڙو شعر لکيو. (2/20) ڇاري= ڇار، خاڪ، ڪيري. (1/21) مست= شاعر جنهنجي احوال ۾ هي غزل لکيل آهي. موزون= [ع] پورو وزن وارو. (2/21) جلوه گذاري= ]ف[ هشياري يا قابليت.

 

(پورو ٿيو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org